ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

سفر جي ڊائري ۽ معلومات

12.2.94
Emistradim Airport
Holland
Morning 7:40

ايمسٽرڊم ايئرپورٽ

زندگي پنهنجي ڀرپور رنگن سان ڪيئن جلوا ڏيکاري ٿي پنهنجي شروعاتي زندگي تي جڏهن نظر وجهجي ٿي ته حيرت جي حد نٿي رهي جڏهن شروعاتي ڏينهن ۾ سوچيان ٿو ته اسانجي زندگي جيڪا جهوپڙي کان شروع ٿي ڪئين ڏک ڏولا ڏسي هن منزل تي رسي آهي، جو اڄ آءٌ دنيا جو سفر ڪريان پيو. مختلف تهذيبن جا رنگ ۽ ثقافتن جو سنگم ڏسي عجب ٿو معلوم ٿئي. ڪالهه ڪراچي کان ٺيڪ رات جو 12.40 منٽن تي جهاز Take off ڪيو KLM ايئرلائين ذريعي 2 ڪلاڪن جي سفر بعد دبئي ايئرپورٽ پهچڻ ٿيو جتي رات جا 3 وڄن پيا، جهاز جي هڪ ڪلاڪ جي Stay هئي تنهن سبب مون ۽ محمد علي شيخ هيٺ لهي وياسون Duty freeshop Visit ڪئي سون ڏاڍي خوبصورت دنيا هئي، خاص طور Sells Girls جو رويو ۽ خوبصورتي ڏسي مون کي پاڻ واري دنيا ڪئين دور پوئتي نظر پئي اچي، هينئر هتي Amsterdam Airport تي 7 بجه پهتا آهيون جتان فلائيٽ تبديل ٿيندي ٻڌايون اٿن 8 بجه برٽش ايئرلائين جهاز هلندو. جيڪا اسان کي هيٿرو انگلينڊ ايئرپورٽ تي پهچائيندو. انهي وچ ۾ آءٌ ۽ محمد علي وري ايئرپورٽ ۽ ڊيوٽي فري شاپ ڏٺاسين، هيءَ ڪائنات قطعي طرح ٻئي ثقافت تهذيبن، پوشاڪ ۽ اُٿا ويٺي اصولن تحت هنن جي پنهنجي قطعي طور علحده آهي. Amsterdam هالينڊ جو مکيه شهر آهي.
ٺيڪ 8:40 am تي KLM جي اڏام Amsterdam مان رواني ٿي سڄو جهاز مڪهندڙ خوشبوءَ سان ڀريل هو، مختلف رنگ ۽ نسل سان تعلق رکندڙ انسان موجود هئا. ٺيڪ 12 وڳي Hethrow ايئرپورٽ تي لٿاسين، جتان قانوني ڪاررواين کان فارغ ٿي سامان کڻي ٻاهر آياسين کين بعد ۾’ برٽش ڪائونسل جي انفارميشن سينٽر تي آياسين، جتي موجود ڇوڪري ٻڌايو ته: اوهان بابت اسان وٽ ڪابه انفارميشن ڪونهي بلڪ توهان برٽش ڪائونسل وڪٽوريا وڃو جتان توهانکي وڌيڪ اطلاع ملندو سو ڊبل ڊيڪ بس ذريعي وڪٽوريا آياسين بس هرهڪ کان 2 پائونڊ ورتا، اڌ ڪلاڪ جي اندر منزل تي پهتاسين جتي انفارميشن آفيسر ٻڌايو ته اڄ آچر آهي تنهن سبب سڄي ملڪ کي موڪل آهي. ڪجهه نٿو چئي سگهجي تنهنڪري اوهان جي رهائش جو ڪنهن هوٽل ۾ بندوبست ڪجي ٿو سو جهٽ ۾ Concord Hotel Lodon ۾ اسان سڀني خاطر ڪمرا بوڪ ڪرايائين جتي ٽئڪسي ذريعي وياسين، هي سٺو هوٽل آهي. هي ڊائري جا پيج هوٽل جي ڪمري 203 مان لکجن پيا، اڄ موقعي مان ڀرپور فائدو وٺڻ خاطر سڄي لنڊن کي وزٽ ڪرڻ خاطر هڪ تڪڙو طوفاني دورو ڪيوسين. هيٺيون جايون ڏٺيوسين.
Picadally
U.K, Parliament
State of 1857 world
London Tower
Shakespeare Theater
Great Britain Theater
Animal Histories House
Big Bun
10 Down Street
And a lot.
***


هالينڊ جا سُر ۽ تال

سڀئي مسافر هيٺ لٿا، اسين به بي تاب هئاسين ته هيٺ لهي نئين دنيا جانچجي، اسان کي محسوس ٿيو ته اسين پاڪ ايشيا پابندين وارين زندگي مان نڪري يورپ جي آزاد ماحول ۾ پهچي چڪا آهيون، عورتن جا اسڪرٽ، اڌ اُگهاڙا جسم، ڊيوٽي فري شراب جا وڏا وڏا چمڪيلا دُڪان، ماڻهن جي منهن تي مُسڪراهٽ ۽ آزاد چُرپر تمام ٿورڙي وقت ۾ ماڻهوءَ کي قدامت پسندي ۽ آزاد خيالي وارو فرق سمجهه ۾ اچي ويندو.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي. (شاه)
اسين هيٺ چانهه ڪوپ ورتوسين ته انهيءَ دوران اسان کي ڊَچ ۽ انگريزي ٻولين جا پڙلاءَ ۽ آوازن جا سُر ۽ خوبصورت قدآور ڊچ نسل جي مور جيان ٽِلڻ ۽ هلڻ واري تال نئين دنيا جو نياپو ڏنو. ٿورڙين گهڙين ۾ اسين وري برٽش ايئرلائين جي جهاز ۾ سوار ٿياسون، جهاز ۾ خوبصورت ايئرهوسٽس ناشتو ڏنو. ناشتو پورو ڪيوسين ته جهاز جي ڪپتان ٽوني اعلان ڪيو ته ٿورڙين گهڙين ۾ اسين هيٿرو لنڊن ايئرپورٽ تي لهنداسين. اسين لنڊن رَسڻ جي خوشي ۾ ڏاڍا پُرجوش هئاسين هيٺ گرمي زيرو ڊگري هئي. هڪ نئين دنيا، نئون ماحول، نئون مانڊاڻ اسانجو منتظر هو. سڄو ايئرپورٽ ڪارن، گورن ۽ پيلن انسانن سان ڀريو پيو هو، اهو صبح سويري جو پَهر هو. اسان سامان وصول ڪيوسين بعد ۾ ايئرپورٽ تي برٽش ڪائونسل جي ڊيسڪ تي وياسين ته موجود گوري ڇوڪري ٻڌايو ته اسان کي سنڌ کان ايندڙ وفد جي ڪابه خبر ناهي. اوهان مهرباني ڪري لنڊن ڊائون ٽائون واري برٽس ڪائونسل آفيس وڃو ته ڪا مدد ٿيندي. بعد ۾ اسان لنڊن ڊائون ٽائون واري آفيس وياسين ته هُنن چيو موڪل جي ڏهاڙي ڇنڇر هجڻ ڪري اسانجو رابطو نٿو ٿي سگهي. اسين اوهانجي رهڻ جو بندوبست ڪيون ٿا.
***