سائنسي سوچ جو تسلسل
اسان ٺل واسي وڏا خوشنصيب آهيون جو اسان جي ڌرتيءَ مان تاريخ ساز شخصيتن جنم پئي ورتو آهي. ڪامريڊ محمد امين کوسو کان انقلابي ۽ عوامي شاعر گدائي تائين، سائين محبوب سومرو کان سائين فهيم نوناري تائين ۽ ٻين اڻ ڳڻين دوستن جو سٿ آهي، جيڪي جدوجهدجي عمل ۾ سرگرم آهن. سائين فهيم نوناري تاريخ جي باغي ڪردارن جو اهو تسلسل آهي، جيڪي پنهنجي ايندڙ نسل جي بيداري لاءِ سرگرم عمل آهن. جن بابت لطيف سائين فرمايو ته
اڄ آڳڙيا آيا سائو ڪي سڃاڻ
لاهيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو
سائين فهيم تاريخ، ادب، فلسفو، تعليميات، سياست ۽ سماجي علمن جو اهو گلدستو آهي جنهن جي واس ملڪان ملڪ مشهور آهي، هو ذاتي نماء ۽ خودپسندي بدران عوامي ۽ قومي مفادن کي اوليت ڏيندڙ ساڃاهه وند ساٿي آهي. جنهن جي ڪچهري جو محور سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي سماج ۽ انسان ذات آهي. هو فقط سنڌ ۽ انسان ذات لاءِ سوچي ٿو، سنڌين لاءِ ڪڙهي ٿو، وڙهي ٿو، لکي ٿو، لوچي ٿو. رب پاڪ کان دعا آهي ته سنڌ لاءِ هي سوچيندڙ سائنسي دماغ گهڻو جيئي ته جيئن سنڌ آجپو ۽ خوشحالي ماڻي سگهي.
سائين فهيم جي عظمت جا انيڪ پهلو آهن ان ۾ ڪوبه وڌاء نه آهي ته هو سچو پچو مڙس ماڻهو آهي. هو لطيف سائين جو حقيقي کاهوڙي ڪردار آهي جيڪو ڪڏهن ٿڪو نه آهي، هو مايوس نه ٿيو آهي پيسيمسٽ فلسفي کي عقلي دليلن سان رد ڪري ٿو، هو آپٽيمسٽ فلسفي جو سفير آهي. هي سماج جي سڀني علمن جو سنگم ۽ گلدستو اسان جهڙن الستي ماڻهن جو دادلو دوست ۽ ڀرجهلو ساٿي آهي.
آخر ۾ مان مبارڪ باد ٿو ڏيان ٿو پنهنجي جيجل ماء (فهيم صاحب جي امڙ سانئڻ نواب خاتون) ۽ سڌ ڌرتيءَ کي جنهن جي ڪک مان هڪ املهه انسان جنم ورتو آهي جن بابت لطيف سائين جا هي ٻه بيت ڪافي آهن.
مَر مُرڪن مائرون سدا صالحن
محشر جي ميدان ۾ ڏاج به ملندا تن
ٻين ويچارين اوجاڳائي اجايا ڪيا.
***
مائرون سي مُرڪن جنين جنگ نڀائيا
ٻين ويچارين ڄڻيندي ورهيه ويا.
سائين فهيم عقل، عمل ۽ وضعداري جي اها ٽمورتي آهي، جنهن جو مقصد سنڌي سماج ۽ انسانذات جي خوشحالي ۽ آجپو آهي. دعا آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جو هي دماغ سدا سالم چست ۽ صحتمند رهي ته جيئن فهيم صاحب جو آدرش ساڀيان ماڻي سگهي.
ــ عرض بنگلاڻي
سيڪريٽري شهري ائڪشن ڪميٽي، ٺُل، سنڌ