مسافر جي پيرن مان اُڏامندڙ کِهه
هن ڪتاب ۾ فهيم نوناري عام سفرنامي جي ابتڙ ڪيترين ئي اهڙين ڳالهين تان پردو کنيوآهي، جن کان شايد گهڻا ماڻهو اڻ ڄاڻ هجن. هيءَ ڪتاب شايد انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي ته جيڪي اڻ ڄاڻ هجن، انهن کي ڄاڻ ڏني وڃي ته آمريڪا، برطانيه، سئزرلينڊ، بيلجئم، هالينڊ، يو اي اِي ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي ۽ اتان جي سوچ ۽ ماڻهن جا رويا ڪهڙا آهن ۽ ليکڪ پاڻ انهن جي باري ۾ ڇا ٿو سوچي.
اسان وٽ اڪثر اهڙا سفرناما لکيا ويندا رهيا آهن، جن ۾ اُتان جي ملڪن جي بدران رڳو پاڻ پڏائڻ ۽ ڪهڙا ڪهڙا عجائب خانا ڏسي آيو آهيان. اهڙي قسم جي سفرنامن کي ٽرڙپائي جي کاتي ۾ وجهي سگهجي ٿو. ڪي وري اهڙا سفرناما هوندا آهن، جن ۾ جتي ڪنهن ڳالهه جي باري ۾ ڏهه هزار لفظ لکيا ويا هجن ته ساڳئي ڳالهه وڌيڪ اثرائتي نموني ڪتاب ۾ فهيم نوناري لفظن کي پرائي ملڪيت سمجهي ڌڙا ڌڙ خرچ ڪرڻ جي بدران هڪ هڪ جملو سوچي، سمجهي ۽ ڀيٽاري پوءِ لفظ ڪتب آندا آهن. ڪٿي به پاڻ کي فرشتو ۽ ٻين کي شيطان سمجهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي اٿائين.
خوابن جي ڊائري انڌي اونڌي جذباتيت جي بدران معلومات تي ٻڌل آهي. اهوسفرنامو ئي ڪهڙو جنهن ۾ معلومات چٽن ۽ سولن لفظن ۾ نه ڏني وڃي.
سو بهرحال فهيم نوناري کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. داد سندس حق ٿئي ٿو. اميد اِها ئي رکجي ته اڳتي هلي ڪري فهيم نوناري ٻيا به ڪتاب لکندو.
ــ عبدالقادر جوڻيجو
ڄامشورو ــ سنڌ