شخصي جرئت
لکندڙ وڏو يا وڏو ٿيندڙ نالو هجي، هر صورت ۾ چونڊجي مرحلي مان گذري لکي ٿو. ڪيفيتن جي تفصيل کي ونڊڻ ان ڏک کان فرار جي هڪ صورت اهي، جنهن م ڀٽائي چيو هو:
ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون
پَرسين مون نه ڪيون، گوشي گڏيا نه پرين (شاه)
ڊائريءَ جو ليکڪ “پيٽ ورن” ۾ پوکي راهيءَ جو قائل ناهي هوندو. پني سان پور ونڊڻ اظهار جي دائمي صورت جي چونڊ آهي. ڀاءُ فهيم اها چونڊ ڪري پنهنجي ڪيفيتن کي اسان تائين پهچايو آهي.
اسين جيڪي پنهنجي پلن ۾پورا آهيون، جڏهن ٻئي ڪنهن جي پلن سان اٽڪندا آهيون، تڏهن اسان جو حاوي مقصد پنهنجي جهول ڀرڻ ئي هوندو آهي. ڏيڻ کان وڌيڪ وٺڻ جو فعل اسان جون فتوائون جاري ڪندو آهي. فهيم جي ڊائري هن جي شخصي وارداتن ۾ واقعن جو وچور آهي. ان ۾ دال چانورن کان وٺي دنيا جي سڀاءَ تائين، هڪ وطن پرست جا اهي سڀ پل آهن، جن کي اسين عام جو ٺپو هڻڻ ۾ دير نه ڪندا آهيون. اهو وساري ڇڏيندا آهيون ته انهن عام ڳالهين کي ڏسڻ ۽ پسڻ لاءِ سڄو ڏينهن ڳهندا رهندا آهيون.
فهيم جي ڊائريءَ ۾ اُڃ ئي اُڃ آهي. سڪ، صحبت، ساٿ، سمجهڻ، سمجهائڻ، سموئجڻ ۽ سمائجڻ جي اُڃ. پڙهڻ کان پوءِ ساڳي اُڃ پڙهندڙ به محسوس ڪري ٿو. ڪيترن ئي ڳالهين جو ذڪر تفصيل لاءِ اڃايل رهي ٿو، پر ڇا ڪجي، ڊائريءَ جو مختصر صفحو ۽ مختصر وقت ان اُڃ کي اجهائڻ سکيا ئي ناهن. هڪ جاءِ تي فهيم هڪ برازيلي ڇوڪريءَ جي ڇتي بحث ڪرڻ کي سنڌ ۾ موجود روش جهڙو ڪوٺي ٿو. ڪو تفصيل ڪونه ٿو ڏئي، ڪا وضاحت نه ٿو ڪري. تفصيل ڄاڻڻ جي آرزو اڃ ۾ بدلجي وڃي ٿي. ڊائريءَ جي صنف جي اختصاري خاصيت تي چڙ پيدا ٿئي ٿي، پر ڇا ڪجي ڊائري مضمون ناهي. تنهنڪري فهيم کي گذارش آهي ته انهن خاص ڪيفيتن ۽ واقعن کي مضمون جي شڪل ڏئي ته جيئن اڃ ۾ ڪنهن ڪمي جي گنجائش پيدا ٿي سگهي.
فهيم منهنجو جگري ڀاءُ آهي، انڪري مان وڌيڪ تفصيل سان بحث ڪرڻ نه ٿو گهران. ان اميد سان ته ڪتاب لکڻ جي اها ابتدا انتها نه هوندي، هي ٻه اکر بند ڪجن ٿا.
- لطيف نوناري
سرگوڌا، پنجاب