ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

سفر جي ڊائري ۽ معلومات

27 Dec. 2007
Switzarland

سئزرلينڊSwitzarland - ۽ ڦيٿي جو نخرو!

انساني زندگي ۾ اتفاقي حادثن جووڏو عمل دخل آهي. ڊسمبر 2007ع ۾ مون ايم ايس جي ڊگري وٺي ڪري 27 ڊسمبر تي آمريڪا جي ويسٽرن اليوناني يونيورسٽي (Western University Illinois USA) کان صبح جو سويري، چار بجه رات جو، منهنجي ريسرچ (Research Methodology) جي ڪلاس ٽيچر ڊاڪٽر گلوريا پنهنجي مڙس ڪرس (Chris) ۽ پنهنجي ٻارن مهوا ۽ ليو سميت پراڊو گاڏي ۾ يونيورسٽي کان پيرويا (Peroia) شهر جي ايئرپورٽ ڇڏيو، گلوريا جي جهاز جهڙي گاڏي اهو فاصلو 90 منٽن ۾ طئي ڪيو ڇو ته رات کان سِلٽ سنوفالSilt Snofall))۽ مسلسل برسات وسي رهي هئي، جنهن سبب سفر مشڪل بڻجي ويو هو، بحرڪيف اسين 5:30 am تي Peroia ايئرپورٽ اندر هئاسين. ايئرپورٽ تي خبر پئي ته موسم جي خرابي سبب جهاز 50 منٽ ليٽ هلندو. آخرڪار اندر هلڻ جو اعلان ٿيو ته پروفيسر گلوريا، ڪِرس ۽ هنن جي ٻارڙن کان مُرڪي موڪلائي لائونچ اندر پهتس ته جهاز ۾ اندر هلڻ جو اعلان ٿيو. جهاز پنهنجي سائيز ۾ تمام ننڍڙو هو، جنهن ۾ صرف 46 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي ويهڻ شرط ٿورڙين گهڙين ۾ جهاز اڏرڻ جو اعلان ٿيو، ٺيڪ 7:10 تي ننڍڙي جهاز شڪاگو جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي رن وي کي ڇهيو ته آءٌ سک جو ساهه کنيم ته اڳين فلائيٽ لنڊن لاءِ ملندي، ڇو ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي، مون هيٺ اچي سامان وصول ڪيم. سامان ۾ ٻه وڏيون ڪنگ سائيز بئگون، هڪ آفيس اٽيچي ڪيس ۽ بازو ۾ لٽڪائڻ وارو سفري ٿيلهو، الله الله خير صلا پورا ٽي سال آمريڪا ۾ گذارڻ کانپوءِ منهنجي ڪُل ملڪيت اِها هئي، جنهن ۾ منهنجا گهڻا ڪتاب، ڪجهه ڪپڙا ۽ باقي ڪٽنب ۽ دوستن لاءِ خريد ڪيل تحفا هئا. ڳالهه پئي ڪيم سامان وصول ڪري مون بئگون گهمندڙ ڦيٿن تي ڊوڙائيندي اڳين لنڊن واري فلائيٽ جي سيٽ ڪنفرم ڪرڻلاءِ ڪائونٽر ڏانهن ڊوڙڻ لڳم. ٿورڙو اڳتي هلندي هڪ بيگ جي ٽرالي جي ڦيٿي جو رخ اُبتو ٿي ويو ته مون ان کي سڌو ڪيم. ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳي، سوچيم ته مون اڳيئي ليٽ وري ڦيٿي جو نخرو خير مون ڦيٿو درست ڪري ڪائونٽر ڏانهن ڊوڙڻ لڳم. رستي ۾ هڪ ٻن پئسنجرس سان گَس گُس به ٿي جنهن تي، Excuse me چوندو اڳتي وڌڻ لڳم. ڪائونٽر تي پهچي معلومات ڏيندڙ ڇوڪري کان لنڊن جي فلائيٽ جو پڇيم ته هُن چيو “Sorry, You have missed the flight” انهي جملي مون کي ڇٺي جو کير ياد ڏياري ڇڏيو، سخت برفباري سبب يخ موسم ۾ مون کي پگهر اچڻ لڳو. مون سوچڻ لڳس ته جهاز جو گسي وڃڻ يعني Connected Flights جي سڄي زنجير جو متاثر ٿيڻ. ائين ويسٽرن يونيورسٽي کان شڪاگو ــ شڪاگو کان لنڊن ــ لنڊن کان دبئي ــ دبئي کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان سکر منهنجي سفر جو سلسلو اهڙي ريت طئي ٿيل هو. سو جڏهن ڇوڪر ي مون کي چيو ته اوهان جو لنڊن وارو جهاز هليو ويو ته منهنجو ڇرڪ نڪري ويو. سو مون فوري هوش سنڀالي هن کي چيو ته اهو آمريڪين ايئرلائين جو قصور آهي جو يونيورسٽي کان هڪ ڪلاڪ جهاز دير هليو ۽ ڪنيڪٽيڊ جهاز به ساڳئي آمريڪن ايئرلائين جو جهاز آهي، جيڪو مون کي ڇڏي هليو ويو. سو مهرباني ڪري منهنجي سفر جو بندوبست ڪيو ته انهي دوران منهنجي پويان مسافر جي هڪ ڊگهي قطار ٺهي ويئي. منهنجي ايئر لائين واري ڇوڪري سان گفتگو جاري هو ته وچ ۾ ساڳئي ڪمپني جي هڪ سپروائيزر مائي مداخلت ڪئي چيائين ته اوهان جو مسئلو هڪ ڪلاڪ ۾ اسين حل ڪيون ٿا، في الوقت اوهان اسان جا مهمان آهيو هي 30 ڊالرن جا ٽوڪن آهن جيڪي اوهان رکو جيڪو کائو پيئو ۽ تازا توانا ٿي واپس اچو ته مسئلي جو حل تلاش ڪريون ٿا، اوهان گهٻرايو نه اوهان کي فلائيٽ ڏيڻ لاءِ اسين ذميوار آهيون. هُن سامان ڪائونٽر تي ايئرلائين حوالي ڪيو (نوٽ مقرر ايئرلائين سامان پاڻ موڪلي ڇڏيندا آهن) هئنڊ بيگ سان ٻاهر اچي سڌو و اش روم ۾ ويس جتي هٿ منهن ڌوئي تازو توانو ٿي ٻاهر اچي شڪاگو جو حسين ايئرپورٽ گهمڻ لڳس. هي ايئرپورٽ آمريڪي ايئرپورٽ جي 10 واري ڪيٽيگري ۾ اچي ٿو، ڏاڍو سهڻو ۽ پروقار ايئرپورٽ آهي. گهمندي ماڻهوءَ کي گورا، پيلا ۽ ڪارا انسان دنيا جي پنجن کنڊن جا ماڻهو نظر ايندا، جيڪو رنگا رنگي ڪرشمو ماڻهو کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.
(شاهه لطيف)
مون اڌ ڪلاڪ بعد واپس آيم ته ڇوڪري مون کي چيو ته اوهان کي بيلجم + سئزرلينڊ ۽ دبئي ذريعي ڪراچي پهچڻو آهي. هن مون کي نئين ٽڪيٽ حوالي ڪئي. ٻن ڪلاڪن بعد وڏي جهاز حوالي ٿياسين، جيڪو 600 سئو کان وڌيڪ يورپي گورا مسافر کڻي، بيلجم رسيو، ماحول ۽ ماڻهن جو انساني ذهن تي وڏو اثر ٿئي ٿو، ايڏي وڏي تعداد ۾ يورپي ماڻهن ساڻ مون پهريون ڀيرو گڏ سفر ڪيو، محسوس ڪريان پيو ته ڪونجن جي قطار ۾ ڪو ڪبوتر گهڙي آيو هجي.

***