ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

فهيم يارن جو يار!

شاهه سائين جي هن شعر مصداق مون جڏهن به سائين فهيم نوناري سان رابطو ڪيو ته خبر پئي ته صاحب ڪراچي يا اسلام آباد ڪنهن بين الاقوامي تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ گهران نڪري چُڪو آهي صبح سکر شام ڪراچي لکيل ته ٽرڪن تي ڏٺو هوم پر عملي طرح سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ علم جي روشني پکيڙڻ لاءِ ڪانفرنسون، ورڪشاپ ۽ ڪچهريون ڪرائڻ لاءِ ڀڄ ڊُڪ ڪندي فهيم کي ڏٺم. صلاح ڏنيمانس “جيئن ته تو وٽ گاڏي ڪانهي ان ڪري قميص تي لکرائي ڇڏ “صبح سنڌ شام اسلام آباد”، فهيم سان پهرين ملاقات گرين رورل ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي سالياني ڊنر تي روپا ماڙي حيدرآباد ۾ ٿي هئي جتي ڪامريد ڄام ساقي جي اسرار تي کيس دعوت ڏيئي گهرايو ويو هو جتي هو فل سوٽ پائي آيو هو تڏهن اسان مان گهڻن دوستن اهو محسوس ڪيوته هي اسان غريب ڪارڪنن سان گڏ هلي نه سگهندو پر ٻن گڏجاڻين کانپوءِ خبر پئي ته اسان جو اندازو غلط هو. فهيم کي جتي اسان پروگرامن ۾ آيل مهمانن کي ڀليڪارون چوندي گلن جا هار اجرڪون ۽ ٽوپيون پارائيندي ڏٺو اتي ان ئي پروگرام جي شروع ٿيڻ کان اڳ حال ۾ ڪرسيون ڪارڪنن سان لڳائيندي به ڏٺو فهيم يارن جو اهڙو يار جو جڏهن اسان آمريڪا وياسين ته سندس دوست وڪٽر گل فلاڊيلفيا جي اسٽيشن تي اسان لاءِ فروٽ سنڌي برياني، گل دستا ۽ سوکڙيون کڻي انتظار ۾ بيٺو هو (Victor Gill) وڪٽر گل کي جڏهن اسان چيو ته سائين توهان تڪيلف ڪئي آهي ته هُن چيو ته توهان کي خبر ناهي ته فهيم مون کي ڪيترو پيارو آهي سندس محبت اڳيان هي ڪجهه به ناهي.
ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ انگريزي جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي اهم عهدي تي فائز فهيم سان جيترا دفعا ملڻ ويس ۽ ساٿين کان پُڇا ڪيم ته خبر پئي صاحب ڊيوٽي تي آفيس جي پٽيوالي کان اڳ پهچندو آهي آفيس جو وقت ختم ٿيڻ تي نه صرف پنهنجي ڪمري بلڪه پوري بلڊنگ ۾ هلندڙ پکن ۽ ٻرندڙ بلبلن کي بند ڪرڻ جو ڄڻ ته کيس ڌار پگهار ملندو هجي جو تڪڙ تڪڙ ۾ بٽڻ بند ڪندو نظر آيم.
فهيم سان جڏهن به مليس ٽيڪسٽ بورڊ جي نصاب جي بهتري اسان جي گفتگو جو سڀ کان اهم موضوع رهيو. پاڻ سدائين تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪندڙ مُلڪن جا مثال ڏيندو اُتي جي نصابن تي گفتگو ڪندو ۽ نصاب بهتر ڪرڻ لاءِ ٻاهرين آندل ڪتاب ڏيکاريندو. نصاب جي بهتري لاءِ ماهرن ۽ صاحبن سان ڪيل ڪچهرين بابت ٻڌائيندو.
ڄامشورو ڦاٽڪ تي گذريل 20 سالن کان فهيم طرفان هلندڙ آڪسفورڊ انگلش سينٽر جو ذڪر نه ڪرڻ فهيم سان بي واجبي ٿيندي. هي سينٽر جيڪو بلڪل مفت انگريزي تعليم ڏيئي ٿو ۽ شاگرد پٽ تي ويهي پڙهن ٿا. غريب مسڪينن پورهيتن ۽ هارين جي ٻارن لاءِ اونداهيءَ ۾ لاٽ آهي جتان اڻ ڳڻيا غريب سنڌي تعليم حاصل ڪري چٽاڀيٽي جي امتحانن ۾ ويٺا ۽ هن مهل نه صرف پنهنجي سکي زندگي گذارين پيا پر سائين فهيم جي ڏنل درس مطابق ٻين مسڪين ماڻهن جي بهتري لاءِ به پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
زير نظر ڪتاب جيڪو فهيم نوناري جي ذاتي مشاهدي تي مشتمل آهي. يقيناً سڀني پڙهندڙن لاءِ بيحد لاڀائتو ٿيندو. خاص ڪري ڪامياب زندگي گذارڻ جا خواهشمند هي ڪتاب ضرور پڙهن.

ــ ڊاڪٽر غلام حيدر ملوکاڻي
ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر
گرين رورل ڊولپمينٽ آرگنائزيشن حيدرآباد، سنڌ
25 سيپٽمبر، 2013ع