ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

سدا سرگردان سنسار ۾!

سنڌي ادب ۾ ڊائري لکڻ واري صنف تي تمام ٿورن ماڻهن طبع آزمائي ڪئي آهي. قاضي عبدالمجيد “عابد”، ظفر حسين، نصير مرزا ۽ اڪبر سومرو انهن چند ماڻهن مان آهن. ڊائري لکڻ جي اهميت ايتري ئي آهي جيتري جيئري انسان کي بکئي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڊگڙ جي. هر ماڻهو پنهنجي روزمره جي ڪاروهنوار اُٿل پٿل يعني زندگيءَ ۾ ايندڙ واقعن کي ڪوري ڪاغذ تي اُتاري ڇڏي ته هوند ڪيئي مثالي ڪتاب اچي سگهن ٿا. هونئن ته سنڌي ادب ۾ ٻين صنفن تي کوڙ سارن ننڍن توڙي وڏن اديبن، ليکڪن خوب نڀايو آهي پر انجي ڀيٽ ۾ ڊائري طرف لاڙو نه هئڻ جي برابر آهي. جڏهن ته ڊائري هڪ آتم ڪٿا آهي، پنهنجي يا پرائي ديس جي سفر، تعليم، نوڪري، ڪاروبار، ريتن رسمن، زندگيءَ جي طور طريقن توڙي مذهبن جي. اسان جي ڏاهي،سرگردان، سُريلي ۽ ارڏي ليکڪ دوست فهيم نوناري آمريڪا وڃي اتان جي تعليم، علم، ادب، آرٽ، فن، ميوزڪ، ٿيئٽر ماحول ۽ سماج جي وارتائن کي ڪوري ڪاغذن تي محفوظ ڪري اسان جي اڳيان ڊائريءَ جي روپ ۾ آندو آهي. فهيم کي ڪڏهن به ٿڪجڻ جو احساس نه ٿو ٿئي پر وڌيڪ اتساهه پيدا ٿئي ٿو. يورپي ماحول کي هن ائين بيان ڪيو آهي ڄڻ ڪا اسان جي اکين سامهون فلم هلي ٿي پئي ڄڻ اسان به فهيم سان گڏ هجون ۽ هيءُ ڄڻ ته اسان جي يادگيري آهي جيڪا وري وري ياد ايندي ٿي رهي. سندس لکڻي سان گڏ شعر جو سٽاءُ رکي ٿو جو پڙهندڙن کي محظوظ ڪندو رهي ٿو. اسان جو هيءُ ڀائرن جهڙو دوست فهيم نوناري ننڍي هوندي کان سياسي، سماجي ۽ ادبي سنگت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيو آهي. فهيم ۾ اها خوبي نمايان آهي، پاڻ ٻڌائڻ سان گڏ سامهون واري هر ماڻهو جي ڳالهه صبر و تحمل ۽ خوشي سان ٻڌي ٿو. پاڻ هر وقت مرحوم سائين ڊاڪٽر خان محمد پنهور جيان لکڻ پڙهڻ جي ڳالهه ڪندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ڄام شوري ۾ رهندي بنا اجوري تعليم جا وڏا ادارا قائم ڪري ننڍن کان وڏن تائين غريب مسڪين ماڻهن جي اولاد لاءِ تعليم عام ڪئي اٿس. آئون کيس خان محمد پنهور جونيئر چوندو آهيان. فهيم صاحب جاکوڙي ماڻهو آهي. خدا تعاليٰ ڪيترين ئي نعتمن سان نوازيو اٿس. موقعي مهل تي هر ماڻهوءَ کي ڪم ايندڙ آهي، هڏڏوکي، همدرد، ٻه پير ڀري هلي اچڻ، بااخلاق گفتگو ڪرڻ هر مسئلي جو حل ته ڪو هن کان سکي. فهيم صاحب انگريزي جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ته آهي پرهن کي هر سبجيڪٽ تي چڱي ڄاڻ آهي. آءٌ کين ائين چوندو آهيان ته “هر مسئلي جو حل فهيم نوناري” سچ پچ ته پاڻ هر ماڻهوءَ سان وڏي خلوص سان پيش ايندو آهي. بهرحال منهنجي دعا آهي ته رب سائين کيس خوش رکيس.
[b]
- شفيع چانڊيو
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو[/b]