ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

ايران جي ڊائري جو هڪ ورق

06-05-2015

Peace, Justice, Supreme Governance and a Historical Country Iran
امن، انصاف، اعليٰ انتظام ۽ عظيم تاريخي ذيارتن جو وطن ــ اسلامي جمهوري ايران

منهنجي ذهن ۾ جهڙي طرح دبئي لاءِ تصور هو ته هي سادو سودو هڪ عرب جزيرو آهي. پر جڏهن مون 2011ع ۾ دوست ساڻ گڏجي گهميو ته منهنجي دماغ جا ٺڪاءَ نڪري ويا، ڇو ته دبئي يورپ ۽ آمريڪا جيان صاف سٿرو ۽ خوبصورت جزيرو آهي، جتي جو تعليمي نظام ۽ انساني لوازمات جو سڀ سامان هڪيو تڪيو موجود آهي. سو اهڙي ريت ايران لاءِ گهڻا وهم گمان ذهن ۾ هئا ته ايران هڪ پوئتي پيل ملڪ آهي. ليڪن جهاز جڏهن تهران ۾ ليڊنگ ڪئي ته هيٺ ڦهليل صفائي سٿرائي ۽ ماڻهن جي روين محسوس ڪرايو ته ايران هڪ شاندار تهذيب رکندڙ وطن آهي.
اهڙي ريت خانه فرهنگ ايران منهنجي ويزا درخواست اڳڀري ڪئي ته منهنجي خوشيءَ خوشبوءَ جيان خوشين جا سڀئي تاڪ اورانگهي مشڪ ۽ عنصر جيان منهنجي ذهن ۾ اوتجي ويئي ڇو ته ڇوڪراڻي وهيءَ کان مون عراق ۽ ايران جي عظيم زيارتن ڏسڻ جو متمني هئس. هڪ ڀيري ته مون پنهنجي دوست ڊاڪٽر قاسم ملڪ سان گڏجي ڪوئٽه مستونگ ذاهدان واري رستي ذريعي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن ڪامياب نه ٿي سگهياسين. بهرحال قسمت جو لکيو ۽ انساني ڪوششون رنگ لائينديون آهن. آخرڪار 30 اپريل منجهند جو 12 وڳه ايران لاءِ انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچيءَ مان بورڊنگ ڪارڊ وٺي مون اندر ويم. اڌ ڪلاڪ لائونچ ۾ ويهڻ بعد انٽرنيشنل ايران پئماني جي جهاز ۾ ويهڻ جو سڏ ٿيو، ڏاڍو شاندار وڏو ۽ ويڪرو جهاز هو، مون کي دريءَ کان سيٽ ملي. ٿوري دير ۾ جهاز اُڏرڻ جو اعلان ٿيو. جيئن جهاز هزارين فوٽن جي بلندي تي پهتو ته ايران ايئرلائين طرفان ڳاڙهن مرچن کان پاڪ شاندار قسم جي Lunch ڏنائون. اڍائي ڪلاڪن جي مسافٽ بعد جهاز (فارس) ايران جي تاريخي ڌرتي کي چُمي ڏيئي رن وي تي ڊوڙڻ لڳو، تهران جون جڳمڳائيندڙ بتيون ۽ مسڪرائيندڙ ماڻهو اسان کي ڀليڪار چئي رهيا هئا هئا
هڪ نئين دنيا آقا خميني جي انقلاب بعد دنيا جي ماڻهن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ بيتاب هئي ته ظالم شهنشاه رضا شاه پهلوي جنهن آمريڪا، سي.آءِ.اي ۽ ساواڪ جي پر تشدد مدد سان ايران جي عوام کي چيچلائي، دٻائي، هيسائي ڪهڙي ريت بنيادي انساني حق ڦٻائي رکيا هيا، جو اشرف دهقاني جي لکيل ناول “لڱ منهنجا لوه” جهڙا ڪتاب عالمي مارڪيٽ ۾ انهن ظلمن کي نروار ڪرڻ لڳا.
تهران ايئرپورٽ کان سڌو آءٌ هوٽل پهتم جتي تڙ پاڻي ڪري هيٺ رسيپشن تي آيم. مئنيجر ٻڌايو ته اوهان ڪٿي به ۽ ڪهڙي به وقت گهمي ڦري سگهو ٿا. پيادل، ميٽروبس سروس، ميٽرو انڊر گرائونڊس ۽ شاهي ٽرين ۾ وڃي سگهو ٿا. ايران ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهو. پوءِ ته مون ٻاهر نڪري آيم رستا روڊ ۽ وڏا فوٽ پاٿ آمريڪا ۽ لنڊن جهڙا نظر آيا، البته Quality جو ٿورڙو فرق هيو نه ته صفائي سٿرائي ۽ ٽرئفڪ ڊسيپلين يورپ ۽ آمريڪا جهڙرو نظر آيو. رات يا ڏينهن گهمندي اسان کي چوگرد ماڻهن جي مسڪرائيندڙ چهرن سان پرامن ماحول جي مهڪ محسوس ٿي.
هر ماڻهوءَ ۾ مور نچي ٿو، هر ماڻهوءَ ۾ چور نچي ٿو
تارونءَ ۾ تلوارون ترندڙ، هڪڙو پورو دور نچي ٿو.
هرڪو دور پرولي آهي
هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي گهوڙي جي ٽاپولي آهي.
(حسن درس)
آءٌ تهران، مشهد، فردوسي جو شهر طوسي گهمي ڏٺم ۽ امام خميني قم شهرواسي جو تهران وارو عام ننڍڙو گهر به ڏٺم ته اڳوڻي شهنشاه رضا شاه پهلوي جا18 شاهي محل به ڏٺم. عظيم امام هشتم امام علي بن رضا رحمت الله عليه جي حرم ۾ به حاضري ڀريم جتي امام هشتم (اٺون) جا لکين عاشق هر گهڙي، صبح شام، سانجهي توڙي رات جو ايندا ويندا رهن ٿا. ازانسواءِ لکين ماڻهن کي (ماني) لنگر فراهم ڪن ٿا. تهران ۾ حضرت شاه عبداللعظيم عليه السلام جي روضي تي به ويم جتي امام زاده ابراهيم عليه السلام ۽ امام زاده حمزه عليه السلام جون زيارتون موجود هيون.
هڪڙي شام جو جبل طوس تي حضرت امام حسين عليه السلام جي ٻئي گهر واري بيبي شهر بانو سلام الله عليها جي زيارت لاءِ ويم ٽئڪسي گهٽيون، روڊ رستا جهاڳيندي جديد تهران شهر کان نڪري پراڻي تهران شهر جي بازوءَ وارا سنها گهٽ گهيڙ وارا جديد رستا پار ڪندي مٿي جبل طوس تي چڙهڻ لڳي، جتي حضرت امام حسين عليه السلام جي ٻئي گهر واري بيبي شهر بانو رضه سلام الله عليها جو روضو مبارڪ هو ماڻهن جو وڏو ميڙ زيارت لاءِ پهتل هو. مٿي جبل تي اهڙي مٺڙي ٿڌڙي هير لڳي رهي هئي جو گهڻو وقت مون اُتي سمهي رهيس بعد ۾ جاڳ ٿي وضو ڪري جماعت ساڻ عشاءَ جي نماز پڙهيم. جبل جي اوتاهين بلندي تان سڄو تهران شهر پنهنجي رنگين جڳمڳائيندڙ روشنين سان عظيم انقلابي اڳواڻ روح الله آيت الله خميني رحمت الله عليه جي انقلاب جي شاهدي ڏيئي رهيو هو ته جيڪڏهن حاڪم وقت سچا هجن ته روڊ رستا، اسڪول ۽ يونيورسٽيون عدل ۽ انصاف ۽ بهتر حڪمراني انسان کي بنيادي حق تحفي ۾ ڏيئي سگهجن ٿا، اهي عڪس ۽ عمل ايران جا شهر تهران، مشهد ۽ فردوسي جو طوسي شهر اسان کي ڏيئي رهيا هئا. ڇا ته هنن جا شهر هئا ڄڻ جنت جو نظارو پيش ڪري رهيا. شال سنڌ ۽ پاڪستان جا اقتدار ڏئي ننڊ مان سجاڳ ٿين ۽ مسڪين مارو ماڻهن کي سٺي تعليم، سٺي صحت ۽ عدل و انصاف ڏيئي سگهن.
ايران جو شهر اصفهان جنهن لاءِ مشهور آهي ته اصفهان نصف جهان ۽ نيشاپور جي عظيم شاعر عمر خيام لاءِ چيو ويندو آهي ته هن وصيت ڪئي ته جڏهن مون مري وڃان ته مون کي انگور جي شراب سان غسل ڏجو ۽ انگور جي ساون پتن جو ڪفن پهرائجو کين ايران جي مرڪندڙ مٽيءَ ۾ دفن ڪري قبر مٿان گلاب جا گل، انگور جي ول ۽ صوفن جا ٻوٽاپوکجو. شيراز جيڪو حافظ شيرازي جو شهر آهي انجا ته قصائي اور آهن. اها آس رکجي ٿي ته ايندڙ بهار جي مند ۾ ڏسبا.
گفتم ـ ديدم ــ برخاستم