پنهنجي پاران
منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.
منهنجي هن ڊگهي سفر ۾ منهنجي امڙ سانئڻ نواب خاتون ۽ منهنجي مٺڙي نانيءَ صدوري جون دعائون، صلاحون ۽ فون ذريعي حوصلي افزا ڳالهيون وڏي آٿت رهيون، نه ته ڊگهي سفر ۾ اڪيلائي جوتصور هڻ کڻ ۽ ڪاريهر نانگ وانگر سد! انساني سوچ کي ڏنگيندا ۽ ڪمزورڪندا رهندا آهن، مون کي ياد آهي ته جڏهن مون شڪاگو ۾ تعليم جي آخري سال دوران فون تي ناني صدوري سان ڳالهايوته هُن عمر جي 103 سالن جي هوندي مون کي چيو ته ”فهيم باقي وقت به بهادري سان گذارجانءِ ۽ ڊگري وٺي واپس ورجانءِ.“ ائين مون کي امڙ سانئڻ به هميشه فون تي اتساهه ڏيندي هئي.
اوهان مون کي انهن خوشنصيبن ۾ شمار ڪري سگهو ٿا، جنهن هڪ پرائمري استاد / پورهيت آبادگار جي گهر ۾ جنم ورتو، ڳوٺ بهاول نوناري ۾ اسانجو ڪچو ڳوٺاڻو گهرهو ۽ ڳوٺ خدابخش نوناري/ سونو نوناريءَ ۾ به ڪکن ڪانن سان شاندار گهر ٺهيل هو، ليڪن ڳوٺ ۾ جيڪو وڏو گهر ليکبو هو، ان گهر ۾ ڏاند گاڏي، ان پيهڻ لاءِ جنڊ، جانڊه ۽ گرمي جي موسمن ۾ جهلي وارو پکو به هوندو هو، سو مون ڏاند گاڏي به هلائي ته پوکن ۾ واڍي مزدوري جو ڪم به ڪيو. ائين پورهيا ڪري پڙهياسون، بجلي روڊ رستي، ٽي.وي لش پش واري زندگيءَ جو تصور بي.اي تائين اسان وٽ ڪونه هو. جيڪب آباد جي ٺوٺ (Desert) واري علائقي ۾ ڳوٺ سونو نوناري جڳ جي اڻ هوند باوجود هڪ باشعور ڳوٺ ليکبو هو. جنهن ڳوٺ لاءِ ڀرپاسي نه رڳو جيڪب آباد بلڪ بلوچستان، پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ تائين اهو مشهور هوندو هو اهو علائقو BBC جي نشريات کان وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو. ڇو ته انگريز بهادر جي دور کان هِت اسڪول، ريلوي اسٽيشن ۽ آبي نهرون هلندڙ هُيون، تنهن سبب اخبار، ڪتاب، ريڊئي، فلم، اسڪول ۽ ترقي جي ضمانت ٻيڙي، بس ۽ ريلوي نظام سان ڳوٺ سونو نوناري ڳنڍيل هو. اهڙي ماحول ۾ اسان جي والد صاحب حافظ محمد ڪامل صاحب وڏا ڪشالا ڪري اسان کي اعليٰ تعليم ڏياري، تعليم دوران مون پنهنجي چاچي محمد حسن خان سان گڏ هر به کيڙيو، ڳاهه به ڳاهيا ۽ لابارا به ڪيا ۽ پورهيي سان گڏوگڏ تعليم جاري رکي، هڪ سال جي ڊسپينسر ڊپلومه بعد بلوچستان بارڊر، ديرا بگٽي ۽ سُئي نزديڪ ڳوٺ شير علي بروهي ۾ ڊسپينسر طور خدمتون به سرانجام ڏنيون. شاهه لطيف ڪلب جي پليٽ فارم تان عوام جي صحت ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيوسين، ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ٿي پوري علائقي ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ ڪم ڪيوسين. جنهن جي پکيڙ اتر سنڌ جي سڀني ضلعن ۽ بلوچستان تائين هئي. جنهن جي پکيڙ اُتر سنڌ جي سڀني ضلعن ۽ بلوچستان تائين هئي. راندين کان علاوه انهي دوران علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي تنظيمن جو ميمبر ۽ اڳواڻ ٿي علم، ادب ۽ سماجي جاڳرتا لاءِ جدوجهد ڪئي سون جنهن ۾ امان الله ٻپڙ، غلام رسول گاجاڻي، فتاح عابد، غلام محمد نوناري، ڀاءُ قيوم نوناري، طفيل، شفيق نوناري، يحيٰ خان، نياز لغاري، مٺل لاشاري، محمد خان کوسو، سنتوش ڪمار، شهيد نواز ڪنراڻي، ستار نوناري، گل محمد نوناري، گل حسن جهانگواڻي، عبدالقادر چاچڙ، حق نواز نوناري، محمد شريف قريشي، عبدالجبار ڪنڊراڻي، مستري عبدالڪريم بروهي، ڪامريڊ اصغر سجاڳ، محبوب علي سومرو، اي ڪي مغل، فهيم بهراڻي، جاويد ڪلوڙ، عزيز چنه، سمندر بروهي، حسن علي ٻپڙ،پروفيسر ملڪ نديم، قاسم ملڪ، ڊاڪٽر جيرام، طارق کوسو، ستار سرڪي، ڀائو سريچند، ڪمل،گلزار، محمد رمضان نوناري، ڪامريڊ محمد بخش نوناري، اشفاق کوسو، ائڊووڪيٽ منظور بنگلاڻي، ايم.ابراهيم سومرو، غلام نبي مهر وڪيل، سچانند، مرتضيٰ عباسي، ڪمال کوسو،وغيره پيش پيش هئا. باهو کوسو ۾ ميڊيڪل جو بزنيس به ڪيم، انهيءَ کان علاوه صحت کاتي ۾ نوڪري ڪندي بعد ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ انگريزي ليڪچرار طور جيڪب آباد ۾ اسڪول ٽيچر ۽انگلش ڪوچنگ سينٽر ۾ ليڪچراررهيم بعد ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏنم. جتان لنڊن ۽ آمريڪا وڃڻ لاءِ 1993ع ۾ ورلڊ بئنڪ جي اسڪالرشپ تي ويم، 2002ع تي آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان IVLP پروگرام ۾ 30 ڏينهن جي تعليمي پروگرام ۾ آمريڪا جي 9 رياستن جو شاندار دورو ڪرايو ۽ 12 مارچ 2005ع کان، 30 ڊسمبر 2007ع تائين ٽن سالن جو عرصو آمريڪا ۾ M.Phil/MS ڊگري خاطر فُل برائٽ اسڪالر شپ(Full Bright Scholar ship) لاءِ وڃڻ ٿيو. جيڪا مان پنهنجي خوشنصيبي سمجهان ٿو ته جهوپڙي کان يورپي ملڪن تائين وڃڻ جو وجهه مليو. مون انهيءَ دوران هالينڊ، بيلجم، سئزرلينڊ جي ڌرتي کي به ڇُهيو ته کين ماڻهو ماحول، مانڊاڻ، معاشرو ۽ عمارتون ڏسڻ جو موقعو فراهم ٿيو، اها معلومات ۽ محسوسات هن ڊائري ۾ شامل آهي. بعد ۾ سعودي عرب (پروفيسر ناظم علي خان ۽ پروفيسر خليل الرحمان چنه سان گڏ سفر ٿيو) ۽ (UAE) عرب عمارات دبئي وڃڻ ٿيو.جيڪو تاريخي سفر پير سائين پروفيسر سيد عباد الله راشدي صاحبپير آف جهنڊو شريف، پروفيسر غلام علي ٻرڙي صاحب ۽ پير تاج الدين راشدي صاحب ساڻ گڏ ٿيو. انجو احوال به هن ڊائري ۾ شامل آهي.
جون 2015ع ۾ 8 روزه برادر ملڪ ايران جو شاندار دورو ڪيو جيڪو مختصر احوال به هن ڪتاب ۾ شامل ڪجي ٿو. هن ڪتاب ۽ مون بابت جن عالمن، اديبن، شاعرن، شاگردن، عزيزن ۽ دوستن پنهنجي راءِ لکي ڏني آهي انهن سڀني محبت ڪندڙ دوستن جو تهه دل سان شڪر گذار آهيان جو انهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي پنهنجي سونهري راءِ سان مون ناچيز کي نوازيو. خاص طور تي محترم رسول بخش پليجو صاحب، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ سائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب جو مشڪور آهيان جن ناچاڪائي دوران به ٻه اکر لکي ڏنا. ان کانسواءِ پير سائين سيد عبادالله راشدي صاحب جو بيحد شڪر گذار آهيان جن مسودو ڏٺو ۽ قيمتي مشورا ڏنا، پڻ سائين علي نواز پليجو به مشڪور آهيان جن شاهه لطيف جي شعرن ۾ درستگي ڪئي. آخر ۾ هن ڪتاب کي ڪمپوز ڪندڙ ساٿي احمد سولنگي جو مشڪور آهيان جن ڏينهن رات هڪ ڪري منهنجي هن محنت کي ڪتابي صورت ۾ توهان تائين آندو.
مان هن ڊائري کي پنهنجو ڪو وڏو ادبي ڪارنامو ڪونه ٿو سمجهان، البته جڏهن آمريڪن، انگريزن، يورپي ۽ قديم عرب عالمن، استادن ۽ دنيا ڇا ڇوليندڙن جي روز مره جي ڊائرين کي ڏسون ٿا ته ممڪن آهي. انهيءَ دور ۾ اهي لکيل چپٽي جيتريون ننڍڙيون ڳالهيون خسيس سمجهيون ويون هجن، ليڪن اڄ اهي لکيل ننڍڙيون پُرزي، جيتريون ڳالهيون وڏا واقعا ۽ تاريخ جو حصو سمجهيون وڃن ٿيون، ائين ئي مان هن ڊائري جي ورقن کي تاريخ جي بي رحم سراڻ تي رکانٿو، تاريخ ۽ پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪندا.
سنهان ڀانءِ مَ سَپَ، وياءِ واسينگن جا،
جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌ ان نه چُري.
(شاه)
فهيم نوناري
خادم العلم وادب
گهر نمبر سي 54 فيز I-
سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو
اي ميل: noonarifahim@yahoo.com
Cell. 0308 5777390