سفر جي ڊائري ۽ معلومات
***
20-12-2009
UAE
دبئي هڪ ٽئين دنيا
صبح جو دستوري طور 7 وڳي اُٿيم ته خوشي جي هڪ قسم جي لهر محسوس ڪيم. ڇو ته اڄ دبئي اُسهڻو هو. سرڪاري طور 14 ڏينهن جي موڪل ورتل هئي. تنهنڪري گهر ۾ آرام ڪيم. سفري بئگ جي تياري، ڪپڙن کي استري ۽ ڪتابن جي رپورٽ تيار ڪيم جنهن ڏس ۾ ڏاڏا بچل کان مدد ورتم. وچ ۾ حبيب بليدي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهي دوران 11 وڳه کن ٿيا هئا ته پير تاج راشدي پهتو. جنهن سان گڏجي CRDC کان پير عبيدالله سنڌي کي کڻي شهر آياسون. جتان واپس ٿي گهر وارن کان موڪلائي بيگ ساڻ کڻي CRDC پير سائين عبادلله راشدي صاحب وٽ آياسين جنهن Lunch جو بندوبست رکيو هو، کين Lunch ۾ پير صاحب، ڊاڪٽر رجب ميمڻ، پروفيسر غلام علي، پير تاج ۽ عبيدالله سنڌي صاحب گڏ هئا، Lunch ڏاڍي شاندار هئي.
Lunch بعد ڪار ذريعي پير سائين جي فرزندن عبيدالله سنڌي ۽ اُسامه اسان کي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڇڏيو. ايئرپورٽ ٺيڪ 6:30pm پهتاسين ته پير وزيرالدين راشدي ۽ رياض راڄپر موجود هئا، راڄپر، عبيدالله سنڌي ۽ عبير اُسامه کان موڪلائي ايئرپورٽ اندر آياسين ته پير سائين عبادلله راشدي سان گڏ هئڻ ڪري وي آئي پي لائونچ ۾ ويٺا رهياسين جتي چانهه ۽ ريفرشمنٽ ملي، اڌ ڪلاڪ بعد جهاز هلڻ لاءِ تيار هو، اسين عرب امارات جي شاندار جهاز ۾ ويٺاسون، ٿورڙين گهڙين ۾ جهاز اُڏرڻ لڳو، فضا ۾ Dinner ڏنائون ڏاڍي شاندار ڊنر هئي. 2 ڪلاڪن جي مسافت بعد جهاز دُبئي جي انٽرنيشنل اڏي جي رن وي کي ڇُهيو، چوگرد جڳمڳائيندڙ روشنيون ڀليڪار چئي رهيون هيون. هيٺ لهڻ سان انگريز گورن، گورين، اسپينين، روسي، چيني، عرب، يورپ ۽ آفريڪا جي کنڊن جا ماڻهو روشن ۽ خوشيءَ سان ٻهڪندڙ چهرن سان ڄڻڪ هڪٻئي کي ڀليڪار چئي رهيا هئا. اسين هيٺ ڪارگو مان سامان وصول ڪري ٻاهر آياسين ته سيد نجف شاهه پنهنجي شاندار گاڏي ساڻ موجود هو. جنهن وٽ اسانجي رهائش جو بندوبست هو. چند لمحن بعد اسان جي گاڏي دبئي جي شاهي روڊن تي فرڙاٽ ڪرڻ لڳي. نجف شاهه اسان کي ٻڌائيندو هليو ته هي دبئي رياست آهي، وچ دبئي شهر مان آسمان کي ڇهندڙ عمارتون ۽ روشنيءَ جي بي پناهه سيلاب مان گذرندا UAE جي شارجه رياست ۾ پهتاسين جتي اسان جو رهائشي گهر هيو. اسين سامان لاهي اندر داخل ٿياسين، رات دير تائين نجف شاهه سان ڪچهري ٿي پوءِ هو اسان کان موڪلائي ويو ۽ اسين گرم بسترن حوالي ٿياسين، جلد سڀئي ساٿي خوابن جي وادي ۾ پهچي وياسين.
نوٽ: دبئي جو 14 ڏينهن جو سفر هيو، جنهن ۾ دبئي جون سڀئي رياستون، دبئي، ابودبئي، علين، شارجا سميت سڀ گهميوسين، انهي سفر ۾ سيد نجف شاهه، ڊاڪٽر قادر سرڪي ۽ جَليس احمد اسان جا ميزبان رهيا.
***
21-12-2009
UAE
دبئي ابن بطوطه
صبح جو سوير غلام علي ٻرڙو ۽ تاج راشدي جي آوازن تي سجاڳي ٿي. همراه ڀوڳ چرچا ڪن پيا. پير سائين (عبادالله راشدي) صاحب به سجاڳ ٿي پيو. اسين سڀ نجف شاهه جي گهر جي سيٽنگ ۾ لڳي وياسون. اڌ ڪلاڪ اندر گهر عاليشان ڏيک ڏيڻ لڳو. بعد ۾ سڀئي تيار ٿي ٺيڪ يارنهن بجه ٻاهر هوم سينٽر وٽ اچي پهتاسين. جتي ڊاڪٽر قادر سرڪي صاحب اچي کنيو، همراه پنهنجي شاندار گاڏي ۾ Wafa Center گهمايو جتي ڪافي جديد ۽ مهانگيون شيون هڪيون تڪيون موجود هيون جتان وري Danial Shaikh Zain Buffet، ۾ وڃي ماني کارائي. ڏاڍي شاندار لنچ ٿي. جنهن بعد Dragon Center آياسين جتان قادر سرڪي صاحب موڪلائي گهر ويو ۽ اسين پيجرو گاڏي ۾ Desert Safari وڃڻ لاءِ دبئي کان ٻاهر آياسين جتي اڌ ڪلاڪ ترسڻ بعد Safari وڃڻ لاءِ وڏي گاڏين جي قافلي ۾ اسين به شريڪ ٿياسيون. واريءَ جي پهاڙن تان هلنديون ڪڏهن هيٺ گُهت هَڻي ته ڪڏهن واريءَ جي جبل جي بُلندي تي هلندي اڌ ڪلاڪ کن جي ڊوڙ بعد وڃي هڪ نخلستان ۾ ڇڏيائون جتي سڄي دنيا مان آيل سياح ڪارا، نيرا، پيلا ۽ گورا ايشيائي، آفريڪي، آمريڪي، يورپي ۽ عرب سڳورا مرد عورتون ۽ ٻار موجود هئا. جتي پهچڻ تي پير سائين عبادالله راشدي صاحب جو مطالبو هو ته مون کي ڪنهن مسجد حوالي ڪري پاڻ وڃي گهمو کين تاج راشدي ڪنهن اُوٺي ساڻ بلوچي ۾ ڳالهايو ته هُن چيو ته اسانجو شاندار خيمو موجود آهي جتي پير سائين عبادت ڪئي ۽ اسين ميلو گهمي واپس آياسين.
***