ڪھاڻيون

معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)

ڪتاب ”معذرت سان“ ليکڪ، صحافي ۽ استاد علي رضا قاضيءَ جي مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي ليکڪ مختصر مختصر قسم جي ڪهاڻين جي شروعات سوشل ميڊيا تي ڪئي ۽ ان کي شارٽ- شارٽ اسٽوريءَ جي نالي آهر ’مختصر- مختصر ڪهاڻي‘ ڪوٺيو؛ جنهن کي بعد ۾ مرڪب لفظ ۾ ورجاءَ سبب ’اختصاري ڪهاڻيءَ‘ جي اصطلاح جي راءِ ڏني وئي. مذڪوره اصطلاح ان نسبت ڪم آندو ويو جو اسان وٽ فليش ڪهاڻين لاءِ ڪو خاص نالو اڃا تجويز نه ٿي سگھيو آهي. هي اصطلاح پنهنجي نراليت سبب ڪنهن حد تي قبول ٿيڻ جوڳو آهي. اهڙي قسم جي جديد سنڌي ادب ۾ قاضي علي رضا جون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن.“
Title Cover of book معذرت سان (اختصاري ڪهاڻيون)

اڍائي ڪلو پٽاٽا

هوءَ ڳرن قدمن سان گهر ڏانهن موٽي رهي هئي. مسجد ڀرسان گذرندي هن جو ڌيان مولوي صاحب جي تقرير ڏانهن هليو ويو. جنهن ۾ هو رزق ۽ رزاق جو ذڪر ڪري رهيو هو پر هن خيال گهر جي اڻپوري راشن، ڀاڄي، ببلوءَ جي اسڪول جي فيس، چنٽوءَ جي ڪن جي دوا ۽ مني جي ڪپڙن ۾ وڪوڙيل هو!
سوچن جا حملا ڊرون وانگي وڌي رهيا هئا. هلندي ڪافي ڀيرا ٿاٻا به کاڌائين! پر هر ڀيري پاڻ کي ڪرڻ کان بچائي ورتائين! هن جي اڳين منزل شهر جو آخري اسٽاپ هو، جتي اميد هئس ته ڪو خريدار ضرور ملي ويندو. تڪڙيون وکون کڻندي آخر اسٽاپ تي پهچي وئي. معمول مطابق اسٽاپ تي ماڻهن جي پيهه هئي!
هوءَ خاموشيءَ سان هڪ پاسي ٿي بيهي رهي. ماڻهو هن جي ڀرسان گذري رهيا هئا. جن مان ڪافي هن ڏانهن تڪي به رهيا هئا. هوءَ پنهنجي تجربي آهر هنن کي اکين جي اشاري سان سڏڻ لڳي! پر سامهون موٽ نه ملي رهي هئس!
ڪافي دير انتظار کانپوءِ ٻيهر مايوسي جي ور وڪڙن ۾ ڦاسي پئي. سوچون وري حملو ڪرڻ لڳيون. انهيءَ دوران روڊ جي سامهون ويٺل ڀاڄي وارو هن جي ويجهو آيو. هن هڪ خاص اشارو ڀاڄيءَ واري کي به ڪيو. ڀاڄي واري، هاڪار جي انداز ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ هٿ جي اشاري سان اگهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
جواب ۾ عورت پنجن آڱرين کي گڏائي اشارو ڪيو. اشارو ڏسي ڀاڄي واري ناپسند ۽ ناڪار واري انداز ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ فيصلائتي نموني ٻه آڱريون گڏائي هن کي ڏيکاريائين!
هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ سودو طئي ڪرڻ لاءِ ڏي وٺ ٿيڻ لڳي. سبزي وارو ڪنهن به ريت ٻه سو کان مٿي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، جڏهن ته هوءَ ٿڪل هئي، سندس برداشت جواب ڏئي رهي هئي. آخر هن فيصلو ڪري ورتو. سبزي واري جي ويجهو آئي، خشڪ نڙيءَ ۽ سڪل چپن مان زوري آواز ڪڍيائين: “بس نه ڪي منهنجا پنج سو نه ڪي تنهنجا ٻه سو، مونکي اڍائي ڪلو پٽاٽا ڏي، پوءِ جيئن تنهنجي مرضي!”

نوٽ: هي اختصاري ڪهاڻي تڏهن جي لکيل آهي، جڏهن پٽاٽا سو روپين کان وڌيڪ ڪلو جي حساب سان وڪامي رهيا هئا.