فهيم نوناري جو روزنامچو
فهيم جي ڊائري، سندس آمريڪا جي اڪيڊمڪ ٽوئر جو روزنامچو آهي، جيڪا نزاڪت ۽ نفاست ۽ فهيم جي قلم جو هڪ آئينو آهي، روزنامچو پنهنجي مزاج ۾، جيئن هڪ مختصر نوٽنگ جو نالو آهي، ايئن فهيم به بلڪل مختصر بيان ڪري، ڊائري کي جاذب ۽ پرڪشش ڪيو آهي. ڊائري ۾ نهايت خوبصورت انداز ۾، تاريخن، اتن پتن ۽ کاڌن پيتن جو اندراج ڪيل آهي ۽ لکندي وقت، ان جي بيهڪ به سهڻي آهي. ڊائري ۾ اهو ائين آهي، جيئن ‘جانب جو جمال‘، پر جتي هڪ ننڍڙي ۽ مختصر ڊائري هجي، اتي ان جو بار بار ورجاءُ ٿئي ٿو ته، پوءِ ‘قمر ڪوماڻو’ ٿئي ٿو.
کاڌن پيتن جي چارٽ مان لڳي ٿو ته، آمريڪي ماڻهو زندگي ۾ ڪيترا نفيس ۽ نازڪ آهن، جو هلڪن ڦلڪن کاڌن کي پنهنجو معمول بڻايو اٿن شايد اهو انهن جو صحت بخش پهلو آهي، باقي اسان وارو مزاج اهڙا نرم ۽ نازڪ کاڌا ٻڌي، ٽهڪ ڏيئي کلي پوي ٿو.
آمريڪا کي جيتروٻڌو ۽ معلوم ڪيو آهي ته اهو تعليمي جهان جيترو وسيع آهي، اوترو اهو ٻاهر به هڪ سمنڊ جيان آهي. فهيم ڊائري ۾ صرف ان جي تعليمي لڪير ڇڪي آهي، جيڪا به هن ۽ سندس ساٿين تائين محدود آهي، جنهن مان پوري طرح آمريڪا جو تعليمي نقشو يا ٻاهر جو جهان نظر نٿو اچي، نه ته آمريڪا ۾ هيڏو وقت ميسر هوندي، فهيم ان جو سٺو جائزو وٺي، اسان جهڙن اڻ ڄاڻ ماڻهن کي ڪيتري قيمتي ڄاڻ ڏيئي پئي سگهيو، ان محرومي جو اسان کي به احساس آهي ۽ شايد فهيم به اهو محسوس ڪندو هوندو.
آمريڪا پنهنجي اندر ۾ ڪيترو ئي خوبصورت ۽ پرڪشش ۽ دلفريب ڇونه هجي، پر ماڻهو کي کايو وجهي. اهو فطري عمل آهي ۽ انجو درمان آهي رڳو قلم، ڪاغذ ۽ ڪتاب جنهنجي ضرورت کي هڪ ليکڪ ئي شدت سان محسوس ڪندو آهي. فهيم به ان فطري ضرورت کي محسوس ڪندي، قلم ۽ ڪاغذ جو سهارو ورتو آهي ۽ روزاني ڊائري ترتيب ڏيئي، پرديس جو پنهنجو بار به هلڪو ڪيو آهي ۽ هڪ فرض به نڀايو آهي. روزنامچو جڏهن ڪتابي شڪل ۾ ايندو آهي ته، ان ۾ سڌارو ۽ واڌارو، انجي ضرورت هوندو آهي، هتي فهيم، ان جي ضرورت الائي ڇو محسوس نه ڪئي آهي.
فهيم ڊائريجي مهڙ ۽ پڇڙ ۾، شاهه، اياز، فيض، تنوير امداد، انور، آڪاش ۽ رخسانه پريت چنڙ ۽ ٻين شاعرن جا شعر ڏيئي، پنهنجي شاعريءَ جي عشق کي ظاهر ناهي ڪيو، پر ديس کان ڪوهين ڏور ويهي، پنهنجي سدا بهار شاعرن کي دل جي گهراين سان ياد ڪيو آهي ۽ ساڳئي وقت ڊائري جي زينت کي به وڌايو آهي. ڪيترين خواهشن جي برعڪس ته ڊائري، آمريڪا جو پورو منظرنامو هجي ها، جنهن ۾ آمريڪا جي تاريخ، سياست، ادب، تهذيب، ثقافت، سماج ۽ ٻيا کوڙ قيمتي موضوع زير بحث هجن ها، پر انهن سمورين ڳالهين کي پاسيرو رکي، ڊائري جو، فهيم جي اڪيڊمڪ سرگرمين جي ارد گرد گهمڻ وارو منظر ئي دلڪش لڳيٿو. ڊائري، پنهنجي روزنامچي واري شناخت ۾ فهيم جي ادبي ذوق جو هڪ بهترين مثال آهي.
[b]
ــ اصغر سجاڳ
ٺل، سنڌ
[/b]