ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

سفر جي ڊائري ۽ معلومات

(فيبروري 1995ع ۾ انگلنڊ اسڪاٽلينڊ پهتاسين ته منهنجي ڪمپني ناظم علي خان صاحب سان رهندي هئي، هو پنهنجي طبيعت ۾ مذهبي لاڙو رکندو هو، ان ارادو ڪيو ته ٽريننگ بعد پهرين ڪعبت الله هلي عمرو ادا ڪجي، بعد ۾ پاڪستان هلجي. تنهن مون کي به دعوت ڏني، مون قبول ڪئي. ائين اسين نيپئر يونيورسٽي، اسڪاٽلينڊ مان سڌو ڪعبت الله ۽ مديني منوره عمره لاءِ وياسين. جيڪو تاريخي نسبت سان شاندار عمل هيو. مڪه پاڪ ۾ اسين ٻه روز ڪنهن بنگالي خاندان وٽ (Paying Guest) هئاسين بعد ۾ پروفيسر خليل احمد چنه صاحب وٽ رهيل هئاسين. هن اسان جي گهمڻ لاءِ ٻه گائيڊ مسٽر لاشاري ۽ مسٽر ڇڄڻ سميت هڪ شاندار موٽر ڪار جو بندوبست ڪيو هو. اسين جبل عرفات، غاره حرا، وادي زبيده سميت سڀئي زيارتون گهمي ڦري ڪيوسين. نوَ ڏينهن مدينه منوره ۽ ٻارهن ڏينهن مڪه پاڪ ۾ رهياسين.)

***

Aug: 1995
Jedah, S.A. Kingdom

ايڊنبرا، اسڪاٽ لينڊ مان لنڊن ذريعي جده لاءِ روانگي

سامان پيڪ هيو، رات جي چئين وڳي، موراڪو جي دوست محمد عربي اچي اسان کي ايڊنبرا ايئرپورٽ لاءِ کنيو. 5:30 am تي اسانجي فلائيٽ هئي. سامان جهاز ۾ موڪلي اسين محمد کان موڪلائي اندر لائونچ ۾ آياسين ته جهاز ۾ هلڻ جو حڪم ٿيو اڌ ڪلاڪ اندر اسين دنيا جي حسين ترين ايئرپورٽ هيٿرولنڊن تي هُياسين. 2 ڪلاڪن جي وِٿي بعد فرينچ ايئرلائين جي جهاز ۾ جده لاءِ سوار ٿياسين. اسين لنڊن مان احرام ٻڌي ڇڏيو هيوسين. سو سڀ مسافر اسان کي اهڙو گهوري گهوري ڏسن پيا ڄڻ اسان ڪنهن ٻئي سياري جي مخلوق هجون. بهرحال جهاز هلڻ جو اعلان ٿيو. ڇهن ڪلاڪن جي مسافت هئي نيٺ اسين جده پهتاسين. هيٺ لٿاسين عرب سڳورن جي کهرن روين حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. برٽش ۽ عربن جي روين تي جڏهن سوچيون ٿا ته سنڌي وارو کوڙو اُبتو پڙهڻو پئي ٿو. سامان وٺڻ بعد اسين مڪه لاءِ ٽئڪسي ورتي مڪه پهچي اسين هڪ پنجابي خاندان سان ٻن ڏهاڙن لاءِ رهائش Home Stay اختيار ڪئي بعد ۾ فوري ڪعبت الله عمري جي ادائيگي لاءِ وياسين. سڄو ڪعبو الله اڪبر ... الله اڪبر ... جي فضا سان گونجي رهيو هو. اسين به اُنهي نور جي لهر ۾ شامل ٿي وياسين. پوءِ هڪ بي اختياري جي ڪيفيت هئي جنهنکي گهڻين حالتن ۾ لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي.

***

Makkah
1995

پروفيسر خليل چنه سان ملاقات

ٻئي ڏينهن ناظم علي خان چنه صاحب کي فون ڪئي ته هو ڪعبت الله ۾ اچي مليو، جنهن بعد سامان کڻي اچي خليل چنه جي فليٽ تي رهائش رکي سون. هي ڏهاڪو سالن کان مڪه ۾ رهيل هو. ڏاڍو ڀلوڙ مڙس هو (اڄ جڏهن هي نوٽ Re-write ڪري رهيو آهيان ته هن جهان ۾ ڪونهي، حادثي م شهيد ٿي ويو) سخاوت ته هُن جي سڃاڻپ هئي. دوست احباب جو ڀر جهلو هوندو هو. اسين مڪه ــ مدينه جي سڄي سفر ۾ هِن دوست جا مهمان رهياسين.

***

Makkah
1995
مڪه ۽ مدينه جو حُسن ۽ هاڪ

منهنجي مُرسل مڪه ــ مديني واري محمد صلي الله عليه واله وسلم جو ديس ته ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. پوري عالم انسانيت جي هڪ وڏي حصي جو نيڻن جو ٺار، دل جو سڪون ۽ روح جو اڻ کٽندڙ خوشين جو خزانو رهيو آهي. اها اڻ ڏٺي خوشي ۽ روحاني خوراڪ انسان صدين کان حاصل ڪندو رهي ٿو. اهو جلال مون مڪه ۾ ڏٺو ماڻهو گناه ۽ ثواب جي ندين مان پار پئي پاڻ کي ڪنهن معصوم ابهم ٻالڪ جيان، ڪعبه جي هنج ۾ پاڻکي ارپڻ چاهي ٿو. مدينه پاڪ جو حسن به اڻ وسرندڙ آهي.
***