مهاڳ
اسين سنڌي قوم جا ماڻهو دنيا جي ٻين سمجهو ۽ سڌريل قومن جي ڀيٽ ۾ تاريخي طور “گهرن جا گُلو” آهيون. هاليجي ڍنڍ اسان جي ڳوٺ نيوات (لڳ جنگشاهي ضلع ٺٽي) کان ٻه ميل ڏکڻ ۾ اهي. ڍنڍ جي پرئين پاسي ڪيترائي ڳوٺ آهن. ان پاسي زمين عام قسم جي آهي. منجهس وڻ وٽ ۽ ٻنيون ٻارا آهن. ڍنڍ جي اسان واري پاسي جي زمين پٿرائين آهي، ٽڪريون وغيره آهن. سو عام طرح، جي اسان جي طرف کان ڪو ماڻهو هاليجي ڍنڍ کان ميل ڏيڍ پري ڏانهن ويندو ته عام طرح چوندا ته هو “سنڌ” ويو آهي ۽ جي ان پاسي کان ڪو ٻه ٽي ميل پنڌ ڪري اسان جي پاسي آيو ته ان پاسي وارا ڪي ماڻهو به چوندا ته “جبل پاسي” ويو آهي. مطلب ڳالهه جو ته هاليجي ڍنڍ جو اوريون پاسو پنهنجي ولايت، پنهنجو ديس ۽ ان ڍنڍ جو پريون پاسو ٻي ولايت، پرائو ديس يا پرديس.
گذريل صدين ۾ دنيا جا البيروني، ڪولمبس، منگيلان ۽ ٻيا سوين هزارين ماڻهو دنيا جي هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهتا پر اسان سنڌي سدورا ۽ سڀاڳا مجموعي طرح پنهنجي “گهرن ۾ گُلو” بنيا گهرن ۾ ويٺا رهيا آهيون.
اڄڪلهه جيڪي ٿورا ٿورا سنڌي مرد ۽ عورتون پڙهڻ يا نوڪرين سانگي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃن پيا تن مان جن کي آئون سڃاڻندو آهيان ۽ ساڻن پنهنجائپ جي واٽ هوندي اٿم تن کي سخت تاڪيد ڪندو آهيان ته جتي وڃو يا وڃي رهو اتان جو سربستو احوال لکي اچو ته سنڌين مٿان پرديس جو ڊپ لهي، ٻاهرين ملڪن ڏانهن نڪرن، دنيا ڏسن، ان مان سکن ۽ سنڌ ۾ موٽي اچي ٻين کي سيکارين. سنڌ جي جند صدين کان گهرن ۾ ويٺل “گهر جي گُلوئن” مان ڇٽي ۽ سنڌي ماڻهن جي قطار ۾ بيهڻ جهڙا ٿين. پر جن کي چيم تن مان اڄ تائين فهيم نوناري کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ڪا خاص لکيت نظر نه آئي اٿم.
فهيم سان اسان جي ڪنهن زمانن کان وٺي قُرب ۽ پنهنجائپ رهندي اچي. ان ڪري هو جڏهن ولايت وڃڻ لاءِ سنبريو ۽ مون سان احوال ڪيائين تڏهن مون کيس سنجيدگيءَ سان سمجهايو ته ولايت وڃي رڳو اٽي تي چٽي ٿي وهڻو ناهي. اتي جيڪي وهي واپري ان جو سربستو حال احوال ۽ خبرچار رڪارڊ تي آڻڻي آهي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن جي سوچ ۽ عمل ۾ ڪو انقلاب آڻي سگهجي.
هن ڊائريءَ جي مهاڳ ۾ مون کان اڳ فهيم نوناري ۽ ٻين ڪيترن سڄاڻ دوستن پنهنجا رايا ۽ احوال رڪارڊ تي رکي ڇڏيا آهن جن مان ذري گهٽ فهيم جو سمورو پس منظر علمي، سماجي، ملازمتي تفصيل ملي وڃي ٿو ۽ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو سچ پچ چاهي ۽ ان چاهت لاءِ سچي دل سان مسلسل ۽ محڪم ارادي واري ڪوشش ۽ جدوجهد ڪري ته دنيا جو ذري گهٽ سڀ کان پوئتي پيل علائقي ۽ ماحول جو ماڻهو به ڪک مان لک بڻجي سگهي ٿو.
سندس آمريڪا ۾ رهائش ۽ تعليم جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون قابلِ ذڪر آهن تن مان ڪي ڳالهيون اهي آهن ته هو آمريڪا جي ماڻهن جي باري ۾ اهو تجربو ڪري خوش ٿيو آهي ته اتي جا ماڻهو قاعدي ۽ قانون موجب هلڻ پسند ڪن ٿا ۽ اسان وانگر جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قصو ڪونهي. هو اتي جي تعليمي ادارن جي پڙهائي، استادن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين پبلڪ ملازمن جي فرض شناسي، عوام دوستي ۽ همدردي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هو. اتي جي زندگين مان ماڻهن کي بوريت کان بچائڻ لاءِ اتي جا ماڻهو پريڊون، ميلا، بين الاقوامي چانهه پارٽيون ڪرائڻ جا بندوبست ڪري ٻي دنيا جي ماڻهن کي هونئن جيڪو پرديس ۾ اوپرائپ ۽ ڌاريائپ جو احساس پرديس ۾ ٿيندو آهي تنهن کان بچائي کين ائين ٿا محسوس ڪرائين ته هو به ٻين آمريڪي ماڻهن وانگر ڀائرن جا ڀائر آهن، سندن زندگيءَ جي سمورين خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جا هڪجهڙا حقدار آهن. فهيم نه رڳو امريڪين کان متاثر هو پر چيني، جپاني ۽ ٻين اهڙين قومن جي ماڻهن جيڪي آمريڪي ماڻهن وانگر سرگرم رهن ٿا تن کي به تمام گهڻو پسند ڪري ٿو. خود عيسائي مذهب توڙي ٻين مذهبن جهڙوڪ ٻڌ مذهب جي ماڻهن جي مذهبي ڏهاڙن تي سندن سرگرمين کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وڃي ٿو ۽ انهن جو هن سان ۽ هن جو انهن سان اهڙو ئي سلوڪ آهي جيئن ڀائرن ۽ پاڙي وارن سان هجي. ٻئي طرف آمريڪا جي ماڻهن ۾ جيڪي ننڍيون توڙي وڏيون ڪمزوريون آهن تن کان هو نه رڳو بي خبر ڪونهي پر انهن جي ايمانداريءَ سان ڀرپور اپٽار به ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ پنهنجين ناپسندگين جو کليو کلايو اظهار ڪري ٿو. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته آمريڪي زالون نهايت مغرور آهن ۽ مردن کي پاڻ کان گهٽ سمجهن ٿيون. ڪي ڪي آمريڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي زالن کان پنهنجي ڪتن سان وڌيڪ پيار ڪن ٿا.منجهانئن ڪيترا پنهنجي اکين تي آمريڪا پرستيءَ جون عينڪون چاڙهي ويٺا آهن ۽ آمريڪي جيڪي دنيا تي چڙهائي ۽ ڪوس پيا ڪن تن لاءِ وڏي فخر سان اعلان ٿا ڪن ته اسين اهي خونريز قتلام انساني حقن، جمهوريت ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ قربانيءَ طور ڪري رهيا آهون. هو چوي ٿوته اهڙن مآڻهن ۾ شرم نالي ڪابه شيءِ ڪانه هوندي آهي. پر سڀ هڪجهڙا ڪونهن. ڪي آمريڪي ماڻهو انهن ڳالهين کي سنئون سڌو ظلم ليکيندا ۽ چون ٿا ته اها امريڪا جي ماڻهن سان دوستي ناهي پر انهن سان دشمني آهي. فهيم پاڻ کي رڳو ٻين جي خيالن کي ورجائڻ تائين محدود نٿو رکي پر دنيا جي اهم ترين سياسي مسئلن بابت سندس ميزبان ملڪ جي روش بابت پنهنجي راءِ به صاف صاف لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. هڪڙي هنڌ هو سنڌ جي سياست تي ڳالهائيندي انٽرنيٽ وسيلي لائبرريءَ ۾ پڙهيل سنڌي اخبار مان اعجاز منگيءَ جي مون ۽ منهنجي قومي سياست بابت ڳالهين کي بيان ٿو ڪري ۽ ان تي پنهنجو تبصرو پيش ٿو ڪري. هو پاڻ کي ڪنهن وڏي ڪارخاني مان گهڙيل هاءِ ڪلاس وطن دوست طور پيش نٿو ڪري پر پنهنجون سموريون ڪمزوريون، سستيون، ڪم کان بيزاريءَ جون ڳالهيون صاف صاف ٻڌائي ٿو ۽ اهو به ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن اهڙين سستين، بيزارين ۽مجبورين جي اڳيان لاچار ٿي بيهبو ته پنهنجي ماڻهن ۽ قوم جو وڏو نقصان ٿي پوندو. تنهن ڪري پاڻ تي جبر ڪري پنهنجن سمورين لاچارين کي پاسيرو رکي دل جان سان پنهنجا قومي فرض ادا ڪرڻا آهن.
پنهنجي ڊائريءَ جي مختلف هنڌن تي هو ان قسم جا حال احوال پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو. هو لکي ٿو:
استاد
“10.11.2005
Prof. Rodf: رولف سان به گپ شپ ٿي. هي ڏاڍو مزيدار استاد آهي بلڪ ڪو فلمي هيرو ئي لڳندو آهي. هن جو هر جملو به فلمي ڊائلاگ هوندو آهي. مرڪ هميشه هن جي چهري تي گهر ڪيو ويٺي هوندي آهي.”
“4.7.2005
اڄ هتي شاندار قسم جي پريڊ جو بندوبست ٿيل هو. سڀ کان اول سفيد پشم واري پهراڻ ۾ 200 ماڻهن جو جٿو روڊ تان گذرندي سٽي هال وٽ ڊانس ڪندي اڇي رنگ جا ڪبوتر امن جي نشاني طور فضا ۾ ڇڏيائون ته فضا تاڙين جي تال سان گونجندي رهي ۽ موسيقي جي ڌن تي آرڪسٽرائن امن جو گيت پيش ڪيو ته سفيد پهراڻ وارن جي امن ڊانس تي سڀئي شائقين بي اختيار جهومڻ لڳا.”
“سڄو آسمان ڄڻ ڪنهن خوشيءَ جي لهر ۾ ورتل جڪڙيل پئي نظر آيو. ماڻهو پاڳلن جيان خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا ... جوان ۽ جوانڙيون بيئر، ووڊڪا، شيمپئين ۽ طرحين طرحين قسم جو شراب کلي عام پي رهيا هئا....”
“14.10.2005
گهرن وارن سان ڳالهائڻ
اڄ وارو ڏينهن ڪپهه جهڙي برف وانگر هلڪو ۽ گلابي گلابي هو. ڇو ته ڄامشوري بيگم نازو، عمران، ڏاڏا ۽ اياز سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.جڏهن به گهر ٻارن ۽ امڙ سان ڳالهائيندو آهيان اهو ڏينهن ڏاڍو پرسڪون محسوس ٿيندو آهي.”
“18.10.2005
داخلا ملڻ جو اطلاع
ڪالهه کان خوشيءَ جي لهر دل ۽ دماغ مٿان ڇانيل آهي ڇو ته فل برائٽ پروگرام آفيسر انڊريا نيويارڪ مان اهو اطلاع موڪليو ته ويسٽرن يونيورسٽي شڪاگو ۾ منهنجي داخلا ٿي آهي.”
“20.10.2005
استادن جي شفقت
يونيورسٽي جي استادن جي شفقت، مهرباني ۽ محبت کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. Prof: Joe جو حاڪمانه انداز ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پيش رفت ۽ ترت سمجهڻ واري صلاحيتپڻ ته هن جي شخصيت جي انهيءَ پهلو مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو. Joe جي شفيقانه رويي واري سکيا به اسان کي خوف کي ٽوڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. Kathy کي ته آئون ڪڏهن به نٿو وساري سگهان. جنهن شروع ۾ ئي مون کي اها هدايت ڪئي ته عبدل ڪڏهن به مايوس Dpress نه ٿجان.”
“ 25.10.2005
پاڻ کي سمجهائڻ
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته 10 مهينن کان صبح شام، رات ڏينهن هر وقت لکڻ پڙهڻ ۽ بحث مباحثي ۾ وقت گذريو وڃي. ڇا اها زندگي آهي؟.... سوالن جا جواب ڪڏهن مبهم ته ڪڏهن چٽا ملندا آهن ته هي جو آمريڪي ۽ يورپي قومن ترقيءَ جو معراج ماڻيو آهي اهو ڪو رات ڏينهن ستي ته ڪونه حاصل ڪيو اٿن. انهن قومن ۾ به ته آئنسٽائين، شيڪسپيئر، ٿامس جيفرسن، چرچل، لنڪن، روزا پارڪ، ڪنگ مارٽن لوٿر، والٽ وٽمن ۽ اڻ ڳڻيا هيرا رات ۾ ته ڪونه ٺهيا انهن به پهرين پاڻ کي علم جي لازوال هٿيار سان پاڻ کي هٿياربند ڪيو بعد ۾ پورو علم قوم ڌرتي ۽ وطن جي سونهن، سينگار ۽ ترقيءَ لاءِ ڪتب آندائون جن جي علمي، ادبي ۽ سماجي ۽ سائنسي نون علمن ۽ کوجنائن سان هنن پنهنجي قوم ۽ وطن جي آئيندي ......”
آمريڪن جو ڪتن ۽ ٻلين سان پيار
آمريڪي ڪتن ۽ ٻلين سان ڏاڍو پيار ڪن ٿا. هڪ همراهه جي ڪتي 10 ماڻهن کي مختلف وقت تي چڪ هنيا ليڪن پاڳل ڪتي کي نه ڇڏيائين.... همراه پنهنجي سهڻي زال ۽ ڪتي سان هڪجيترو پيار ڪندو هو. جڏهن هن جو ڪتو بيمار ٿيندو هو ته هو آفيس کان موڪل ڪري هن جي پرگهور لهندو هو. پر جي زال بيمار ٿيندي هئي ته آفيس کان موڪل نه ڪندو هو.”
“24.12.2005
آمريڪي مفادن جي عينڪ سان ڏسن ٿا
هي هر ڳالهه کي آمريڪي مفادن واري سوڙهي ننڍڙي عينڪ سان ڏسن ٿا ۽ سوين هزارين سالن تائين آمريڪا جي اڻ اعلانيه شهنشاهيت جا خواب ڏسڻ جا عادي بڻجي چڪا آهن تنهنڪري ويٽنام، عراق، افغانستان، بوسنيا، ڪوريا ۽ جتي ڪٿي ويل فوجن کي حق بجانت قرار ڏيندي اهو چوڻ کان ڪڏهن به گهٻرائن ڪين ٿا!! ته اسان جمهوريت ۽ انسانيت خاطر ايڏو وڏو جوکو سر تي کنيو آهي. شرمساري جهڙي شيءِ هنن وٽ ڪابه ڪانهي.”
“13.12.2005
فلاڊيلفيا جو بنجامن فرينڪلن
P:72 فلاڊيفيا شهر آمريڪا جي Top ten Cities ۾ ٽئين نمبر تي اچي ٿو... بنجامن فرينڪلن، هن شهر جي جوڙڻ، ٺاهڻ ۽ ترقي ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. هو هڪ ئي وقت تمام گهڻين خوبين جو مالڪ هو پاڻ سياستدان، سائنسدان، سماج سڌارڪ، ليکڪ، ميوزڪ جو ماهر، ائنٿرو پالاجسٽ ۽ اعليٰ قدر رکندڙ انسان هو. Gotan Burg کان بعد هي ٻيو شخص هو جنهن Printing Press ايجاد ڪئي.”
1872ع ۾ آمريڪا کي آئين Constitution ڏيڻ ۾، آئيني شڪن ٺاهڻ ۾ بنجامن جو بنيادي ڪردار هو.”
“آمريڪي عورت جي مغروري
منهنجي گوري آمريڪي دوست Major Danial جو چوڻ آهي ته آمريڪي عورت ۾ حد درجي جو غرور ۽ تڪبر ٿئي ٿو. جيڪا پاڻ کي مرد کان برتر سمجهي ٿي هوءَ چاهي ٿي ته مرد اڳتي وڌي ان لاءِ دروازو کولي، ڪچن ۾ رڌ بچاء ڪري، صفائي ڪري ۽ سڀني سرگرمين ۾ شامل رهي. هوءَ سينگاريل گڏيءَ طور زندگيءَ جا مزا ماڻي.”
“اڄ ڏسو ته آمريڪا جمهوريت جي نالي ۾ لائوس، ڪمبوڊيا، بوسنيا، ويٽنام، ڪيوبا، بولويا، عراق، افغانستان، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڌي يا اڻسڌي طرح اڻ کٽ جنگين ۾ مصروف آهي.”
P:82 امريڪا دنيا جي قدرتي وسيلن تي قبضي جي نيت سان انڌي هاٿي جيان سڄي دنيا اندر ڪاهي پيو آهي.”
“16.5.2006
رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجو احتساب لازمي ڪندو آهيان ته اڄ ڪهڙي چڱي ڳالهه سکيم.”
“27.5.2006
مون کي فون تي پليجي صاحب جي هدايت سختيءَ سان ياد اچي ٿي ته فهيم روزانو اڌ ڪلاڪ ڪڍي ڪري آمريڪي حالتن ۽ پيش ايندڙ واقعن تي ضرور لکج.... مون کي پليجي صاحب جي اها هدايت چهبڪ وانگر ذهن تي لڳندي آهي.... ڪڏهن ڪڏهن سڀ سڌون ۽ مڪر پاسيرا ڪري ٻه اکر لکي ويندو آهيان ته جيئن انهن ٻن اکرن مان منهنجي سنڌ جي سينڌ ۾ ڪو سندور جو ذرڙو ڪنهن جگنو جيان جڳ مڳائي.”
“منهنجو من ۽ تن سدا سنڌ جي برن، ٿرن، جبلن، پٽن ۽ وستين ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي.”
“17.7.2006 موٽندي رستي ۾ اياز جو ڪتاب پڙهيم، سٺي ڳالهه لکي ٿو.
هن هاريءَ تي لک،
جيڪو اڃان انسان آهي،
۽ ڍو ڍو ڳڀو کائي،
پاڻي پي،
سارو ڏينهن ڳهندو ٿو وتي،
جو ڌاڙيل نه ٿيو آهي،
۽ ماڻهوءَ جو رت،
نه پيتو اٿائين....”
“Prof Dona ميل ذريعي ڏند (Tooth) جو پڇاڻو ڪيو. ڊاڪٽر Hall به اي ميل موڪلي! ڇا ته Co-operative ماڻهو آهن! سنڌ ۾ قانوني ڪم لاءِ به ڪنهن صاحب کي چئبو ته حال في الحال ته سيٽجي لٺ ٿي ويندو، پوءِ اهي جاهل بيورو ڪريٽ 15 ڏينهن بعد ڇڙو ڪنڌ ڌوڻيندا، ڪم ته سالن بعد ٿيندو. پر هي آمريڪي فرض شناس سان گڏ همدرد به آهن، تنهن ڪري ئي هنن جي سماج جو تاڃي پيٽو مضبوط آهي.... اسان کي (شاگردن) جيڪڏهن ڪو مونجهارو هوندو هو ته پروفيسر نه صرف ڪلاس ۾ بلڪه فون، اي ميل رستي ۽ ڪن حالتن ۾ خود هاسٽل (رهائش گاهه) تي هلي اچي مسئلي جو حل پيش ڪندا هئا.”
“27.7.2006
پوڙهي ماءُ قد جي 5 فوٽن جيتري مس هئي. 80 سالن کان وڌيڪ معلوم ٿي رهي هئي. رنگ گورو ليڪن سڄي چهري تي سوچ، سمجهه ۽ محبت جي لڪيرن جو ڄار ڦهليل هو، ان گهنجيل چهري جي وچ مان مشعل جهڙيون مرڪندڙ اکيون ۽ هن جا پتڪڙا هٿ مٿي کڻي مرڪي مرڪي جڏهن مون کي ٻڌ ڌرم جي گڏجاڻي جي ڪوٺ ڏيئي رهي هئي، ته مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجي دماغ اندر منهنجي پسنديده هيرن جي جيڪا قطار آهي انهيءَ ۾ اول نمبر تي منهنجي مٺڙي ماءُ نواب خاتون سانئڻ جي امڙ سانئڻ مٺڙي ناني صدوري بوبهو ڄڻ منهنجي سامهون بيٺي آهي. مون هن جي دعوت قبول ڪئي.”
“26.9.2006
چانهه پارٽي ۾ ترڪمانستان، پاڪستان (مون) ۽ بشري، جارجيا، ميڪسيڪو، سائوٿ آفريڪا، سعودي عرب، ترڪي، بنگال، انڊيا، فرانس، ڪوريا، جپان، چين، ۽ ٻين ملڪن جا گهڻا شاگرد موجود هئا. منهنجي Prof: Steve ۽ ڊائريڪٽر ڪيون سان خاص گپ شپ ٿي.”
ان ڪري آئون هتي وري به اها ڳالهه ڪندس ته جيڪو به سنڌي سنڌ کان ٻاهر وڃي رهي ۽ ڏسي وائسي، ڪم ڪار ڪري يا جنهن به قسم جي مصروفيت هجيس اها پوري ڪري ته ان جوفرض آهي ته جهڙيءَ ريت فهيم نوناري هن ڊائري ۾ محنت ڪري پنهنجن تجربن جون سموريون ڳالهيون سنڌي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون آهن. ائين پيش ڪري ۽ ايئن سمجهي ته اها نئين ڄاڻ ۽ سمجهه ۽ اهو تجربو اسان کي هڪڙي قومي امانت طور حاصل ٿيو آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته ان کي صحيح صحيح نموني پنهنجي قوم جي ماڻهن تائين پهچائي هنن جي سمجهه ۽ شعور کي هر ممڪن حد تائين بُلند ڪريون.
24 فيبروري، 2014ع رسول بخش پليجو
ڊي. 10، پرنس ٽائون،
قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ