ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا
خوابن جي ڊائري
هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
- 5.0/5.0
- 7732
- 1103
- 3 سال اڳ
- 0
![Title Cover of book خوابن جي ڊائري](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/khuwaban_ji_diary.jpg)
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خوابن جي ڊائري“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺلخوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
هي ڪتابسنڌ ايجوڪيشن اڪيڊمي فار ناليج ۽ پبلشنگ پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم علي حسن ملاح جا، جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ فهيم نوناري
- ڇپيو ويو 2015
- ڇپائيندڙ (The SEA)سنڌ ايجوڪيشن اڪيڊمي فار ناليج اينڊ پبلشنگ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 25/Aug/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1103 ڀيرا