ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

خوابن جي ڊائري هڪ سهڻي تخليق

ڊائري / سفر نامون ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪو پڙهندڙ کي مختلف ديسن، ماڻهن، سندن تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي ڄاڻ ڏئي ٿو. اسان جي نوجوان دوست فهيم نوناري به مختلف ملڪن ۾ گذاريل ڏينهن راتين جو احوال پنهنجي ڪتاب، “خوابن جي ڊائري” ۾ بيان ڪيو آهي. جنهن ۾ هن آمريڪا، انگلنڊ، بيجلم، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ گهاريل ڏهاڙن جي پل پل کي قلم بند ڪيو آهي. هي سفر نامو ڊائري جي صورت ۾ لکيل هڪ اهڙو تاريخي دستاويز آهي جيڪو نه فقط ليکڪ جي ذاتي مشاهدن ۽ تجربن تي آڌاريل آهي، پر مختلف رنگن ۽ نسلن جي ماڻهن جون ڪهاڻيون ۽ قصا پڻ بيان ڪري ٿو. سفرنامي جي صنف هاڻي سنڌي ادب ۾ ڪا نئين صنف نه رهي آهي بلڪ سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي سفرنامه لکيا ويا آهن، جيڪي اسان کي دنيا جي انيڪ ملڪن جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪن ٿا. جنهن ڪري اسان کي ڪيتريون ئي سٺيون ڳالهيون پڻ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون ۽ خبر پوي ٿي ته دنيا هاڻ ڇا سوچي رهي آهي ۽ اسين ڪٿي بيٺل آهيون.
فهيم نوناري جي سفر نامي / ڊائري جي اهم ڳالهه اِها آهي ته هن پنهنجن روزمره جي معمول کي پڻ هن سفرنامي / ڊائري ۾ جاءِ ڏني آهي. جنهن ان ڳالهه کي وڌيڪ اهم بڻايو آهي ته ڊائري جي روايت جيڪا اسان وٽ تقريباً ختم ٿي چڪي آهي ان کي جيڪڏهن لکت جي صورت ۾ محفوظ ڪيو وڃي ته اها هڪ تخليقي صوورت اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ فهيم به پنهنجي ان ڊائري مان اِهو ئي ڪم ورتو آهي جنهن ڪري سندس اِها شيءِ ڪتابي صورت ۾ اسان تائين پهتي آهي. جنهن ۾ هن نه رڳو پنهنجي زندگي جي روزمره جي ڪم ڪارن بابت لکيو آهي بلڪه اتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، سندن قدرن ۽ تهذيبي ورثي جو اپٽار پڻ ڪيو آهي.
سفرنامن جي خاصيت اِها ئي هوندي آهي ته ماڻهو انهن کي پڙهڻ سان سموري دنيا پيو گهمندو آهي. فهيم جي هن سفرنامي / ڊائري “خوابن جي ڊائري” ۾ به سوين رنگ روپ آهن. جيڪي ان وقت ئي ظاهر ٿين ٿا جڏهن انهن کي ماڻهو پڙهي ٿو. آئون سمجهان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين جيڪي به سفرناما / ڊائريون لکيون ويون آهن، انهن ۾ هي سفرنامو/ڊائري به تمام گهڻو بهتر آهي. جنهن ۾ نه فقط ليکڪ جي سهڻي ٻولي جو سواد آهي پر سندس تخليقي صلاحيتون به نظر اچن ٿيون ۽ پنهنجي ديس واسين لاءِ جيڪو جذبو ۽ همدردي آهي اِهو به هن سفرنامي ۾ نمايان آهي. هن جي سفرنامي / ڊائري کي پڙهڻ وقت نه ته ڪنهن قسم جي بوريت جو احساس ٿئي ٿو ۽ نه ئي ان کي اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل چوي ٿي. اِهو سندس مشاهدي جو ڪمال آهي جو هو اهڙي سٺي تخليق لکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. آئون کيس سنڌي ادب لاءِ بهترين ڊائري / سفرنامون لکڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿون.

ــ محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد، سنڌ