ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

ڏونگر ڏورڻ ....

سنڌي ادب ۾ ڊائري سفر جي حوالي سان هُجي يا ڪنهن ٻي موضوع متعلق، ان جي اهميت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، شيخ اياز جي ساهيوال جيل جي ڊائري کان وٺي نصير مرزا جي ڊائري تائين جيڪي به ڊائريون لکيون ويون آهن، اُهي موضوعن جي وسعت ۽ رنگينيءَ جي ڪري انتهائي دلچسپ ۽ مقبول رهيون آهن. خاص طور تي ڊائريءَ ۾ موضوعن جي ڇوٽ هُئڻ ڪري اِها ٻين نثري صنفن کان منفرد به آهي ته آسان به، ڇاڪاڻ جو ٻيءَ ڪنهن به نثري صنف کي ڪنهن هڪ اڌ موضوع تائين ئي محددو رکڻو پوي ٿو پر هن ادبي صنف ۾ ڪوبه قيد ڪونهي، هڪ ئي وقت تاريخ، فلسفي، موسيقي، واقعا، لقاءُ ۽ کوڙ سارا تجربا ۽ مُشاهدا منجهس سمائي سگهجن ٿا يا قلمبند ڪري سگهجن ٿا.
فهيم نوناريءَ جا آمريڪي سماج جي ترقيءَ جي مثبت رُخن جا راز، سنڌي سماج جي بهتريءَ لاءِ ڏس ۽ گس وانگر آهن.
فهيم پنهنجي ڌرتيءَ کان دُور، پنهنجي وطن کان پري عِلم جي اُڪير ۾ اڪيلائپ جا عذاب ڀوڳي به پنهنجي ديس لاءِ ڪُجهه پرائڻ ۽ پُرجهڻ جي تلاش، ڪُجهه نه ڪُجهه ڪرڻ جي جُستجو نه رڳو کيس پرڏيهه ۾ به حوصلو بخشيو ۽ همت ڏياري پر سندس من ۾ مؤجزن وطن دوستي ۽ علم دوستي جي وڻ جون پاڙون اڃان پختيون ڪري ويئي. هو اُتي جي ريتن رسمن کي نه رُڳو ويجهڙائي کان ڏسي ٿو پر انهن جي ڪَلَر فل ڪلچر ۾ به پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشبوءِ ۽ رنگت محسوس ڪري ٿو، اها سندس ڌرتيءَ سان عشق جي انتها آهي، پر هي رُڳو هوائي ٺڪائن ۽ خيالي پلاءُ پچائڻ ذريعي سنڌ جي شيوا ۾ ايمان نٿو رکي هو مُحبت ۾ به محنت کي اهميت ڏي ٿو، پنهنجي ماڻهن لاءِ دنيا جي سُڌريل قومن وٽان ترقيءَ جا راز تجربن ۽ مشاهدن جي صورت ۾ حاصل ڪرڻ جي حسرت کڻي ويو هو.
سندس ڪيترائي موضوع چُڀندڙ ۽ دَلپذير آهن، ائين به ڪونهي ته ڊائري خشڪ موضوعن جو ميڙ هُئڻ ڪري اُن ۾ ٻَوليءَ جي چاشني يا ڪابه رنگيني ڪانهي. بلڪ ٻوليءَ جي رنگيني ۽ چاشني موجود آهي.
فهيم ڊائري ۾ پنهنجي اندروني ڪيفيت، وطن جي ڇڪ ۽ عِلم جي اُڪير جي وچ ۾ جيڪو جيءَ ۾ جهيڙو لڳل اَٿس اُن کي هئين بيان ڪري ٿو: “ڪم جي دٻاءُ سبب ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي بيزاري ٿيندي آهي ته دل چوندي آهي ته سڀئي ڪم ڪار ڇڏي وڃي گهر ۾ ٻچڙن سان آرام ڪجي پر وري دل ۾ خيال ايندو آهي ته سنڌ، سنڌين ۽ انسان ذات جي آخر ڀلائي ڇا ۾ آهي؟ ته جواب ملندو اٿم ته پڙهڻ، پُرجهڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ ۾ ۽ پوءِ مان وري ڪم ۾ لڳي ويندو آهيان من جون سڀئي تندون تنوارجي وينديون آهن، ته ذهن ڏک ڏکڙا سهڻ ۽ اُنهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي.” اها ئي علم جي اُڃَ آهي اِهائي اُها لگن آهي جيڪا ماڻهوءَ کي ڏونگر ڏورڻ جو حوصلو عطا ڪري ٿي. مُنهن ويڙهي مُئن جيئن سمهڻ نٿي ڏي ۽ اُٿي رائو ريلڻ لاءِ همٿائي ٿي. هُو پنهنجي تجربن ۽ مُشاهدن ۾ اها ڳالهه وڏي فخر سان بيان ڪري ٿو ته جنهن سماج ۾ گل ٽوڙڻ تي به بندش هجي اُتي انساني عزت ۽ اهميت جو اندزاو لڳائڻ مُشڪل ڪونهي، جتي قانون، آئين ۽ انسانيت جي احترام ۾ پختو يقين هجي اُتي جي سماجي تاڃي پيٽي جي سُڌريل شڪل ڏسي حيرت سان گڏ ريس به ٿئي ٿي. پر پاڻ وٽ وري قصو ئي ابتڙ، نه قانون، نه آئين ۽ نه ئي انسانيت جو احترام.
فهيم نُوناري پنهنجي علمي، ادبي ذؤق جي چَڪ تي چاڙهي يادن ۽ تجربن جي چيڪيءَ مٽيءَ مان هيءَ جيڪا سچل جي گهڙوليءَ جهڙي ڊائري جي گاگهر گهڙي آهي، سا يقين ڄاڻ، معلومات ۽ دلچسپيءَ سان ڇُليل آهي ۽ سنڌي ادب جي ڇانودار وڻ هيٺ ڪنهن ڪوري گهڙي جيئن پاڻ رکرائي سگهي ٿي. سنڌي ادب ۾ ڀلا ڀليءَ جو ته ڇيههُ ڪونهي، نثر ۾ به کوڙ ڪتاب ڏهاڙي اچي رهيا آهن پر هيءَ ڊائري به علمي ۽ ادبي حوالي سان ضرور جڳهه جوڙيندي.
هن ڊائري مان هڪ ليکڪ جي جذبن جي گرمي احساسن جي سچائي، وطن دوستي ۽ علم دوستي جي پَروڙ ته پئي ٿي پر سندس ڊائري جي معرفت آمريڪي سماج جي تجربن ۽ مشاهدن مان به گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو. وقت ۽ حالتن جو ذڪر، ملڪي، پرڏيهي، سياسي واقعن ۽ لقائن جو ذڪر به سندس هن ڊائريءَ جا اهم موضوع آهن.
مون کي اُميد آهي ته سنڌ جي علم ۽ ادب ۾ سندس هي پورهيو ضرور سڦل ثابت ٿيندو.
[b]ــ پروفيسر عزيز مهراڻوي
18 ڊسمبر، 2010ع، حيدرآباد، سنڌ[/b]