ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

سماجي ترقي جا نوان ڏس پتا

دنيا ۾ انساني قدرن، روين ۽ نفيسات جا ماهر انسان جي (Efficiency)قابليت ۽ (Competency)مهارت جا ڪيئي رُخ، درجا ۽ صورتون (Forms)ٻُڌائين ٿا. هُنن جو اصرار آهي ته ماڻهوءَ جي مهارت جو ڪو هڪ خاص (Fixed)قدر (Standard)نه ٿيندو آهي. هنن ماهرن مطابق قدرت هر انسان کي مختلف نوعيت جي مهارتن سان نوازيو آهي، ڪي دلير آهن ته ڪي ذهين، ڪي سخي ته ڪي محقق، ماهرن جي ان راءِ سان متفق ٿيندي، آءٌ پنهنجي ڀائرن جهڙي دوست فهيم نوناريءَ لاءِ ايئن چوندس ته هُن کي پڻ قدرت واري ڪجهه غير معمولي مهارتن ۽ صلاحيتن سان نوازيو آهي؛ جيڪي پنهنجي نوعيت ۾ عام نه پر بلڪل انوکيون، خاص ۽ منفرد آهن ۽ مون سُوڌو گهڻائي ماڻهن ۾ اڻلڀ آهن. فهيم جي انهن انيڪ انوکين خوبين منجهان ڪجهه سندس راڄوڻي رويو (Approach)، زبردست خود اعتمادي، انتهائي ڏکين حالتن ۾ مڙس ٿي بيهڻ، دل ۽ دسترخوان جي ڪشادگي، اهنجي سهنجي ڀر جهلو ٿي بيهڻ، دوستن، اولاد، مٽن ماٽن جي دل سان عزت ڪرڻ، ڏکيا ڪم سِر تي کڻڻ، پنهنجي وطن، ڳوٺ، رت ست ۽ دوستن يارن سان بيپناهه سڪ، محبت ۽ غيرت جا اٿاهه جذبا سانڍي هلڻ شامل آهن.
هي جيڪو هن آمريڪي ياترا لکي آهي، سا به خالص مٿيئن جبلتي جذبي جي فراوانيءَ سبب لکي آهي. هن سفرنامي پٺيان به اصل ڪارڻ (Actual Motivation) به سندس پنهنجي ساڻيهه ۽ ساڻيهه واسين سان سرس سڪ جو نتيجوآهي. پرديس، پنهنجن کان دوري، پڙهائي جو پريشر، اڪيلا ئي، رهڻي ڪهڻيءَ جا بنهه نوان طور طريقا، اهي ڪجهه اهڙيون ڪيفيتون آهن؛ جن فهيم کي مجبور ڪيو ته هُن جو دل درياءَ سندس سوچن، احساسن ۽ اُمنگن جا بند ڀڃي ويو پنن کي سيراب ڪندو ۽ ايئن جلٿل جذبن ۽ ڇڙواڳ سوچن جي اها ٻوڏ آمريڪي سفرنامي جو روپ وٺي بيهي رهي.
هي سفرنامو ڪو تمام وڏو ادبي شاهڪار ڀلي کڻي نه هجي پر ايترو ضرور آهي ته هي قلمي پورهيو هڪ هيٺين وچولي طبقي جي هڪ پورهيو ڪندڙ فرد ۽ پيار ڪندڙ انسان جي هڪ ترقي يافته قوم ۽ معاشري جي سماجي قدرن جو ڳوڙهو مشاهدو، ان جي پنهنجي (سنڌ) جي مدي خارج، استحصالي سماجي قدرن سان سائنسي ڀيٽ، آمريڪا ۾ ۽ هتي سنڌ ۾ ليکڪ جي محبوب شخصيتن سان غير مشروط محبت، اُڪير، ساٿ ۽ ياد جو هڪ دلفريب ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندڙ دستاويز (Document)آهي. فهيم پنهنجي مخصوص، منفرد ۽ انتهائي مصروف (Life-style)مان ڪيئن وقت ڪڍي هن (Adventure)کي پڄاڻي تائين پُڄايو آهي سو هُو پاڻ ڄاڻي، آءٌ ته آهيان اچرج ۾ اها البته فهيم سان ڪيل لاتعداد ڪچهرين ۾ مون هڪ ڳالهه سا ڏٺي آهي، جيڪا آهي هن جو “هر گهڙيءَ جو شين، ڪيفيتن، وارتائين جي (Documentation)تي زور!! سدائين Diaryکنيو پيو هلندو، لڳ ڀڳ هر ڪم جي ڳالهه فوراً نوٽ ڪندو ۽ هونئن به چوندا آهن ‘Publish or Perish’يا ته شين کي تاريخ جي صفحن تي هميشه لاءِ Preserveڪري چٽي / لکي ڇڏيو يا سمجهو ته دنيا ۾ هُيَوَ ئي ڪونه!
فهيم هڪ طرف سفرنامي ذريعي ڳوٺ خدابخش نوناري، ٺل، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ڄامشوري، لنڊن، دبئي، فلڊيلفيا، شڪاگو، واشنگٽن ۽ نيويارڪ کي هڪ لڙهي ۾ پوئي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف ٻن انتهائي متضاد معاشرن جي سماجي قدرن ۽ روين جو ڇيد ڪري پنهنجي ماڻهن کي سماجي ترقيءَ جا نوان ڏس پتا ڏنا آهن. آءٌ سندس انتهائي ويجهي ذاتي دوست جي ناتي سندس هن قلمي پورهئي تي ڏاڍو سَرهو آهيان، کيس مبارڪباد ڏيان ٿو. فهيم مون کي ادا شمس سومري جي جاءِ تي رکندو آهي جنهن جو شايد حقدار ناهيان ۽ نه ئي ان جهڙو لکي سگهان ٿو، بس حڪم هو ته لک، لکيو اٿم!
مندايون مون ۾؛ هڪ نه هوتن منجهه! (لطيف)
[b]ــ پروفيسر غلام علي ٻرڙو
انگلش انسٽيٽِوٽ سنڌ يونيورسٽي ــ ڄامشورو[/b]