ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

مختلف شخصيتن جا تاثرات

شفقت
مهراڻ موتي
آهين سائين
فهيم نوناري
علم ادب ۾
ماهر تعليم،
سنڌ جو ڏاهو
سڄڻ مڙس
مانجهي مڙس آهين، فهيم نوناري
نٿو وساريان ڀاءَ
عمران استاد کي
هو علم جو
هيرو فهيم آهي...
منهنجي ڪومل جذبن
جو سرواڻ فهيم وانگر آهي
رات ۽ جهالت ۾ روشني جي لاٽ آ،
انسان دوست، سائين فهيم نوناري
قوم کي سَارڻ
ٽانڊاڻين لاٽ
آ فهيم نوناري
بين الاقوامي آرٽسٽ
- ناميارو جڳ پڌرو ــ ساقي عالم ابڙو
12 ڊسمبر، 2013ع، ڄامشورو سنڌ

خوشنصيب انسان

فهيم نوناري ويهين صدي جي ڇهين ڏهاڪي ۾ جنم ورتو. اتر سنڌ جي گرم هوائن جي خطي ٺوس سرزمين لاءِ سنڌ جي سدا حيات شاعر شيخ اياز چيو آهي
جتي لُڪ لڳي جت اڪ تپن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي،
سو ديس مسافر منهنجوڙي...
(شيخ اياز)
فهيم نوناري هڪ کاهوڙي وطن دوست، عالم، اديب، سماجي اڳواڻ ۽ معاشرتي سوچ رکندڙ انسان آهي هو ڌرتي ۽ ماروئڙن لاءِ ڏونگر ڏوريندو رهيو آهي.
پنهنجي وطن، ڌرتي ۽ مسڪين مارو ماڻهن لاءِ جاکوڙڻ جو خواب من ۾ کنيو سدائين سنڌ جي خوشحالي ڪاڻ جدوجهد ڪندو رهيو آهي. هن دريا دل هميشه مسڪين ماڻهن جي عزت آجپي شان مان لاءِ سدائين وستي وستي ۽ واهڻ، واهڻ وڃي تبليغ ڪندو رهيو آهي. مون هن جي رڳن ۾ سنڌ ڌرتي جي بهادر فرزند ۽ سپوت وانگر جاه و جلال ڏٺو آهي.
عدم تشدد نظرئي جو حامي اتر سنڌ جي قبائلي ۽ جاگيرداري جي ڪاري سماج ۾ جنم وٺندڙ فهيم صاحب نه صرف انهن قهري سماج ۾ پلجي جوان ٿيو ۽ پنهنجي تعليم به جيڪب آباد ضلعي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ مڪمل ڪئي ۽ ايئن سوشل ورڪر، ادبي پورهيي ۽ سياسي عمل جي شروعات ڪندي قبائلي فرسوده نظام خلاف اعلان جنگ جو علم بلند ڪيو 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڪامريد فهيم سنڌي جي نالي سان مشهور ٿيو. هڪ پاسي شاهه لطيف ڪلب جي پليٽ فارم تان تعليمي زيور سان اتان جي نوجوانن کي آراسته ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٻي پاسي جاگيرداري ۽ قبائلي فرسوده نظام خلاف مختلف پليٽ فارمن تان جدوجهد جو ٻج ڇٽيندو رهيو ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي سربلندي خاطر پاڻ پتوڙيندو رهيو. پوءِ شاهه لطيف ڪلب، انڊس آڪسفورڊ سينٽر، گدائي فائونڊيشن مهراڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن، سنڌي مزدور تحريڪ، ٻارڙا سنگت، سگا سنڌ ايجوڪيشن اڪيڊمي فارناليج ۽ پبلشنگ (PUAN) پاڪ ــ يونائٽيڊ اسٽيٽس المنائي نيٽ ورڪ، (SPELT) سوسائٽي آف پاڪستان انگلش لئنگيوئيج ٽيچرس برٽش ڪائونسل لئبريري، آمريڪن آٽوبايوگرافيڪل سوسائٽي، نيپئر يونيورسٽي اسڪاٽ لينڊ المنائي، ٽمپل يونيورسٽي فلاڊيليفا المنائي، WIU المنائي، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن، شاهه لطيف ٽيچرس ايسوسيئيشن، انٽرنيشنل اسٽوڊنس يونين مئڪومب USA ۽ سنڌي ادبي سنگت وغيره جو باني ۽ ميمبر طور سرگرم رهيو آهي. نوجوانن لاءِ اميد جو ڪرڻو ٿي اڀريو مان ته ائين چوندس اتر سنڌ ۽ ڄامشورو حيدرآباد جي گهڻن نوجوانن کي زندگي ڪامياب بنائڻ ۾ مددگار ٿيو آهي.
انسان جي فطرت ۾ آهي ته هو بهتر کان بهتر مستقبل جي تلاش ۾ رهي ائين مون کي به ان جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ علمي سنگت ۾ رهڻ ڪري هن جي زندگي مان اتم رهبرانه فائدا حاصل ٿيا آهن فهيم صاحب پنهنجي ڪردار ۾ امير گفتگو ، دانا اديب دانشور ۽ انقلابي انسان جيان آسمان جيڏي بلندي ۽ سندن لفظن ۽ خيالن ۾ پرشور ساگر سمايل اٿس. ان سان گڏ جوهري وانگر فن جو استعمال به ڄاڻندو آهي. هن جي پاڇي ۽ رهبري مان نالي وارا اديب ۽ جاکوڙي علمي، ادبي ۽ سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جووڏو انگ سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾ علمي ادبي ۽ سماجي ادارن اندر انساني خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن، جيڪو عمل هڪ سٺي استاد، سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ماهر جون خوبيون هجڻ جو عملي مظهر آهن. اتر سنڌ کان وٺي لنڊن، لنڊن کان شگاگو جي شهيدن جي شهر تائين هن کي ڳالهائڻ ڏسڻ ۽ سکڻ جو موقعو نصيب ٿيو. ان لاءِ ايترو چوندس ته هو خوشنصيب ترين انسان آهي جنهن جهوپڙي کان محل تائين سفر ڪيو.
- عبدالقيوم نوناري
بنگلو نمبر 6 فيز – 1
سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ــ ڄامشورو، سنڌ
15 فيبروري، 2012ع

جيئن هرڻ ۽ هُما!
حق موجود سدا موجود
فهيم نوناري سان محبتن ۽ رفاقتن جو سلسلو ويهن سالن کان به وڌيڪ عرصي جو آهي. ساڻس ان وقت کان شناسائي آهي جڏهن کان هو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ انگريزي جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي آيو هو.
فهيم واقعي فهيم آهي جهڙو اٿس نالو تهڙو ئي فهم، فراست ۽ فهميدو پڻ آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هو علمي، ادبي ۽ سماجي ڪاوشن ۽ جاکوڙ سبب ستن، اٺن ملڪن جا دؤرا ڪري چڪو آهي ۽ هي موجوده ڪتاب پڻ انهن سفرن جو ثمر آهي.
فهيم علمي، ادبي ۽ نوڪري وارين مصروفيتن هئڻ باوجود فلاحي ۽ سماجي ڪمن ۾ پڻ اڳڀرو رهيو آهي. پاڻ ڄامشورو ڦاٽڪ وٽ هڪ مفت تعليمي سينٽر آڪسفورڊ اڪيڊمي فار ناليج Oxford Acadamy for Knowledge (OAK) هلائي رهيو آهي. جنهن مان تمام گهڻن غريبن، مسڪينن ۽ پورهيتن جا ٻار لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. انهن ۾ گهڻائي اهڙن شاگردن جي آهي، جيڪي هتان پڙهي وڃي سٺن ۽ اهم عهدن تي فائزٿيا آهن. ان حوالي سان فهيم جَسَ لهڻي ۽ ان جو مثال لطيف سرڪار جي هن بيت سان ڏيئي سگهجي ٿو.
جيئن هرڻ ۽ هما، سرگردان سنسار ۾
هو پڳ نه کوڙي پٽ تي، هي ڌر سر ڌري نه ساهه،
هاڻي تن مُلانءُ سيئي سور پرايا.(شاهه)
فهيم علمي حوالي سان تصوف ۽ صوفي ازم بابت تمام گهڻي ڄاڻ رکي ٿو. وٽس تقرير ۽ تحرير جو پڻ وڏو فن اهي. پاڻ اڪثرمون کان لطيف سرڪار، سائين اعجاز راشدي ۽ حافظ محمد جا بيت ٻڌندا آهن.

- فقير نواز علي نظاماڻي
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڄامشورو

مسلسل محنتن ۽ محبتن جو نچوڙ

ڪنهن به شخصيت جي فن ۽ فڪر تي پوري انصاف ۽ سچائيءَ سان رمارڪس ڏيڻ وارو عمل تمام ڏکيو آهي. فهيم نوناري سان پنهنجي شهر ٺل ۾ هڪ ڪولڊ ڊرنڪ جي دڪان تي ملاقات ٿي، جنهن ۾ هن پنهنجي لکيل ڊائري تي لکڻ لاءِ چيو ته منهنجي ذهن جي زمين ڌُڏي ويئي سوچ ۾ پئجي ويس ته تمام ڏکيو ڪم چيو اٿائين شال نڀائي سگهان. اڪيلائپ جنهن کي اسين تنهائي به چئون ٿا. تنهائي هن ڪائنات جو وڏي ۾ وڏو عذاب آهي. جيئن بٺي ۾ سرون ٺاهيندڙ مزدور ڪچين سِرُن کي تيار ڪري پڪو ڪرڻ لاءِ باهه واري آويءَ ۾ وجهندا آهن. تنهائي به ايئن هڪ باهه جي آويءَ جيان هجي. جيڪا هڪ باشعور تخليقڪار انسان کي ذهني طور تي پچائي پڪو ڪري ٿي. جنهن جي سَٽَ ڪي ڪي مضبوط باشعور ذهن ئي سهي سگهن ٿا. دنيا جي ڪافي عظيم ڏاهن تنهائي جي عذاب دوران پيش ايندڙ ولوڙ جيڪري اونداهين (خودڪشين) کي پنهنجو ڪيو آهي. پر اسان وارو فهيم نوناري اهڙين تلخ روح رهڙيندڙ تنهائين جي اونهي سمنڊ مان غوطا کائي اچي پار ٿيو آهي.
فهيم صاحب پنهنجي تنهائين دوران سندس سان پيش ايندڙ اندروني وارتائن کي ڊائريءَ جي ورقن تي آڻي اندر جو بار هلڪو ڪيو آهي. فهيم هن ڊائريءَ ۾ پنهنجي نالي جيان تمام گهڻي سجيدگيءَ سان پنهنجي فهم جو اظهار ڪيو آهي. ڪجهه ڊائريءَ جا ورق پڙهندي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته فهيم سان ٿيندڙ وارتائون منهنجون پنهنجون هجن. فهيم نوناري پنهنجو ڳوٺائي آهي طبيعتن تمام ماٺيڻو ماڻهو ۽ انسانن سان محبت ڪندڙ ٻئي کي پنهنجو ڪرڻ جومڪمل ڏانءُ اٿس. هُن ڊائري جي ورقن کي سهيڙي هڪ ڪتابي صورت ڏيئي اسان آڏو رونما ڪئي آهي. جيڪو پڻ سنڌي ادب لاءِ هڪ بهترين اضافو آهي.
فهيم نوناري جو هي ادبي پورهيو سندس جي مسلسل محنتن ۽ محبتن جو نچوڙ آهي. مون کي اهو چوندي فخر محسوس ٿئي ٿو ته فهيم نوناري جو هي ڊائري جي ورقن جو ڪتاب سنڌي ادب ۾ پنهنجي الڳ منفرد حيثيت جلد ئي ماڻي وٺندو.
دعا اٿم ته فهيم نوناري پنهنجي علم، عقل ۽ ڏاهپ سان سنڌي ادب جي خدمت ڪندي. تخليقي سفر جي ڪٺن راهن جا ڪنڊا لتاڙيندي ڊائري جي ورقن جيان سنڌي ادب جي ٻين صنفن کي ڪورن ڪاغذن تي آڻي ڪتابي صورت جي فريم ۾ بند ڪري اسان تائين پهچائيندو رهندو.
- وفا گولو ــ ٺل
18 نومبر، 2010ع
***
تاثرات

محو حیرت ہوں کہ کیا لکھوں!کیسے لکھوں! کس پر لکھوں!جس کے بارے میں نہ قلم کو طاقتِ تحریر ہے نہ سیاہی کو احاطہ تظلیل ہے۔ اس کے بارے میں اظہار خیال کروں جو میرے محیط خیال سے باہر ہے اور جس کی صفات ناتراشیدہ و وسعت حمیدہ سے نادیدہ ہیں۔ سفر ہو یا حضر روز ہو یا شب، دفتر ہو یا تعلیم گاہ، اندرون ملک ہو یا بیرونی ملک حتیٰ کہ کعبہ ہو یا کعبےکا کعبہ، ایک ایسی ہستی جو سراپا شفقت، محبت، صداقت، وفاکیش و جفاکیش۔ تمام منازل و مقامات پر ہر زاویہ نگاہ سے ناقابلِ مثال و تمثیل۔ بس صرف و ہ فہیمِ سہیم کی ذات ہی ہے اور بس۔
- پروفیسر محمد ناظم علی خان ماتلوی

***

فهميت ۽ ارڏائپ

فهيم جي اڏول طبيعت جيان سندس لکڻين ۾ به هڪ ارڏائي آهي، ڪنوارين ڪلين جهڙو حجاب به اَٿس ته جابلو جوڌي جهڙو جوش ۽ ولولو. هن مارئيءَ جيان ڪڏهن پاڻ کي پرديس ۾ قيد سمجهيو ته وري ان قيدي دل کي تعليم ۽ مستقبل جي فڪر ۽ حاصلات تحت حوصلو به ڏنو. فهيم آمريڪا جي اميريت ۾ به پاڻ کي نجو سنڌي ۽ هڪ ووڪل ڪلاس شاگرد سمجهي گورن ۾ پاڻ مڃايو.
منهنجي سندس سان واقفيت ڪا زمانن جي ناهي پر ڪي چند سالن جي، جڏهن کان هيءُ پرڏيهه کان موٽي واپس ڏيهه آيو هڪ ئي اداري ۾ رهي ڪري ٿي آهي، پر ڄڻ ته ڪي ايامن جي وابستگي آهي، هن سان جڏهن به ملبو فهميت ۽ ارڏائپ گڏ ئي گڏ آهن. فهيم سدائين سلجهائتا ۽ فهميدا حوصلا ڏنا آهن سندس محرڪ تعليم سان ئي جڙيل آهي. مون گهڻو ڪجهه هن جي صحبت ۾ رهي ڪري سکيو آهي. هن جي ڊائريءَ جي ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ئي سندس واتان ٻڌايل اهو سڀ ڪجهه دل نشين ٿي ويو آهي جيڪو توهان جي وشال ذهن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي هڪ خوبصورت ياد بنجي آباد رهندو.
روزمره جي چُرندڙ چال ۾ الائي ته ڇا ڇا انسان جي اک، ذهن ۽ دل پسي ٿي. ڪي واقعا اک جي پردي کان ٿيندي دل ۽ ذهن جي آستاني ۾ ٿانيڪا ٿي ويندا آهن. اهي واقعا رڳن ۾ ساهه تائين سموئيل هوندا آهن ته ڪي وقت ۽ حالتن جي دز ۾ لٽجي پنهنجا پير وڃائي ڇڏيندا آهن. انهن سڀن کي جائيتو ڪرڻ لاءِ پني تي اُتاري هميشه لاءِ ياد رکڻ جا جتن ڪبا آهن جيڪي ڊائريءَ جو روپ هوندا آهن.
هن ڊائري پڙهڻ کانپوءِ اسان جهڙن شروعاتي قدم کڻندڙ مسافرن کي زندگيءَ جي ڪاروهنوار جي ڪلَ پوي ٿي.
- علي محمد “عليم” ساهڙ
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڄامشورو
8 ڊسمبر، 2010ع
سنگ ميل

انسان دنيا ۾ مسافر ٿي اچي ٿو. گهمي ڦري ملڪ ڏسي مشاهده ڪري سفر پورو ڪري واپس وري ٿو. پوري حياتيءَ ۾ ته سڀڪو سفر ڪري ٿو. ان سفر مشاهدي کي هرڪو بيان به ڪري ٿو مگر جڏهن ڪو قلمڪار اهو سربستو احوال ڪنهن ڪتاب ۾ لکي ٿو تنهن کي اسين ادبي ٻوليءَ ۾ سفرنامو يا ڊائري سڏيون ٿا. هي ڊائري فهيم نوناري صاحب جي ادبي پورهئي جي شاهد آهي.
نئون نسل جڏهن گذريل پنجاهه سٺ سالن جي لکڻين کي پڙهي پنهنجو ذهني سفر اتان اڳتي شروع ڪري ٿو. گويا هن جو علم (شعور) ٻيڻو ٿي پوي ٿو. علم جي واڌاري ڪري گهٽ غلطيون ڪري ٿو.
جيڪو ليکڪ لائبررين ۾ ويهي ڪتابن جا ورق ورائي وري پاڻ هڪ ڪتاب لکي ٿو جنهن ۾ هن جو پنهنجو مشاهدو شامل ته آهي ان کان وڌيڪ ۽ وڏو پورهيو ايمانداري سان اکين ڏٺي احوال لکڻ جو آهي. ان علم الايقين کان عين اليقين اڃا اڳتي آهي.
محترم فهيم نوناري صاحب جو هي ڪتاب نه صرف سفرنامو آهي مگر ساڻن گڏ ڊائري پڻ آهي. ڊائري جي تسلسل سان تاريخ جوذڪر ڪري فهيم صاحب اها آتم ڪٿا ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي.
هن ڪتاب ۾ هن هم ڪلاس دوستن جي ملاقات ۽ وڇوڙي جو ذڪر آهي ۽ جن ماڳن پسڻ جي پچار آهي سا ائين سمجهو ته هڪ ڊائريڪٽري سان گڏ ڊاڪيومينٽري فلم به آهي. محترم فهيم صاحب جي ڪتاب ۾ اڃا جيڪا اهم ڳالهه اها آهي ته وطن کان دور رهڻ وقت چاچي محترم جي گذاري وڃڻ جي خبر سان جنهن ڪيفيت کي هو منهن ڏيئي صبر ڪري ذهن سالم رکي پڙهائي سهڻي نموني پوري ڪري واپس وريو ۽ مونجهه ۽ گُهٽ ٻُوسٽ وقت دوستن وٽ وڃي دل وندرايائين اها اهم سبق آموز سٺو سنوڻ آهي. ان جاءِ اهڙن ملڪن ۾ وندر جا ناچ گانن وارين ڪلبن جو ڪوبه ڪاٿو ڪونهي. ان ۾ والدين جي تربيت ۽ ادب دوستي جو سٺو ثبوت ملي ٿو.
آخر ۾ مان ايترو عرض ڪندس ته سنڌ ۾ سنڌي سفرنامن جي ڪافي ڪمي آهي جنهن جي پوراءُ لاءِ هي اڳتي قدم ضرور آهي ۽ هن ڪتاب کي نئين ٽهي وارا پڙهي اندر ۾ اتساهه محسوس ڪندا ڇاڪاڻ ته اکين ڏٺو احوال ادب ۾ سگهارو سمجهيو ويندو آهي. اميد ته فهيم صاحب پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي پنهنجي تلخ تجربن، مشاهدن کي ميڙي ڄاڻ لاءِ اسان جي ادب ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو ڪرڻ فرمائيندو ۽ اميد ته هيءَ ڊائري ادب جي سفر ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.
- ارڏو اتراڌي
16 فيبروري، 2012ع ، ڄامشورو

ايماندار آفيسر

مون کي محترم فهيم نوناري صاحب لاءِ هي چند سٽون لکندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته نوناري صاحب هڪ محنتي، هوشيار ۽ ايماندار آفيسر آهي. ان سان گڏوگڏ انتهائي ڪُهُنه مشق ادب دوست، ڪهاڻيڪار، محقق، نثر نويس، ترجمه نگار ۽ گهڻ پڙهيو انسان آهي، جنهن کي لکڻ، پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي. هي 24 ڪلاڪن مان چار پنج ڪلاڪ آرام ڪري ٿو باقي 18 ڪلاڪ سروس، سماجي ۽ علمي خدمتون، لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪهاڻين لکڻ ۾ مصروف وقت گذاريندو آهي. وڏو ماهر لکيڪ آهي پڙهڻ ڪري ايم فل M.Phil آمريڪا مان فل برائٽ (Ful Bright) پروگرام ۾ ڪري آيو آهي. هاڻي ڪراچي همدرد يونيورسٽي مان پڻ Phd آخري مرحلن ۾ اٿس. نوناري صاحب جي ڪوشش هوندي آهي ته جتي به دوستن شاگردن ۽ واقفڪارن سان ويهندو آهي ته ڊائري پڻ لکندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۾ روزانه ڊائري لکندو هو ۽ اتان جي تعليم، تاريخ، ثقافت، سياست ۽ روزمره جي زندگي ڪافي نئين انفرميشن وغيره هن ڊائري ۾ موجود آهي ۽ هن کي شاباس هجي ته هو روز آمريڪا ۾ مصروف رهندي هر روز ڊائري لکي آهي.
نوناري صاحب سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب برک ڪهاڻيڪار، ٽيڪسٽ بوڪ جي دنيا جومحقق، ادارا ساز، گهڻين تنظيمن جو بانيڪار، محقق ۽ سماجي سڌارڪ ۽ ثابت قدم سياسي ڪارڪن پڻ آهي. پاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ۽ ڪافي ڀيرا ڪجهه ٽائيم لاءِ ڊپٽي سيڪٽريٽري اسٽيٽ آفيسر ۽ پريس انچارج پڻ رهي چڪو آهي. نوناري صاحب ڪيتري وقت کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ آرٽيڪل پڻ لکندو رهي ٿو. هن پنهنجي ڪيريئر وڌائڻ لاءِ ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر دنيا جا دورا ڪيا آهن جهڙوڪ آمريڪا جو 22 اسٽيٽ، لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، دبئي، سعودي عرب هالينڊ، بيلجم ۽ سئزرلينڊ ۽ ڪانفرنسون پڻ ٻاهرين ملڪن ۾ اٽينڊ ڪيون آهن. ازانسواءِ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ سيمينارن ۾ شامل ٿيوآهي.
نوناري صاحب Charity خيراتي ڪم به ڪرائيندوآهي جهڙوڪ 20 سالن کان وٺي مفت ۾ انگلش سينٽر جنهن جو نالو Oxford Knowledge Center ۽ ساعت (SAIT) سماجي، ادبي ۽ علمي تنظيم طرفان آهن. جنهن طرفان هر سال سوين شاگرد مفت تعليم حاصل ڪري اعليٰ ادارن ۾ وڏا امتحان پاس ڪري اعليٰ عهدا ماڻيندا آهن. جنهن مان 20 سالن ۾ هزارين شاگردن تعليم حاصل ڪئي آهي. اهو نوناري صاحب کي جس هجي، اهڙا ماڻهو تمام ٿورڙا آهن جيڪي مفت ۾ سينٽر هلائيندا هجن.
- محمد سليمان بلوچ
بنگلو ــ B-17 فيز ــ 1، سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو

سنڌ پرستي

مان هڪ خوشنصيب شخص جو ڀاءُ آهيان ۽ ان لاءِ لکڻ ۾ جيڪا هن وقت خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان جيڪا لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. زندگي ۾ هر شخص کي هڪ شفيق همدرد ۽ هر وقت ضرورت جي وقت ڪم اچڻ واري دوست جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهو شخص مون کي پنهنجي وڏي ڀاءُ کانسواءِ ٻئي ڪنهن ۾ به اهو شخص نظر ڪونه آيو ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد محترم جي جدائيءَ کان پوءِ اسان تي شفقت جو هٿ رکڻ وارو ۽ اسان جي سارسنڀال لهڻ وارو منهنجو وڏو ڀاءُ محترم فهيم صاحب هو جنهن اسان جي هر ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو اسان کي لکايو پڙهايو اسين اڄ جنهن منزل تي آهيون اڄ هن جي اڻ کُٽ ڪوشش جو نتيجو آهي. اڄ به مون کي اُهو ڏينهن ياد آهي جڏهن ايم اي انگريزي جي امتحان ڏيڻ لاءِ هُن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو رات جي آخري پهر پرهه تائين مون هن کي پڙهندي ڏٺو ۽ آخر انهن جي محنت رائگان ڪونه وئي ۽ هو هڪ ننڍي ڳوٺ سوني نوناري کان هڪ وڏي ملڪ آمريڪا تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ اهو ان جي محنت جو ڦل هو جو هو هڪ ڪامياب ماڻهن جي قطار ۾ شامل ٿي ويو. هن پنهنجي ڪاليج جي زندگيءَ ۾ سياست به ڪئي ۽ ان جو اڳواڻ ٻيو ڪوبه نه هو بلڪ هڪ مشهور اڳواڻ محترم پليجو صاحب هو. فهيم پنهنجي سياست جي دور ۾ نوجوان ۽ غريبن جي مدد لاءِ هميشه اڳڀرو هوندو هو. آءٌ پنهنجي ڀاءُ ۾ هميشه هڪ شفيق دوست ڏٺو اڄ هو وڏن ملڪن کان علاوه ننڍا شهر به گهميو آهي پر ان جي طبيعت ماٺيڻي آهي جو هن نفسانفسي جي دور ۾ به پنهنجي ڀائرن ۽ انهن جي اولاد سان گڏ هڪ ڇت جي هيٺ زندگي گذاريون پيا منهنجي دعائن ۾ ۽ منهنجي زندگي ۾ هميشه گڏ رهندا ۽ هميشه مان انهن جي ساٿ جو طلبگار رهندس. اهڙي ريت هو پنهنجي مطالعي ۽ ڏاهپ مان اسان کي ڄاڻ ڏيندو رهيو آهي ۽ آءٌ کائنس شروعات کان وٺي آخري پهر تائين سکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آهيان ڇو جو ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب کان واقفيت ۽ مطالعو اٿس ۽ سياسي شعور به رکندو آهي. منهنجي مشاهدن سميت تهذيب ۽ تمدن تي ڄاڻ وٺڻ ۽ ڏيڻ جي ڏانءُ ڏنو تعليم دوران يونيورسٽين ۾ تفريح سان گڏ دماغ کي توانو رکڻ ٻولين ۽ تمدن جي ميل جول سان علم جو اضافي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. آءٌ پنهنجي ڀاءُ کان اڻکٽ ڳالهيون سکيون آهن، هن جي شخصيت انهي فڪر ۾ رهندي آهي ته ڪهڙي نموني پنهنجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪجي.
ادا فهيم پنهنجي ڊائري ۾ سدا بهار شاعرن کي دل جي گهراين سان ياد ڪيو آهي هن پنهنجي ڊائري ۾ ڏور رهي به سنڌ پرستي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ سنڌ جي نمائندگي جو احساس سان گڏ سنڌ جو ڪيس ٻين قومن ۽ ٻين ملڪن جي رهواسين آڏو رکڻ ۽ سندس سنڌ پرستي جو مزاج ظاهر ڪري ٿو.

- ڀاءُ شفيق ڪامل نوناري
ٺل ــ سنڌ
***
بسم الله الرحمٰن الرحيم
از صالح پٽ، سکر
27، مارچ 2014ع
مانوارا عبدالفهيم صاحب،
السلام عليڪم
حقيقت ۾ مون به پنهنجي 56 ساله زندگيءَ ۾ مختلف مفڪرن، اديبن، علم دوستن ۽ عالمن سان ڪچهريون ڪيون، مگر سائين فهيم، مستقل ارادتن، بااصول ۽ پنهنجي فرض کي اوليت ڏيندڙ ۽ خود دار انسان رهيو آهي.
مون کي ياد اچي ٿو ته پاڻ جڏهن قرب ڪري منهنجي ڳوٺ آيا ته اسان پاڻ ۾ مختلف موضوعن خصوصاً آمريڪا جي سفر بابت تفصيلي گفتگو ڪئي، سچ پچ ته بنده سائينجن جي علمي صلاحيتن ۽ وسيع نظر کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان.
سائينءَ هڪ لفظ جي آمريڪا ۾ معنيٰ عجيب ٻڌائي مان ته عبرت ۾ پئجي ويس ۽ سائين ته يارن جو يار آهي، انگريزن جي ثقافت کي غور سان ڏسي آيا. انهن جي مذهبي ڏڻن، شادي غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن سان ميل جول جو ڏانءُ ته کانئس سکجي. اهڙو ذهن ڪنهن اڪابر جو هوندو آهي جيڪو سڀ ڪجهه غور سان ڏسي ان مان ڪجهه نتيجو اخذ ڪري ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ سوچي.
واقعي سائين جن جو انداز بيان ائين محسوس ٿئي پيو پاڻ پنهنجي اک جي ڪيمرا ۾ عڪس بند ڪري اظهار ڪري رهيا آهن. اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سائين جن ۾ جستجو ۽ اڳتي وڌڻ جي عزم ۾ تازگي آهي. گفتگو دوران ٻڌايائون ته آمريڪا وڃڻ به هڪ اتفاق هيو. مان ايئن چوندس ته سائينجن پنهنجي اعليٰ قابليت جي ڪري آمريڪا ويا ۽ کيس انگلش ٽاڪنگ تي ڪمال جو عبور اٿن، سمجهو ته ڪاميابيءَ جو سڄو راز Talking Power آهي. مون کي اميد آهي ته پاڻ پنهنجو آمريڪا سفرنامه ضرور تصنيف ڪندا ۽ غريب بنده کي پڙهڻ جو ۽ ڏسڻ جو موقعو ضرور ملندو انشاءَ الله ان ۾ سچائي جو عڪس هوندو.

کرڪڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏهين
اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي سدا پنڌ جو
(شاه)

آمريڪي سفر نامي جو منتظر
غريب بنده
ــ الاهي بخش مگسي
صالح پٽ، ضلع سکر، سنڌ
***
منهنجو دوست فهيم نوناري
علم ۽ ادب جو ڏيئو

سنڌ بلوچستان جي پڇڙي واري ضلعي جيڪب آباد ڳوٺ خدابخش نوناري جي هڪ پورهيت پرائمري استاد حافظ محمد ڪامل نوناري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار ماءُ جي جهولي ۾ مُرڪ مُرڪي سندن ڀانڀڙا پاتا ۽ امان ابا واري ٻاتي ٻولي ٻولڻ لڳو. ايئن هلڻ جهڙو ٿيو، ڌرتي ماءُ تي پير سڌا ڪري ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن پياري ماءُ سينگاري اسڪول ڏانهن موڪليو. سندس پيءُ آڱر پڪڙي اسڪول ۾ استاد جي حوالي ڪيو، ته هن شاگرد پختو علم پرايو ۽ اخلاق، ادب، ديني علم ۽ دنيوي علم سان مالا مال ٿيو ۽ هي سڄي دنيا اندر ملڪان ملڪ علم جو ڏيئو ٿي اڀريو ۽ ٻين ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪيائين، ۽ ادب جا ڪتاب سهيڙيائين، علم کي ڦهلائڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۾ جدوجهد جو جهنڊو بلند ڪيائين.
فهيم سچ پچ علم و ادب جو ڏيئو آهي. هاڻي سندس جو ذاتي ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي. آئون دل جي گهرائين سان کين مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سندس والدين ۽ استادن کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، رب تعاليٰ کيس اڃا وڌيڪ کيس علم جي روشني عطا فرمائي. آمين.

الداعي الخير
ــ محمد عثمان منگي
چيئرمين سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد

*** 
ڄاڻ جي کاڻ

سنڌ پرڳڻي جي اترين گرم ترين علائقي جي ڀونءِ مان (پراڻو نالو خانڳڙهه ۽ هاڻوڪو نالو جيڪب آباد ضلعي مان) سوين سوڍا، جوڌا، سياستڪار ۽ لکاري. آزادي جا متوالا ۽ استاد، محنتي مزدور ۽ ڪاريگر، اديب ۽ ڏاها، مصور ۽ شاعر مطلب ته پنهنجي کيتر ۾ نمايان ۽ غير معمولي ڪاڪردگي رکندڙ شخصيتن جنم ورتو. جن جو نالو ملڪان ملڪ مشهور رهيو ۽ کين اڄ به عزت ۽ ناماچاري سان ڳڻيو وڃي ٿو. جن جي ڪري هلندڙ دور توڙي ايندڙ نسلن لاءِ راهه هموار ٿي پر فخر به آهي، اهڙي ريت وقت حاضر مان هڪ ارڏو بي باڪ اڏول سياسي بصيرت رکندڙ ۽ سماجي شعور جا اولڙا کڻي پهريان پرائمري استاد ۽ پوءِ ادب جو سپاهي محنتي ڳوٺاڻو عبدالفهيم نوناري جو اڄ فهيم نوناري طور ڄاتو وڃي ٿو، تنهن شعوري طور علم، ادب ۽ سماجي خدمتن جي دنيا ۾ داخلا وٺي علم ۽ مشاهدي ۾ واڌاري لاءِ سخن ڪيو تنهن دوران پنهنجي اڪابر جي چوڻ تي قلم کنئي ۽ جستجو سان هو انگريزي ٻولي ۾ ماسٽر ڪرڻ بعد سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ملازمت اختيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي ۽ مهراڻ جي ماکي جي اثر سان علم ۽ دانش جو قلم کنيو. هو لکاري بڻجي پنهنجي ڏاهپ جا ڏس ڏيندو رهيو آهي،هن وڌيڪ تعليم ۽ تربيت لاءِ آمريڪا جي شهر فلاڊيلفيا ۽ شڪاگو جي يونيورسٽين ويو، پنهنجي ايندڙ آئيندي يعني نوجوانن کي ڄاڻ ۽ گس ڏيڻ لاءِ جو ڪجهه ڏٺو ۽ وهيو واپريو سو لکيائين، جنهن کي ادب جي کيتر ۾ ڊائري چئجي پر ڄاڻ جي کاڻ آهي. جنهن سان پڙهندڙ ڄاڻ وٺي ٿو ۽ اتساهه پيدا ٿئي ٿو. کيس آءٌ ٺل ۾ پرائمري استاد جي صورت ۾ ڏٺو پر گهڻو تڻو کيس پنهنجي ڪتاب گهر تي ادب ۽ سياست جي موضوعن تي بحث ڪندي ۽ ڪچهريون ڪندي جو هفتي ٻه يا ٽي دفعا کان به وڌيڪ رهيو. اهڙي ريت هو پنهنجي مطالعي ۽ ڏاهپ مان اسان کي ڄاڻ ڏيندو رهيو آهي ۽ آءٌ کائنس سکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آهيان ڇو جو ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب کان به واقفيت ۽ مطالعو اٿس ۽ سياسي شعور به رکندو آهي. سماجي طور گڏجي شهر جي اهنجن ۽ ايذائن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پڻ جدوجهد ڪئي. هو عام ماڻهن ۽ عام عوامي سوچ رکندڙ هيٺين وچولي طبقي مان يعني اسان مان آهي. سفيد پوش ۽ خوش لباس سان گڏ شائسته مخصوص انداز ۾ گفتگو ڪرڻ سندس عادت رهي آهي پر جڏهن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ملازمت اختيار ڪئي ته هو جڏهن به ٺل اچي ته ملاقات ضرور ٿيندي آهي پر آمريڪا کان واپسي تي به خصوصي طور ملاقات ٿي. فون تي به رابطو رهندو آهي. هينئر به سندس لکيل ڊائري پڙهڻ سان منهنجي علم ۾ اضافو ٿيو آهي فهيم فهم کان ڪم وٺندي پنهنجي تجربن کان پڻ آگاهه ڪيو آهي، خاص طور تڪليفن ۽ گهر کان ڏور رهندي به منزل ماڻڻ لاءِ جستجو جاري رکڻ ۽ ساهي منجهائڻ جو تجربو ۽ مشاهدو ڏنو اٿس ۽ منزل ماڻڻ تي خوشي جو احساس ۽ ان مان وطن ۽ سنڌ ۽ سنڌي نوجوانن لاءِ پيغام ڏنو اٿس ۽ اهو به ثابت ڪيو اٿس ته سنڌي به ڪنهن کان پوئتي نه آهن، توڙي ٻين ملڪن جي رهواسين جهڙيون سهوليتون نه به آهن پر تن سان مقابلو ڪن ٿا ۽ محنت ڪري سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪري ڄاڻن ٿا ۽ ڪامياب رهن ٿا.
هونئن به فهيم صاحب جو سياسي ۽ ادبي استاد محترم رسول بخش پليجو رهيو آهي، انڪري هن سندس هدايتن جو ذڪر کان علاوه باربار ساڻس وابستگي ۽ اليڪٽرانڪ خط و ڪتابت جو ذڪر ڪيو آهي، ان کان وڌيڪ اٻاڻڪائي ۽ اڪيلائپ کي دور ڪرڻ لاءِ پاڻ به وقت ڪڍي هر ٻي ٽي ڏينهن پنهنجي گهر وارن ان ۾ بيگم صاحبه، ڀائر ۽ عزيز ۽ دوستن سان فون تي ڳالهائڻ شامل رهيو آهي، جيڪو سنڌ جي رهواسي جو سنڌي هجڻ ناتي ۽ گڏيل ڪٽنب جو رواج ٿئي ٿو. پر سندس اها بهادري ليکبي جو تمام تر تڪليفن ۽ اوڻائين جي منزل ماڻڻ لاءِ اٽل رهيو ۽ يونيورسٽي مان حاصلات حاصل ڪري پوءِ موٽيو آهي.
فهيم جي ڊائري جون خاصيتون منهنجي نظر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن سميت موضوع جي مطابقت سان دنيا جي مها ڏاهن جا قول ڏنا آهن، آمريڪا جي حسن، دلڪشي، موسم کي پنهنجي شهرن جي تمثيل ڏيئي سهڻو ليک لکيو اهي، مذهبي مشاهدن سميت تهذيب ۽ تمدن تي ڄاڻ وٺڻ ۽ ڏيڻ جو ڏانءُ ڏنو اٿس هن پنهنجي ڊائري ۾ ڏور رهي به سنڌ پرستي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ سنڌ جي نمائندگي جو احساس سان گڏ سنڌ ڪيس ٻين قومن ۽ ٻين ملڪن جي رهواسين آڏو رکڻ ۽ سندس سنڌ پرستي جو مزاج ظاهر ڪري ٿو، نوجوان هي ڊائري پڙهي رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ هو به ايندڙ وقت جا اسڪالر يعنيٰ ڏاها ٿي سگهن ٿا. ۽ هي ڊائري تحقيق ۾ مدد ڏيئي سگهي ٿي. ڇو جو هو ڏاهپ جا گس ڏيکاري ٿو. منزل ماڻڻ لاءِ ڪهڙا نه پاپڙ ويلڙا پيا جو پنهنجو ڪم يعني بورچيخانو (ڪچن) سنڀالڻ سان گڏ واري جي صفائي، بيمارين تڪليفن ۽ پيڙائن هوندي به منزل ماڻڻ لاءِ وقت جو بهتر استعمال ڪرڻ جو ڏس ڏنو اٿس. رابطي جي جديد ذريعن جو استعمال ڪرڻ ۽ پاڻ کي مطمئن ڪري تعليم جي حصول لاءِ توجهه ۽ ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ دماغ کي تازو ۽ توانو رکڻ جا گس عملي طورڏنا اٿس. انٽرنيٽ ذريعي اخبار پڙهڻ يا ڪالم يا مضمون پڙهي باخبر رهڻ ان گڏ جواب ڏيڻ يا انهن مطلق لکڻ، هڪ قلم ڪار اديب ۽ دانشور جو ئي ظرف آهي، ٻڌازم ۽ ڪرسچن مذهب جي ڄاڻ ۽ تهذيب کي مشاهدي طور ڏسڻ ۽ پنهنجي مذهب کي برقرار رکڻ به سندس مضبوطي آهي، تفريحي ميلن جو ذڪر ڪري، ذهني تفريح جو اهڃاڻ ڏنو اٿس جهڙوڪ اسان وٽ صوفين جا ميلا ٿين ٿا پر ان کان به وڌيڪ ٿيڻ گهرجن، تعليم دوران يونيورسٽين ۾ تفريح سان گڏ دماغ کي توانو رکڻ ٻولين ۽ تمدن جي ميل جول سان علم جو اضافو راءِ جو اظهار، شخصيت جو اظهار وڌائڻ ۾ هفتيوار، ماهوار ميل جول هجڻ جا فائدا ڏيکاريا اٿس. استادن جي روين سان سڪا پن به ساوا ٿين جو طريقو جو اڳ سنڌ جي استادن جو هو سو اڄ نه هجڻ ڪري هن آمريڪي استادن جو مشاهدو پڙهندڙن کي ڏسي ڀاڱي ڀائيوار ڪيو آهي، نڪي قابليت جو رعب ۽ نه امتيازي انداز جي انا وارو خول، پر اڳتي وڌڻ، نالو ڪمائڻ، سان گڏ روشن خيالي لاءِ جدوجهد جو ڏس ڏنو اٿس.
ــ اي ڪي (آزاد) مغل
محقق ۽ صحافي
ٺل، ضلع جيڪب آباد، سنڌ

انسان دوست اديب ۽ عالم، فهيم نوناري

هر ماڻهو پنهنجي ئي ڪم ۽ ڪردار سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اهو ڪردار آهي جيڪو انسان کي تاحيات جياپو بخشي ٿو. انسان جو ڪردار تڏهن ئي ته معنيٰ خيز ٿئي ٿو،. جڏهن اهو ٻين لاءِ جيئي ۽ جاکوڙي ٿو. اهائي حقيقي زندگي هجي ٿي.
اهڙن جاکوڙي ڪردارن مان ٺل شهر سان لاڳاپيل اسان جو يار فهيم نوناري به آهي. جيڪو محمد امين خان کوسو، سڪندر خان کوسو۽ عبدالڪريم گدائي جو اولڙو آهي. جن انسان ذات جي خدمت کي ئي عبادت جو مظهر بڻايو. جن پنهنجي حياتي انساني خدمت ڪندي ٿي گذاري.
فهيم نوناري به هميشه کان انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پئي جاکوڙيو آهي. تعليم جي فروغ لاءِ هن جون اڻ ڳڻيون ڪاوشون آهن ۽ سندس شخصيت جا ٻيا به کوڙ سارا رخ آهن. هي هڪ ئي وقت استاد به آهي ته پيءُ به آهي. اديب به آهي ته آفيسر به آهي. قوم پرست به آهي ته انسان پرست به آهي. هي انتهائي حساس طبيعت جو مالڪ پرائي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهي سدائين سڏڪيو پوي.
اسانجو فهيم سان جڏهن به ملڻ ٿيو آهي ته اسان کي وٽان سدائين انسانيت جو ئي درس مليو آهي هيڏي وڏي عهدي تي هجڻ جي باوجود مون هن کي ڪڏهن به وڏي ماڻهوءَ جي روپ ۾ ناهي ڏٺو. دنيا ۾ اهڙا تمام گهٽ ئي ماڻهو ملندا جن ۾ هڪ ئي وقت اهي سڀ خاصيتون شامل هجن. جن وٽ انسان جي عزت ۽ دوستيءَ جو درس هجي.

ــ وفا ٻرڙو
سماجي ڪارڪن، اداڪار ۽ شاعر
ٺل / ڄامشورو
27 فيبروري، 2014ع

فهيم جي تحرير “سگهه” واري آهي

دنيا ۾ ڪيترن ئي ليکڪن سفرناما لکيا آهن. اسين سنڌ ۾ سفرناما پڙهڻ چاهينداسين ته ڪافي سارا سفرناما هن وقت ملندا. انهن سفرنامن ۾ فهيم نوناري به شامل آهي. فهيم نوناري جي لکڻ جو اسٽائيل هڪ الڳ ۽ منفرد ڊڪشن رکندڙ آهي. هن کي ٻوليءَ تي عبور حاصل آهي. جنهن نموني هو لکي ٿو، پڙهندڙ کي اتي موجود هئڻ جو احساس ڏياري ٿو. فهيم مختلف ملڪ گهمي چڪو آهي. جتي هن سنڌ جي ثقافت کي ڏٺو اتي هن بيلجم، انگلينڊ، آمريڪا، سئزرلينڊ، هاليند، دبئي ۽ سعودي عرب جي ثقافت کي چڱي طرح ڏٺو پرکيو آهي. ڪجهه سال اڳ سندس مضمون سوجهري ۾ ڇپيا هئا، اهي مون کي ڏاڍا وڻندا هيا. انکانسواءِ سرتيون، مهراڻ ۽ عبرت مئگزين ۾ هنجون ڪافي ڪهاڻيون ڇپيون آهن، جيڪي ڏاڍيون ڪارائتيون آهن. سندس لکڻ جو ڏانءُ خوبصورت آهي اهو پڙهندڙ کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿو. سندس سفرنامي ۾ ڪائناتي سچ (Universal Truth) نظر اچي ٿو. سندس سفرنامي ۾ خوبصورتي، سچ ۽ خوشبو آهي. سندس تحرير (Power will) سگهه واري ۽ پڙهندڙ کي پاڻ ڏي ڇڪيندڙ آهي.
ــ مير حاجن مير
شاعر
سيوهڻ شريف

فهيم نوناري قلمڪار ۽ سماج سڌارڪ

فهيم نوناري قلمڪار ۽ سماج سڌارڪ جي حيثيت ۾ سنڌ جي جاڳرتا آڻڻ واري سفري اتهاس ۾ ڪو نئون نالو ناهي. هن پنهنجو شعوري سفر، سماجي ڪمن جي سکيا ۽ ٻيو زندگيءَ جو ثمر پنهنجي نصابي ڪتاب ڇپرائڻ واري اداري جي نوڪريءَ دوران طئي ۽ حاصل ڪيو. هن آدرشي انسان لاءِ پنهنجي هر لمحي زوال ڏانهن ڊوڙندڙ سماج ۾ هڪ نظرياتي انسان طور پنهنجو وجود مڃرائڻ ۽ سفر جاري رکڻ تمام اوکو ڪم آهي.
“هاڙي وانگر بيٺا آهيو، واچوڙن جي واٽ جهليو.” (مريم مجيدي)
“آڏو ٽڪر ٽَر، متان روهه رتيون ٿيئن.” (ڀٽائي رح)
ان ڪري نوڪري جهڙي ٽوڪري کڻي هلڻ پل صراط پار ڪرڻ برابر آهي. هڪ نظرياتي ۽ اميد پرست انسان پنهنجي وجود ۾ اڏولتا رکندو آهي هو سڄي دنيا کي انهيءَ نظر سان ڏسندو ۽ پرکيندو آهي. پنهنجي وجود ۾ منظم انسان ئي نه رڳو منزل ماڻيندا آهن پر اوجهڙ ۾ اوليل قافلن کي روشن مينار واري گسن ڏانهن وٺي ويندا آهن.
لطيف چيو آهي
“هُئي گهڻي اٻوجهه پر سَورن سونهائي سسئي” (شاه)
سسئيءَ کي سورن سونهون (رهبر) بنائي ڇڏيو. ان ريت فهيم نوناري سنڌ سان گڏ سورن جو سفر ڪندي هڪ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ قلمڪار جي حيثيت ۾ هڪ سماج سڌارڪ انسان جي روپ ۾ رهنمائي ڪندي نظر اچي ٿو. هن جي آمريڪا ياترا واري اها ڊائري سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن ڊائريءَ جي ورق جيان آهي. آمريڪا جي سچي تاريخ، جنهن ۾ ڪروڙين ريڊ انڊين جو عام ڪوس، آفريڪي غلامن جي تجارت، ٻي مهاڀاري جنگ ۾ آمريڪا جاپان جي ٻن شهرن “هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بمن سان حملو ڪرڻ، اڌ صدي تائين سرد جنگ ۾ بي انتها خوني هٿيارن جو وڪرو ائين دنيا جي عظيم عوامي رهنمائن جو سي آئي اي هٿان قتل، عراق تي ڪيميائي هٿيارن جي بهاني حملو ڪرڻ وارن ڪڌن ۽ انتهائي موتمار قدمن تي ايترو ضرور چئي سگهون ٿا ته 11 سيپٽمبر واقعي تي رد عمل طور “ڪنهن ته خبر ورتي” فرانز فينس “The … of the Earth” ۾ لکيو آهي ته جڏهن ماڻهو وڙهڻ لاءِ آماده ٿيندا آهن تڏهن اڏامندڙ جهازن تي پٿر اڇلائيندا آهن ۽ هلندڙ ٽئنڪن کي هٿن سان اونڌو ڪندا آهن.”.
فهيم جي ڊائري ۾ اڪيلائي جي عذاب کان ڪرسمس جي جڳمڳ ڪندڙ يادن تائين جو ذڪر ڪرائيندو، هن ڊائري ۾ ٽٻڪن ۾، آمريڪا جي مشيني زندگي، آمريڪا جي رهڻي ڪهڻي، آمريڪا جو عالمي ڪردرا، فيڊل ڪاسترو ۽ ٻين جي آمريڪا تي ڇتي تنقيد ــ اتي جا عام معصوم ماڻهو، دوستيون، ۽ گهڻائي رنگ رتول آهن، ڪٿي ڪٿي محسوس ٿئي ٿو ته ڊائري جي هن ورق کي فهيم ڪجهه وڌيڪ ڊگهو ڪري ها، هن ڪٿي ڪٿي ڳالهه جو بنهه ايڏو اختصار ڪيو آهي جو پڙهڻ واري اڃ اجهائجي نٿي جهڙوڪ نيپالي دوست ڪمري ۾ آيو ۽ پوءِ گپ شپ ٿي.” اهي ضرور ڪي سماجي، سياسي ڳالهيون هونديون. جن جو ٿورو تفصيل اچي ها ته ڊائري ۾ اڃان به وڌيڪ چس پيدا ٿئي ها. ان هوندي به. هي ڊائري تمام اهم آهي ۽ سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ۾ هٿو هٿ ورتي ويندي.
ـــ عبدالحفيظ قريشي
جاگرافي شعبو ــ سنڌ يونيورسٽي

عالمي امن ۽ اجتماعي انصاف جو فطرتي ورثو:
فهيم نوناري

ڪائنات جي اسرارن ۾ ڌڙڪندڙ دل هر دؤر جو دلربا معجزو مڃيو وڃي ٿو. حياتيءَ جو هنرازلي ۽ ابدي سچ جي ڪُنجي واري حيثيت والاريندي، سُرت ۽ ساڃاهه جي روشنين ۾ ترندي، پنهنجي دؤر جي اتهاس کي دريافت ڪندي فهيم نوناري جي فن جي ماهيت سان ملي ادبي ـ دنيا جي دروازي جو ڪڙو کڙڪائي، عالمي، علامتن سان گڏجي انساني اُمنگن ۽ محبتن کي ڌرتيءَ، سرتيءَ ۽ تاريخ جي ٽمورتيءَ جو يادگار بڻائي ڇڏيو آهي. فهيم نوناري آمريڪا ۾ قيام دوران پنهنجي هر سڦل يادگيريءَ، وڻندڙ لمحن، امرڪيفيتن، فڪري محرڪن، شعوري وهڪرن ۽ جدلياتي جذبن کي ڊائريءَ جي صفحن تي لِکندي ــ ريٽيندي سنڌ ــ امڙ جي ساهتي ۽ ثقافتي سونهن جو ارڏو اظهار ڪيو آهي.
فهيم نوناري سنڌ جي لڳ ــ ڀڳ چئن ڏهاڪن جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ علمي ڌارا جو اکين ڏٺو شاهد ۽ تعميري ڪارج جو حصو پڻ رهيو آهي. سندس پتڪڙي وجود جا پنڌ سنڌي سماج جي سونهن ۽ سندرتا جي قيام لاءِ لڳاتار جدوجهد جو ڏڍ رهيا آهن. سندس انصاف پسند آواز جاگيرداراڻي راڪاس خلاف سگهارو ۽ وقتائتو سچ رهندو آيو آهي. جرگن ۽ وڏيريڪي ٽڪساٺن خلاف فهيم نوناري هميشه نڪورتا ۽ نواڻ ڀريو حصو ڳنڍيو آهي. سندس ڌڙڪندڙ دل سنڌ جي سجاڳيءَ واري هر مهم کي مڃتا ڏني آهي. سندس اکرن سان ناتو سنڌ جي مِٽيءَ سان محبت جو انوکو انداز رهيو آهي. ساڳي ريت، ڏيهه ڏوري جديد آمريڪي سماج کي جاڳندڙ اکين سان ڏسي ــ پسي کيس انساني امنگن ۽ قدرن سان ڀيٽي ڊائريءَ جي روپ ۾ لاڀائتو ــ دستاويز سنڌي ٻوليءَ کي انهيءَ پيار سان پيش ڪيو اٿس ته هر سنڌيءَ کي پنهنجون صلاحيتون ۽ خدمتون پنهنجي دؤر جي انسانن جي بهتريءَ لاءِ ڪتب آڻڻ جو نمايان ڪارنامو سرانجام ڏيڻ گهرجي. فهيم نوناري جي محنتي مزاج جو هي ادبي پورهيو سندس ذاتي تجربن جي اهڙي ڪهڪشان (Galaxy) جوڙي ٿو جتي جذبن جي جوت جرڪي ۽ چمڪي پوي ٿي. سندس لفظن ۽ لهجن ۾ ڪٿي به بوريت نظر نه ٿي اچي. سندس فڪري ڌارا اهڙي سرچشمي جيان نظر ٿي اچي جتي آزاد پکي مُسرت سان وهنجندي ــ تُڙڳندي ۽ اڏامندي ٿا نظر اچن. هن ڊائريءَ جي صفحن تي به سندس اباڻي شهر ٺُل جي ڳاڙهسري مِٽيءَ جو رنگ گهرو ٿو نظر اچي. فهيم نوناري کي سنڌ جيڪو مان سندس سماجي خدمتن طور ڏنو آهي ۽ ادبي مڃتا وارو اعزاز مٿس اجرڪ جي ڇُر جُيان مليو اٿس انهيءَ حق جو مان مٿانهون ڪندي ڊائريءَ جي صفحن تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو اٿس.
“سدا مبارڪ آهن اهي شخص جن وٽ نصيحت ڪرڻ لاءِ رڳو لفظ ناهن ــ پر انهن جا عمل آهن.” (رومي)
فهيم نوناري جو هي فن پارو عالمي امن جو اهڙو اظهار آهي جتي انسان ورهايل ۽ ڪاريل نظر نه ٿو اچي. ماڻهوءَ کي وڍي ــ ڪُٽي، اڌواڌ ۽ حصا پتيون بڻائڻ خلاف فهيم آمريڪي سماج ۾ ويهي عالمي توڙي علائقائي اٿل ــ پٿل تي گهري نظر رکي اٿس. آمريڪي سماج جي هر بهترين انساني امنگن واري عمل جي ساراهه به ڪئي اٿس ته سرمائيداراڻي ٻوجهه تي پنهنجن دوستن، استادن توڙي آمريڪي شهرين سان ويچار ونڊيندي به نظر ٿو اچي. سندس انفرادي ۽ اجتماعي احساس اوپرا ۽ اوجهل ناهن پر اُهي پنهنجائپ جي پيار سان اظهاريل آهن. آمريڪي سماج ۾ رهندي فهيم نوناري جي تجرباتي زندگي اهو سچ پرکي چڪي آهي ته انسان جي خواهشن ۽ امنگن جي خوبصورتي ڌرتيءَ مٿان بوجهه ناهي. فهيم نوناري آمريڪي عوام جي اکين ۾ جانچي ورتو آهي ته انساني اهنج، ڏک ۽ سک سڀ برابر ۽ عالمي آهن. جڳ ــ جهان جي اجتماعي شعور ۽ سائنسي ورثي سان پاڻ کي ڳنڍي اسين امن ــ انصاف ۽ آزادين جا سفير بڻجي سگهون ٿا.
هڪ نمايان جذبو جيڪو فهيم نوناري جي من ۾ ولوڙ ٿو وجهي، اهو ته آمريڪي عوام پنهنجي حصي جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري ڇڏيو. پر اسان وٽ اڄ به انساني امنگن ۾ ويساهه جي کوٽ بدحالي، بيوسي ۽ بدقسمتي جو اهڙو سج گرهڻ بڻيون بيٺي آهي جو پنهنجي حياتيءَ جا حق گهرندڙ فرد مايوسي ۽ موت جي ننڊ سمهاريا وڃن ٿا. ڪاش!! اسان وٽ گلابن جا گردن ڪٽڻ وارو انڌو رواج پنهنجي منطقي انجام کي پهچي ۽ سنڌ جو مرد توڙي عورت سماجي ترقيءَ جي سفر ۾ پنهنجي حصي جا حق ادا ڪري سگهي. اسان پنهنجن مدبرن جي اصولن کي ڏهاڙي جو حصو بڻائي عالمي اسيمبلي ۽ قومن جي قطار ۾ ڪنڌ فخر سان کڻي سگهون.
فهيم نوناري جي آفاقي انداز جديد سنڌي سماج، آمريڪي سماج سان ڊگهو مڪالمو ڪندي ٻُڌائي ٿو ته سنڌ جي تاريخي تسلسل ۽ ثقافتي سرماييءَ کي وساري اسين ويڳاڻپ جو شڪار ٿي رهيا آهيون. انساني سمجهه ۽ سوچ جي سڌريل سرشتن کي فهيم نوناري اهڙن خوبصورت تشبيهن، پُر اثر جملن ۾ بيان ڪري ٿو جو عطا شاد جي لفظن ۾ لکجي ته:
شاد کوئي بهي رت هو، روشني تو ديتا هي!
دو پهر ڪي سورج سي، رات کا ديا اچها!!
فهيم نوناري جو آرٽسڪٽڪ انداز يادگيرين جي ڪمال کي ڇُهندي جڳ جهان جي آدرشي انسانن جي تسلسل کي ورجائيندو، لکندو پنهنجي ڊائريءَ ۾ بهترين شاعريءَ جي وقتائي چونڊ ڪندو ويو آهي. سندس يادگيرين جوهي ادبي البم آمريڪي ۽ سنڌي سماج جي (Contemporary Study) جو جيئن جو تيئن روزانو وچور آهي. فلاڊلفيا جي سرد ترين راتين ۽ برفباريءَ کي بيان ڪندي لفظن جا پتنگ اڏاريل اٿس. جيڪي رت ڄمي ويندڙ حالتن ۾ ڳلن تي سرخ جذبن جا ساکي بڻجي ماحول ۽ موسم جا اهڙا اسڪئچ ٺاهيا اٿس جو پڙهندڙ تخليق ۽ تخيل جي سنگم تي پاڻ بيٺل ٿو محسوس ڪري. سچ ۽ سلامتي جي جذبن سان ٽمٽار سندس هي علمي پورهيو پنهنجي ماهيت ۾ ماڻهپي ۽ محبتن جو فطرتي ورثو ٿو لڳي. فهيم نوناري جي هن شاهڪار کي اجتماعي شعور جي مُرڪ مڃيندي کيس ساحر لڌيانوي جي لفظن ۾ ڀيٽا ڏجي ته:
ظلمت مين کوئي شمع بهڙک اڻهتي هي.
سنڌ جي ادبي روايتن جو گهرو شعور ۽ مشاهدو ارپيندي، فهيم نوناري هي ست ـ روپي سونهن ڪلا امرتا ۽ مڌرتا جي سڏ پڙاڏن سان موضوعاتي ۽ مشاهداتي سوچ جي ماڪ ڦُڙن سان وهنتل خوشبوءَ جيان انسانيت کي ارپنا ڪندي ڏاڍو سڦل ۽ سرهو پيو لڳي. اميد ته سندس علمي پورهيو سنڌ واسين کي روزاني جي آرسي جيان وڻندڙ ۽ سهڻو لڳندو.
ڪنهن سان به ڪائنات ۾ نفرت نه ٿا رکون!
محبت اسان جو مذهب، خدا گواهه!!
(عطا محمد حامي)

ـــ ثناءُ الله عتيق چنجڻي

ديس جو درد رکندڙ فهيم

سنڌ ڌرتيءَ ڪيئي عالم، اديب ۽ ڏاها پيدا ڪيا آهن. جن سنڌ جي ٻولي ۽ ادب جي خدمت پئي ڪئي آهي. انهن اديبن مان فهيم نوناري جو نالو نمايان نظر اچي ٿو.فهيم ڪهاڻيون، مضمون، تاثرات به لکيا آهن، ته تحقيق ۽ تنقيد تي به لکندا رهن ٿا. فهيم هينئر آمريڪا جي سفر متعلق ڊائري لکي آهي. جيڪا جلد ڇپجي پڌري ٿيندي.. سندن لکيل ڊائري مون پڙهي آهي. سندن ڊائري ۾ اتان جي ثقافت، ماحول، موسم، علم ۽ اتان جي رهڻي ڪهڻي کاڌ خوراڪ جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ڏنل آهي. فهيم جي لکڻي سادي سولي آهي، جنهن ۾ ادبي رس سان گڏوگڏ معلومات به ڏنل آهي. پاڻ اتان جي دوستن جون ڳالهيون تمام سهڻي انداز ۾ پيش ڪيون اٿن، پڙهندڙن کي هن ڊائري مان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هونءَ به پاڻ سنڌ جي هر ننڍي وڏي رسالي ۾ لکندا رهندا آهن. سندن لکڻي ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ضرور هوندي آهي. سندن قلم جي نوڪ هميشه سنڌ تي ٿيندڙ ڏاڍ، جبر جي خلاف استعمال ٿيندي رهي ٿي. ڪوبه سياسي، سماجي يا ادبي ميڙاڪو ٿيندو پاڻ ان ۾ ضرور شريڪ ٿيندا آهن. فهيم جي لکڻين ۾ سنڌ جي سونهن، ڌرتيءَ جو پيار وڻن ٽڻڻ جي محبت نمايان آهي. پاڻ ڪيترن سالن کان انڊس آڪسفورڊ ناليج سينٽر خيراتي طور پنهنجي هڙان وڙان هلائي رهيا آهن. پاڻ آمريڪا مان ايم فل (M. Phil) ڪري هنيئر همدرد يونيورسٽي ۾ پي.ايڇ. ڊي (Ph.D) جي ڊگري حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ اتي وزيٽنگ پروفيسر طور پڙهائي به رهيا آهن. ديس جو درد رکندڙ فهيم هر وقت سنڌ جي مسئلن چاهي اهي معاشي هجن يا سياسي، ادبي هجن يا سماجي پاڻ اڳڀرو نظر ايندو آهي.
دعا آهي ته سندن قلم اڃا به وڌيڪ سنڌ جي مسئلن ۽ حقن تي لکندو رهي ۽ بهترين ادب پڙهڻ لاءِ ملندو رهي. مونکي يقين آهي ته هي لکيل ڊائري تاريخ ۾ عظيم مقام ماڻيندي.
ــ محمد ايوب جوڻيجو
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو ــ سنڌ

اُتساهه ۽ همٿ

سائين فهيم صاحب سان منهنجي واقفيت ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿي، اهومون کي ياد نه آهي، پر مان هن سان جڏهن به مليو آهيان ته هي مون کي پنهنجي روح وانگر پيارو محسوس ٿيو آهي. صاف دل ۽ هر ڪنهن کي همٿ ڏياريندڙ، راهه ڏسيندڙ! فهيم صاحب جي هي ڊائري ان جو وڏو ثبوت آهي ته هو سنڌ جي نوجوان کي همٿ ڏياري ٿو ته محنت ڪري پڙهو ۽ ٻاهر نڪرو دنيا کي پنهنجي وجود پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريو ۽ سنڌي قوم ۽ انسان ذات جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪيو.
مون ڊائريون ۽ سفرنامه پڙهيا آهن. اهي اردو ۾ هجن يا سنڌيءَ ۾ هجن، اهي انتهائي مفيد معلومات جا ڀنڊرا هوندا آهن ۽ هي ڊائري پڻ انهن مان هڪ آهي. سائين USEF/Full Bright اسڪالرشپ حاصل ڪري آمريڪا پڙهڻ وڃي ٿو اتي هن ڪهڙيون تڪليفون، اڪيلائيءَ جا عذاب، سنڌ وطن کان ڏور ۽ ان دوريءَ ۾ پنهنجن عزيزن ۽ ۽ پيارن جا هميشه لاءِ وڇوڙا سچ ته جيءَ کي جهوري وجهن ٿا. ذهني طور ڪمزور ڪري ٿا ڇڏين. اتي ڏيساور ۾ ڏَڍُ ۽ آٿت ڏيڻ وارو ڪير به ڪونه آهي. پر اتي سنڌ وطن جي ياد ڪُجهه ڪرڻ لاءِ همٿ ڏياري ٿي ۽ رهبر شاه لطيف اتي هر وقت رهبر بنجي راهه ڏسي ٿو.. اهو ئي ڪارڻ هو جو فهيم صاحب ڏاڍي کان اڳرو بڻجي ڪري پنهنجي سنڌ وطن لاءِ پڙهيو ڪڙهيو ۽ پنهنجي سڄڻن جي صلاحن تي لکڻ به شروع ڪيائين. هيءَ ڊائري ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ اسان کي نئين معلومات، رهڻي ڪهڻي طور طريقا، وقت جو احساس، ماڻهوءَ جو قدر، پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ جي سچائي، پنهنجا احساس ۽ محسوسات علم ادب جون ڳالهيون ۽ اڳتي وڌڻ جي جدوجهد لاءِ سبق، اُتساهه ۽ همٿ ملي ٿي. اهڙيون ڊائريون لکي ڪري ڇپائڻ سچ ته علم ۽ ادب ۾ اضافو آهن. انهيءَ ڪري اهڙا ڪتاب ڇپجڻ گهرجن ۽ اسان پنهنجي نوجوانن کي پڙهايون ته جيئن انهن کي پڻ پڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ ۽ قومي خدمت ڪرڻ جو جذبو جاڳي.

ــ محمد يوسف جويو
لئبريرين ــ بيورو آف ڪريڪيولم ڄامشورو ــ سنڌ
ضلع رابطه سيڪريٽري ــ س.ا.س. ڄامشورو
فهيم نوناري: سائنٽيفڪ سنڌي سماج جو ماڊل

فهيم نوناري سان منهنجي غائبانه واقفيت اسي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ٿي جڏهن پارس رسالي ۾ ڪم ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ پنهنجي ايڊيٽر مانواري پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد پنهور کان سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري ۾ ڇپيل ڄامشورو ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ايڊريس ڏنل هڪ لکيڪ بابت پڇيم، جيڪو منهنجي لاءِ هڪ اوپرو نانء هو. پنهور صاحب ٻڌايو ته هي نوجوان هڪ باصلاحيت (Skillful)، جاکوڙي ۽ ايماندار شخص آهي جيڪو هڪ سٺي شخصيت جو مالڪ ۽ دوستن جو دوست آهي. مونکي اها تعريف ايتريقدر دل تي ويٺي جو دل چاهيو ته ان نوجوان سان روبرو ملاقات ڪجي. ستت ئي ڪنهن ادبي نشت ۾ ساڻس پهرين واقفيت واري مختصر رسمي ملاقات ٿي جنهن پنهور صاحب جي رمارڪس کي پرکڻ جو وجهه ئي نه مليو. ايئن ڪافي ورهيه گذري ويا.
ڏهاڪن جي فاصلي کان پوءِ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي تياري لاءِ جڏهنCRDC ۾ وڃڻ شروع ڪيم ته سائين عباد راشدي صاحب وٽ فهيم صاحب جي لاڳيتي اچ وڃ ۽ کين ڊگهيون ڪچهريون ڪندو ڏسي دل ۾ خواهش اڀرڻ لڳي ته شل ساڻس منهنجي به دوستي ٿئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڻ مون کي ڊاڪٽر صاحب سڏيندي منهنجي ڪم بابت پڇڻ شروع ڪيائين. ڪجهه عجيب لڳندوهئو جڏهن تحقيق جي طريقن بابت ڳالهائڻ لڳندو هو. سنڌي سماج ۾ تحقيقي طريقن تي ايئن سنجيده بحث مباحثو ڪجهه غير رواجي ئي آهي. اڳم ته ماڻهو به ڪجهه غير رواجي ئي آهي. ۽ پوءِ هميشه صرف ڪم بابت مختصر ۽ جامع گفتگو ٿيڻ لڳي. ڪنهن به روايتي سنڌي ڪچهري واري. اسٽائيل کان الڳ ٿلڳ هي شخص تحقيق ۾ عملي سهڪارڏيڻ لاءِ پڻ هر وقت آماده لڳو. ڏاڍو مزيدار ۽ منفرد تجربو هو. اڳتي هلي سندس ٻين دلچسپين، انگريزي، سنڌي ادب، سماجيات ۽ سياحت جي شعبن سان تعلق مون کي سڌي طرح ڏانهس ڇڪي ورتو. مان سندس آفيس ۾ سندس سادگي ۽ ڪم جي ڍنگ ۽ سندس گهر ۾ لکڻ پڙهڻ جي شاندار ٽيبل ۽ مختلف موضوعن تي رکيل ڍڳ ڪتابن سان سجايل لائبريري ڏسي زندگيءَ ڏانهن سندس روين مان ڪجهه وڌيڪ پرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. مون کي چٽي طرح نظر آيو ته سندس مضبوط شخصيت ۽ ڪم سان ڪمٽمينٽ کيس هڪ اهڙو ٺوس انسان بنائي ڇڏيو آهي جنهن جي ايجنڊا ۾ پنهنجي سماج جي جديد بنيادن تي تعمير جو خواب سرفهرست آهي. مان سندس اکين ۾ هڪ جديد سائنٽيفڪ بنيادن تي ترقي ڪيل سنڌ جا سپنا ڏسي چڪو آهيان.
ــ پروفيسر ڊاڪٽر سريش ماکيجاڻي
ماسڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
17 جولائي، 2014ع
***
سنڌ جي اهم شخصيت

هن دنيا ۾ هر ڪو زندگي گذاري پيو پر زندگي ۾ ڪجهه ڪرڻ جو موقعو گهٽ ماڻهن کي ملي ٿو جنهن ۾ منهنجي استاد جنهن مون کي سيکاريو ته بلند حوصلو ۽ مضبوط ارادا توهان کي بلندي تائين پهچائيندا جتي پهچي ڪري پنهنجن جي تڪليفن، ماروئڙن جي خدمت، انسان ذات جي مدد لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪريو، هو نه صرف سٺو استاد، پر سٺو دوست، انسان دوست، سنڌ دوست، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو عاشق محبتي ماڻهو سڀني جي خوشي، غم ۾ شريڪ ٿيڻ وارو، تعليم دوست، ماهر تعليم، اديب، دانشور، فلاسافر، عالم، مطلب ته هر شعبي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ڊاڪٽر عبدالرحيم نوناري مون کين ٻڌايو ته هُو پهرين ڪامريڊ، پوءِ اديب ۽ پوءِ سماجي ورڪر آهي. جي ها توهان جو ۽ اسان جو محترم، انگريزي ڪتابن جو ايڊيٽر سائين فهيم نوناري صاحب، جنهن پنهنجي زندگي ۾ تقريباً اڌ دنيا جو سير ڪيو، جنهن ۾ ايشيا، يورپ آمريڪا جا دورا ڪيا جنهن ۾ هميشه سنڌ ۽ سنڌ ڌرتي جي نمائندگي ڪئي، اهڙا سپوت دنيا ۾ گهٽ مائرون جنم ڏينديون آهن. جنهن ۾ اسان جو ناليوارو تعليم دان سائين فهيم نوناري صاحب به شامل آهي.
ڇو جو سائين نه صرف مون کي پڙهايو پر هر موڙ تي منهنجي رهنمائي به ڪئي اولاد وانگر هميشه سنڌ دوست هئڻ جو درس ڏيندو رهيو ۽ اڃا تائين پنهنجي علم۽ عقل جي زور تي ڏيئا روشن ڪندو رهي ٿو، گهڻن اُجهايل گهرن کي آباد ڪيو ڇاڪاڻ ته سائين جي نس نس ۾ خدمت جو جذبو سمايل آهي ڏينهن رات ٻين جي خدمت ۾ لڳو پيو آهي پر سائين هميشه پورهيت ۽ علم جي ڳالهه ڪئي، جنهن جي بدولت اسين خوشحالي جي زيور کان مالا مال ٿي سگهون ٿا، ۽ باشعور قومن وانگر ترقي ڪري سگهون ٿا ۽ باشعور ماڻهو پيدا ڪري سگهون ٿا، ۽ تعليم جي ذريعي پنهنجا وڃايل حق حآصل ڪري سگهون ٿا. سنڌي ٻولي کي سنڌي ٻولي جو درجو ڏياري سگهون ٿا ۽ انگريزي ٻولي کي ضرورت بڻايو، جنهن جي ڪري سائين “OAK” Oxford Academiy For knowledge جهڙا ادارا کوليا، جنهن ۾ مفت تعليم سان گڏوگڏ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي تياري به ڪرائي ويندي آهي، جنهن ۾ڪافي نوجوان شاگرد ٻاهرين ملڪ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ علي بخش بليدي ترڪي ۾ ۽ اسد نوناري چائنا ۾ سر فهرست آهن جيڪو هن وقت MBBS جي ڊگري حاصل ڪري واپس اچي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا ۽ “OAK” ۾ چيني ٻولي به سيکاريندو. ۽ سائين فهيم نوناري صاحب اسان کي اهو به ياد ڏياريندو رهيو آهي ته اسان جي ٻولي سنڌي ٻولي آهي، جيڪا، ادبي، تاريخي، تهذيبي، اسان جي سڃاڻپ آهي، جيڪو سڀ ڪجهه اسان سائين وٽان سکيو آهي.
۽ شاهه ڀٽائي جو هي بيت،
ويهه ويڄن وٽ، سکين ته سگهو ٿين
اڳين عادت مٽ.....
سائين ۾ حب الوطني جو جذبو ڏسي آءٌ شاهه صاحب جو هي بيت ضرور چوندس ته جيڪا سُر مارئي مان ورتل آهي،
واجهائي وطن کي آئون جي هت مُياس
کوءِ مُنهنجي سُومرا، ڪِج پهنوارن پاس
ڏِج ڏاڏاڻين ڏيهه جي منجهان وَلَڙن واس
مُيائي جياس جي وڃي مَڙههَ ملير ڏي.
اڄ اهو ڪتاب جيڪو اسان جي هٿ ۾ آهي جنهن ۾ سائين جو عڪس آهي جيڪو هن معاشري جي عڪاسي ڪري ٿو. وڏي محنت ۽ اعليٰ ڪوششن سان منظر عام تي آيو آهي، اهو اسان جي لاءِ راهه مشعل آهي، جنهن ۾ دنيا جي سڄي ڄاڻ سمايل آهي، اهو ڪتاب اُن کاڻ مان تيار ٿيو آهي جيڪو علم جو بحر آهي، اهڙن ماڻهن جي دل وجان سان عزت ڪرڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي جو سفر ٻين جي لاءِ وقف ڪن ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ پوري زندگي ارپي ڇڏين ۽ اسان جي لاءِ به وڏو سبق آهي ته اڄ جو ننڍو ماڻهو سڀاڻي جو وڏو ماڻهو آهي پر ان جي لاءِ شاهه ڀٽائي چيو ته،
سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
سُلطاني سُهاڳ نِنڊون ڪندي نه ملي.
۽ آخر ۾ سائين جي لاءِ شاهه ڀٽائي رح جي لفظن جي ڀيٽا ڏيندس.
وَڍي جن وَڌياس، وري سيئي ويڄ ٿيا،
ترت ٻڌائون پَٽيون، روز ڪيائون راس،
هينئڙا تنين پاس، گهار ته گهايل نه ٿين.

سائين جو شاگرد
ــ عبدالخالق مگسي
ڄامشورو (صدر)
***
محب وطن دانشور

جيئن ته مان، عرض محمد ۽ منهنجو پٽ حسن ناصر 10 فيبروري 2002ع تي ڄامشوري جي هوائن مان آسيون وٺندي، پٿريلي زمين تي گهمندي گهمندي پنهنجي جگري يار مخلص دوست، محب وطن دانشور فهيم نوناري جي آفيس سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو آفيس تي پهتاسون. پاڻ ان وقت پنهنجي آفيس ۾ موجود ڪونه هو. پٽيوالي ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ ميٽنگ ڪري رهيا آهن. جڏهن پٽيوالي اسان جي اچڻ جو ٻڌاين ته پاڻ ميٽنگ اڌ ۾ ڇڏي آيا. اهڙي سڪ ۽ پاٻوهه مان مليو جو آءٌ سڄي زندگي فهيم سان گهاريل گهڙين کي وساري نه سگهندس. پاڻ تازو آمريڪا جي دوري تان واپس آيل هئا. پاڻ جڏهن آمريڪا جي دوري جو حال احوال ٻڌائڻ شروع ڪيائون ته محسوس ائين ٿي پيو ته ڄڻ اسين سندس سڄي سفر ۾ گڏ هئاسون. سندس گفتگو ۾ دانشوراڻو لهجو، ميٺاج ۽ نيڪ نيتي شامل هئي. واقعي فهيم جهڙا ماڻهو قومن لاءِ باعث فخر ۽ قابل عزت آهن.
مون چيومانس ته ڪامريڊ توهين ڀلي پنهنجي ميٽنگ ۾ وڃي ويهو چيائين ته دوست ميٽنگ ته روزانو ٿينديون آهن. مگر ڳوٺ کان دوست قسمت سان ايندا آهن. منهنجي آفيس جا دروازا دوستن لاءِ هميشه کليل رهندا. حال احوال کان پوءِ فهيم هڪ فائيل ڪڍيو، جنهن ۾ مرحوم محمد شريف قريشي صاحب جا خط موجود هئا. ڪجهه خط پڙهي به ٻڌايائين. چيائين ته هي خط ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائڻ ٿو چاهيان. مون چيومانس ته خير جي ڪم ۾ دير نه ڪرڻ کپي. مون کي فهيم چيو ته توهان پنهنجا تاثرات محمد شريف جي باري ۾ لکي ڏيو ۽ پوءِ جڏهن مان قلم کڻي محمد شريف صاحب تي لکڻ ويٺس ته هو هڪ وطن دوست ۽ انسان دوست ماڻهو هو.
فهيم ٻڌايو ته آمريڪا سميت جيڪي ملڪ گهمي آيو آهيان. انهن بابت لکيل ڊائري ڇپرائي رهيو آهيان. اُن بابت به پنهنجا رايا لکي موڪليو. اميد رکان ٿو ته جيڪا ڊائري نوجوانن لاءِ گائيڊ ثابت ٿيندي.
ــ ڪامريڊ واحد بخش بنگلاڻي
ٺل سنڌ

فهميم منهنجو ڀاءُ

فهيم منهنجو ڀاءُ آهي. اسين ٻالڪپڻ کان هن وقت تائين اهڙا ڀائر، دوست ۽ ساٿي رهيا آهيون جيڪي ٻڌڻ ۾ ٻه اصل ۾ هڪ آهيون. اسان جو علمي، سماجي ۽ سياسي سفر هڪڙي ٻيڙي ۾ رهيو آهي. فهيم سان گذاريل سوين هزارين پل پل جا قصا لکجن ته سوين ڪتاب لکجي ويندا. هي اسان جو ڏاهو دوست آهي جيڪو سنڌ، سنڌي ادب ۽ انسانذات جي ڀلي ۽ روشن آئندي لاءِ سدا جدوجهد ۾ رڌل آهي. دعا آهي ته چنڊ ۽ ستارن جيڏي حياتي ماڻي. هن جي لکيل ڊائري اسان سڀني کي پڙهڻ گهرجي.

ــ ڊاڪٽر عبدالستار پٽ علي مراد نوناري
گڊو، ڪشمور، سنڌ

نوٽ: هيرن ۽ موتين جهڙو ڊاڪٽر عبدالستار پٽ علي مراد خان نوناري اڄ هن دنيا ۾ نه آهي. ستار منهنجو اهڙو يار جاني هو، جيڪو منهنجي دل، دماغ ۽ روح ۾ اهڙو رچيل آهي، جيئن ساهه جو سڳو منهنجي جند سان جڙيل آهي. هو روسي ناول “پهاڙون ڪي بيٽي” ۾ ڄاڻايل سجيلي، سهڻي ۽ خوبصورت انقلابي نوجوان جهڙو جُنگ جوان هو. جنهن جي ڏسڻ سان حُسن جا چنگ ڇڙي پوندا آهن ۽ بهادر اهڙو هو ڄڻڪ ويٽنام جي بهادر جرنيل جرنل جياپ جنهن ڊين ڦين ڦو واري ويڙهه ۾ فرينچ سامراج جي فوجن کي عبرتناڪ شڪست ڏني هئي، ستار نوناري به ڊين ڦين ڦو جي جنگ وڙهندڙ فوجي سورمن جهڙو مونکي محسوس ٿيندو هو. هو زندگي جي ڪارِ زار ۾ ڪڏهن به نه ٿڪو، اڻٿڪ ۽ اڻ ورچ، علمي، سماجي ۽ قومي ڪارڪن هو. هڙان وڙان هر گهڙي هرهڪ جي مدد لاءِ تيار هوندو هو. (ستار لاءِ ڌار ڪتاب لکبو)
***
اَڄُ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي.
(شاهه)
قابل احترام
محبوب شخصيت سائين فهيم صاحب سڪ ۽ خلوص ڀريو سلام قبول ڪندا.
هميشه گلاب جي گل وانگر مسڪرائيندا رهو. مون کي اميد اٿم پروردگار جي بارگاه الهيٰ ۾ ته سائين اوهان بيحد خوش و خرم هوندا ۽ هيڏانهن به پروردگار جي ڪرم نوازي سان خير جو وقت گذري پيو. (آمين)
المقصد: جيئن ته سائين اوهان هتان موڪلائي خير سان برطانيه جهڙي خوبصورت ملڪ روانا ٿي ويا ته ان مهل منهنجو ڪنڌ فخر منجهان اوچو ٿي رهيو هو ۽ دل کي ايتري ته سرهائي محسوس ٿي رهي هئي جنهن جي انتها ايتري ته هئي. ادا سائين سنڌ، ملڪ وطن، ديس ۾ ڪي ڪي موتيءَ داڻا پيدا ٿيندا آهن توهان به هيري کان به وڌيڪ اڻ ملهيا هيرا آهيو. اوهين اُهي بهادر ۽ جرئت مند غريب ماڻهو آهيو جنهن هيڏو وڏو مان ۽ مرتبو حاصل ڪيو آهي اوهين اسانجي خاندان لاءِ اهي هيرا آهيو جيڪي سڄي سنڌي قوم لاءِ آهن. اوهانجي محنت ۽ جدوجهد رنگ لاتو ۽ اڄ اوهين هيڏي اوچي منزل مقصود تي آهيو. سائين اسان جي ته اوهان کي اها دعا آهي ته شل ڌڻي تعاليٰ اهڙيون ڪاميابيون اوهان کي هر روز نصيب ڪري. انهيءَ لاءِ جو جگر سائين اوهانجي ڪاميابي ۽ ترقي اسان جي ئي ته عزت آهي اوهانجي ڪري اسانجي خاندان جو مان ۽ مرتبو اوچو ٿيو آهي. ادا سائين اوهان ڪوبه فڪر ۽ اونهو نه ڪندا هيڏانهن سڀ خيريت آهي. سرڪار اوهانجو خط مليو پڙهي بيحد خوش ٿيس سائين مون کي اميد آهي ته اوهان اهڙي يادگيريءَ کان ڪڏهن به نه وساريندا. منهنجا سائين خط دير لکڻ لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهيان اميد ته اوهان سائين جن هن ناچيز کي معافي ڏيئي ڇڏي هوندي. ڀاءُ سان ليکا نه ڪندا انهيءَ لاءِ جو اسين مولائي مڙس آهيون مولائين سان توهان کي پاڻ خبر آهي ته ليکا ناهن ڪبا.
ادا سائين اوهان ڪي قربائيتون ڳالهيون ٻڌايو هيڏ انهن ته پاڻ وٽ گرمي شديد آهي ۽ رات جو موسم تمام بهترين آهي رات جي موسم ڄامشورو ۽ ڪوئٽيا وانگر لڳي رهي آهي رات کان پوءِ شل ڏينهن نه ٿئي سج اڀرندو ويندو گرمي تيز ٿيندي ويندي وري به شڪر آهي ته سنڌ جهڙي سڳند ۽ لال گلابي ڌرتيءَ تي رهي رهيا آهيون.
سرڪار اوهانجو ننڍڙو فرزند ڏاڏا محمد بچل سان ڏاڍي پڙهائيءَ ۾ محنت ڪري رهيا آهيون ۽ ڏاڏا به ڏاڍو ذهين ۽ چالاڪ آهي اسان پنهنجي طرفان ته ٻارڙن سان بهترين محنت ڪري رهيا آهيون. ادا سائين اوهان جي گهر ڏانهن به خير خيريت لڳي پئي آهي ۽ اسان وٽ به خير خيرت امن ۽ شانتي لڳي پئي آهي. ادا سائين اوهان ٻڌايو ته ايڏانهن برطانيه ۾ تعليم جو نظام ڪيئن آهي ۽ اُتي طريقي ڪار ڪيئن آهي ۽ اتان جو نظام ڪيئن آهي ۽ اتان جو تفريح نظام ۽ شهرن جا روڊ رستا ڪشاده آهن يا ايئن انهن بابت معلومات ڏيندا سڀ کان وڌيڪ اتان جي ماڻهن بابت معلومات ڏيندا اهي محنتي ۽ جفاڪش آهن يا ٽوٽي آهن.
ادا سائين ڪيترا مسلمان رهن ٿا ۽ سڀ کان وڌيڪ ان ملڪ ۾ ڪهڙي مذهب وارا ماڻهو رهن ٿا. اتان جي نوڪري جو سسٽم ميرٽ تي آهي يا سفارش وغيره. ادا سائين اوهان کي پاڻ خبر آهي ته سنڌ جهڙي سٻاجهي ۽ سڄي پاڪ ڌرتيءَ سان گهر ڌڻين سان ڪيڏي نه ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ سنڌ کي آهستي آهستي بنجر بڻائين پيا.
ادا سائين اوهان ٻڌايو ته اوهانجي ٽريننگ اڃا ڪيترو وقت هلندي ۽ اوهان کي اڃا ڪيترو عرصو رهائيندا. اسان جي ته اوهان کي دعا آهي ته الله تعاليٰ توکي هر قدم قدم تي ڪاميابيون عطا فرمائي.
اسان جي طرفان سڄي سنگت جا سلام قبول ڪندا. عزيزن، دوستن جا به سلام قبول ڪندا.
بابا سائين ۽ امڙ جا به سلام قبول ڪندا.
چڱو ساٿ سلامت
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
(شاهه)
فقط اوهانجي محبتن جي چاهتن جو طلبگار اوهانجو
محمد اشرف نوناري ــ ٺل سنڌ
(نوٽ: هي خط 1995ع ۾ مونڏانهن لنڊن واري ائڊريس تي لکيوويو)

سفر جو خواب بنا!

انھوں نے سامنے لگے بورڈ پر کچھ پڑھا۔ نظریں اِدھرا ُدھر گھما کر دیکھا اور پھر اچانک مجھ سے مخاطب ہوکر بولے - بھلایہ" سلاطین" کے کیا معنی ہیں؟ میں نے چونک کر ان کی جانب دیکھا تو وہ کچھ حیران سے ہوئے مجھے معلوم تھاکہ و وہ سلاطین تو کیا عہدِسلاطین تک سے واقف ہیں۔ لیکن شاید میرا امتحان مقصود تھا۔ "سلاطین" سلطان کی جمع ہے۔ میرے اس جواب پر وہ مسکرا کر رہ گئے۔ یہ اس بات کی علامت تھا کہ وہ پہلے ہی یہ بات جانتے تھے۔
فہیم نوناری، ایک ایسا نام جو بیک وقت مختلف محاذوں پر کام کرتے ہیں۔ بولتے ہیں تو بولنے میں ان کا کوئی ثانی نہیں اس لیے کہ یہ اپنے آگے کسی کو بولنے کا موقع نہیں دیں گے اس لیے آپ کو ان کی سُننا پڑے گی۔ بولتے To the point ہیں اور ایسا کہ سامنے والا دلائل نہ دے سکے۔ افسر بنتے ہیں تو اپنے کام میں مگن ہوجاتے ہیں اور اپنے اسٹاف سے ایسے کام لیتے ہیں کہ وہ تھکنے کے باوجود ان کے احکامات کی تکمیل ضرور کرتے ہیں۔ جب یہ دوست بن جائیں تو ایسا لگتا ہے کہ کبھی روٹھے ہی نہ تھے اور ناراض ہوجائیں تو دنیا اِدھر سے اُدھر ہوجائے وہ اپنے اصولوں کو پس پُشت نہیں ڈالتے۔ سنجیدہ اتنے کہ کڑوی گولیاں بغیر پانی کے کھاتے ہیں اور بزلہ سنج اتنے کہ آپ ان کی باتیں لپیٹ لپیٹ کر کئی چرخیاں بھر سکتے ہیں۔ لکھنے کا موقع مل جائے تو قلم بھی بڑی روانی سے چلاتے ہیں۔
زیرِ نظر ان کے سفرنامے پر مشتمل ایک ڈائری ہے جسے انھوں نے "خوابوں کی ڈائری" سے تعبیر کیا ہے لیکن یہ خواب سچے ہیں۔ قدرت نے فہیم صاحب کو دولت ، عزت اور شہرت کے ساتھ یہ مرتبہ بھی دیا کہ وہ ملکوں ملکوں کی سیر کر آئے ہیں۔ انہوں نے ملکوں کی صرف سیر نہیں کی بلکہ اسے اپنی نگاہوں میں بسایا بھی۔ جو کچھ انھوں نے دیکھا، جو محسوس کیا اور جو تجربات حاصل کیے، انھیں اپنی ڈائری میں لکھتے چلے گئے۔ لکھا بھی ایسا کہ پڑھنے والے کو لطف آئے اور وہ ان کے سفرمیں ان کے ساتھ ساتھ ہوجائے۔
امریکا کے اس سفر کی داستان میں انھوں نے یہ واضح کیا ہے کہ ایک وقت تھا جب ہم پگ ڈنڈی پر چلتے چلتے یہ خواب دیکھا کرتے تھے کہ ایک روز وہ بھی اعلیٰ تعلیم کے لیے امریکا جائیں گے۔ قدرت نے ان کا یہ خواب پورا کیا۔ خواب صرف سوچنے یا خواہش کرنے سے پورے نہیں ہوتے بل کہ اس کے لیے جہدِ مسلسل کی ضرورت ہوتی ہے۔ فہیم نوناری چوں کہ اپنے عزم کو پورا کرنے کے لیے کوشاں تھے اس لیے انھوں نےجو سوچا اس کو پورا کرنے کیلئے دن رات ان تھک محنت کی اور اپنی منزل تک جا پہنچے۔
امریکا کے دورے میں دورانِ تعلیم انہیں کیا کیا معاملات پیش آئے۔ رہے سہنے، اٹھنے بیٹھنے تعلیم کے حصول میں کیا دشواریاں پیش آئیں، اس ڈائری میں انہوں نے اجمالاً نہیں تفصیلاً درج کر دیے ہیں۔ سفر کے دوران ان کے ساتھ کٹھن مسائل بھی پیش آئے اور خوش گوار واقعات نے ان کے سنجیدہ مزاج کو بہلا بھی دیا۔ اپنے تمام حوادث وافکار کو انھوں نے کھل کر بیان کیا ہے۔ ان کے خوابوں کی ڈائری پڑھ کر آپ بھی یقیناً چاہیں گے کہ ایسا کوئی سفر آپ بھی کریں اور پھر کچھ لکھیں بھی۔
ہماری دعا ہے کہ فہیم صاحب اور بھی سفر کریں اور اپنے سفر نامے ہمیں کسی نہ کسی صورت پہنچا کر محظوظ کرتے رہیں۔
خیراندیش
- پروفيسرمحمد فاروق دانش
یکم ستمبر 2014ء
بہ قلم خود
***
فکر انگیز خوابوں کا روزنامچہ
تبصرہ
عزیز محترم جناب فہیم نوناری کے ضخیم روزنامچے بنام "خوابوں کی ڈائری" کے جزوی مطالعے کا موقع ملا لیکن یہ مطالعہ راقم ماہِ رمضان کی شبانہ روز مصروفیات کے ساتھ بجلی کی چشمک زنی اور اس پر مصنف محترم کی جانب سے عطا کردہ مہلت کی کمی کی بنا پر تشنہء تکمیل رہا۔ بہرحال مشتہ ازخروارحمتنا کچھ حصہ اس مختصر وقت میں نظر نواز ہوا وہ دلچسپ طرز تحریر معلومات افزا مواد کے پرعزم حصول علم عمیق قوت مشاہدہ اعلیٰ ادبی ذوق اور قابلِ رشک جذبہء حُب وطن کا بہترین عکاس تھا۔
فہیم نوناری کی ذہانت واستعداد کی بین تو موصوف کا فل برائٹ جیسے معتبر عالمی ادارے کے لیے منتخب کیا جانا تھا جس سے انہوں نے کما حقہ استفادم کیا پھر مختلف ممالک کے ہم سبق افراد سے راہ ورسم اور متعدد ممالک کے دوروں کے دوراں ان ملکوں کی تہذیب وثقافت اور علمی پیش رفت اور اس کے حوالے سے اپنے وطن علمی اور تہذیبی انحطاط پر دی ملال و اضطراب کی کیفیات مصنف کی بیدار مغزی اور رگ وپے میں رچی بسی حب وطن کا منہ بولتا ثبوت ہے۔
اردو میں لاتعداد معیاری اور غیر معیاری سفرنامے اورروز نامچے جو اس کی کشادہ راضی کے غماز ہیں لیکن خوابن جی ڈائری کی انفرادیت یہ ہے کہ اسے پورے اہتمام یعنی روزنامچے کی شکل میں مرتب کیا ہے۔ اور سفرنامے کے معروف لوازم کے ساتھ ساتھ رونامچے کا تڑکا بھی اکلی وثرب اور روزانہ کی بنیاد پر ملکی اور غیر ملکی احباب کے روابط کا بیان بھی زیب قرطاس ہے جس سے مصنف کے سماجی اور تہذیبی رویوں سے تعارف حاصل ہوتا ہے۔
علاوہ از یں روزنامچے کے ہرروز کے اندراجات سے قبل سندھی اور اردو کے معروف شعرا ء کے حسب حال ابیات واشعار مصنف کے اعلیٰ ادبی ذوق کی دلیل ہیں۔
ہمارے ملک کو قدرت نے بالائے زمین اور زیر زمین قابلِ رشک نعمتوں کے ساتھ ساتھ ذہین نوجوان نسل سے بھی نوازا ہے لیکن ہمارے حکمرانوں نے قدرت کی اس فیاضی سے استفادے میں مجرمانہ کوتاہی کی۔ مجموعی طور پر ملک کے ابتر نظام تعلیم کے باوجود اگر کچھ نوجوان خودمیں علم اور ہنر کے لحاظ سے استعداد پیدا کر لیتے ہیں اور عزیزم فہیم نوناری کی طرح بیرون ملک علمی مراکز سے اپنی استعداد بڑھا کر واپس آتے ہیں تو یہاں اپنی صلاحیت کے مطابق مواقع نہ پاکر نیز صلاحیت یعنی میرٹ کی ناقدری اقربا پروری اور رشوت ستانی کے سبب بادلِ ناخواستہ بیرونِ ملک اپنی صلاحیتں صرف کرتے ہیں اس بارے میں میرا ایک مصرعہ ہے کہ
ہم ٹیلنٹ برآمد کرتے ہیں اور لیڈر درآمد کرتے ہیں
فہیم نوناری ان معنوں میں خوش قسمت ہیں کہ وہ اس صلاحیتوں کے اخراج کے دھارے Brain Wash سے بچ گئے اور انھیں اپنے اختصاص کے شعبے یعنی ادارہء نصابیات سے وابستگی کا موقع ملا۔ یہ ایک نئی نسل کی ساخت پردافت کے لیے سانچے تشکیل دینے کی حیثیت رکھتا ہے۔ مجھے یقین ہے کہ موصوف اپنی منصبی ذمے داریوں کو احسن طریقے سے نمٹانے کے ساتھ ساتھ اپنے ذوقِ تحریر کے تقاضے پورے کرنے میں بھی کوتاہی نہیں برتیں گے۔
جہاں تک زیر نظر رونامچے کا تعلق ہے یہ اپنی معلومات افزا فکر انگیز اور ادبی شیفتگی و شگفتی کی بنا پر ادب نواز حلقوں میں پذیرائی حاصل کرے گا اور یہ پذیرا ئی مصنف کے ذوق تخلیق کے لیے مہمیز ثابت ہوگی۔ میں اس قابلِ قدر کاوش پر مصنف کو ہدیہء تحسین پیش کرتے ہوئے فخر محسوس کرتا ہوں۔
خیراندیش
- پروفیسر عنایت علی خان ٹونکی
حيدرآباد سندھ
***
نوناري صاحب جو اخلاق

مون سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي آفيس فهيم صاحب سان ملڻ ويس. جتي سڄو اسٽاف بس تي ايندو هو. اتي چانچ ڪيم ته مسٽر عبدالفهيم صاحب بس ۾ به نه هو. اتفاق سان نوناري صاحب جو پٽيوالو چانهه وٺڻ آيو. جنهن ٻڌايو ته سائين صاحب موصوف بس ۾ نه آيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پيادل ايندو آهي. ان ڪري اوهان آفيس ۾ ويهي انتظار ڪيو. اسان اڃان اڌ پنڌ تي پهتاسين ته ان آفيس جي پٽيوالي، ٻڌايو ته ڇا اوهان فهيم صاحب کي سُڃاڻيندا به آهيو. مون وراڻيو ته فهيم صاحب ته لکن ۾ پڌرو آهي. رُڳو سامهون اچي وڃي ته سڃاڻيندا سين. ان تي ان ماڻهو چيو ته سائين نوناري صاحب اوهان جي اڳيان ڪجهه فاصلو پري وڃي رهيو آهي. مون هن کي ٻڌايو ته جڏهن صاحب آفيس ۾ ويهي ته پندرهن منٽ بعد ۾ منهنجو اطلاع ڏيندا ڇاڪاڻ ته هو وڏو آفيسر آهي ۽ تازو ئي هاڻي انگريزن جي ملڪ ۾ 8 مهينا رهيو آهي ته ڪجهه تبديلي آئي هوندي. پر نائب قاصد مسٽر عبدالفهيم صاحب کي ٻڌايو ته خادم حسين چاچڙ گُڊو وارو اوهان سان ملڻ لاءِ آيو آهي. ان تي نوناري صاحب، ان کي چيو ته ٻاهر ويهاريو اٿيئي؟! اندر آفيس ۾ وٺي اَچو. نائب قاصد مون کي چيو ته سائين صاحب اوهان کي آفيس اندر اچڻ لاءِ چيو آهي. آءٌ جيئن آفيس جي دروازي اندر ٿيس ته مسٽر عبدالفهيم پنهنجي ڪرسي ڇڏي ٽي چار قدم ڀري اڳتي اچي مون سان بغلگير ٿيو. مون سمجهيو ته نوناري صاحب تي اڃان تائين مغربي تهذيب جو اثر نه ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته جيئن جو نوناري صاحب ٽريننگ انگلنڊ ويل هئا ته ٽن ــ چئن مهينن بعد مون ڏانهن هڪ خط لکي اُماڻيو هئائين، جيڪو پڙهي منهنجي دل ڏاڍي خوش ٿي ته اهڙا دوست به هجن جيڪي ڏوراهن ملڪ ۾ رهي پوءِ به پنهنجي پراڻن دوستن، سو به ساده لوه انسانن کي ياد ڪيو آهي. اهو هڪ انسان ۾ اهڙيون خاصيتون هونديون آهن ورنه ڪير ڪنهن کي اهڙي ملڪ ۾ ياد ڪندو آهي. جتي هر قسم جي عيش و آرائش هجي ۽ اتي جا سَرسبز باغ ۽ حسين نظارا ۽ اتي ترقي يافته ماڻهو به انگريز ۽ اوپن سوسائٽي اهڙي ماحول ۾ گهٽ ماڻهو مايوس ٿيندا آهن. خبر ناهي ته انگريزن جي ترقي يافته ملڪ ۾ رهي فهيم صاحب خادم چاچڙ کي ڇو ياد ڪيو؟ اهو انهي ڪري جو اهڙا ماڻهو تمام ٿورا هوندا آهن جيڪي پراڻن دوستن کي به نه وساريندا آهن. اهي اُهي انسان هوندا آهن جيڪي خوش اخلاق ۽ فراخ دل هوندا آهن، پوءِ مسٽر عبدالفهيم مون سان حال احوال ڪيا پر منهنجي بدقسمتي جو مون کان پهريائين ماڻهو صاحب جي آفيس ۾ اڳ ۾ ئي ويٺل هئا. جن عبدالفهيم سان ايترو ته گفتگو ڪيو جو نوناري صاحب کي ڳالهائڻ ۾ وارو ئي نه پيا ڏين. مون سمجهيو ته هي به مون وانگر دوست هوندا جيڪي مبارڪ باد چوڻ آيا هوندا. مگر معلوم ٿيو ته ٻئي شخص ذات جا نوناري آهن. آخرڪار نوناري صاحب انهن کي چيو ته ادا اوهان جو خاص ڪم آهي ته ٻڌايو ڇاڪاڻ ته هي منهنجو پراڻو دوست آهي ۽ مون کي سڄو ڏينهن هن سان گذارڻو آهي ڇاڪاڻ ته هي مون کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ گڊو مان آيو آهي ۽ هن جو ڪو خاص ڪم مون ۾ نه آهي ان تي انهن ٻنهي ماڻهن چيو ته سائين اسان جا ڪم آهن، هڪ ته پي ٽي سي جو شاگرد آهي جنهن امتحان ڏنو آهي ۽ ٻئي بي.ايڊ جو امتحان ڏنو آهي. اهي ٻئي امتحان ۾ پاس ڪرائي ڏيو. تنهن تي فهيم صاحب چيو ته اهي ٻئي ڪم اوهان جا ٿي ويندا. هاڻ اوهان کي اجازت آهي ۽ اسان ٻيئي دوست گڏجي ويهي ڪچهري ڪئي سي ۽ تمام پراڻن دوستن ۽ يادُن جا ڇوهه ڇنڊياسين. ٿوري بعد فهيم صاحب پنهنجي آفيس مان نڪري مون کي پنهنجي دوستن پروفيسرن سان تعارف ڪرايو. هڪ دفعي هڪ اڪائونٽنٽ سان ڳالهائي رهيو ته آءٌ سندس ڀر ۾ ويٺو هوس ۽ منهنجي ڀر سان وري هڪ رٽائرڊ سنڌي پروفيسر ويٺل هو جنهن مون کان پڇيو ته نوناري صاحب سان اوهان جو ڪهڙو تعلق آهي؟ مون وراڻيو ته نوناري صاحب منهنجو دوست آهي. ان تي صاحب مون کي چيو ته منهنجو نوناري صاحب ۾ هڪ ڪم آهي. جنهن لاءِ سفارش ڪريو. مون ان کان ڪم جي نوعيت پڇي، ان ٻڌايو ته مون کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو سنڌي رسالو انگلش ۾ ٽرانسليشن ڪرائڻو آهي. مون هن کي چيو ته شاه صاحب جو رسالو ته اڳ ۾ ئي سنڌي ۾ آهي ته اوهان انگريزي م ڇوٿا ترجمو ڪرايو. ان تي پروفيسر صاحب جواب ڏنو ته سائين مون اهو رسالو ٽرانسليشن ڪرائي انگريزن جي ملڪن ڏانهن موڪليندس. جنهن ۾ مون کي ٻارهن لکن جو ناڻو ملندو. اسان گفتگو ۾ مَحُو هئاسين ته فهيم صاحب پڇيو ته ادا سائين جن ڇا فرمائي رهيا آهن. مون جواب ڏنو ته سائين جو اوهان ۾ ڪم آهي جيڪو اڳ ۾ اوهان کي چيو آهي. ان تي فهيم صاحب چيو ته مان سائين جن کي چيو آهي ته اوهان جو ڪم ڪندس پر جيئن جو مون ٽريننگ تان هاڻ واپس ٿيو آهيان. ڪٿي سٺي رهائش ٿئي ته آءٌ اوهان جو ڪم ڪندس. ان تي پروفيسر صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. ان بعد مسٽر عبدالفهيم ڊيوٽي دوران 2 بجي تائين پوري آفيس ۾ گهمايو. ڪافي پنهنجي دوستن سان تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ جڏهن موڪل ٿي ته پوءِ هوٽل تي وٺي ويو ۽ ماني کارائي. سج لهڻ تائين هوٽلن جا پئي چڪر ڪاٽياسين. مغرب کانپوءِ عبدالفهيم کان موڪلائي ڄام شوري کان حيدرآباد شهرڏانهن وڃڻ واري بس تي جيتري تائين بس رواني نه ٿي. ايتري تائين نوناري صاحب پيرن تي بيٺو رهيو ۽ جڏهن بس هلڻ شروع ڪيو ته نوناري صآحب هٿ لوڏيندي الودعا ڪئي. ان وقت ٻيئي دوست مايوسي جي حالت ۾ هرهڪ پنهنجو سفر روان رکيو ۽ منزل مقصود ٿياسين. فهيم کان موڪلائي جڏهن آءٌ گڊو، گهر واپس آيس ته تمام گهڻو مايوس ٿيس ۽ ارمان ڪيم ته فهيم صاحب سان مون صرف هڪ ڏينهن رهيس ورنه ٻه يا ٽي ڏينهن رَهان ها. مگر ان وقت مون کي هڪ اردو شاعر جو هڪ مِصرو ياد آيو،جيڪو هن طرح هيو. کون ڪهتا هي تجهي ياد نهين دلمين تيري تصوير ليکن گفتگو نهين. هن شعر جي مفهوم مطابق آءٌ ۽ مسٽر عبدالفهيم هڪ ٻئي کان ڏوراهن فاصلي تي ضرور رهون ٿا مگر دلين ۾ هڪٻئي کان جدا نه آهيون. ڇاڪاڻ ته فهيم جي مائٽن ۽ دوستن کان مون ٻڌو آهي ته عبدالفهيم موقعي مهل اوهان جي ياد تازه ڪندو آهي ۽ آءٌ به مسٽر عبدالفهيم کي ياد ڪندو آهيان. نوناري صاحب جي سچائي ۽ وفاداري ۽ همدردي جو به دوستن لاءِ احساس رهندو آهي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي. منهنجو وڏو پٽ طارق حسين ڪجهه وقت عبدالفهيم وٽ ڄامشوري ۾ رهي آيو هو. ڪجهه وقت بعد حقيقي مالڪ وٽ پهتو. منهنجو پٽ طارق جي فوت ٿيڻ بعد مسٽر عبدالفهيم مون وٽ گڊوآيو ۽ منهنجي پٽ جي تعزيت ڪئي ۽ ڏاڍو افسوس ڪيو ۽ همدردانه گفتگو ڪئي. اهڙيطرح سان نوناري صاحب هر دوست ۽ ٻين ماڻهن سان به خوشين ۽ غمگين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي ۽ ڏک ڀائي ٿيندو رهندو آهي. اهڙا گُڻ هر انسان ۾ نه هوندا آهن پر ڪنهن ڪنهن ۾ ضرور هوندا آهن جيئن نوناري صآحب ۾ اهڙن گڻن جي ڪمي نه آهي. جنهن ڪري الله پاڪ اهڙن ماڻهن کي پنهنجي رحمت سان نوازيو آهي ۽ معاشري ۾ انهن جو نالو نيارو ڪيو آهي. مسٽر عبدالفهيم جهڙن ماڻهن جي هن دنيا ۾ ڪمي ڪانه آهي پر منهنجي دل ۾ نوناري صاحب جهڙي هستي هميشه ياد رهي آهي ۽ راڄ ڪندي رهي آهي. جيئن ته نوناري صاحب جا مِٽ مائٽ واپڊا ٿرمل پاور اسٽيسن گڊو ۾ سروس ڪندا آهن. جن مان مسٽر غلام محمد ۽ مسٽر عبدالستار ٻيئي فهيم صاحب جا سوٽ آهن. سو انهن جي ڪري گڊو مڙيئي ايندو رهندو آهي ۽ مون ڏانهن پيغام موڪلي گهرائيندو آهي ۽ مان به وڃي ملاقات جو شرف حاصل ڪندو آهيان. يا وري ڪڏهن ڪڏهن واپڊا اسپتال گڊو ۾ ايندو آهي ۽ اتي اسان ٻنهي جي ملاقات ٿيندي آهي. هڪ دفعي نوناري صآحب کي گڊو ۾ ڪنهن پرائيوٽ اسڪول ۾ استادن جي مقرري لاءِ انٽرويو وٺڻ لاءِ گهرايوويو هو. فارغ ٿيڻ بعد مسٽر نوناري صاحب رات جو مسٽر غلام محمد نوناري صاحب جي گهر رهيا ۽ مون ڏانهن پيغام موڪليائون ته ادا مون سان ملي وڃو. ٻئي ڏينهن صبح سوير ٺيڪ 7 وڳي آءٌ غلام محمد صاحب جي ڪوارٽر تي حاضر ٿيس. جانچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته سائين جن فريش ٿيڻ لاءِ تياري ڪري رهيو آهي. فريش ٿيڻ بعد ناشتو کڻي آيا ۽ اسان ٻنهي ۽ مسٽر غلام محمد صاحب گڏجي ناشتو ڪيوسين. ان وقت آءٌ مسٽر عبدالفهيم کي منجهند جي ماني لاءِ عرض ڪيو. جنهن هڪڙي شرط تي منهنجي ماني مون وٽ کائڻ لاءِ راضي ٿيا ته ماني ۾ صرف هڪ طعام هوندو ۽ ٻيو ڪجهه به نه هجي. جيئن ته منهنجو وڏو پٽ طارق حسين، نوناري صاحب وٽ ٻه ڏينهن رهيو هو. ان موقعو محل ڏسي ڪجهه فروٽ (ميوه) جو اضافو ڪيو جنهن ۾ ٻه ٽي قسم ميوه هئا. جڏهن نوناري صاحب جي اڳيان ماني ميون سميت رکي وئي ان تي چيائون ته ايترو خرچ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. پيٽ ته صرف ماني ئي سان ڀرجي پيو سگهي. ان تي مون کي حضور صلعم جن جو ارشاد مبارڪ ياد آيو ته ڪِفايت شعاري به هڪ سٺو عمل آهي. جيڪا ضرورت کان وڌيڪ خرچ ڪبو ته ماڻهو تنگ ٿي خرچ ڪندو. ان جو طريقو اهو آهي ته جنهن شيءِ جي ضرورت جنهن وقت هجي سا ان وقت گهرائجي. اِهو آهي ڪفايت شعاري جومفهوم. مان تمام گهڻو خوش ٿيس ته مسٽر عبدالفهيم نوناري صاحب انگريزن جي ملڪ مان رهي اچي اسان جي اُصولن تي عمل ڪري رهيو پر مذهب اسلام جي اصولن تي به پابند اهو عمل هڪ سٺي سلجهيل ۽ داناء ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ مُدبر انسان جو ڪم معاف ڪندا. “مدبر” لفظ حڪمت جو آهي. شايد ڪو عام انسان ڄاڻيندو هجي پر مان هن لفظ جي تشرِح ضروري سمجهان ٿو. جيئن هرهڪ کي سمجهه ۾ اچي. ڪابه هڪ شيءِ جيئن فولاد جو ڪشتو تيار ڪبو آهي ته ان کي پهريائين مصفيٰ ڪيو ويندو آهي جئين ته ميل ڪچيل کان صاف وشفاف رهي. ان بعد ان کي آتشتي يا آبي ڪيوويندوآهي. ان بعد اهو مُدبر ٿيندو آهي ۽ اسان جي کائڻ جي استعمال ٿيندو آهي. اهڙيطرح پيا ڪشته به مُدبر ڪيا ويندا آهن. جنهن بعد وڃي قابل ٿيندا آهن. اهڙي طرح انسان به هڪ ڪورو ڪاغذ هوندو آهي. پوءِ هو پهريان پرائمري اسٽيج ۾ رهي سخت محنت ڪندو آهي. ان بعد سيڪنڊري اسٽيج ۾ اچي سٺي محنت ڪري ڪاميابي ماڻيندو آهي. سي ايس پي آفيسر به محنت ڪري اعليٰ تعليم حآصل ڪندو آهي ته ڪي وري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ڪامياب ٿيندا. اهو آهي انسان مدبر ٿيڻ، يعني هن شروعاتي تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ تائين محنت ۽ ولوله انگريز ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن سان تعليم ڪئي. اهڙيطرح نوناري صاحب پنهنجي وَسان ڪين گهٽايو آهي. هاڻي هو اعليٰ تعليم حاصل ڪري. تعليمي اداري وسيلي ڏيئو ٻاري ٻين کي روشناس ڪري رهيو آهي. صحيح علم حاصل ڪندڙ اهو انسان اهي جيڪو پاڻ علم حاصل ڪري ٻين انسانن تائين منتقل ڪري. اهي خاصيتون مسٽر نوناري صاحب ۾ بيشمار آهن. هڪ فارسي شاعر جو قول آهي ته “پر گُلي اَز رَنگ وَ بوئبي ديگر اَست” هن شعر جو خلاصو هي آهي ته هَر گُل جو پنهنجو پنهنجو رنگ ۽ بوءِ هوندي آهي نه ڪي سڀ هڪ جهڙا هوندا آهن. اهڙيطرح سڀني گلن مان گلاب جو گل تمام سهڻو ۽ دلفريب وديده زيب هوندواهي. ان ڪري ان جي ڪشش چڱن ڀلن ماڻهن جي من کي موهي ڇڏيندي آهي.
ــ ڊاڪٽر خادم حسين چاچڙ
گڊو ڪشمور، سنڌ

جناب رفيق احمد نوناري صاحب
نوٽ: خادم حسين چاچڙ حماد نوناري هاءِ اسڪول جي استادن جي انٽرويو جو ذڪر ڪيو آهي، اِهو سال 1999ع يا 2000ع ۾ مرحوم رفيق احمد نوناري صاحب پنهنجي پرائيويٽ اسڪول گڊو ۾ رکيو هو. رفيق احمد نوناري صاحب ڳوٺ خدابخش خان نوناري جو انتهائي ذهين، محنتي ۽ جاکوڙي انسان هو. هن بي.ايڊ ۽ ايم ايڊ سکر ۾ ڪئي جبري ملٽري ٽريننگ پنهنجي سوٽ استاد نبي بخش خان نوناري سان گڏ ڪئي. سکر ۾ هن جو والد صاحب اختيار احمد نوناري رهندو هو ته هو به اُتي والد سان گڏ رهيو. هُو سهڻي پوشاڪ ۽ شاندار ٽوپن پائڻ، ذهين دوست ڳولي لهڻ ۽ عزيزن قريبن سان محبت جو تعلق رکڻ ان جو اعليٰ گڻ هو. هو اڄ اسان ساڻ نه آهي شال ڌڻي هُن کي جنت نصيب ڪري. رفيق احمد صاحب لاءِ اڳتي هلي جدا مضمون لکبو.

اسان جو ڀاءُ

سائين فهيم اسانجو سونهون ۽ سٻاجهو ساٿي ۽ ڀاءُ رهيو آهي. هن جي سادگي، سچائي، لڳاتار محبت ۽ ڏاهپ مون کي بيحد متاثر ڪيو آهي. ادب، سياست ۽ سماجيات ۾ منهنجي Entry واري پهرين مرحلي جو سونهون ساٿي فهيم نوناري رهيو آهي. هو لڳاتار جدوجهد ۾ رڌل آهي، آمريڪا ۽ لنڊن سميت گهڻن ملڪن جا علمي، ادبي ۽ سماجي جاڳرتا جا احوال خوابن جي ڊائري جي صورت ۾ لکي اسان کي هڪ شاندار سوکڙي آڇي آهي. اميد ته جيڪا نوجوانن لاءِ گائيڊ ثابت ٿيندي.
ــ شبير سومرو
سيڪريٽري. س.ا.س. شاخ
جيڪب آباد، سنڌ
***
فهيم نوناري ۽ لطيف نوناري ٻيئي ڀائر سٺا اديب آهن. فهيم نوناري جي لکيل ڊائري / سفر نامون يورپ ۽ مڊل ايسٽ جي دنيا جو علمي، ادبي ۽ سماجي اڀياس نامو آهي. فهيم نوناري جي محنت سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي.
ــ واحد سومرو
ڪراچي، سنڌ
***
ڏوريندي ڏوريا، اگهور ڏُوريائون
سنڌ ملڪ ۽ دنيا جي ڪُنڊ ڪنڊ ۾علم سمجهه ۽ سرت جي ڳولا وينجهارڪو ڪم آهي. فهيم نوناري دنيا جي تمام گهڻن ملڪن، شهرن، ڳوٺن ۽ ادارن تائين پهچڻ جو ڪم سنڌ لاءِ نئون پيغام آهي. هرهڪ سنڌي کي علم جي تلاش لاءِ سرگردان ٿي هلڻ گهرجي. جنهن ۾ زندگي جي جڳهه تمام وڏي ٿي وڃي ٿي. اهڙن ماڻهن جي ڪري سنڌ جي جدوجهد کي سگهه ملي ٿي. فهيم نوناري جو شمار به اهڙن انسانن ۾ ليکجي ٿو.
ــ وشنو مل
حيدرآباد سنڌ
اهو ڪو ٻيو فهم....!!

هڪ طرف سمجهه ۾ نٿو اچي ته شروعات ڪٿان ڪجي ڪيئن ڪجي ڪهڙن لفظن ۽ جملن سان ڪجي ڇو ته منهنجو نه اديبانه انداز نه فسلفيانه فڪر نه دانشورانه دانائي ۽ نه ئي قلم ۾ ڪو جادو.
ته ٻئي طرف جنهن شخصيت تي لکڻو آهي تعريف انکي وڻي ڪونه خوشامد مونکي اچي ڪونه.
نهايت معذرت سان لطيف سائين جي لفظن ۾ ٿوري ردوبدل سان.
اهو ڪو فهم جنهن سان لکجي فهيم تي.
آءٌ ته کيس ان ڏينهن کان سڃاڻان جڏهن مون ۾ ٿورو فهم آيو. جنهن وقت اسانجي خاندان ۽ علائقي ۾ ڀٽو سياست کانسواءِ هر سياست کي شجر ممنوع سمجهيو ويندو هو، فهيم سياست جي اڙانگي سفر ۾ ڪاهي پيو سوبه ان تنظيم جي پليٽ فارم تان جنهن لاءِ دهريو ۽ ڪافر جون فتوائون پئي جاري ٿيون محض ان جذبي سان ته
ڪنڊا مون پيرين لک لڳن آڱر آڱوٺي نه مڙي
ڇپون پير ڇنن چيچن ۾ چيهون ڪري ريلا رت وهن
ته به ويندي ڏانهن پرين جتي جات نه پائيان
(شاهه)
خاصيتون ته کڻي ڪجهه نه ڪجهه هر تنظيم ۾ آهن پر جيڪا انفراديت پاڪستان جي ٻن تنظيمن ۾ مون ڏٺي آهي سا اڄ تائين ڪنهن ۾ به نظر نٿي اچي هڪ آهي تبليغ جماعت ٻي آهي رسول بخش پليجو صاحب جي عوامي تحريڪ.
بلڪل ڪورو ڄٽ اڻ پڙهيل ۽ جاهل به شامل ٿيندو ته پوءِ 3 روزه هفت روزمه چِلو (چاليهه ڏينهن) چار ميهنا ۽ سال جماعت سان لڳائيندو ته ايئن ان ۾ اعتماد اچي ويندو ته ڄڻ ڪو عالم پيو تقرير ڪري. عوامي تحريڪ ۾ به اڪثريت اهڙن ڪارڪنن جي نظر ايندي. ڄڻ اهي ٻئي تنظيمون گونگي کي ٿيون زبان ڏين. فهيم جو به نظرياتي رشتو پليجو صاحب سان رهيو آهي.
توڻي جو هڪ ڳوٺ ۽ خاندان سان تعلق آهي پر ان باوجود منهنجو مڪتبه فڪر فهيم کان الڳ آهي. ليڪن مون کي ياد ناهي ته اسان پاڻ ۾ ڪو سياسي تڪرار ڪيو هجي. ڇو جو ٻنهي لاءِ سنڌ مقدس عقيدو ۽ ايمان آ
ان سياسي جدوجهد دوران فهيم کي لٺ ۽ چٺ جي زور تي خريدڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي پر اڄ ڏينهن تائين سندس ايمان کي لوڏو نه آيو.
جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو هرڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو
سوئي ماڻهو موتيءَ داڻو جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو
نه خود پرست نه اناپرست پر قومپرست ــ هر وقت هرهڪ جي بنالوڀ لالچ جي خدمت لاءِ تيار ــ جنهن ماحول ۾ مشورو به پئسن سان ملي رشتا به ڪاروباري ٿي وڃن. ان دؤر ۾ هن جيڪا پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي امتحان ڏيارڻ کان وٺي روزگار سان لڳائڻ، لئبريريون، تعليمي سرگرميون، مفت ميڊيڪل ڪئمپون، ڪرڪيٽ، بئڊمنٽن، والي بال ۽ ٻيون مقامي راندين جا ميلا مچائڻ تائين فهيم پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي ماڻهن کي منزل تائين پهچايو. جيڪا خدمت ڪو ايم اين اي، ايم پي اي وزير مشير به نٿو ڪري سگهي.
مون منجهس صبر ۽ درگذر ڪرڻ جي انتها ڏٺي آهي. سياسي زندگي هجي يا ذاتي زندگي. جن ماڻهن ساڻس ناانصافي ڪئي هن نه صرف انهن ماڻهن کي يڪطرفه معافي ڏني بلڪ انهن مخالفن سان پاڻ هلي وڃي ملندو. جتي سالن جا سال دشمنيون هلائڻ ڪلچر هجي ۽ معاف ڪرڻ بزدلي ۽ گناه عظيم هجي.
فهيم جهڙا ماڻهو خاندان، ڳوٺ، قبيلي ۽ قوم جو اثاثو هوندا آهن. جيڪي زباني نه پر عملي خدمت جو اهڃاڻ آهن.
هن موقعي جي مناسبت سان ڪجهه شڪايتون ۽ گذارشون به آهن. اسان جي سنڌي قوم ان ۾ خاص طور مون پنهنجي ذات جي ماڻهن کي ڏٺو آهي ته هو جڏهن ڪنهن مقام يا منزل تي پهچن ٿا ته سڀ کان پهريائين نه صرف پنهنجو ڳوٺ ڇڏي هليا وڃن ٿا پر ان کان لاتعلق به ٿي وڃن ٿا. اهو نٿا سوچين ته ان ئي علائقي کي سندن صلاحيتن جي ضرورت آهي جنهن سان سندن تعلق آهي جتي هو ننڍا وڏا ٿيا پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ روشن مستقبل جو فڪر ته هرهڪ کي هوندو آهي. پر مزو تڏهن آهن، جڏهن اوهان پنهنجون توانايون، صلاحيتون ۽ خوشيون ٻين جي ٻارن لاءِ به وقف ڪيو.
ڄامشورو يا ڪنهن وڏي شهر ۾ انسٽيٽيوٽ يا ڪو اسڪول قائم ڪرڻ ڪو ڪارنامو ناهي. جتي ڪروڙِن روپين جي بلڊنگن ۽ بجيٽ وارا ادارا موجود هجن. مزو ۽ ڪارنامو تڏهن آهي جڏهن ڪو وڏي ليول جو ادارو ڪنهن ڳوٺ خدابخش نوناري جهڙي علائقي ۾ قائم ڪيو وڃي. ان طريقي سان اسانجا ويڙها به ويراني کان بچي ويندا ته محروم ماڻهو به فيضياب ٿي سگهندا.
جِت پکي نه پير، تِت ٽمڪي باهيڙي، ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪي کيرري.
ــ ممتاز علي نوناري
انجنيئر
سئي سدرن گئس ڪمپني ــ ڪراچي
ڳوٺ خدابخش نوناري، تعلقو ٺل ضلع جيڪب آباد

***
ادب دوست، سماجي ۽ معاشي درد رکندڙ انسان

سائين فهيم نوناري صاحب سان منهنجي ملاقات ڪجهه دوستن ذريعي ٿي، ان دوران ئي سائين سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جا سيڪريٽري ٿيا، جنهن ڪارڻ ملاقاتن جو اڻ ٽُندڙ سلسلو شروع ٿيو ــ فهيم صاحب ادب دوست انسان هجڻ سان گڏ سماجي ۽ معاشي درد رکندڙ انسان آهي. جنهن کي هر وقت غريب انسانيت جو اونو رهي ٿو، هو سدائين ان ڪوشش ۾ هوندو آهي ڪنهن نه ڪنهن طرح معاشرتي برائين جو خاتمو آڻجي.
هي سندس ٻاهرين ملڪن جي سير دوران لکيل يادگيريون آهن جن ۾ سهڻي ۽ ساديءَ ٻوليءَ ۾ گذريل وقت کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪٿي ڪٿي مختلف شين تي عالماڻا راءِ پڻ ساراهه جوڳي آهي.
مون کي اميد آهي ته سائين فهيم نوناري جي قلم منجهان ٻيون به اهڙيون علم سان ڀرپور لکڻيون اينديون رهنديون.
ڪليم ٻُٽ
ــ ناولسٽ / صحافي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
***

سماجي خدمتگار ۽ روشن خيال
سائين فهيم نوناري

اسان پنهنجي بهترين زندگي جي شروعات تڏهن ڪئي جڏهن اسان کي هڪڙو مهربان استاد، تعليمدان، سماجي خدمتگار ۽ روشن خيال انسان سائين فهيم نوناري جي شڪل ۾ مليو جنهن نه صرف اسان جي زندگي جي رهڻي ڪهڻي کي تبديل ڪيو پر اسان کي اهڙو علم، عقل ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌايون جنهن اسان جي زندگي ۾ انقلاب برپا ڪيو جنهن سان زندگي جي هر مشڪل ڪم کي شڪست ڏني ۽ ٻين جي لاءِ جيئڻ جو درس ڏنو، اهڙا استاد دوست انسان دنيا ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن جنهن پنهنجي زندگي سنڌ ۽ انسانيت جي غريب عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي.
ــ حبيب بليدي
ڄامشورو، حيدرآباد
***
فهيم نوناري صاحب کي ڀيٽا

لفظن جي خوشبو اور آ
جذبن جي خوشبو اور آ
هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو
پر سهڻن جي خوشبو اور آ
ڌار يان ڪئي يار .....
پر پنهنجن جي خوشبو اور آ
استاد بخاري
ــ راشد علي تنيو
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو

خوابوں سے حقیقت تک کا سفر

کیسے کیسے خواب سجے ہیں دیکھو تو
آنکھوں میں کچھ رنگ نئے ہیں دیکھو تو


خواب ۔۔۔ خواب ہوتے ہوئے بھی ایک ایسی حقیقت ہوتے ہیں جس سے کوئی بھی انسان انکار نہیں کرسکتا۔ چاہے انسان غریب ہو یا امیر، تعلیم یافتہ یا ناخواندہ، کسی ملک کا حکمران ہو یا کھیتوں میں کام کرنے والا ایک محنت کش، اپنے اندر خوابوں کا ایک سمندر لیے ہوئے ہوتا ہے۔ کچھ خواب ہوتے ہیں جنہیں وہ جاگتی آنکھوں میں سجاتا ہے اور کچھ ایسے جنہیں وہ رات کی تاریکی میں اپنے ذہن میں چپکے سے محفوظ کرلیتا ہے اور غمِ دوراں اور غمِ جاناں کے ساتھ ساتھ زندگی اور خوابوں کا سفر جاری رہتا ہے۔ کچھ خوابوں کی تعبیر بہت آسان ہوتی ہے اور وہ انسان اپنی محنت سے پالیتا ہے لیکن کچھ خواب ایسے ہوتے ہیں کہ جنھیں حقیقت کا روپ دینے میں انسان بے بس نظر آتا ہے۔وہ ان خوابوں کو پورا کرنے کی کوشش تو کرتا ہے لیکن ان کی تکمیل کا مدار قسمت پر ہوتا ہے او وہ خواب انہیں لوگوں کے پورے ہوتے ہیں جن پر قسمت کی دیوی مہربان ہوجائے اور یہ کہنا بے جانہ ہوگا کہ فہیم نوناری صاحب بھی ایسے ہی لوگوں میں شامل ہیں۔
جناب فہیم نوناری صاحب نہایت ہی پرکشش شخصیت کے مالک ہیں۔ وہ سبجیکٹ اسپیشلسٹ ہونے کے ساتھ ساتھ ایک اچھے انسان بھی ہیں۔ ان کی طبیعت میں عاجزی، انکساری اور ملنساری صاف محسوس کی جاسکتی ہے۔ بولنے کے بہت شوقین ہیں لیکن جو بات بھی کرتے ہیں موقع محل کے مطابق کرتے ہیں۔ میں نے ان کی ساتھ بہت زیادہ عرصہ تو نہیں گزارا لیکن جتنا وقت بھی گزارا وہ ان کے بہت قریب گزرا اور ان کی شخصیت کے بارے میں بہت کچھ جاننے کا موقع ملا۔ ہر انسان کی طرح ان کی طبیعت میں بھی مثبت اور منفی دونوں پہلو ہیں لیکن اچھی بات یہ ہے کہ مثبت پہلو منفی پہلوئوں پر غالب ہیں۔ اگر وہ جذبات میں کبھی کوئی غلطی کر بیٹھتے ہیں تو فوراً اسے محسوس کرلیتے ہیں او راس کا مداوا جلد ازجلد کرنے کی کوشش کرتے ہیں۔ اپنے ساتھیوں کے ساتھ حسنِ سلوک سے پیش آتے ہیں اور ہمیشہ انہیں یہی ٹریننگ دیتے ہیں کہ اپنے کام سے مخلص ہوں تو کامیابی ان کے قدم چومے گی۔ جہاں تک میرا مشاہدہ ہے اگر وہ سبجیکٹ اسپیشلسٹ نہ ہوتے تو بہت اچھے سیاستدان ہوتے کیونکہ وہ لفظوں کا اُلٹ پھیر خوب جانتے ہیں اور اسی وجہ سے وہ کبھی کبھی ٹھوس ثبوت کے سامنے ایسے دلائل پیش کر دیتے ہیں کہ سامنے والا یہ سوچنے پرمجبور ہوجائے کہ کہیں وہ غلط تو نہیں تھا؟ ۔ وہ بہترین ماہرتعلیم بھی ہیں جس کا منہ بولتا ثبوت اندرونِ ملک اور بیرونِ ملک مقیم ان کے وہ شاگرد ہیں جو بڑی اہم پوسٹوں پر تعینات ہیں۔ ان کے باوجود وہ اپنے استادِ محترم کیلئے وقت نکالتے ہیں او ان سے رابطے میں رہتے ہیں۔
فہیم نوناری صاحب نے بھی برسوں پہلے بلکہ یوں کہیے کہ پچھلی صدی میں ایک خواب دیکھا تھا جو ان کی محنت ولگن اور اللہ تعالیٰ کی مہربانی سے پورا ہوا۔ ان کا خواب تھا کہ وہ اعلیٰ تعلیم کے حصول کیلئے یورپ جائیں اور پھر واپس آکر اپنے ملک کی خدمت کریں۔ اللہ نے ان کی سن لی اور قسمت کی دیوی ان پر بہت ہی کم عمری میں مہربان ہوگئی۔ ابھی انہیں سبجیکٹ اسپیلسٹ کی نوکری ملے زیادہ عرصہ نہیں ہوا تھا کہ انہیں اعلی تعلیم کیلئے Full Bright Scholarship مل گئی اور وہ امریکا چلے گئے۔ وہ لمبے عرصے امریکا میں مقیم رہے۔ اس کے بعد انہیں انگلینڈ، سوئٹزرلینڈ، بیلجیم، ہالینڈ، دبئی اور سعودی عرب گھومنے اور اپنی آنکھوں میں سجائے ہوئے خوابوں کو حقیقت میں بدلنے کا موقع ملا جو انہوں نے ہاتھ سے جانے نہیں دیا۔ دنیا میں بہت سے ایسے لوگ ہیں جو یہ ممالک گھوم چکے ہیں یا پھر وہاں تعلیم حاصل کر چکے ہیں لیکن انہوں نے اپنے تجربات ومشاہدات سے لوگوں کو آگاہ نہیں کیاجب کہ فہیم نوناری صاحب نے اپنے خوابوں کی تعبیروں کو آپ سب کے سامنے "خوابوں کی ڈائری" کی شکل میں پیش کردیا ہے اور ساتھ ہی اپنی خوشگوار یادوں اور اسفارکو ہمیشہ کیلئے محفوظ کردیا ہے۔ خوابوں کی ڈائری درحقیقت ان کی زندگی کے ایسے سنہرے لمحات کی بے مثال یادگار ہے جو انہوں نے ملک سے باہر گزارے۔
"خوابوں کی ڈائری" میں انہوں نے نہ صرف اپنی اعلی تعلیم سے متعلق معاملات تحریر کیے ہیں بلکہ اپنے اساتذہ اور ساتھیوں، یورپ کی ثقافت، یورپ کے موسم، یورپ کی لائبریریوں، یورپ کے تہواروں یہاں تک کہ یورپ کی لڑکیوں کے غرورتک کونہ صرف اپنی آنکھوں سے دیکھا بلکہ اپنے قلم سے ڈائری میں قید کر لیا۔ کہتے ہیں کہ پردیس میں چاہے کتنی ہی آسائشیں ہوں لیکن اپنا ملک اپنا ہی ہوتا ہے اور اس بات کا اعتراف جناب فہیم نوناری صاحب نے بھی کیا۔ انہوں نے اپنی کتاب میں یہ راز بھی آشکار کیاہے کہ تنہائی کا عذاب کیا ہوتا ہے۔ وہ اپنی مٹی کے ساتھ مخلص ہیں اس لیے انہیں یورپ میں بھی سندھ کی یاد ستاتی رہی اور اگر آپ کو یقین نہیں آرہا تو ڈائری کے وہ صفحات کھولیے جن سے آج بھی سندھ کی مٹی سے محبت کی خوشبو آرہی ہے تو آپ کو ضرور یقین آجائے گا۔ انہوں نے یورپ کے تہواروں کرسمس اور ایسٹر کا احوال بھی اپنی ڈائری میں محفوظ کیا ہے۔
میں جب بھی فہیم نوناری صاحب کے ساتھ بیٹھتا ہوں تو یورپ کے بارے میں بہت سی باتیں ہوتی ہیں جو اس کتاب میں شامل نہیں ہیں۔ وہ بہت خوش ہوکر اپنی یادیں شیئر کرتے ہیں۔ میری خواہش ہے کہ جب اس کتاب کا آئندہ ایڈیشن شائع ہوتو اس میں وہ باتیں اور واقعات بھی شامل کردیے جائیں جو ابھی کسی مجبوری کے تحت شامل نہیں ہوسکے۔ جناب فہیم نوناری صاحب کی اس کاوش کے بارے میں صرف اتنا کہوں گا کہ انہوں نے اپنی زندگی اور جوانی کے حسین پل اس کتاب میں سمودیے ہیں۔ جو شخص بھی ان کا مطالعہ کرے گا وہ ضرور ان سے لطف اندوز ہوگا اور کچھ دیر کیلئے اپنے آپ کو بھی اسی فضا میں محسوس کرے گا جہاں کی یہ یادگار ہیں۔
اللہ تعالی سے دعا ہے کہ وہ فہیم نوناری صاحب کے خوابوں کی طرح ہر شخص کے خوابوں کو حقیقت میں بدل دے۔ آمین۔
- حافظ محمد احمد
سندھ ٹیکسٹ بک بورڈ، جامشورو

***
ناممڪن کي ممڪن ڪيئن بڻائجي!

هن دنيا ۾ جياپي لاءِ هر انسان هڪ اهڙي استاد جي تلاش ۾ هوندو آهي جيڪو هِن کي هر گهڙي معاشري ۾ هڪ اهڙو مقام ۽ بلند ارادي واري زندگي رهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي، انهي ۾ منهنجو استاد ۽ سٺو دوست سائين فهيم نوناري، جنهن جي زندگي بحر علم آهي جنهن وٽ علم جو ايترو خزانو آهي جيڪو اڻ کٽ آهي، جنهن کي اسان سکياريو ته دنيا ۾ سماجي برايون ڪيئن ختم ڪجن ۽ ٻين لاءِ ڪارآمد ڪيئن ثابت ٿجي، ۽ شين جو بروقت استعمال ڪيئن ممڪن ٿئي ۽ ناممڪن کي ممڪن ڪيئن بڻائجي جنهن ثابت ڪري ڏيکاريو ته محنت ۽ مسلسل ڪوشش ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي سائين فهيم هميشه منهنجي مدد ڪئي، جنهن جي بدولت اڄ مان هڪڙو ڪامياب وڪيل آهيان.
ــ ايڊووڪيٽ صادق بليدي
ڄامشورو
***
فهيم منهنجو پراڻو هم ڪلاسي رهيوآهي کين شاگردي زماني کان هن وقت تائين سڀني دوستن عزيزن واقف ڪارن ۽ اڻ واقفن لاءِ اُتساهه جو باعث ۽ مددگار رهيو آهي. جنهن جي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن نه صرف سنڌ، پاڪستان جا دؤرا ڪيا پر دنيا جي تقريباً گهڻن ملڪن ۾ رهيو. هن جي محنت جو اثر اسان جي زندگي ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ــ ماستر عبدالعزيز بُگٽي
اُنڙ واهه ، ٺل، سنڌ
***
سائين فهيم نوناري جي تعليمي خدمتن کي مان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جنهن اسڪول، سينٽر ۽ سماجي ادارا قائم ڪيا جنهن جي دولت اڄ به سائين فهيم جا شاگرد دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڙهن ٿا جنهن جي فيض مان مونکي ڪافي فائدو ٿيو هاڻي مان هن معاشري جو هڪ سٺو ۽ ڪامياب ليکڪ آهيان.
ــ صحافي حفيظ بروهي
ڄامشورو
***

فهيم دنيا ڏسي آيو آهي!

فهيم نوناري ٺل ضلع جيڪب آباد جو رهاڪو آهي آئون ٺل 1979ع ۾ ڪامريد مرحوم امان الله ٻپڙ سان گڏجي ويس تڏهن ٺل ۾ فقط فهيم نوناري ساڻ سنگت جو تعلق هو جيڪو ادبي ۽ سماجي طور محترڪ هو.
ٺل ۽ آس پاس جي اديب ۽ انسان دوست ماڻهن سان ڪچهريون به فهيم جن ڪرائيندا هئا مرحوم نواز ڪنڊراڻي جن سان به فهيم جن ملايو. فهيم جن پنهنجي نياڻين ۽ اولاد کي پڙهايو ۽ تعليم تي زور ڏنو فهيم پاڻ به پڙهيو ڪتابي علم ۽ انسان دوست علم پڙهيو ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين هن وقت سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ آفيسر آهي هن پاڻ سان گڏ اولاد کي به پڙهائي اعليٰ تعليم ڏنائين.
تازو پهرين فيبروري 2015ع تي فهيم جي پٽ محمد بچل نوناري جي شادي پارٽي مارئي لان حيدرآباد ۾ ٿي سندس پٽ اعليٰ تعليم ٻاهران پڙهي آيو آهي سندس ڪنوار جيڪا فهيم جي ڀائيٽي آهي انهي به اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي. محترم قائد رسول بخش پليجو، سردار غلام محي الدين ڀٽي، پروفيسر محمود مغل، پروفيسر انعام شيخ، حميد سنڌي، شفيق احمد کوسو، ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، پروفيسر اڪبر مهيسر، ڊاڪٽر ايوب لغاري، گل بيگ جتوئي ۽ ٻيا دوست شادي ۾ آيا مهمانن ۾ 90 سيڪڙو دعوتي پروفيسر، آفيسر ۽ پڙهيل لکيل دوست هئا. ڏاڍو شاندار ڪاڄ ٿيو.
فهيم دنيا ڏسي آيو آهي دنيا جي سڀني وڏين يونيورسٽين ۾ ويو آهي ليڪچر ڏنا آهن دنيا جي انٽرنيشنل علمي تعليمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو آيو آهي منهنجو اولا دبه اعليٰ تعليم حاصل ڪري آيو آهي. فهيم نوناري جا دوست به پڙهيل لکيل علمي انسان دوست ۽ سنڌ دوست آهن. جن۾ پروفيسر قاسم ٻگهيو، سردار غلام محي الدين ڀٽي، پروفيسر محمد خان سانگي، عبدالقادر چاچڙ ۽ ٻيا گهڻا دوست آهن.
فهيم نوناري سان منهنجا گهرو تعلقات آهن آئون فهيم جي خاندان جو حصو آهيان فهيم منهنجي خاندان جو حصو آهي فهيم منهنجو ننڍو ڀاء آهي. فهيم جڏهن به منهنجي گهر ايندو آهي ته هن کان ڪوبه پڙدو نه آهي هن سان سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون علم ۽ تعليم تي ڪچهري ڪندا آهن . منهنجو اولاد به اعليٰ تعليم پڙهي پيو فهيم چوندو آهي ته توهان ڀاڳن وارا آهيو جو توهان کي عالم شاهه جهڙو پي مليو آهي هن سڄي عمر تعليم لاءِ جدوجهد ڪئي.
آخر ۾ آئون سنڌ دوست انسان دوست علمي دوست سنڌ طرفان فهيم جهڙي دوستن کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ سندس اولاد کي مبارڪ ڏيان ٿو جو فهيم نوناري جي رستي تي هلي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي.
جيئي سنڌ
ــ سيد عالم شاهه
حيدرآباد سنڌ
***
عزت ۽ محبت جو رشتو
محترم فهيم نوناري سان اوائلي طور ڏيٺ ويٺ جو بنيادي سبب اسان جو پاڙيسري هجڻ آهي. اهو 90 جو ڏهاڪو هئو. تڏهن کان ساڻس عزت ۽ محبت جو رشتو قائم آهي. هو نهايت کاهوڙي ۽ تتي ٿڌيءَ ڪاهڻ وانگر ڪنهن نه ڪنهن ڪِرت ۾ رڌل رهندڙ آهي. نوناري صاحب لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪوڏيو. ايئن چئجي ته وڏين خوبين وارو اعليٰ انسان.
ــ عبدالمجيد پنهور
ائڊميشن ڊائريڪٽر
سنڌ يونيوسٽي، ڄامشورو

***

عام ماڻهو لاءِ علم جي لاٽ ٻاريندڙ سائين فهيم نوناري


سائين فهيم نوناري اها شخصيت آهي جيڪا هميشه سنڌ لاءِ سنڌ جي ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪندا رهندا آهن پاڻ علم ڏيڻ لاءِ جنهن ۾ سنڌي، انگريزي ٻولي به گهڻن سالن کان مفت ۾ پڙهائيندا رهندا آهن، اسان پنهنجي سائين تي فخر ٿا ڪيون جنهن اسان جي سوچ کي تبديل ڪري علم جي لاٽ ڏانهن رجوع ڪرايو، ۽ هر ماڻهو تائين علم پهچائڻ جو پيغام به ڏنو.
الله شل ان جي هي جدوجهد سدائين جاري رکي ته جيئن هر شاگرد ۽ عام ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري.
ــ غزل فنڪار وقار ملاح
ڄامشورو ــ سنڌ
***
سائين فهيم کي ڀيٽا

جيڪو پاڻ جياري سو جيئندو رهندو
جيڪو عام اجاري سو جيئندو رهندو
مون کي تاريخ ڏني پڪ آ جيڪو سنڌ
سنواري سو جيئندو رهندو. (استاد بخاري)
ــ صداقت سمون
(انجنيئر) S.S.G.C.L ، ڄامشورو سوسائٽي

***

فهيم سائين!
حقيقت اها آهي ته تقريباً ٽن سالن جا ٿڪ لهي ويا. انهيءَ عرصي ۾ ڪيترن ماڻهن سان رهاڻيون ٿيون ڪيئن سج لٿا ۽ اُڀريا پر انهن سڀني موقعن تي به اوهان ياد رهيا. پر اڄ! جيتري خوشي ٿي ۽ مزو آيو ۽ ڪيتريون ڳالهيون ٻڌي پنهنجي دل جي بار کي هلڪو محسوس ڪيو. اڄوڪوڏينهن ياد رهندو.
ــ پروفيسر غلام عباس مهر
سکر
(مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو)
***
جيئن آهي جڳ ۾ ڏينهن مڙئي ڏون. (شاهه)
انهن ٻن ڏينهن جيئڻ لاءِ اسان جي محترم دوست فهيم نوناري ڪيڏو فهم کان ڪم ورتو ۽ جو به مشاهدو ماڻيائين ان جو اندازو پڙهندڙ پاڻ لڳائي سگهن ٿا ته فهيم سائين جن ڪيترا ڏاها ۽ ادب دوست آهن. شال سندس قلم جي رواني سنڌو جي موجن جيان روان رهي.
راڻو ڪا رات ويو ڪري ڳالهه ڳجهي
تنهن سان من منجهي منهنجو پيو مامري.
(شاهه)
ــ پروفيسر محمد جڙيل سانگي
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
***



ادارن جو باني ــ فهيم نوناري

سائين فهيم نوناري منهنجي لاءِ قابل احترام ۽ عزت لائق آهي. سندس جون تعليم جي واڌاري ۽ نوجوانن ۾ انگريزي ٻولي سان تعلق جوڙڻ واريون ڪوششون منهنجي زندگي ۾ اتساهه ڏيندڙ آهن اهو ئي سبب آهي جو آئون پاڻ سماجي ڪمن ڪارين ۽ تعليم کي مقصد سمجهي بنا ڪنهن في جي ڪيترن ئي ٻارڙن کي مختلف اسڪولن ۾ داخل ڪرايو آهي ۽ هر وقت سائين فهيم نوناري جو مون سميت نوجوانن توڙي هڪ جيڏن لاءِ رهنمائي جو ڪردار رهيو آهي. سائين فهيم نوناري جي ڪيترن ئي لکڻين سميت هن “خوابن جي ڊائري” مشتمل ڊائري ورقن جو به مطالعو ڪيو آهي جنهن ۾ ڄاڻ جي فراهمي کان ويندي لکڻي جي رواني تائين وارو مواد موجود آهي. منهنجي دعا آهي ته سائين فهيم جي قلم ۾ اڃا زور اچي ۽ اهڙيون لکڻيون تخليق ڪري جيڪي اسان جي سماج جي نوجوانن جي رهنمائي ڪري سگهن.
ــ حاڪم ايڇ ايم چانڊيو
صحافي
سنڌالاجي، ڄامشورو
***
مانوارو سائين! فهيم نوناري صاحب ڪيتري وقت کان علمي ادبي تعليم خاطر ڪوششن ۾ رات، ڏينهن جاکوڙِيندو رهي ٿو. ايئن کڻي چئجي ته واڌاءُ ناهي استاد بخاري اهڙن انسانن لاءِ چيو:
سُرها ماڻهو هي ڪنڊن تي وقت نڀائي ويندا هن
ليڪن پٺيان ايندڙ خاطر گل وڇائي ويندا هن
سائين فهيم انهن سٽن جيئن بلڪل مخلص روح ۾ آهي.
ــ سڪندر بڙدي
آرٽسٽ
سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
***

فهيم نوناريءَ جو هيءُ سفرنامو سندس سفري سکن ڏکن، مطالعي ۽ مشاهدن جو نچوڙ ته ضرور آهي پر هن لکڻ واري روايت کي وڌائڻ ۽ ترقيءَ ۾ ٻين کي پڻ همٿايو آهي. اميد ته سندس شعوري سفر ۾ قلمي پورهيو سدائين جاري رهندو ۽ سنڌي ادب کي سيرياب ڪندو.
ــ ڊاڪٽر مولابخش ٿيٻو
ايم.ايس
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڄامشورو
***
ڄامشورو جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ علم جي شهر سان سڃاتو وڃي ٿو اتي علم وادب ۽ سنڌي ثقافت سان روحاني لڳاءُ رکندڙ سدا ملوڪ شخصيت مانوارو ڊاڪٽر فهيم نوناري صاحب جن جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. خاص طور ٻهراڙي کان سنڌ، مهراڻ توڙي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن جي رهنمائي ۽ فري ڪوچنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ. نوناري صاحب جي خدمتن کي خراج پيش ٿو ڪريان. اميد ته هن دوست عظيم انسان جو خدمتون سنڌ سر زمين تي آباد هر فڪري طبقي جي ماڻهن جي ترقي ۽ ڪامياب لاءِ لاڀائيتيون ثابت ٿينديون.
فهيم نوناري صاحب جو علمي پورهيو پڻ اسان سڀني لاءِ سٺي ڄاڻ ۽ اتساهه آهي. شال نوناري صاحب خوش ۽ آباد رهي. آمين
ــ غلام نبي ڪاڪا
ڊائريڪٽر سيڪيورٽي
سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
***

سيلف ڊسيپلين ۽ وقت جو پائبند اديب!

فهيم نوناري سان منهنجو تعرف جو سلسلو ڪجهه هن ريت رهيو جو اسان کي سينٽر آف ايڪسلينس ان آرٽ ۽ ڊزائين ۾ هڪ انتهائي قابل، فرض شناس اهڙي استاد جي ضرورت پئي جيڪو انگريزي ٻوليءَ جو نصاب تمام سهڻي نموني نه صرف پڙهائي سگهي پر ان نصاب کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي به مڪمل اهميت رکندڙ هجي. ان وقت مون کي اسان جي فائن آرٽ ڊپارٽمينٽ جي هڪٻئي قابل استاد ۽ منهنجي دوست محترم علي عباس جعفري صاحب فهيم نوناري صاحب جو نالو تجويز ڪيو. مان جعفري صاحب تي ئي اهو ڪم رکي ڇڏيو ته فهيم صاحب سان رابطو ڪري ۽ ان کي آماده ڪري.
فهيم نوناري صاحب هڪ گهڻ طرفي شخصيت جو مالڪ آهي. انهن ۾ ادبي رخ ۾ متحرڪ هجڻ، هڪ استاد، هڪ سٺي دوست، سٺي والد، بهترين دوست آئيڊل اديب ۽ سياح جون جملي خوبيون موجود آهن. سو جنهن وقت جعفري صاحب نوناري صاحب کي CEAD ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ان وقت تائين هو ڪنهن ٻي ڪم ۾ لڳي ويو هيو ۽ اسان کان معذرت ڪيائين پر منهنجو هڪ تعلق جڙي پيو. ساڳي وقت اُن سان گڏ پنهنجن مختلف ماڻهن جو هڪ گروپ به ٺهي پيو، جن ۾ ڊاڪٽر سرجن ڊاڪٽر محمد حسين مگسي، ڊاڪٽر پروفيسر وزير علي بلوچ، ذوالفقار هيسباڻي، ريڊيو پاڪستان، انجينئر محمد اشرف سهاڳ ۽ سليمان بلوچ شامل آهن. اڪثر هفتي جي آخري ڏينهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن به هڪ جي ميزبانيءَ ۾ ويهي ريهاڻيون ڪندا رهندا آهيون. ڊاڪٽر مگسي صاحب کي گورک هل سان تمام پراڻي انسيت رهي آهي. اسان ان جون اهي ويڊيو ڏٺيون جڏهن جوانيءَ ۾ هو پيدل ۽ اٺن جي ڪافلي سان هفته کن جي مسافت طئه ڪري اتي ويو. اتان جي ٿڌڙي موسم، پاڻيءَ جا چشمه اتان جي وڻن، ٻوٽن، مثال طور پيش، پنيسر، ڏاڙهون، ٿوهر، هينگڻ، تلاءَ، پکين جن ۾ باز ۽ ٻين جو ذڪر رهندو آهي ان مان خوب مزا وٺندا رهندا آهيون. هڪ دفعي اسان گڏجي گورک جو سير به ڪيو.
فهيم نوناري صاهب وقت جي پابندي ۽ سيلف ڊسيپلين ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي جڏهن ويجهڙائپ سان ان جو مشاهدو ڪبو ته هڪ يورپين اسٽائل جو ماڻهو لڳندو. ڪڏهن ڪڏهن مذاق ۾ آئون فهيم کي اهو به چئي وٺندو آهيان ته تنهنجو روح ته انگريزن جهڙو آهي، ڇو غلطيءَ ۾ هت سنڌ ۾ ڄمي پئين، توکي برطانيه يا آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ پيدا ٿيڻو هيو، ان تي ڏاڍو کلندا آهيون. فهيم صاحب وٽ جيڪڏهن ڪو خان، خان جوپٽ بغير وقت وٺڻ جي پهچي ويو ته پنهنجي قسمت کي چئي باقي ملاقات تقريبن ناممڪن. ڇو ته اديب هجڻ جي ناتي هو هميشه ڪنهن نه ڪنهن تخليقي ڪم ۾ لڳل رهندو آهي ۽ ان کي ڇڏي ڪنهن سان ملڻ کي ڪڏهن به ترجيح نه ڏيندو آهي. البته ڪو ضرورتمند اڌ رات مڌ رات جو ڪو عزيز دوست يا پاڙيسري سونهون يا اڻ سونهون فون ڪندو يا ملڻ ايندو ته ان ساڻ گڏجي هلندو ۽ مسئلي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺندو، ڇو ته فهيم بنيادي طور (Social Worker) سماج سڌارڪ آهي.
ان کان علاوه اسانجو تعلق ان وقت جڙيو جنهن وقت محترم رفيق ٻرڙو صاحب سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمين ٿي آيو. محترم ٻرڙي صاحب ان وقت سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ جي چيرمين ٿيو جڏهن تعليم جو کاتو مرڪز کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيو. رفيق صاحب هڪ فرض شناس، دورانديش ۽ غير معمولي فهم و فراز جو مالڪ آهي. ان اچڻ سان هڪ ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو. جنهن ۾ سنڌ مان سڄاڻ ماڻهن کي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي پليٽ فارم تي جمع ڪيو ۽ ان گڏجاڻيءَ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته نه صرف ٽيڪسٽ بوڪ ۾ نصابي تبديل درڪار هئي ته پر خود ڪتاب ۾ استعمال ٿيندڙ پنو، جلد بندي، هرهڪ صفحي جو لي آئوٽ ۽ مڪمل ڊزائين ۾ تبديلي پڻ درڪار هئي. اهو ڪم پرائمريءَ کان وٺي ٻارهين ڪلاس تائين هرهڪ مضمون لاءِ درڪار رهيو ان لاءِ هڪ مشوراتي اداري Advisory Committee قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. ان ۾ فهيم صاحب سان گڏ هن راقم الحروف کي شامل ڪيو ويو. پوءِ هڪ ٻيو سلسلو شروع ٿيو فهيم کي ويجهي کان ويجهو مشاهدي ڪرڻ جو موقعو مليو. ان ڪميٽي کي سنڌ جي تعليمي ڍانچي کي مڪمل هڪ دورانديش رخ تي رکڻ جو ڪم سونپيو ويو. جنهن جو چيئرمين هڪ سڄاڻ محترم ڊاڪٽر محمد ميمڻ کي ڪيو ويو ۽ سيڪريٽري فهيم نوناري ٿيو هيو. ان سڄي ۽گهڻ طرفي ميل ميلاپ ۾ معلوم ٿيو ته فهيم هڪ جامع پهلوئن وارو پڙهيل لکيل سنڌ جو ساڃاهه وند انسان آهي. هر وقت سنڌ ۽ ملڪ جي ترقي ۽ واڌاريءَ لاءِ متحرڪ رهڻ وارو سنجيده شخص آهي. مون کي بيحد خوشي آهي ته هو منهنجي پنهنجي ويجهن دوستن جي حلقي جي تانڃي پيٽي ۾ شامل آهي. هن ننڍڙي ڪتابچي ۾ اوهان کي معلوم ٿيندو ته سياحت وقت هو مختلف شين کي ڪيتري گهرائپ واري نظر سان ڏسي ۽ پرکي ٿو.
ــ ڊاڪٽر پروفيسر ڀائي خان شر
CEAD ڊائريڪٽر مهراڻ يونيورسٽي، ڄامشورو
**
سٺو استاد ۽ سٺو دوست!

هن دنيا ۾ هرڪو چاهيندو آهي ته مون کي هڪ سٺو استاد، سٺو دوست ۽ هڪ اهڙو همدرد انسان ملي جيڪو هن معاشري ۾ نه صرف براين کان بچائي پر تعليم ۽ تربيت به ڪري ۽ هن معاشري کي درسگاهه جو پيچرو ڏيکاري جنهن ۾ منهنجو استاد، دوست سائين فهيم نوناري اول حيثيت رکي ٿو، هُن مون کي پڙهايو ۽ درس ڏنو ته علم کي ڦهلايو جيڪا ڳالهه پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٻئي انسان لاءِ اُها تمنا رکو، ۽ وڏا ڪم ڪريو، دنيا گهمو ۽ غريبن جي مدد ڪريو، جتي هجو اُتي علم جو ڏيئو ٻاريو.
ــ دوست محمد بروهي
قطر / دبئي حيدرآباد، ڄامشورو
ٻين لاءِ جيئڻ

جيڪي ٻين لاءِ جيئن ۽ خاص ڪري پنهنجي قوم لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏين. فهيم نوناري به انهن منجهان آهي هو ڄامشوري جو هڪ سماجي اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. کڻي ايئن چئجي ته ڄامشوري جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ مسڪين ۽ لاچار ماڻهن جو همدرد ۽ مسيحا آهي. مون وٽ اهڙا لفظ ئي نه آهن جو مان سائين فهيم نوناري کي ڀيٽيان. صرف ايترو ضرور چوندس ته انسان جو قدر ڪرڻ سکو ڪنهن به انسان کي ڏکايو نه غريبن ــ لاوارٽ ۽ مسڪينن جو خيال ڪريو جيئن سائين فهيم نوناري ڪري رهيو آهي. منهنجي دُعا آهي ته فهيم نوناري ڪڏهن به ڏکيو ڏينهن نه ڏسي. حق ۽ سچ جي هلڻ واري کي هي سماج پسند نه ڪندو آهي. پر الله توهان جي حفاظت ڪندو “آمين”
خادم
ــ ڊاڪٽر راجڪمار رتناڻي
سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو
***
پنهنجا خيالات ڊائري جي مطابق

مان ڏاڍو شڪر گذار آهيان پنهنجي استاد فهيم نوناري صاحب جو جن جي ڊائري منهنجي سوچ کي تبديل ڪيو. مان هن وقت ڏاڍو خوش ٿيس جنهن وقت سائين فهيم مون کي جو ڊائري ڏني، مون کي ائين محسوس ٿيو هن وقت ته منهنجي هٿن ۾ هڪ دانشور، اديب رهبر ۽ استاد جا خيال ۽ سوچ ۽ سفر، زندگي جو خزانو مون کي ملي ويو، جيڪو منهنجي سوچ ۽ خوابن کي تبديل ڪندو. مان اُنهي ئي وقت ڊائري کڻي گهر ۾ رات جو پڙهڻ شروع ڪيم.
جڏهن مون ڊائري جو پهريون ورق پڙهيو جنهن جو موضوع “اڪيلائي جو عذاب” هو منهنجي سوچ کي يڪدم هڪ ڦيرو اچي ويو ۽ مون قلم کڻي لکڻ شروع ڪيو.
انقلابي بيت پڙهندي ته اڃا وڌيڪ باشعور ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي همت، هڪ نظريو ۽ سوچ ملي. ڊائري کي پڙهندي پڙهندي آخرڪار مون کي اُن سوال جو جواب ملي ويو. جيڪو هميشه منهنجي ذهن ۾ هوندو هو ته سائين فهيم آخرآمريڪا مان واپس سنڌ ۾ اچڻ جي لاءِ ڇو ايترو بيقرار هئا ۽ ايترن سهولتن هوندي به اها محبت سنڌ لاءِ هتي اچو ته سکون ۽ محسوس ڪيون ۽ سائين جي ڊائري ۾ ويٽنامي شاعر جو لکيل شعر ڊائري ۾ ڄڻ منهنجي سوال جو جواب هيو ته:
“ياد رک تو وٽ عقل ۽ علم تنهنجي وطن ۽ قوم جون امانتون آهن.
امتحان پاس ڪري وطن جي ويرين وٽ ڪرسي ماڻڻ تنهن کان وڌيڪ بي حيائي ذلالت ۽ غداري ڪانهي پنهنجي علم کي پنهنجي وطن جي ڦٽل نصيب سنوارڻ لاءِ وقف ڪر.”
مون کي ڊائري پڙهي ڪري ڏاڍي خوشي ۽ ڄاڻ ملي، ايئن پيو لڳي مان پاڻ به سائين سان گڏ آمريڪا پيو گهمان، انهن جو ماحول انهن جي سماجي ۽ خوشحال زندگي کي پڙهي دل چاهي ٿي ته اهڙن ماڻهن جي خيالن کي سلام پيش ڪجي.
سائين فهيم هر مشڪل کي منهن ڏئي به پنهنجو امتحان پاس ڪيو ۽ ايم.فل جي ڊگري به حاصل ڪئي. سندن مون هن کي اهڙي شاندار، مثالي سفري گائيڊ لکڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.
ـ سجاد برهماڻي
چيف منٽر
آڪسفورڊ ناليج سينٽر، ڄامشورو
***


خوش بهار ماڻهو

فهيم نوناري صاحب جنهن کي جڏهن به ڏسجي ٿو ملجي ٿو ته بوءِ بهار جي محسوس ٿيندي آهي. اها ئي جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيت جي آخري سٽ جي اهڃاڻ سان وابسته آهي.
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي(شاه)
فهيم نوناري هڪ پيارو دوست ــ سنڌ پرست ــ ادب دوست ــ علم دوست ــ جنهن ۾ نه رڳو مقامي، بلڪ ڏيهي پرڏيهي خيال ۽ پروگرام سڀ ۾ نوناري سائينءَ کي هميشه ڪنهن نه ڪنهن مثبت منصوبي تحت رڌل ڏٺو آهي. تمام ٿڌو مزاج، هر ڳالهه کي عقل و فهم جي تارازيءَ ۾ توري تڪي سائين بهترين فيصله صادر ڪندو آهي. هن عمر جي مرحلي ۾ به تمام متحرڪ ۽ اڳتي اڳتي نظر ايندو آهي.
سياسي، سماجي، شعوري، سنڌيت، وطن دوستي يا ملڪ دوستي تي علمي ادبي ثقافتي ڪم هجن هميشه ان جي شخصيت مان ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ لاڀ پرائيندو آهي. مولا وڏي ڄمار ۽ همت ۽ توفيق در توفيق عطا فرمائي ته هو هن ڌرتي ــ هن ثقافت ۽ علم وادب جي خدمت ڪندو رهي.
دعاگو
ــ پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي
فنڪار ۽ آرٽسٽ
ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمنٽ
يونيورسٽي آڦ سنڌ
***

ترقي پسند ليکڪ

پروفيسر فهيم نوناري، سنڌي علم ۽ ادب لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ليکڪ آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ زندگي جا تجربا ۽ مشاهدا ائين ئي بيان ڪيا آهن جيئن هن زندگي کي ڏٺو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت، سماجي ۽ تعليمي تحريڪن ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. زندگيءَ ڏانهن سندس رَويو مثبت رهيو آهي ــ پاڻ زندگي کي بهتر بنائڻ ۽ تبديلي جي جدوجهد ۾ به سدائين اڳڀرو رهيو آهي. هُو، روشن خيال، سجاڳ ۽ ترقي پسند ليکڪ آهي هُن لاءِ ادب رڳو تفريح ۽ وندر نه پر سماجي تبديلي جو اهم ذريعو آهي ــ هُن، پنهنجي يادگيرين کي رڪارڊ ڪيو آهي. جيئن اسان جي پياري شاعر اياز گل چيو آهي ته:
يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي،
ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي. (اياز گل)
ــ پروفيسر ادريس جتوئي
ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم
ڄامشورو، سنڌ
***
فهيم هڪ نفيس انسان

عقل ۽ ڏاهپ قدرت طرفان ملي ٿي اسان جو دوست يارن جو يار فهيم نوناري سچ گو سادو حقيقت پسند عقل ۽ ڏاهپ جا اهي سڀ رنگ هن ۾ موجود آهن، هر رنگ ۾ فهيم نوناري نظر اچي ٿو پر سندس طبيعت سادي سلوڻي ۽ اٿڻ ويهڻ، رهڻ جو اسٽائيل حسين اداڪارن جهڙو اٿس سوچيندو آهيان ته هي يار اداڪار ڇو نه ٿيو. بهرحال اها قدرتي ڏات آهي، اسين دعاڳو آهيون ته الله سائين هن جي قلم ۾ اڃان به طاقت ڏي ڌرتي وارن لاءِ لکندو رهي ڏيهه توڙي پرڏيهه گهمندڙ فهيم جڏهن بلوچي ڳالهائيندو آهي ته سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته نوناري ۽ بلوچي بهرحال جيڪب آباد جي گرم مٽيءَ جو ماڻهو علم ادب ۽ ڏاهپ جو شاندار نمونو آهي.
فهيم نوناري خود ته هڪ نفيس انسان آهي ۽ سندس گهر جي ڇت به فنڪارانه انداز ۾ ٺهيل آهي جڏهن مٿان بيهبو ته سنڌو نظر ايندو ڪوٽڙي توڙي حيدرآباد آساني ڏسي سگهجن ٿا نيشنل هاءِ وي تان گذرندڙ گاڏيون انهن جون ٽمڪندڙ مشعل جهڙيون جادوئي بتيون نظر اينديون جيڪڏهن ڪو ٿڪل انسان هجي ته هن ڇت تي ٿڪ ته لهي ويندو ليڪن نظاره ڏسي لکڻ تي دل پڻ گهرندي. فهيم جيڏو وڏو ماڻهو آهي اوترو سادو ۽ يارويس انسان آهي.
قلم کڻڻ هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي ڇو جو درسي ڪتابن ۾ هن جو خدمتون ڏسي سگهن ٿيون ڪهاڻي، ناول نگاري، شاعري سندس جا احساس آهن سڀ کان وڏي ڳالهه فهيم جي ڪمزوري به اها هنجي امڙ، دنيا گهمندي ماڻهن ملندي ڪنهن جو هن تي اثر نه پيو امڙ سامهون آئي ته سڄي ڪائنات هن وٽ پهچي وئي ننڍن ٻارن وانگر لاڏ ڪوڏ ڪرڻ ماءُ کان دعا وٺڻ هر ڪچهري ۾ فهيم پنهنجي ماءُ ۽ ناني صدوري جو ذڪر هر صورت ۾ ڪندو.
اسين سڀ ڀاءُ فهيم نوناري لاءِ هر وقت دعاڳو آهيون الله سائين کيس اڃا ترقي ڏي.
ــ ذوالفقار هيسباڻي
سينئر براڊ ڪاسٽر
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
***
محترم فهيم نوناري جي شخصيت جي اهم ڳالهه جيڪا مون کي نظر آئي اها هيءَ آهي ته ڪچهري ۾ اجائي ڳالهه نه ڪرڻ ۽ هميشه بامقصد ڳالهين تي راءِ ڏيڻ آهي. تمام پيارو دوست ۽ سچو ساٿي آهي. هن جي ڊائري ۾ سڀ لکيل ڳالهيون حقيقت معلوم ٿين ٿيون جن جي پڙهڻ سان اسان کي شاندار معلومات ملي ٿي.
ــ پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ
ڊين آف ريسرچ
يونيورسٽي آف سنڌ
***

منهنجي شهر جو ماڻهو
سائين فهيم نوناري منهنجي شهر جو ماڻهو پنهنجي محنت ۽ همت ذريعي اڄ جنهن هنڌ آهي اِهو اسان سڀني جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ... هن سان ملي ڪري بيحد ڀلو لڳندو آهي ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي.
سندس ۽ هي ڊائريءَ ورق سندس قلم جي سگهه سان گڏ سندس شخصيت جي لڪل انسان کي ڳولهي اسان اڳيان بيهارين ٿا. سندس لکڻ جو سهڻو انداز توهان به پڙهو ۽ سندس انداز، اسٽائل مان خوب مزي سان گڏ انڊلٺي رنگ پسيو.
ــ عباس سارنگ
جيڪب آباد
***
ادا فهيم کي مون پهريون ڀيرو تڏهن ڏٺو هو جڏهن هو شاگرد سياست جا سرگرم اڳواڻ هئا ۽ اسان سندن گهر ٺل ۾ سندن گهر جي ڀينرن سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو يونٽ کولڻ ويون هيونسين. تڏهن کان اڄ تائين ترقي پسندي ۽ عورت دوست واٽ تي سندن سفر جاري آهي.
ادا فهيم جي هي ڊائري سچ پچ ته انهن سمورن سنڌي نوجوانن لاءِ رهنما آهي جيڪي پنهنجي اڀري سڀري حال هوندي به پرڏيهه تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا. هي ڪتاب هر ان نوجوان کي ضرور پڙهڻ گهرجي جيڪي پڙهائي يا ڪنهن ٻئي سلسلي ۾ پرڏيهه وڃن ٿا.
ــ زاهده شيخ
17 مارچ 2015ع، سنڌالاجي ــ ڄامشورو
***

هوائون، هوائون، خوشبوئن جيان!

منهنجو مانوارو دوست فهيم نوناري اتر سنڌ جي هوائن سان گڏ اڏرندو اڏرندو اچي ڄامشوري جي هوائن سان هم ڪلام ٿيو. سندس اها هم ڪلامي، علم، ادب، ڄاڻ جي کاڻ بنجي ڏورانهين ڏيهن جي هوائن سان مِلڻ لاءِ نڪتي ته ڪيترن ئي ملڪن جي گرم ــ سرد ــ خشڪ ماڪ ڦڙين ۽ سامونڊي قطرن سان وهنتل هوائن سان هم ڪلام ٿيندي جذب حيرت، تجسس روشني ۽ ڏاهپ کي سيني ۾ سانڍي سفر ڪٿائون، پُرلطف فضائون، سائنس، سماج ۽ سياست جا انيڪ موضوع کڻي وري ڄامشوري ۾ اچي هوائون، هوائون خوشبوئن جيان وکيري ڇڏيون آهن. سندس سفرنامو ــ سفر ڪٿا ــ سنڌ لاءِ هڪ بي بها، بادنسيم، باد صبا ۽ بهار رت جي ڀرپور مهڪ سان سلهاڙيل آهي. مون کي پڪ آهي ته هي ڏيهه ــ پرڏيهه جون هوائون هاڻ سنڌ جي هوائن ۾ جذب ٿي هڪ نئين ڄاڻ ــ کاڻ جو هڪ نئون انداز آهي ۽ پڙهندڙ هِن کي هانءُ سان هنڊائيندا.
ــ سليم چنا
شاعر ۽ ناول نگار
حيدرآباد
***
سائين فهيم نوناري صاحب

سائين فهيم صاحب اسان جو استاد آهي جنهن سٺي تعليم ڏيئي هن معاشري جو سٺو پرزو بنائڻ جي عملي ڪوشش ڪئي سائين فهيم آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ پر سائين روحاني طور هڪ عظيم انسان ۽ بهترين استاد آهي ان لاءِ سائين جي دلي خواهش اهي ته منهنجي وطن جو هر فرد پڙهيل، قابل ۽ ڀڙ هجي. ان لاءِ هي عظيم انسان رات ڏينهن پنهنجي محنت ۾ اڳڀرو آهي. سائين علم ۽ عقل ۾ اعليٰ جدوجهد جو سولو سادو طريقو اختيار ڪيو آهي کيس جديد علم جو ڄاڻو تاريخ کان گهڻو واقف سنڌي ۽ انگلشن ٻولين جو ماهر آهي . هر نوجوان سائين کي ڏسي خوشيءَ ۾ باغ بهار ٿيندو آهي اگر سنڌ ۾ هر اداري جو سربراهه سائين فهيم جهڙو محنتي ۽ قابل ماڻهو کي ڪيو وڃي سنڌ ضرور ترقي ڪندي.
ــ محمد قاسم بليدي
مانيٽر آڪسفورڊ ناليج سنيٽر
***
جهڙو ٻڌو سين اهو ڏٺوسين سنڌ ۾ گهٽ سٺا ماڻهو آهن انهن سٺن ۽ عقلمند ماڻهن مان سائين محترم فهيم نوناري صاحب به هڪ آهي منهنجي دعا آهي الله سائين فهيم صاحب کي ماءُ پيءُ جي دعائن هيٺ پنهنجي ٻچن سميت آباد رکي.
آمين
آءٌ دعاڳو
ــ محمد جمن ڀٽي
سگهڙ، ڄامشورو سنڌ
***
محترم فهيم نوناري، جنهن پنهنجي تعليم دوران ڏهن ملڪن جو نه صرف دورو ڪيو پر گهڻين ڳالهين جو اڀياس به ڪيو ۽ جنهن ڊائري ۾ سڄي سفر جي روئداد بيان ڪئي اٿس سا نه صرف ساراه جوڳي آهي پر پڙهندڙن لاءِ به هڪ اتساهه آهي. خاص طور نوجوانن لاءِ.
ــ اسلم بلوچ
17 اي. بلاڪ اي، قاسم آباد، حيدرآباد
***

نوناری صاحب ایک ادیب، ایک فنکار اور ایک فلاسافر ہیں۔ یوں سمجھا جائے کہ وہ ایک ایسا لکھاری ہے جس کی تحریر میں زندگی ملتی ہے، ایسی زندگی جسمیں جینے کی آرزو پیدا ہوتی ہے۔
- اقبال راہی
ایڈیٹر فلمی مئگزین ، حیدرآباد
***

سنڌ جو گهڻگهرو

ننڍپڻ کان منهنجي طبيعت ۾ ماٺاڻ رهي، آءٌ خاموش رهندو هئس، ٻه ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائيندا هئا ته مون کي حيرت وٺي ويندي هئي ته اهي ڳالهائي ڪيئن ٿا سگهن، مون کي محسوس ٿيندو هئو ته مون وٽ ته لفظ ئي ڪونهن، مان ڇا ڳالهايان ڪجهه سمجهندو ئي ڪونه هئس، ڪچهريءَ ۾ ويهڻ ته مون لاءِ عذاب کان گهٽ ڪونه هوندو هئو.
ڏينهن ايئن گذرندا رهيا، جڏهن نائون درجو پڙهڻ لاءِ مون ميرپور ٻرڙو، هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ته مون کي لڳو آءٌ هتي رهي نه سگهندم، ان زماني ۾ شاگرد سياست عروج تي هئي مون کي اتي خبر پئي ته شاگرد به سياست ڪري سگهن ٿا.
انهن ڏينهن ۾ الائي جي ڪيئن ڪن سنڌ جي گهڻگهرن مون کي ڳولي لڌو ۽ مون ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه ڏٺي جو مون کي شاگرد سياست ۾ آڻڻ لاءِ منهنجي ڳوٺ جا ڀيرا ڪرڻ لڳا، انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ مبارڪپور ۾ اسانجو ٽولو هوندو هئو جنهن ۾ اظهر چنو، جاويد ڀٽو، سجاد ڀٽو ۽ ڪجهه ٻيا دوست هئاسون، سنڌ جي گهڻگهرن اسان سان ڪچهريون ڪيون.
سنڌ جي گهڻگهرن ۾ مون سان فهيم نوناري صاحب مليو، اصل ۾ هن جو سڄو توجه اظهر چنو تي هو پر جيئن ته اظهر چنو جي طبيعت ۾ يڪجوئي ۽ سنجيدگي نه هوندي هئي سو هو اڳتي هلي نه سگهيو پر مون سياست ۾ دلچسپي ورتي ۽ ائين فهيم صاحب مون سان ملڻ لاءِ منهنجي ڳوٺ ايندو رهيو ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي به پابند ڪيو ته مون سان ملندا رهن، انهن ۾ ڪميٽيڊ ۽ آڳاهون هئو محمد خان نوناري.
ان کانپوءِ مون باقاعده دلچسپ ورتي پر مونسان ڳالهائڻ وارو مسئلو اڃا رهيو. محترم فهيم نوناري صاحب انهن ڏينهن ۾ مون تي تمام گهڻو ڪم ڪيو هن منهنجي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ مون کي ڪتاب به پڙهايا ۽ پرپٺ ادارن کان ڪتاب وي.پي ڪرائي موڪليندا هئا، فهيم صاحب ۽ ٻيا دوست انهن ڪتابن بابت سوال به ڪندا هئا ۽ پوءِ اسانجي ڳوٺ مان رڳو مان هنن سان گڏجي ويم ۽ اعليٰ عهدي تي به پهتم.
مان ڪجهه لکي پڙهي ڳالهائي سگهان ٿو ته ان ۾ فهيم صاحب ۽ ڪجهه دوستن جي وڏي محنت شامل آهي، ڊاڪٽر وزير گهنيو، ظفر چنو جڏهن ڳوٺ ايندا هئا ته اهي مون کي ڪو موضوع ڏيئي ان تي مون کان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪرائيندا هئا.
بهرحال فهيم نوناري صاحب جو مون تي خاص محنت ڪئي، ان ۾ هن جي ڄاڻ، ڪميٽمينٽ ۽ طبيعت جو ميٺاج به شامل هئو، هن ۾ ماڻهو ٺاهڻ ۽ سنئين واٽ تي آڻڻ جو ڪمال جو ڏانءُ هئو ۽ مان سمجهان ٿو اهو هن وٽ اڄ به آهي، اڄ هو پنهنجي محنت سان ڪافي ملڪ گهمي آيو آهي ۽ اهڙو احوال ڪتابي صورت ۾ به آندو اٿس ۽ مون کي اتساهيو اٿس ته ان جي ڪتاب تي لکان.
مان رڳو ايترو لکي ٿو سگهان ته فهيم صاحب ڏاڍو محنتي، هڏڏوکي، اتساهيندڙ، ٺاهيندڙ ۽ اڳتي قدم وڌائيندڙ اجهاڳ سمنڊ جهاڳيندڙ ڪردار آهي، هن مون کي شاگرد سياست ۾ آندو ۽ ائين پهريون ڀيرو مان پنهنجي ڳوٺ، ضلعي کان ٻاهر نڪري سنڌ جي چپي چپي کي چميو، جتي به مرڪزي پروگرام ٿيندا هئا، ڪراچي، حيدرآباد، راهوڪي، سکر، لاڙڪاڻو، مطلب جتي سڏ ٿيندو هو اتي وڃي پهچبو هئو ۽ اهو سڄو سارو ڪريدٽ محترم فهيم صاحب ڏانهن وڃي ٿو، انهن ڏينهن ۾ منهنجو گهڻو ساٿ نور نوناري به ڏنو هو ان وقت سجاڳ ۾ هو.
هن وقت فهيم صاحب حيدرآباد رهي ٿو سندس سٻاجهڙي طبيعت اڄ به مون کي ڇڪيندي آهي جيڪب آباد ايندو آهي ته ضرور ملندو آهي، فون تي به رابطو اٿس ۽ هميشه چوندو آهي ته جيڪب آباد کي ڇڏ حيدراباد اچ ۽ اڳتي وڌ.
ماڻهوءَ کي اڳتي آڻڻ ۾ هن وٽ ڏانءُ آهي، دليل ڏيئي متاثر ڪرڻ ۾ به ته بادشاهه گُر آهي، دنيا جهان جي انقلابن، ادب، فلسفي، سياست توڙي تاريخ جي ڄاڻ اٿس ان ڪري جڏهن ان ڄاڻ جا واهڙ وهائيندو آهي ته مون کي ائين لڳندو اٿم ڄڻ رسول بخش پليجو ويٺو ڳالهائي.
سندس ڪتاب ۾، جنهن ۾ سندس گهميل ملڪن جو احوال آهي، به پڙهندڙن کي اهڙي ڄاڻ ۽ سندس ڏانءُ نظر ايندو ۽ ائين سندس هي ڪتاب به اسان لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. سنڌ جو هي نوجوان گهڻگهرو ماٺ ڪري ويٺو نه آهي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪري ٿو، اهو هن جي ضمير ۽ خمير ۾ شامل آهي.

ــ شبير سومرو
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت
جيڪب آباد
***

جناب سائين فهيم نوناري
مانوارا سائين فهيم:
السلام عليڪم
شال سدائين خوش رهو ۽ خوشيون ماڻيو مانائتا سائين اوهان علم ادب سان ڪافي وقت کان وٺي دلچسپي رکوٿا. اها اوهانجي خوش قسمتي چئجي اوهان جو ڪافي شهرن جو شوق سان سير تفريح به ڪيل آهي، ۽ علم به پرايو آهي اوهان پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي آهي ۽ غريب شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ جو ڪم گذريل 30 سالن کان جاري رکيون اچي. اڳتي به علم ادب سان اميد ته دلچسپي رکندا ۽ دلچسپي ڏيکاريندا رهندا. ۽ پنهنجي علم ۽ ڄاڻ ٻين تائين پهچائڻ جي پرچار ڪندا رهندا.
مهرباني
مانائتا سائين اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن. ساٿ سلامت
ــ غلام الرسول قريشي
چنا لڪل عيسن نزديڪ سيوهڻ
حال رهائش سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي
****
محبت جو درياهه
محترم فهيم صاحب تمام پيارو دوست ۽ سڀني جو يار آهي. ساڻس ملاقات بورڊ ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي جيئن ته پاڻ انگريزي جا ماهر آهن تنهن ڪري اسان کي ڪابه انگريزي ۾ ڪا ڏکيائي ٿيندي آهي ته اسان سندس مدد حاصل ڪندا آهيون. جڏهن ته پاڻ به اسان وانگر ايڊنبرا رهي آيا آهن تنهن ڪري سندس ۽ اسان جا پيارا دوست ساڳيا آهن ايڊنبرا ڊاڪٽر قادر نواز قريشي صاحب ۽ اسان جو دوست سيد نيڪ محمد شاهه (نثار حسيني) ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب “ديس پرديس” ۾ فهيم صاحب تمام گهڻي مدد ڪئي. جيئن ته اسان سائين نثار حسيني سان گڏ ٻنهي ڳالهين سان گڏ ڊرامن ۾ به گڏ آهيون. تنهن ۾ فهيم صاحب اسان سان ۽ سماجي ڪمن ۾ به گڏ رهيا آهن سندس محبت جي انتها ته مون کي پنهنجي پئداش جي تاريخ ياد نه هوندي آهي پر فهيم صاحب منهنجي سالگره جو بندوبست ڪري ڇڏيندو آهي. اهي قرب اسان وساري نٿا سگهون. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ڪجهه دوستن مان هڪ محترم ۽ منهنجو پيارو دوست فهيم جنهن ۾ سڀني ماڻهن لاءِ محبت موجود آهي پاڻ ڄامشورو ڦاٽڪ تي هڪ مفت اسڪول به هلائيندا آهن. جنهن ۾ مزدور غريب، ماڻهون ۽ انهن جا ٻار پڙهندا آهن جنهن لاءِ پاڻ چوندا آهن ته اهي سڀئي منهنجا دوست آهن. سندس ڪتاب لفظ به لفظ محبت سان ڀريل آهي انهي سفرنامه کي محبت جو درياه سمجهو وڃي.
ــ قاضي فياض
سينئر پبليڪيشن آفيسر
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو
***
سخي مرد جي ڊائري

محترم فهيم نوناري صاحب خوابن جي ڊائري جي عنوان سان ڪتاب مرتب ڪري سچ ته اسانجي يادگيرين کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور هو لنڊن روانگي کان اڳ ڪراچي ايئرپورٽ تي فلائيٽ جي انتظار واري ڪيفيت / احوال جو ذڪر ٿو ڪري ته ان ۾ UNDP جي نيشنل پروگرام مئنيجر مسعود لوهار جو ذڪر ڪري ٿو تڏهن پاڻ کي 90 واري ڏهاڪي ۾ هزار داستان ڊائچسٽ لاءِ سلسلو لوڪ شهر هڪ ڪهاڻي لکڻ لاءِ مختلف ڪتابن جا ڪيل اهو مطالعا ياد اچن ٿا جن لاءِ ڪڏهن قدم گاهه مولا علي عليه السلام حيدرآباد وڃي راحت القلوب ڪتاب ڏسڻ، حيدرآباد جي مشهور ذاڪر آغا عبد علي شاهه سان شام ۽ عراق جي قديم شهرن بابت سر سبق احوال وٺڻ جا منظر ياد اچن ٿا ۽ سچ ته اهو وقت ياد اچي ٿو جڏهن زندگي انيڪ مونجهارن کان آجي هوندي هئي مسعود لوهار تڏهن هزار داستان ڊائجسٽ جو ايڊيٽر هو جنهن سان ملڻ جو مشورو مون کي اڄوڪي نامياري صحافي نثار کوکر ڏنو هو، صبح جو وقت هو نثار تلڪ چاڙهي تان لٿو پئي کيس چيم ته يار ڪاوش اخبار ۾ لکڻ ٿو چاهيان ته چيائين ڪاوش ۾ تنهنجو مضمون لڳي پڪ نٿو ڏياري سگهان باقي گلستان سجاد ۾ هزار داستان جو دفتر آهي اتي وڃي مسعود لوهار سان مل چڱو ماڻهو آهي هو توکي لکڻ جو ضرور موقعو ڏيندو ۽ پوءِ مسعود لوهار لکڻ جو موقعو به ڏنو ۽ مسعود لوهار سان ملڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري پهتس ته اتي سائين فهيم نوناري سان به مسعود لوهار ئي منهنجي ملاقات ڪرائي آئون سادن ڪپڙن ۾ ملبوس پري کان ئي ڪارڙو ڪوجهڙو مسڪين جڏهن ته فهيم نوناري صاحب بلو ڪلر جي فل سوٽ ۾ هڪ اهڙو خوبرو جوان لڳي رهيو هو جنهن ۾ هڪ ئي وقت پاڪستاني اداڪار درپن ڀارتي اداڪار ڌرميندر ۽ هالي ووڊ جي سپر اسٽار ڪم شريف واريون جهلڪيون موجود هيون يعني منجهس هيرو بڻجڻ جون سموريون خوبيون ۽ ادائون جر ڪيون پئي ۽ هاڻ جڏهن سندس خوابن جي ڊائري جا ورڪ ٿو ڏسان ته هو سفر نامن جي دنيا جو شهزادو نظر ٿو اچي مختصر وقت ۾ فهيم جي قلمي پورهئي تي لکڻ تاج محل کي چُونو ڪرڻ جهڙي ڳالهه ٿي پوندي پر بهرحال اسان پارا گهٽ تعليم يافته هن عظيم مشاهداڻي تخليق تي لکي به ڇا سگهن ٿا پر مزي جهڙي ڳالهه ٻڌايان ته آمريڪا برطانيه وغيره جا تذڪرا پڙهي شايد ڪو قاري فهيم نوناري بابت مغرب نواز هجڻ جي دعوي ڪري ويهي ان لاءِ پڌرو ٿو ڪجي ته فهيم سچ کي As it is لکڻ وارو ماڻهو آهي مثال طور جون 2015ع ۾ جڏهن آئون هي سٽون لکان پيو تڏهن خبر پئي ته فهيم نوناري 10 کن ڏينهن بردار اسلامي ملڪ ايران ۾ به گذاري آيو آهي چيو مانس ته ايران کي هڪ جملي ۾ بيان ڪجو پليز چيائين ايران هڪ زبردست ايماندار اسلامي جمهوريه ملڪ آهي ڳالهه واضع ٿي وئي ته جيڪو ماڻهو ايران بابت سچ ڳالهائڻ کان نٿو مڙي تنهن جيڪو ڪجهه به لکيو آهي اهو سنڌين جي ڀلائي لاءِ لکيو آهي.
اهم گذارش
استاد (Teacher) شاگرد ۽ والدين فهيم نوناري جي خوابن جي ڊائري ضرور پڙهن مثال طور فهيم آمريڪي استادن لاءِ لکيو آهي ته هو پڙهائڻ کانپوءِ ايترو ڪم ڏيندا هئا جو دل چاهيندي هئي ته ڏينهن 24 بدران 36 ڪلاڪن جو ٿي وڃي يعني استادن جو ڏنل ڪم پورو ڪري سگهجي آمريڪي استاد شاگردن کي گهڻو ڪم ڇو ڏيندا آهن؟ صرف ان ڪري ته شاگرد جو ڪتاب تحقيق، مطالعي۽ لکڻ سان رابطو مضبوط رهي ۽ هو پنهنجي Subject ۾ ماهر بڻجي وڃن.
ڪاش اسانجا استاد شاگرد به آمريڪي استادن ۽ شاگردن وانگر علم جي اهميت کي سمجهن جيڪا سمجهائڻ جي فهيم نوناري خوابن جي ڊائري جي عنوان سان ڪتاب لکي هڪ زبردست ڪوشش ڪئي آهي شال ڌڻي تعاليٰ فهيم نوناري کي چنڊ ستارن جيڏي زندگي عطا فرمائي منهنجي خيال ۾ هن ڊائري جو نالو سخي مرد جي ڊائري هئڻ گهرجي ڇو ته فهيم جهڙو طبيعت جو سخي آهي. سو هن لکڻ ۾ به سخاوت کان ڪم ورتو آهي.
ميخانه ۾ هستي پستي کو جو اسرار بتائي
جُز عشق نهين دِير مين ايساڪوئي استاد
(محمد طحهٰ خان)
ــ ذوالفقار خاڪي
رائيٽر PBC / ڊيلي ڪاوش
ڊيلي ڊان
Ex- Translator / Sub- editor
Daily Kawish
***

God Talented

Few individuals are God talented and Fahim sahab is one of them, he is scholarly, having great comical inclination and I generally appreciated his conversation. Faheem Nonnari is a dedicated educator and educationist, as well as an illuminating essayist and cutting edge mastermind whose strength is that he generally uses his everything fields of work and resources in a minimal, aggregate and formed way to lead of social-good and educationist changes in the general public. His own encounters to work with Pak US Alumni Network – Jamshoro Chapter was enormous time of his life, where I turned into his companion and firmly cooperated in the advancement of Pakistani society. We cooperate to perform The Flying Theater in Hyderabad and different occasions. I want the creator to enjoy all that life has to offer for his future accomplishment.

- Faisal Malik
President – Thespianz Foundation
Artistic Director – Thespianz Theater
Country President – Pak US Alumni Network

***
ذهن سمورو خيالن جو واهڙ
سوچ ۾ ويٺو آهي شاعر
جيون هڪڙي جنگ مثل آ
ساٿ نه ڏئي سگهيو ڪانئر
فهيم منهنجو ڀائرن جهڙو دوست آهي ــ شل لک ڪاميابيون ماڻي.
ــ دوست محمد راڄپر
***

سائين فهيم نوناري لکين جس لهڻي!

سائين قلندر شاهه، کانپوءِ ڄامشورو ۾ هڪ ئي شخصيت سُجهي اها سائين فهيم نوناري جن جي آهي،، جنهن غريب ٻارڙن جي علمي پياس جو ازالو ڪيو آهي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري تعليمي ماحول لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. سائين فهيم نوناري لکين جس لهڻي. جنهن سماجيات، علم ۽ ادب جي ميدان ۾ جدوجهد جا نوان رستا گهڙيا آهن.
ــ علي حسن ملاح
اديب ۽ محقق ڄامشورو
***
پرجوش سلام

اسان جو پيارو مانوارو سائين پروفيسر فهيم نوناري صاحب جن هن عظيم ڪتاب کي ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، سندس اڻٿڪ ڪاوشن کي پرخلوص ۽ پرجوش سلام عرض ٿا ڪريون ته هي ڪتاب سندن زندگي جو ياداشت نامون ٿيندو.
سندس علمي ڪاوشن، اديب، ڪهاڻيڪار ۽ علمي محقق واري ڪردار کي بيحد ساراهيون ٿا. والسلام
ــ آرٽسٽ توفيق احمد سولنگي
ڄامشورو
***
اڄ شايد يونيورسٽي ۾ آخري ڏينهن آهي. ڪجهه لمحن کان پوءِ اسان جا اعمالنامه اسان جي هٿن ۾ هوندا.
يونيورسٽي ۾ پهريون ڏينهن کان وٺي ۽ آخري ڏينهن تائين فهيم دل ۾ سمايل هو ۽ آئندي به ياد رهندو. فهيم ڪلاس ۾ هميشه فرسٽ ڪلاس ۾ آيو.
ــ مير حسن پنهيار
خيرپور
***

گل جيان ٻهڪندڙ !

فهيم يونيورسٽيءَ ۾ داخلا کان اڳ ۾ به منهنجي پيارن دوستن مان هڪ هيو. گل جيان ٻهڪندڙ دوست فهيم، گڏ پڙهڻ سبب وڌيڪ ويجهڙايون پيدا ڪيون. مون کي فهيم ڏاڍو محنتي نظر آيو، مون کي پڪ آهي ته سندس مستقبل روشن آهي جيئن سندس خيال روشن آهن. مان جيڪي ٻه سال ڪلاس جو نمائندو رهيس اُن اعزاز ڏيارڻ ۽ برقرار رکڻ ۾ فهيم جو وڏو هٿ رهيو آهي.
آءٌ پنهنجي پياري دوست فهيم نوناريءَ جو پيار زندگيءَ ڀر وساري نه سگهندس.
ــ ڪَرم حُسين وساڻ
***
بهترين ڪليگ

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي
“انسان دنيا جا عجيب ڀريا اسرار واراجاندار آهن.”
يونيورسٽي ۾ داخلا بعد دوستن ۾ دوست ۽ بهترين ڪليگ برک خيالن جو مالڪ ۽ اخلاق جو مشتاق دوست مسٽر فهيم نوناري ٿيو ها پر دوست ته سڀ مليا پر مسٽر فهيم جهڙو نظر ڪين مليو. فهيم صاحب تمام محنتي هو. فهيم جو وهنوار يونيورسٽي ۾ مون سان اخلاقي مشتاق لفظن سان هوندو هيم ۽ آءٌ به فهيم صاحب کي چاهيندو هوس. جيڪو وهنوار فهيم جو هيو سو وسري نه ٿو سگهي. جيئڻ تڪ!
اڄ اعمالنامه ظاهر ٿيا جنهن ۾ مسٽر فهيم تمام سٺي نمبر تي فرسٽ ڪلاس ۾ آيو.
ــ غلام سرور بلوچ
ٺري ميرواه
***
Mr. Fahim
Life is bed of throne not bed of roses and you are facing all the obstacles / trials boldly.
Without this you are brilliant and broad minded person but you have need of hard work with a time table and preplanning inshallah you will be success completely in this world.

- Zahid Hussain Pirzado
Hingorja - Khairpur
***
فهيم نوناري صاحب
الله تعاليٰ اوهان کي امتحان ۾ ڪامياب ڪيو 1st class + A grade تي مبارڪ.
ــ مير محمد چوهاڻ
سکر سنڌ
***
Man is unaware of his position and destination but there is only his aspiration by which he is desiring to reach his goal. All things are beyond his control but thinking and perception put him very high to these things. Man is always mixed with nature which guides him and shows Straight way of life.

- Mohammad Mossa Chakarani
Khairpur

***
I have great honor for my worthy friend / class fellow (Mr. Fahim sb) and feel pride to be his collogue/ younger brother. Just I say about great Fahim sb that he has improved to himself in final semester particularly in literary field, consequently he obtained 1st class, congratulations.
- M. Alam .G. Thaheem
Jacobabad
***
محنت ڪريو، ڪوشش ڪريو.
انشاءُ الله ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي.
ــ ايم. ابراهيم ٻرڙو ليڪچرر
بي.ايڊ ڪاليج شڪارپور
***
پنهنجي اميدن جي ريل جو گاڏو آسمان جي ستارن سان ٻڌو.
ــ مولا بخش مهر
بي.ايڊ ڪاليج شڪارپور
***
Work, Work, Work.
You will be successful.

- Abdul Rauf Mahar
B.Ed. College Shikarpur
***
ڏک ۽ سک، زندگيءَ جا گل آهن.
ــ نثار شاهه ٽيچر
ٽيچر بي. ايڊ ڪاليج شڪارپور
***
Service of a man is service of God be good and do good.
-
پاڻ ڪريم ﷺ فرمايو مٽي مائٽي ڇنڻ وارو منهنجي امت منجهان نه آهي.
ــ پروفيسر الهبچايو ڪلوڙ
بي.ايڊ ڪاليج شڪارپور
***
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي
ادي فهيم کي “ عظيم ماڻهو” سمجهي دوستيءَ جو هٿ وڌايم، جنهن پڻ شايد “انسان” سمجهيو آهي. جيڪو مو ن لاءِ اعزاز آهي.
ــ ڊاڪٽر پير محمد ولد محمد اسحاق واهرو
شهر ڪڍڻ، ضلع بدين
***

سائين فهيم نوناري کي سلام

سائين فهيم نوناري کي منهنجو سلام آهي
جنهن سنڌين جو هر هنڌ پهچايو پيغام آهي
هيڏي محنت ۽ قومي جذبو ڏسي
هي نظم مون فهيم صاحب جي نانءَ لکيو آهي.
مون کي ياد آهي آڪسفورڊ ناليج سينٽر ۾ پڙهڻ
استاد فهيم نوناري صاحب کان لفظ لفظ سکڻ
ڪاش وقت اتي ئي هجي ها
سينٽر ۾ دوستن سان گڏ ويهڻ مون کي ياد آهي
سائين فهيم نوناري کي منهنجو سلام آهي
جنهن سنڌين جو هرهنڌ پهچايو پيغام آهي.
ــ هاشم علي ڏاهاڻي
شاعر
***
شاعر ۽ سماجي ڪارڪن ــ خوشي جهڙي ڳالهه

پروفيسر فهيم نوناري صاحب جتي هڪ بهترين ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ٻاراڻي ادب جو ماهر ليکڪ آهي، اتي هن سفرناما لکڻ ۾ به پنهنجو نانءُ روشن ڪيو آهي، اسان ننڍپڻ کان سندس لکڻين کان متاثر رهيا آهيون ۽ هن وقت اسان لاءِ وڏي خوشيءَ جهڙيءَ ڳالهه اها آهي جو اسان سندس رهنمائي هيٺ پنهنجيون ادبي توڙي ثقافتي سرگرميون جاري رکيون پيا اچون، سائين جو هي سفرنامو به ڄاڻايل ملڪن جي ثقافت توڙي اتان جي حُسناڪين کي اسان تائين منتقل ڪرڻ جوبهترين ذريعو آهي، سائين جو هي سفرنامو نوجوان طبقي لاءِ وڏي رهنمائي آهي، جنهن کي پڙهڻ لاءِ عمر جي حد ممڪن ناهي، هي سفرنامو نوجوانن کي پڙهي پنهنجي دوستن تائين به منتقل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جا نوجوان ٻين ملڪن بابت به چڱي طرح واقف ٿي سگهن.
ــ علي مراد چانڊيو
(صحافي ۽ ليکڪ)
***
Dearest Abdul
A friend is a gift from God. We were so blessed to know you in your life. We never forget those moments which spent together. Remember always were your sister and brother in the sight of our God. Good luck, God bless you + your family.
Love always

- Captain Rick + Violeta-Macomb.USA
Salvation Army Church
***
Mr. Faim is very intellectual preson and brilliant minded also, he is well known person about English-Besies this, in other subjects he has great proficiency-Moreover, he is my good friend. God bless him.

- Zafar Ahmed Shaikh
Therri-(Habibabad) Khairpur
***
Mr. Fahim is my fried his behave is very natural. I pray for his bright future.
- Zamir Ahmed Mitlo
Babarloi
***
Pleasure and pains are leaves of life
- Ghulam Mustafa
Lecturre B.Ed college, Shikarpur
***
This world is a stage according to shakespeare
ہستی کے فریب میں مت آ جائیو اسد
عالم تمام حلقہ دام خیال ہے
And
والعصر ان النسان لفي خسرً
فهيم منهنجو پياري پٽن جهڙو شاگرد آهي ــ دعا آهي ته چنڊ جيڏي بلندي ماڻي.
ــ پروفيسر سيد فرزند علي شاهه
***
My mentor and guide Mr. Fhaim Noonari is one of the talented and brilliant person. He is highly prominent figure. Mr. Fahim is a familiar scholar; he visited USA, UK, UAE, Iran and other countries. So, in this diary he has depicted the all pictures whatever he saw in those countries.
هي دوستن جهڙو ڀاءَ انسانيت جو ورهائيندڙ آهي. منهنجي دعا آهي ته زندگي ۾ سدائين سدائين آباد رهندا.
ــ پروفيسر ارجن لال + ارجن داسڌڙيا
حيدرآباد سنڌ

***
سائين فهيم نوناري
سائين فهيم نوناري اسانجو ڏاهو دوست آهي، جيڪو منهنجو ننڍپڻ جو ساٿي آهي. ڪنڌڪوت ۾ ڀائو سريچند ۽ ڪمل ڪمار جي معرفت ڇوڪراڻي وهي ۾ شعور جو ڌاڳو ڳنڍجي ويو. پوءِ ته ملڪ نديم ۽ اشوڪ اتراڌي معرفت ادب جي دنيا ۾ داخل ٿياسين. فهيم ڏاڍو مٺو ماڻهو آهي جيڪو يارن جو يار آهي هرڏکي سکي هردم هرهڪ جي مدد لاءِ تيار هوندو آهي. هي جيڪي ملڪ گهمي آيو آهي انهن جو احوال اوهان سان Share ڪري ٿو. ڏاڍو دلچسپ ڪتاب آهي. اوهان به ضرور پڙهو.
ــ ڊاڪٽر جيرام داس
ٺل / ڪراچي سنڌ
***
ڪنهن جي دل نه ڏکايو، ائين نه ٿئي جو ڪنهن مظلوم جا لڙڪ اوهان جي لاءِ سزا بنجي وڃن.
ــ رستم علي لاڙڪ ــ بهاري لاڙڪ
ڪينجهر
***
ڪڏهن به توتي دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ،
ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا، متان چئين آجيان نه ٿيندي.
ــ بشير احمد سومرو
نبي شاهه محلا، شڪارپور
***
Life is a pendulum, hanging between sorrows and happiness.
- Prof. Whailullah Mahesar
***
A man who claims to be a lover of God is lier, if he does not love his brother. (Tolstoy)
- Abdul Ghani Mahar
Sukkar
***
Life for something. Do good and leave behind the moment of virtue that the storm of time can never destroy. You will come in contact year by year.
- Prof. Mujahid Hussain Qazi
Talpur Wlada
***
جاکوڙي انسان

جيئن ته سائين فهيم نوناري صاحب جواني کان وٺي هن مهل تائين رستن ۽ روڊن ۽ گهٽين ۾ ننڍن ٻارن توڙي وڏن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڳوليندو رهي ٿو، ڪڏهن ڏسون ٿا مگسي اوطاق تي ويهي ٻارن کي تعليم ڏئي ٿو ڪڏهن بليدين جي اوطاق ۾ ويهي، ڪڏهن ريلوي اسٽيشن ڄامشورو تي ٻارن کي تعليم ڏئي ٿو ته ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ پنهنجي هڙان وڙان جڳهن جا ڪرايا ڀاڙ اڀري ٻارن، نوجوانن ۽ وڏڙن کي تعليم ڏئي ٿو ۽ سيمينار ڪرائيندو رهي ٿو ته ڪڏهن آلودگي ماحول کي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ وڻ ورهائيندو رهي ٿو ۽ ماڻهن کي چوندو رهي ٿو ته ٻارن کي تعليم ڏياريو. هي پنهنجي هڙئون وڙئون خرچ عوام جي ڀلي لاءِ ڪندو رهي ٿو جيئن ته سائين فهيم نوناري عوام کي تعليمي روشني ڏيندو رهي ٿو تيئن جيڪڏهن ٻيا به پروفيسر ائين ڪن ته ڪوٻه ٻار تعليم کان سواءِ رهي نه ٿوسگهي. سائين فهيم جهڙا جاکوڙي ماڻهو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن جيڪي هر مسئلي تي عوام سان گڏ هوندا آهن ۽ جڏهن ڪابه ڏکيائي ايندي آهي پاڻ ۽ سندس ساٿي مڙس ٿي منهن ڏيندا آهن.
ــ ڪامريڊ جوشيلو سنڌي
چيئرمين
شاهه لطيف ويلفيئر ايسوسيئيشن، ڄامشورو، سنڌ
***
سياح، تخليقڪار، سماجياتي ماهر ۽ خوش اخلاق


سائين فهيم نوناري جيڪب آباد، جان جيڪب جي شهر ۽ ضلعي جي حدن سنڌ ڌرتيءَ جي انهي سڳند ڀريي چيڪي مٽيءَ جي ٺل، شهر جي رهاڪو آهي. جنهن سنڌ ڌرتي جي حصي وڏيون ستم ظريفون سٺيون آهن ۽ سهندو اچي پيو. هن وقت به انهيءَ ايرياتي سنڌ ۽ بلوچستان جي سماجيات جو ٻٽو اثر آهي. 15 يا 16 مهينا اڳ 2014ع ۾ سائين فهيم سان ڄامشورو جي چلول ۽ کيچلين هوائن واري شهر ۾ فتح نيوز اخبار جي کلي ڪچهريءَ ۾ ملاقات اوچتو ٿي وئي. اها علي مراد چانڊيو جن سڏائي هئي ته ڄامشورو حسناڪين واري شهر روشنين واري شهر جا مسئلا ڪيئن حل ڪرائجن؟
پوءِ ته فهيم نوناري دل ۾ جڳهه والاري ويهي رهيو ۽ هڪ لافاني استاد وانگر هيئين منجهه پيهي ويو. استاد واريون سڀئي خوبيون هن يار ۾ موجود آهن. هڪ استاد ۾ سماج سڌارڪ، هئڻ واريون خوبيون ضرور آهن. سو هيءُ مرد مجاهد آهي. استاد، صاف سٿرو، خوش پوشاڪ، خوش اخلاق، خنده پيشاني، رلڻو ملڻو، پروان پهنجو، هر دلعزيز هجڻ گهرجي؟ بلڪل آهي. استاد اديب، محقق، سياح، جاکوڙي، کاهوڙي، تخليقڪار، سماجياتي ماهر هجڻ گهرجي؟ بلڪل آهي. استاد. کرو سچو، بي باڪ، بي ڊپو بي لالچو، هر ڳالهه روبرو اصلاحي طريقي سان چئي ڏيڻ وارو هجڻ گهرجي؟ اهي ۽ اهڙيون سموريون خوبيون هن فقير صفت انسان ۾ مون برابر ڏٺيون آهن، ۽ موجود اٿس. جنهن ڪري آءٌ سائين فهيم نوناريءَ کي سائين ئي چوڻ ۾ جهجهڪ محسوس نه ڪندو آهيان.
سائينءَ جهڙا هوند چند دوست سائينءَ وانگر ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن ڪري منزل طرف نڪري پون ته هوند منهنجي سنڌين جي امڙ سنڌ سونهاري سون ورني ڌرتي اڄ کان هزارين سال اڳ واريون خوبصورتيون ۽ خوشحاليون ۽ حسناڪيون کڻي اچي ۽ اسين سڀ خوش هجون. جيئن ته ڊائري هٿن مان گذري جيڪا ادب دوستن لاءِ راهه راست ۽ نوجوانن لاءِ تمام ڪارائتي اتساهه جو ذريعو بڻجندي. دعائن سان
ــ امان الله چانڊيو سنڌي
اديب ۽ سماجي اڳواڻ
قمبر ائٽ ڄامشور، سنڌ
***
عظيم ماڻهو!

چوندا آهن ته ننڍڙا ماڻهو فردن تي ڳالهائيندا آهن ۽ عظيم ماڻهو هميشه نظرين ۽ خيالن تي ڳالهائيندا آهن. هر ڪچهريءَ ۾ عالمي ليول جي معاملن تي ڳالهائيندڙ ڏاهي سائين فهيم نوناري صاحب کان اسين ڪافي نيون ۽ منفرد شيون سکيون آهن. پاڻ هڪ آفيسر کان وڌيڪ هڪ استاد هئڻ کي اهميت ڏني آهي ۽ اسان جهڙن علم جي اڃارن کي پنهنجي ڏاهپ جي سمنڊ مان سرڪيون پياريندو رهيو آهي. علم کي ورهائڻ ۾ هن سخي مرد جي شخصيت اسان جهڙي سماج ۾ هڪ منفرد حيثيت جي حامل رهي آهي. ننڍي ٻار کان وٺي جهوني شخص تائين هر ماڻهو کي هڪ جيتري عزت ڏيندڙ هن انسان جي انيڪ خوبين مان هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته پاڻ هميشه ماڻهو کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيندا رهندا آهن. منهنجي گذريل چئن سالن کان سائين سان واقفيت رهي آهي پر پهرئين ڏينهن جي مختصر ملاقات کان اڄ تائين ساڻن تعلق ڀٽائي جي هيٺين سٽن جيان رهيو آهي.
جڏهان ڪر ٿيام ساڃاهه سپرين سين
تڏهان ڪر تر جيترو وير نه وسريام
اندر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري
سائين جي وڏي خوبي آهي ته هو هر ڳالهه کي قلم بند ڪري محفوظ ڪندو رهيو آهي سندس هي ڊائري به ان ڳالهه جو وڏو ثبوت آهي. سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سائين جي ڊائري ۾ منفرد انداز ۾ لکيل ڪافي شيون اسان جي نون توڙي پراڻن دوستن لاءِ رهنمائي جو ڪم ڏينديون.
شال سائين جو قلم هن قوم جي علم ۾ واڌاري لاءِ هميشه رهنمائي وارو ڪردار ادا ڪندو رهي. مون ڪافي نيون شيون سائين کان سکيون آهن. ان لاءِ سندن احسانمند آهيان. ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.
خادم العلم
ــ امير بخش ڇڇر / ڄامشورو
اديب ۽ سماجي اڳواڻ
***
My Friend
I am the founder member of Pakistan US Alumani network (PUAN / SAAJ), Jamshoro chapter and now I am the president of (PAUN Sukkur Chapter).
I am a very good friend of Mr. Fahim Noonari, since 15 years. He is my one of the close and incredible friend. He belongs to Jacobabad Sindh Pakistan. Mr. Fahim is working in the field of Education, Governmental Organization. He is a great researcher, composer, teacher, book publisher and editor. He is working for the education, for the society and community. His power of work is amazingly great and admirable that he is a great educationest around the people of our country. His Methodology of explaining anything makes understandings things in a very great manner.
He is a prominent personality among us. The time we had always spend is quit meaningful way, Laughing together, sharing ideas, exchanging thoughts and doing some practical work for people. He is cooperative, helping hand, inspiring, jolly. interesting, admiring and adoring personality.
Mr. Fahim and I worked together for 7 years in SAAG as executive members in Jamshoro Chapter. He is also awarded for IVELP in that program visited 9 states of USA. Moreover, he is Fulbright scholar. This diary provides many proofs whatever he observed at abroad.
- Bruner.B. Newton
President Christian Social Organization, Jacobabad
***
Sindh Lover
One of lover of Sindh and the Sindhi language and culture. Fahim Noonari Sahib has been a man of his words and in my view a philanthropist. His writing has reflected a positive impact on its readers especially the youth.
Mr. Fahim is one of the revolutionary, writers and travelers. His identity is known and comprehended by many and I am one of them who inspired learned a lot, and taking some help from him.
Hope, his writing will become an element of catalyst for all especially youth till the cows come home.
- Furqan Hyder Shaikh
Hyderabad
***

ٺُل جو انمول موتي!

ڄامشوري / حيدرآباد ۾ رهندڙ علم ادب ۽ سياست جو ڄاڻو فهيم نوناري ٺل جو اهو انمول موتي ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجو قيمتي وقت روزمره جي زندگيءَ ۾ منٽن جي حساب سان ڪتب آڻيندو آهي. جنهن جو مثال نه صرف سائين جي سهڻي شخصيت آهي پر ان کان به وڏو ثبوت سائين جي ڇپيل هي ڊائري آهي. فهيم نه صرف انفرادي زندگيءَ ۾ سهڻو ۽ سلجهيل آهي پر اجتماعي زندگي ۾ به وڏو نيڪ دل ۽ مظلوم عوام لاءِ درد رکندڙ عوام دوست دلدار مڙس ماڻهو آهي. سائين جي هميشه ديپ جيان جلندڙ دوستي جو شرف مون کي سنڌ جي برک اديب حميد سنڌي جي گهر بزمِ روح رهاڻ ۾ ٿيو. پوءِ جڏهن ماروي لان ۾ سائين جي فرزند جي شادي ۾ شرڪت ڪيم جتي رسول بخش پليجي، حميد سنڌي، سيد عالم شاهه ۽ اياز لطيف پليجي سميت سڄي سنڌ مان آيل ڪنڊ ڪڙڇ مان هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهن سان ملي خوشي ٿي. دعوت ۾ شرڪت دوران معلوم ٿيو ته ٺل ۾ نه صرف فهيم نوناري پر ٺل جو هر ماڻهو علم و ادب توڙي سياست ۾ ڀڙ لڳو. دعوت ۾ ٺل جي مهمانن سان ملي جڏهن ڪاميابي جو راز پڇيم ته سڀني مرڪندي چيو ته اهو سڄو فهيم نوناري جي صحبت جو ڪمال آهي. واقعي ڀٽائي صحيح چيو آهي ته
هنجن سان هيڪار جي ڳُڻ ڪري نهارين
ته ٻگهن سان ٻيهار ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن
(شاهه)
افسوس اڄ جا نوجوان هاڻي ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ وڏن سان ڪچهري نٿا ڪن نتيجي ۾ سنڌ جي نوجوانن جو اخلاق ٻڏندي نظر اچي پيو. آخر ۾ آئون سنڌ جي نوجوانن کي گذارش ڪندس ته ٽائيم ملي ته ڪجهه ٽائيم فهيم نوناري سان ضرور ملجو وڏو قربائتو ۽ قدردان ماڻهو آهي، جيڪو اوهان جي هر مسئلي ۾ مفيد مشورن سان رهنمائي ڪندو. سائين جي لکيل هي قيمتي ڊائري سنڌ جي هر نوجوان لاءِ اڳتي وڌڻ لاءِ اميد جي ڪِرڻو ثابت ٿيندي. اميد ته سنڌ جا نوجوان هن ڊائري کي پڙهي نه صرف لاڀائتو لاڀ حاصل ڪندا پر سائين فهيم نوناري جي محنت کي سجايو بڻائيندا.
ــ چيتن مينگهواڙ
سامارو، عمرڪوٽ
***

سائين فهيم نوناري سان اُنڙ واهه ريلوي اسٽيشن ۽ ڳوٺ خدابخش نوناري ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون. جمعي جي ڏينهن ته اُنڙ واهه ريلوي اسٽيشن تي ميلو متل هوندو هو، ڇو ته غلام سرور جي مٺي ۽ سُٺي چانهه ۽ ريلوي گرائونڊ تي سائين فهيم ڪرڪيٽ ڪلب طرفان وڏيون ٽورنامينٽ مقابله ڪرائيندا هئا، جنهن دوران سڀني لاءِ ماني جو بندوبست هوندو هو. اهڙي ريت سائين فهيم نوناري جو خاص ذڪر لائق آهي ته هن وٽ سنڌي، بلوچ وغيره جو ڪو تصور نه هوندو هو، هُن جي نظر ۾ سڀ انسان برابر هئا، پڻ ننڍ وڏائي جو ڪوبه فرق نه رکندو هو.
ان کانسواءِ ميڊيڪل ڪئمپون لڳرائڻ، شاهه لطيف ڪلب طرفان اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب گهرائڻ جيئن نوجوانن ۾ سجاڳي پيدا ٿئي. اهڙي طرح تر جو چيف سردار غلام سرور خان سرڪي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. خاص طرح محترم ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي دور ۾ جڏهن صلاحڪار / وزير ٿيو.
اهڙي طرح سائين فهيم جا ارادا اردو جو شاعر افتخار عارف جي شعر جيان آهن.
ای خدا مجھ کو اتنا تو معتبر کر دے
میں جس مکان میں رہتا ہوں اسے گھر کر دے۔
ــ خادم حسين نندواڻي بليدي بلوچ
ٺُل / اُنڙ واهه / ڪوئٽا
***