جدوجهد جا عڪس
ادا فهيم پنهنجي “خوابن جي ڊائري” ۾ ذڪر ڪيو آهي ته سندس ذاتي زندگيءَ تي سندس والد حافظ محمد ڪامل جيڪو پنهنجي دور جو شاعر ۽ عوامي مزاج رکندڙ هو، انهيءَ جا اولڙا ۽ عڪس آهن ۽ ٻيو ذڪر ڪامريڊ محمد عظيم نوناريءَ جي لائبريري ۾ علمي ادبي ذخيري مان پرائڻ سان گڏ عوامي شاعر عبدالڪريم گدائي ۽ ڪانگريس اڳواڻ سردار محمد امين کوسي ۽ پنهنجي والد صاحب جي پڻ سفر جا زباني قصا ٻڌندي هو پڻ سوچي ٿو ته “وجهه مليو ته آءٌ به دنيا گهمي ڏسندس” هونئن به ننڍپڻ واري تربيت ۽ ماحول جو اثر ماڻهوءَ جي دل ۽د ماغ ۾ هڪ عجيب ولوڙ ۽ جستجوءَ جي آڌار تي پنهنجي رستي جا گس ڳوليندو رهندو آهي.
جيئن ادا فهيم پنهنجي ڊائريءَ ۾ ذڪر ڪري ٿو ته هن محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي، ان دور ۾ بجلي، روڊن، رستن ۽ ٺاٺ باٺ واريءَ زندگيءَ جو تصور نه هو، پر جيئن ته جيڪب آباد شهر انگريزن جي حڪمراني دوران وڏي اوج تي هو تڏهن اسڪول، ريلوي نظام آبي نهرون پڻ هلندڙ هيون. تنهن سبب اخبار، ڪتاب، ريڊيو، فلم جي رسائيءَ سان هي خدابخش نوناري / سونو نوناري ڳوٺ هڪ باشعور ڳوٺ ليکيو ويندو هو ۽ هيءُ علائقو بي بي سي نشريات کان وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ هو.
ادا فهيم جي لکيل ڪتاب “خوابن جي ڊائري” ۾ لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي، سعودي عرب، هالينڊ، بيلجيم، سئزرلينڊ ۽ آمريڪا ۾ پورن چئن سالن ۾ رهڻ دوران هتان جي ماحول، ڪلچر سائنس آرٽ تعليم علم ادب ۽ موسيقي تي پنهنجي شعوري اک سان جيڪي مشاهدا ڪيا انهن جو ذڪر قلمبند ڪيو آهي، ۽ اُتان جي ملڪن جي رهڻي ڪهڻي، تعليم ۽ علم ادب ثقافت کي خوب چِٽيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي پنهنجي ملڪ سان پڻ ڀيٽ ڪئي اٿس، جيئن پاڻ هڪ هنڌ ڄاڻايو اٿس ته “آمريڪا ۾ مسلسل محنت سبب ٿڪجڻ جي ايتري احساس باوجود اتان جي پروفيسرن ذري گهٽ ٿڪائي ڦانءَ ڪري ڇڏيو آهي. اسان جيڪي ٽي چار ڪلاڪ ڪم ڪندي اهو چوندي نه ٿڪجندا آهيون ته “ڪم ڪري هاڻ ڏاڍا ٿڪجي پيا آهيون” ليڪن هت آمريڪا ۾ گهڻائي محنت ڪندڙن جي آهي، جيڪي ڪم کي خدمت سمجهندي انهن ۾ ڪابه گهٽتائي نٿا سمجهن. انهي سبب اتان جي ماڻهن جي معاشي حالت بهتر آهي. انهن جا تعليمي ادارا پڻ ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ لڳاتار ڪم ڪن ٿا. اسان جيڪي چانهه جي ڪوپ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث مباحثي ۾ چَٽ ڪري ڇڏيندا آهيون پر هُتي ائين آهي ته هرڪو ماڻهو سڌو سنئون پنهنجي ڪم جي ڳالهه ڪري ٿو.”
ادا فهيم پنهنجي وطن کان دوريءَ واري احساس ۽ اڪيلائيءَ کي به محسوس ڪندي انهن احساسن کي به چڱي طرح قلمبند ڪيوآهي. پنهنجي ٻوليءَ ۽ مقامي ماحول جو چَسُ نه هئڻ ڪري ڪنهن ڪنهن مهل عجيب ڪيفيت پڻ محسوس ڪري ٿو. ڊائري جي روزمره جي ورقن ۾ پهرئين عنوان جي مناسبت سان عنوان کان پهرين سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن جي شاعريءَ کي به شامل ڪندو وڃي ٿو.
ادا فهيم پنجن سالن جي گذاريل ڏينهن جي روزمره ڊائري نه لکي سگهيو آهي، صرف ڪجهه مهينن جي ڊائريءَ جي ورقن جو ذڪر ڪيو آهي. پوءِ به هُو پنهنجي ڊائري ذريعي پڙهندڙن کي اُتان جو جيئن جو تيئن سير ڪرائي ٿو، اُتان جا مشاهدا، تجربا شيئر ڪري ٿو اتان جي تمام گهڻي معلومات پڻ فراهم ڪئي آهي.
ادا فهيم جي هڪ خاص خوبي اها آهي جو هُو پنهنجي گهر واري ادي هزار ناز ۽ مٽ مائٽن سان روز وقت ڪڍي ڳالهائي ٿو ۽ ان وقت هُو پاڻ کي سَرهو پڻ محسوس ڪري ٿو، ۽ پنهنجي گهر واريءَ هزار ناز ۽ پنهجن پُٽن عمران ۽ بچل توڙي امڙ سانئڻ ۽ نانيءَ صدوريءَ جون نيڪ صلاحون به هينئين سان هنڊائي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعن، خوشين حادثن کان اخبارن ذريعي انٽرنيٽ ذريعي معلومات حاصل ڪندو رهي ٿو، نواب اڪبر خان بگٽي جي موت تي پڻ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪندي لکي ٿو ته “بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو آهي. اهو ڪنهن قوم جي هيري جو عظيم موت آهي.”
هڪ ڊائري جي ورق ۾ لکي و ته “ IELP يونيورسٽيءَ ۾ آخري ڏهاڙو هو، 10 مهينا پهرين هت داخل ٿيم هر شيءِ اوپري ۽ عجيب لڳي رهي هئي، وڻ، ٽڻ سڀ اجنبي معلوم ٿي رهيا هئا. هڪڙي قسم جوخوف اوپرائپ وارو ماحول لڳندو هو، پوءِ آهستي آهستي سڀني شين سان مانوسيت ۽ قريبي تعلق جُڙڻ لڳو، پروفيسر جو Prof. Joe جو حاڪمانه انداز ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پيش رفت ۽ تُرت سمجهڻ واري صلاحيت هُن جي شخصيت جي انهيءَ پهلوءَ مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو” ۽ ٻئي هنڌ آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ رهندي سنڌي جي چوڻيءَ بابت لکي ٿو ۽ اها چوڻي حقيقت سمجهي ٿو: “هتي رڳو پڙهڻ نه آهي ليڪن ڪڙهڻ به آهي” ڇو ته اتان جا پروفيسر ڳالهه کي اُٿلائي پٿلائي ڄڻ شاگرد جي دماغ جي خفيه خانن ۾ لڪل صلاحيتن کي ٻاهر آڻڻ چاهيندا آهن، جيئن ماڻهوءَ جي سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ۾ واڌ ٿئي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي پنهنجي فيلڊ ۾ ڀڙ ٿي سماج لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. ليڪن اسان وٽ يونيورسٽي ۾ ته ائين ٿيندو آهي ته ماڻهو جهڙو ايندو آهي اهڙو ئي موٽي ويندو آهي. البته ڪجهه ڪَڻا سڌري گهڻوتڻو سنوارجي نڪرندا آهن.”
ڊائريءَ جي ورقن جي آخري سٽن ۾ ڏينهن ۾ ٿيندڙ خاص ڳالهين جو ذڪر ۽ ڏينهن ۾ کاڌل مانيءَ جو وچور پڻ لکي ٿو. آمريڪا ۾ رهندي ادا فهيم سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ پڻ هر وقت دعا گهري ٿو، ته شل سنڌ سَرهي هجي. شاداب هجي.
سندس هيءَ ڊائري جيڪا هڪ ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندي اها ضرور سفر ڪندڙن کي لکڻ لاءِ اُتساهيندي ۽ ليکڪ وانگر جدوجهد جا عڪس پڙهندڙن تي ڇڏيندي.
ــ ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر
ٽماهي مهراڻ
سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو