مائٽ ممو
ڀلا ڇو نه هجي، اسان ڪچي پڪي جا بادشاه هئاسين. وڏا ڏاميچ به اسان جي تر ۾ ڏوهه ڪرڻ کان اڳ اسان جي آنڪي ڀريندا هئا، ڪنهن ٻئي برادري واري کي مجال هئي هو اک کڻي اسان ڏانهن ڏسي. ڀرواري شهر ۾ وڃي اتي ڏاڍ مڙسي ڏيکاري ۽ پوءِ فقط اهو ٻڌائڻ ته اسان فلاڻا آهيون ئي ڪافي هو. انهيءَ ئي شهر ۾ مموءَ پنڻ شروع ڪيو جنهن جي ڪري اسان جي برادري تي حيف اچي رهيو هو. مون سميت برادري جي ڪافي ماڻهن مائٽ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پنڻ بند ڪري پر مائٽ هو جو مڙڻ جو نالوئي نه پيو وٺي.
ممو، منهنجو مائٽ ۽ پاڙيسري به هو، مونکي هن بابت ڄاڻ هئي ته وقت جو ڀلوڙ رازو هو پر پيريءَ جي ڪري ڪير به هن کي ڪم نه ڏيندو هو. ماڻهن جو خيال هو ته هاڻ هن جي ڪم ۾ ڦڙتي نه رهي آهي. پنجن ڌيئرن ۽ ننڍي پٽ جي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ هن گهڻائي جتن ڪيا هئا.
مائٽ مموءَ جي پنڻ جو مامرو برادريءَ ۾ سنجيده رخ اختيار ڪري رهيو هو. آخر اسان فيصلو ڪري سچي مرشد ڏي نياپو ڪيو ته هو اچي مائٽ کي سمجهائي ته پنڻ بند ڪري.
مرشد سائين، جنهن کي هونءَ به ساليانو ڏن وٺڻ لاءِ اچڻو هو سو نياپي ملڻ کانپوءِ ترت پهچي ويو. شام ڌاري برادري جا معزز وڏيري گامڻ جي اوطاق تي گڏ ٿيڻ شروع ٿيا، جتي مرشد جي ديدار، ڏن ڀرڻ سان گڏ مائٽ مموءَ جو معاملو به نبيرڻو هو.
مرشد ممو ڏي نهاري هن کي چوڻ لڳو ”ممن بابا، ڇو ٿو پنين، ڇو پيو برادري وارن جو منهن ڪارو ڪرائين…؟
مائٽ ممو جيڪو اچڻ کانپوءِ خاموش ئي ويٺو هو مرشد جي سوال تي هن جون اکيون ڪروڌ ۾ ڀرجي ويون، پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چوڻ:
“مرشد سائين! پنو ته توهان به ٿا، مان ڪڏهن توهان کي چيو، هر سال مسڪين ماڻهن کان ڏن وٺڻ پنڻ ناهي ته ڀلا ڇاهي؟”
مائٽ مموءَ جو جواب ٻڌي، ڪچهري ۾ ڪجهه دير لاءِ سانت ڇائنجي وئي، مرشد جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون پر چپ رهيو. وڏيرو گامڻ اٿي بيٺو هڪل ڪري چيائين: “بي پيرا، مروان، ڪميڻا بيغيرت توکي شرم نه آيو مرشد کي اهڙا لفظ ڳالهائيندي، اٿ نڪر منهنجي اوطاق مان نه مٿي ۾ ڌوڙ وجهندو سانءَ…”
انهيءِ ڏينهن، انهيءَ گهڙي کانپوءَ ڪنهن به مائٽ مموءَ کي نه ڏٺو. برادري وارن جو خيال آهي ته مموءَ مرشد جي توهين ڪئي هئي، انهيءَ ڪري هن کي سائين جا جن ڪوه ڪاف ڏانهن کڻي ويا. برادري وارا سمجهندا آهن ته مان انهن سڀني کان وڌيڪ پڙهيل آهيان، منهنجو به اهو ساڳيو خيال آهي ته مائٽ مموءَ کي سچي مرشد جا جن کڻي ويا هوندا.