ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

سماجي ۽ سياسي شعور رکندڙ ليکڪ

فهيم نوناري، سماجي ۽ سياسي شعور رکندڙ، هڪ سُڄاڻ ليکڪ آهي. هو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب جو وسيع مطالعو رکي ٿو. اسڪولي دؤر کان وٺي هُن جو لکڻ پڙهڻ ڏانهن رجحان رهيو آهي. گهرو تنقيدي ڏانءُ رکندڙ اسان جوهي دوست، نهايت متحرڪ ۽ سچي وابستگي رکندڙ، مظلوم طبقن جو ساٿاري ۽ هڪ سُٺو انسان آهي. ادبي سرگرمين ۾ به هن جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
اسان جي همعصرن مان هو تمام گهڻو خوشنصيب آهي، جو کيس ڪيترن ئي مُلڪن جي .... سفر ڪرڻ جا موقعا مليا آهن . هُن اهڙن مشاهدن کي پنهنجي فڪر جي آڌار تي پرکيو آهي. جنهن جو اندازو اوهان هن ڊائري / سفرنامي جي مطالعي مان لڳائي سگهو ٿا.
جيڪا هن جي اڃا پهرين وک آهي. مختلف سماجن ۽ ثقافتن جو تقابلي مطالعو رکندڙ فهيم نوناريءَ جي ڊائري / سفرنامي جو انداز، ڪافي منفرد آهي. هو انهن مشاهدن جي پرک، معاشي، سياسي ۽ ثقافتي حالتن جي تناظر ۾ ڪري ٿو. اِهو ئي سبب آهي جو فهيم جڏهن ڪنهن به ملڪ جو ذڪر ڪري ٿو ته نه صرف ان جي ظاهري حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو پر ان جي مجموعي سماجي ۽ سياسي صورتحال سان گڏ معاشي تجزيو ڪندي، ان جي خوشحاليءَ جا سبب به بيان ڪري ٿو. ان طرح اِهو ان ملڪ جو ڄڻ ته تنقيدي اڀياس بڻجي وڃي ٿو. فهيم نوناريءَ جو هي سفرنامو ضرور مڃتا ماڻيندو.

ــ ادل سومرو
پنجابي ڊپارٽمينٽ، پنجاب يونيورسٽي، لاهور.
16 مارچ 2014ع