سفر جي ڊائري ۽ معلومات
***
جولائي 1995ع
Edinburgh - UK
(Edinburgh-Scotland)
اسڪاٽ لينڊ / انگلينڊ جو دورو
اسين يورپ جي حسين ترين، ڪنوار جيان سينگاريل شهر ايڊنبرا ، اسڪاٽ لينڊ پهتاسين ته منهنجي ذهن ۾ مڪه مدينه عمرو ڪرڻ وارو ٻج منهنجي ساٿي ناظم علي خان ماتلوي ڇٽيو، پوءِ ائين ٿيو ته جون 1995ع ۾ جڏهن نيپئر يونيورسٽي ۾ اسانجي پرنٽنگ، پبلشنگ ۽ ايڊيٽنگ واري ڊپلوما ختم ٿي ته اسين ايڊنبرا شهر، برٽش ڪائونسل جي آفيس ۾ وياسين (ناطم علي خان) گڏ هو. اسان کي پروگرام آفيسر آئيولا وِلسن (Iola Wilson) ساڻن چيو ته اوهان کي ملڪ واپس وڃڻو پوندو: ڇو ته اوهان هت تعليم حاصل ڪرڻ آيا آهيو، جنهن بعد لازمي طور اوهان کي ملڪ واپس وڃڻو آهي. اسين ماٺ ڪري ٻاهر آياسين. جتان سڌو وڃي نيپئر يونيورسٽي جي پرنٽ ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان برٽس ڪائونسلٽ گلاسگو کي شڪايت (Complaint) ڪئي سون ته ٻئي ڏينهن اسان کي مسٽر بل واٽسن (Mr. Bill Watson) ٻڌايو ته Fax آيل آهي ته اوهان سڀاڻي گلاسگو برٽش ڪائونسلٽ آفيس پهچو، توهان کي ٽڪيٽ به برٽس ڪائونسل ڏيندي ــ ٻئي ڏينهن اسين فلائنگ ڪوچ ذريعي گلاسگو برٽش ڪائونسل جي آفيس پهتاسين هُن اسان کي اندر گهرايو ۽ ڀليڪار چوندي کين ايڊنبرا آفيس طرفان مذهبي فريضي جي ادائگي جي رڪاوٽ لاءِ معذرت ڪيائين ۽ چيائين ته اصل ۾ عمري جي ادائيگي آگسٽ ۾ کُلندي تنهن لاءِ برٽش ڪائونسل پنج هفتن لاءِ توهان جي اسڪالر ۽ رهائش جو خرچ برداشت ڪندو ۽ انهيءَ دوران اوهان انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ چڱي طرح گهمي ڏسو. اسين انهي معجزي تي ڏاڍا خوش ٿياسين ۽ شام جو ايڊنبرا واپس ٿياسين. واپس ٿيڻ کان اڳ گلاسگو جون مُک جڳهون گهمڻ وياسين.
ايڊنبرا واپس ٿي انٽرنيشنل ٽريول ايجنسي جي مالڪ حاجي پنجابي وٽ پهتاسين جنهن اسان جي ٽڪيٽ ايڊنبرا کان لنڊن ۽ هيٿرو ايئرپورٽ لنڊن کان جده جي ڪنفرم ڪئي. اسين ڏاڍا خوش ٿي جڳهه تي واپس ٿياسين. ايڊنبرا ۾ اسان جي آخري رهائش رفيق پنجاپي جي فليٽ ۾ هئي جنهن 4 مهينن لاءِ هڪڙو ڪمرو مون ۽ ناظم علي خان حوالي ڪيو هو. اهو سڄو عرصو خيرسگالي طور اسين رفيق جا مهمان رهياسين. البته کاڌي پيتي جو خرچ اسين پاڻ ڪندا هئاسين. ٿيو ائين جو ناطم علي خان تبليغي گروهن سان گڏ هلندو هو ۽ کين ڦيڻا ڦوڪارا ۽ تعويذن وارو ڪم به ڪندو هو. سو رفيق کي ڪو گهريلو مسئلو هُيو، جنهن ۾ صلاح مصلحت ۽ تعويذن ذريعي ناظم علي خان حل ڪڍيو ته هي همراه ناظم خان جو عاشق ٿي پيو سو انهيءَ جي موٽ ۾ اسان کي خوشدلي سان رهائش ڏنائين. رفيق پنهنجي سڀاء ۾ به ڀلوڙ مُڙس هو. هُن جو نوجوان ڀاءَ اصغر منهنجو دوست هو. اسين هوٽلن، بازارن ۽ بار ۾ بناناغي گهمڻ ڦرڻ ويندا هئاسين. انهي وچ ۾ پنج هفتا جيڪو اضافي ٽائيم اسان کي برٽس ڪائونسل طرفان مليو هو سو انهيءَ ٽائيم جو خوب فائدو وٺندي، مانچسٽر، ڊانڊي، هيروڊٽ ۽ ڀروارن ننڍن شهرن ۽ ايڊنبرا شهر ۽ اسڪاٽ لينڊ جي تاريخ ۽ ثقافت کي نئين سر جاچيوسين.
***
11-06-1995
UK ــ اسڪاٽ لينڊ
بلخ جهيل جو سير ڊاڪٽر قادر نواز قريشي سان
اسين جنهن شهر ۾ رهيل آهيون، سو اسڪاٽ لينڊ جو گادي جو هنڌ ايڊنبرا نالي شهر آهي، شهر لنڊن کان اتر طرف اٽڪل ٽي سؤ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، خط استوا جي قريب هئڻ ڪري يخ ٿڌو رهندو آهي. جون جولائي مهينن ۾ اونهارو به نالي ماتر ٿيندو آهي، ايڊنبرا (Edinburgh) يورپ جي حسين ترين شهرن ۾ شامل ٿئي ٿو. آگسٽ ۾ هتي ملٽري ٽٽو (Military Tatto) نالي يورپ ۽ دنيا جي ملڪن جو شاندار ميلو ٿيندو آهي.جنهن ۾ جڳ جا هنر، رانديون ۽ ٻيون ثقافتي ۽ تاريخي شيون شامل هونديون آهن.
ڊاڪٽر قادر نواز قريشي صبح جو 9 وڳي ٻاهران گهنٽي وڄائي ته مون ۽ ناظم علي خان فليٽ مان هيٺ لهي آياسون، ڊاڪٽر جي شاندار گاڏي روڊ تي فرڙاٽ ڪري هلڻ لڳي، کين مسعود لوهار ۽ عباس علي نظاماڻي کي فورٿ برج کان کنيوسين، پوءِ ته گپ شپ ڪندا 160 ڪلوميٽرن جي مفاصلو اڍائي ڪلاڪن ۾ طئي ڪري جهيل تي پهتاسين. جهيل پنهنجو خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيو هو. جوان ۽ جوانڙيون يخ هوائن ۾ هيٺ موٽر بوٽن تي طويل ۽ ويڪري جهيل ۾ سير ڪري رهيا هئا، هي جهيل ڪينجهر ۽ منڇر جيان دنيا جي وڏن ڍنڍن منجهان آهي. اسين به هيٺ لهي ٻيڙي (Steam Boat) ۾ جهيل جو سير ڪيوسين. لنچ ڊاڪٽر قريشي پنهنجي گهران کڻي آيو هو. شام جو واپسي ٿي.
***
10-06-1995
Edinbrauh - UK
اسٽرلنگ Castle جو سير
برٽش سرڪار وٽ مضبوط حڪومت جو تصور يونانين وانگر عام آهي. تنهن لاءِ اڳوڻي دور ۾، حاڪمن وڏا وڏا مضبوط قلعا جوڙيا هئا، اسٽرلنگ جو قلعو ڏاڍو خوبصورت ۽ مضبوط قلعو آهي. هي دورو جولاءِ 1995ع ۾ اتفاقي طور ٿيو. ڇو ته مولوي عبدالحميد پنجابي جي دڪان مان چوري ٿي ويئي هئي. هن مون ۽ ناظم علي کي گذارش ڪئي ته منهنجي اسٽرلنگ شهر واري دڪان مان چوري ٿي ويئي آهي، مهرباني ڪري مدد طور اوهان گڏجي هلو ــ اسين هُن جي ڪار ۾ وياسين ته چورن هن جي دڪان جي ڀينگ ڪري ڇڏي هئي. رهيل ائٽم سڄو ڏينهن ڳڻي پوليس کي اطلاع ڪيوسين ته جيئن پوليس چورن کان باقي سامان Re-cover ڪرائي. شام جو حافظ حميد اسان کي سُٺي هوٽل ۾ ماني کارائي پهرين اسٽرلنگ قلعو گهمايو انهي بعد شهر جو سير ڪرايائين. اهڙي ريت اسين ڊيوس بريDewsbury ، ڊانڊي Dandy شهر، Glasgcow گلاسگو، لنڊن ۽ مانچسٽر شهر به حافظ عبدالواحد پنجابي ۽ رفيق پنجابي ساڻ گڏجي گهمياسين ڊانڊي ننڍڙو پر خوبصورت شهر آهي. شهر جي ڪڇ ۾ وهندڙ درياهه هُن جي حُسن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
مانچسٽر شهر انگلينڊ جو وڏو شهر آهي. ٻي جنگ عظيم کان پوءِ غلامن جا ٻيڙا اچي لنڊن جي سمنڊ ڪنارن تي بيٺا ته انڊيا ۽ آفريڪا مان ايندڙ مزدوري جي تلاش ۾ سرگردان ماڻهو گهڻي ڀاڱي مانچسٽر شهر وسايو. مانچسٽر انگلينڊ ۾ مني پاڪستان ليکبو آهي ايشيا جو ڏيک ڏيندو آهي.
***
24-01-1995
British Council, Karachi
Offer letter لنڊن لاءِ
London Offer
اڄ باقائده اسان کي British Council طرفان آرڊر مليو، جنهن جي ملڻ سان تسلي ٿي هاڻ اسين اُڏرون پيا.
***
30.01.1995
انگلينڊ جا ويزا
اڄ جڏهن Program officer مسز لوئيٽ اسان کي Visa ڏياري يقينن ان وقت منهنجي خوشيءَ جو مقام ايڏو ته وڏو هو جنهن جو مون ڪو اندازو نٿو ڪري سگهان ڇو ته هي دورو پنهنجو تاريخي دورو ٿئي پيو، گهڻين Department ۽ بيروني مخالفت جي باوجود اسان پنهنجي زندگي جو هر ڏکي دور کي welcome چيو، اديب هئڻ ۽ سماجي اڳواڻ جي حيثيت ۾ انگلينڊ جو دورو هڪ وڏو اعزاز آهي. الله تعاليٰ جو مون دل ۾ شڪرانو بجا آندو.
***
10.2.1995
British Time: 7:40
Pakistani Time: 11:40
ڳوٺ کان روانگي
جيتوڻيڪ اسان جي 8 هفتن واري ڪراچي ڪائونسلٽ واري ٽريننگ 6 فيبروري تي British Council ۾ ختم ٿي. 7 فيبروري تي ٽيسٽ ٿي مون 5.6 رزلٽ حاصل ڪئي. سنڌ حڪومت ۽ برٽش ڪائونسل جي سستي سبب ڪاغذ رهجي ويا جيڪي آخرڪار 8 تاريخ تي مڪمل ٿيا. مڪمل ٿيڻ سبب ڳوٺ ويم جتي عزيزن ۽ دوستن سان ملاقات ڪيم ۽ موڪلاڻي ڪري ڪراچي جي روانگي رکيم قيوم، يحيٰ ۽ نور ڪراچي آيا جتان ڊاڪٽر شمس جي جڳهه تي اچڻ ٿيو. شام ڊاڪٽر شمس سومري شاندار پارٽي ڪئي. پروفيسر غلام علي شاه، هنود ڊاڪٽر، ڊاڪٽر فاطمه ۽ ذڪيه شامل هئا. رات 12:40 بجه KLM جهاز ذريعي ڪراچي کان لنڊن لاءِ روانگي ٿي.
خاص نوٽ: ورلڊ بئنڪ برٽش ڪائونسل جي 8هفتن جي انگريزي ڪورس بعد اسين نيپئر يونيورسٽي لاءِ U.K رهياسين. فيبروري 1995ع کان آگسٽ جي وچ تائين ايڊنبرا ۾ رهياسين. جنهن دوران پرنٽ ميڊيا ڊپارٽمنٽ نيپئر يونيورسٽي مان پرنٽنگ ۽ ايڊيٽنگ ۾ ڊپلوما ڪئي سون. پروفيسر بل واٽس، مس موراگ، مسٽر پچر، ڊاڪٽر اليڪسٽر،پروفيسر ٽيچر۽ ٻين استادن اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاريو.
***
09.12.11
C-54, P-1 S.U.H. Society Jamshoro
Napier Univeristy U.K، اسڪاليند / لنڊن روانگي
مون 1992ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم.اي شاهه لطيف يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڊگري وٺڻ بعد مختلف ادارن ۾ نوڪري جي لاءِ درخواستون موڪلڻ شروع ڪيون، سڀ کان اول پنو عاقل فوجي ڇانوڻي ڪاليج ۾ درخواست رواني ڪيم جن انٽرويو لاءِ گهرايو، بعد ۾ پبلڪ اسڪول سکر ۾ انٽرويو لاءِ ويم جتي، حميد سنڌي، شاهه لطيف يونيورسٽي وائيس چانسلر، ڪمشنر سکر شفيق کوسو، پروفيسر نياز مڱريو ٻين انٽرويو ورتو جن مون کي سليڪٽ ڪيو بعد ۾ Term of Condition تي ٺاهه نه ٿي سگهيو ليڪن ٻه هفتا مون ڪم ڪيو. ائين بلوچستان يونيورسٽي، بهاول پور يونيورسٽي، آرمي پبلڪ اسڪول پنو عاقل، پبلڪ اسڪول سرگوڌا، آرمي ڪاليج بدين، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، پي.آءِ.اي. پبلڪ اسڪول ڪراچي، ايڪسيلنس ڪوچنگ سينٽر جيڪب آباد، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انگلش لاءِ انٽرويو ڏنم جيڪو ڏاڍو دلچسپ ۽ ڊگهو انٽريو ٿيو. پروفيسر اسحاق ابڙي انٽرويو جي آخر م مون کي Green Signal پنهنجي گفتگو وسيلي ڏنو. سو مون کي Pure Merit جي بنياد تي کنيو ويو ڇو ته World Bank جي ٽيم جا نمائندا جولين واٽسن ، جان ۽ سام جي ٽيم تي مشتمل هئي جيڪي British Council طرفان آيل هئا، بهرحال مون کي پهرين ڏينهن ٻڌايو ويو ته اوهان خوشنصيب آهيو جنهنکي Select ڪرڻ کان اڳ اهو طئي ڪيو ويو هو ته انگريزي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جو نئون ايندڙ ماڻهو World Bank جي برطانيه ويندڙ 24 ڄڻن جي ٽيم ساڻ برطانيه ڊپلوما پروگرام ۾ ضرور ويندو، سو مون لنڊن وڃڻ لاءِ تياري شروع ڪئي. برطانيه وڃڻ کان اڳ انگريزن اسان جي انگلش ٽريننگ جو اٺن هفتن جو Full time پروگرام برٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رکيو ويو، جنهن ۾ لنڊن کان جان ووٽو (John Votow) کي خاص طور گهرايو ويو هو، جنهن انگريزي سکيا لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون ته جيئن اسان (ناظم علي خان، مسعود لوهار، عبدالقيوم شيخ ۽ عباس علي نظاماڻي) انگريزي ڪلچر ۽ انگريزي ٻولي جي بنيادن کان واقف ٿيون، جيئن برطانيه پهچون ته اُتي مشڪلات درپيش نه اچي. جيڪا ٽريننگ ڊسمبر ۾ شروع ٿي ۽ جنوري جي آخر ۾ تڪميل تي پهتي. کين فيبروري جي يخ پارن ۾ اسان KLM Airline ذريعي لنڊن لاءِ روانا ٿياسون. ڪراچي ۾ ڊاڪٽر شمس سومرو صاحب، ڊاڪٽر نور نوناري ۽ حاجي محمد يحيٰ خان مونکي الوداع چيو اسين دوستن کان موڪلائي اندر اچي بورڊنگ ڪارڊ وٺي لائونچ ۾ ويٺاسين، سڀئي ساٿي پرجوش نظر اچي رهيا هئا.مونکان مسعود لوهار پڇي رهيو هو ته “نوناري صاحب اوهان ڪيترا Excited آهيو” واقع سچ چئي رهيو هو ته اسين هڪ جذبات جي ڪيفيت ۾ هئاسين ته لنڊن جيڪو گهڻن ماڻهن جو خواب رهيو آهي، اُهو ديس صبحاڻ اسين ڏسنداسين ٿورين گهڙين ۾ اعلان ٿيو ته مسافر هلي جهاز ۾ ويهن، اسين سڀ هلي جهاز ۾ ويٺاسين، KLM ڊچ ايئرلائين جو جهاز هڪ وڏي ويڪري خوبصورت گهر جيان ڏاڍو سهڻو لڳي رهيوهو. ٿورڙين گهڙين ۾ جهاز اُڏرڻ جو اعلان ٿيو. ٻن ڪلاڪن بعد اسين دبئي ايئرپورٽ کان Connected Flight هالينڊ لاءِ ورتي سون. 5 ڪلاڪن بعد جهاز Nether Land هالينڊ جي زمين تي پهتو جتي هڪ ڪلاڪ جي انتظار بعد برٽس ايئر لائين ذريعي هيٿرو ايئرپورٽ لنڊن پهتاسين.
***
10.08.94
Jamshoro
Eve.of Wednesday
انگلينڊ ۽ اسين
زندگي پنهنجي دامن ۾ ڪئين رتول رنگ رکي ٿي انسان انهي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي، اڃا تائين انهيءَ تحقيق ۽ کوجنا ۾ آهي ته آخر انسان جي ابتدا ۽ انتها ڪٿان ٿي جيتوڻيڪ گهڻن مختلف رخن کان زندگي کي جانچيو ويو آهي، جديد سائنس ۾ مادي نظرين تحت ته ڪروڙين ورهيه اڳ انسان (جيو) صورت ۾ پيدا ٿيو جتان ارتقا جا ڪئين ڏاڪا سَر ڪري اڄوڪي منزل تي رسيوآهي. مذهب پنهنجو ڌار فلسفو اشرف المخلوقات جو بيان ڪري ٿو جنهن تحت انسان قدرت جي عظيم تخليق آهي. سو دنيا جون سڀئي قومون عروج تي رسي سڀئي آسائشون حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيون آهن انهيءَ سفر ۾ اسانجو دوست نثار حسيني جيڪو تازو ڇهه مهينا انگلينڊ (England) UK ۾ رهي واپس وطن وريو اهي. تنهن ساڻ اڄ ويچار ونڊيم (کين موقعي تي برک آرٽسٽ سائين علي اڪبر سومرو موجود هو) جنهن ڪمال حسن سان سڄي سفر کي سهڙيندي يورپ جي ڪنوار انگلنڊ جي سفر کي شاهه لطيف ۽ شاهه ڪريم جي سِٽن ۾ سهيڙيندي چيو ته انگلينڊ ڄڻڪ سهڻي لطيف جي خوابن جو ڪاڪ پسجي ٿو، جنهن سماج جي چٽسالي ڪئين صديون اڳ اسانجي روحاني سپهه سالار شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ ڪئي،
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل
نڪا جهل نه پل، سڀڪا پسي پرينءَ کي. (لطيف)
اهڙي عروج ۽ آزادي وارا منظر ڏسڻ ۾ آيا جو اصل هُنن (انگريزن) زندگي جي سڄي وهنوار کي تاريخ بڻائي ڇڏيو آهي، هو ايترو چوڪس ۽ پهري سجاڳ آهن جو سئي سڳي کان وٺي آسمان جي بلندين تي اُڏرندڙ خلائي جهازن تائين، هڪ نئين جنم وٺندڙ ابهم ٻار کان جهور پوڙهي تائين سڀني جي خوراڪ پوشاڪ، صحت ۽ تعليم جي بندوبست بابت سرڪار ٺوس انگ اکر رکي ٿي. ان تي شاهه صاحب حيرت انگيز ڳالهه ڪئي فرض ڪريو جيڪڏهن هڪ زميندار وٽ 500 ايڪڙ ٻني آهي پر هو ذخيرو صحيح نٿو ڪري سگهي ته سرڪار هن کي اڌ آبادي لاءِ اجازت ڏيندي باقي اڌ جو ڪاٿو ڪري رقم جي ادائيگي ڪري ڇڏيندي. اهڙيءَ طرح انگريزن سڄي نظام کي (Computrise) ڪري ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن به چاهين (Fact Figures) حاصل ڪري سگهن ٿا. فطري طور تي انسان آزادي ۽ محبت جو خواهشمند رهيوآهي جيڪي ڳالهيون انهي سماج ۾ هرهڪ کي حاصل آهن، ماڻهو پنهنجي من ۾ آزاد پکي آهي، ڪا جلهه پلهه ڪونهي سڀڪو پسي پرين کي اهڙو ترقي يافته معاشرو آهي جيڪو نئين دنيا جي پسمانده ماڻهن کي رڳو خوابن ۾ ڪو ورلي نظر اچي ٿو، سو تقابلي طور اهو موازنو ڪرڻ بجاءِ نثار حسيني صاحب چيو ته لطيف جي مٿين بيت مصداق اهو معاشرو هو ۽ اسين شاهه ڪريم جي سٽن ۾ منڊي ماڪوڙي مثل آهيون.
منڊي ماڪوڙي کوه
۾، ڄڻ پئي ڪڇي اُڀ!
(شاهه ڪريم)
مٿيون تبصرو ڪنهن عام رواجي انسان نه بلڪ سنڌ جي سجاڳ ذهن سندس آرٽ ادب، شاعري، مصوري، سنگتراشي، جاگرافي ۽ تاريخ ۽ ثقافت جو ڳوڙهو اڀياس رکندڙ اديب ۽ شاعر نثار حسيني ڪيو. جيتوڻيڪ هي شخص مون کي قصو بيان ڪندي ڏکويل نظر آيو، سنڌ جي عظمت هن جي نظر ۾ سڀ کان بالاتر ۽ افضل آهي پر حقيقت جو ڪاٿو لڳائيندي چٽائي سان بيان ڪيائين. انگلينڊ جيڪو چئن (Independen States) ۾ آهي، اسڪاٽلينڊ (Scotland) جابلو علائقو آهي. هي نهايت خوبصورت، صاف سٿرو (Mountainery area) جابلو علائقي تي ٻڌل آهي. جتي هميشه موسم سرد برفباري واري رهيٿي. ماڻهو قد ڪاٺ جا شاندار ۽ حسن ته اسڪاٽش جو دنيا ۾ مشهور آهي. سندس قومي سڃاڻپ طور هو (Scotish) سڏيندي فخر ڪن ٿا. فڪري طور سنڌين وانگر آهن. State جي اُرهه زوراين ڪري يو.ڪي UK مان تنگ آهن. قومي طرح هو پنهنجي ڌار سڃاڻپ، ثقافت ۽ تهذيب جا وارث آهن، سڄو جابلو علائقي(Mountainery area) تي پکڙيل آهي. اسڪاٽ لينڊ ساڻ U.K جو آئرلينڊ (بوبي سينڊ، آئرش آزادي پسندن جو وطن) ۽ شهزادن ۽ شهزادين جو پرڳڻو (State) انگلينڊ ۽ ويلس (Wales) ڏاڍا خوبصورت علائقا آهن. پاڻ وٽ محاورتن ولايت صرف انگلينڊ آهي. جنهن لنڊن گهمي يعني ولايت ٿي آيو. باقي دنيا سنڌين لاءِ اوپري آهي.
***
ايڊنبرا، اسڪاٽ لينڊ
ڪــراچي کــان لنڊن ايئرپورٽ پهتاسين ته British Desk آفيسر چيو ته اسان کي اوهانجي پهچڻ جو ڪو اڳواٽ اطلاع ڪونه پهتل آهي سو اوهان لنڊن ٽاور واري آفيس وڃو، جتي پهتاسين ته هنن کي به ڪو اطلاع ڪونه هو، کين هنن وقتي طور اسان جي رهڻ جو بندوبست هڪ ڏينهن لاءِ لنڊن جي هوٽل ۾ ڪيو، جنهن لاءِ هُنن هرهڪ کي 200 پائونڊ ڏنا. اسين ته پنهنجي خوشنصيبي سمجهي ته ايڊنبرا پهچڻ کان اڳ لنڊن گهمڻ جو موقعو مليو. جلدي اسان هوٽل Concord لاءِ ٽئڪسي ورتي سون. هوٽل ۾ سامان رکي هيٺ لنڊن ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. هوٽل لنڊن شهر جي وچ ۾ هو، پڪاڊلي سرڪس، لنڊن ٽاور، بگبن، دريا ٿيمز ۽ 10 ڊائون اسٽريٽ (جنهن نزديڪ وزيراعظم جو گهر ۽ آفيس آهي) کي دنگ ڪري واپس ٿياسين ته موٽ تي عباس نظاماڻي ٻڌايو ته منهنجا پير پٿون ٿي پيا آهن، ڇو ته ڪراچي مان هلڻ واري ڏينهن هُن نوان بوٽ ورتا هئا. لنڊن جو سير ڪندي واپسي تي هڪ هوٽل تي شاندار Dinner ڪئي سون. رات جو دير سان هوٽل تي واپسي ٿي. ٻئي صبح جو لنڊن ايئرپورٽ کان اسڪاٽ لينڊ لاءِ جهاز هو، سو صبح جو سامان کڻي ايئرپورٽ پهتاسين جهاز، ڪلاڪ اندر ايڊنبرا (اسڪاٽ لينڊ) پهچايو. جهاز رن وي تي ڊوڙي پيو ته ٻاهر برف ڦهليل نظر آئي. موسم ڏاڍي سرد هئي. ايئرپورٽ تي سُڃ نظر آئي گهڻي ٿڌ سبب ٿورڙا ماڻهو موجود هئا. اسين Burns Guest House لاءِ ٽئڪسي ورتي سون. عجيب اتفاق ٿيو جو ٽئڪسي ڊرائيور Burns-Hotel ڇڏيو، جنهن جي عورت مئنيجر چيوته برٽس ڪائونسل اوهان لاءِ ڪوبه ڪمرو بوڪ نه ڪرايو آهي. ناظم علي خان ۽ مسعود لوهار گهڻو بحث ڪيو، نيٺ اسڪاٽش مائي چيو ته اوهان کي ڪا لِکت آهي ته ڏيکاريو، هُن نالو پڙهي کِلي ڏنو، چيائين: “هي برنس فيلڊ هوٽل آهي، اوهان کي برنس فيلڊ گيسٽ هائوس وڃڻو آهي جيڪو ڀر واري روڊ تي آهي.” پوءِ ته اسين ڏاڍا ڦڪا ٿياسين ۽ هلندڙ برسات ۾ بئگون گهليندا برنس گيسٽ هائوس رسياسين، اڌڙوٽ عمر جي مائي ڀليڪار چئي ڪمرا ڏيکاريا. ڪمري پهچي اسان پنهنجي سادگي تي ڏاڍو کلياسين. ٿوريون گهڙيون ڪمري ۾ رهي اسين ٻاهر آياسين ۽ حيرت مان موسم ۽ نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ لڳاسين، هر شيءِ اسان لاءِ تجسس جو باعث هئي، اُوڀر جي ملڪن مان اولهه ايندڙ يورپي ماحول ۾ گم سم ٿي ويندا آهن اُنجو سبب شاندار عمارتون (Architect) گورا ۽ گوريون، بيحد تنظيم سازي، خوبصورت ماحول، منظم ادارا ماڻهن جا شاندار رويا، مٺو سڀاءُ، مسئلن جو بروقت حل ۽ يورپي انتظامي، سياسي ۽ سماجي سرشتو ماڻهن کي موهي ڇڏيندو آهي.
اسين به ائين اياڻن وانگر ايڊنبرا، اسڪاٽ لينڊ جي هر شيءِ کي ڌيان سان ڏسون پيا، هيٺ هڪڙي انڊين هوٽل تي ماني کاڌي سون، ڏاڍي لذيذ ماني هئي. يڪدم اڌ شهر گهمي واپس آياسين. رات جو سخت سردي ۾ اسڪاٽش گرم سَوڙ جي حوالي ٿيڻ شرط خوابن جي وادين ۾ پهچي وياسين.
***
March, 1995
Edinburagh, Scotland
Burnsfield Guest House
نئون سج ــ نئون زمانو!
نيپئر يونيورسٽي، ايڊنبرا، اسڪاٽ لينڊ
صبح جو تيار ٿي هيٺ Burns Field Guest House جي ڊائنگ هال ۾ انگريزي ناشتو ڪري پيرين پيادي نيپئر يونيورسٽي لاءِ روانا ٿياسين، 15 منٽن جي فاصلي تي ڪئمپس هئي. مئن گيٽ بعد (Foyer-Entrance) کان ٿيندي هال ۾ پهتاسين منهنجي دماغ ۾ نثار حسيني جو چيل ڊائلاگ گونجي پيو ته: “فهيم نيپئر يونيورسٽي پرين جو ديس (پرستان) آهي.” اها ڳالهه مون کي يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ شرط سچ معلوم ٿيڻ لڳي.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي. (شاهه)
اسين سڌو پرنٽ ميڊياڊپارٽمنٽ وياسين، جتي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪئمبل Prof. Dr. Cambel گرمجوشي سان آڌار ڀاءُ ڪيو. ٿورڙن لمحن بعد پروفيسر بل (Prof. Bill) آيو جيڪو پرنٽنگ پريس، ڪمپيوٽر سيڪشن ۾ ٻيا شعبا اسان کي گهمائڻ لڳو انهي بعد اسان کي هڪ ڪلاس روم ۾ ويهاري ڪورس جون Outlines سمجهائڻ لڳو. پروفييسر بل ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هو جيڪو سنجيده ڪمن ساڻ گڏوگڏ مذاق جو به بادشاهه هو. بلڪ بادشاهه گُر هو. هڪڙي منٽ ۾ Bridges پُليون (رابطن ۽ محبتن) جون ٺاهي وٺندو هو. اسانجي گروپ جي تربيت عظيم ۾ هُن جو وڏو هٿ هو. ڪلاس پوري ٿيڻ بعد اسان کي ڪئمپس جو دورو ڪرايائين. شام جو واپس برنس هائوس آياسين. رات جو ويهي حساب ڪيوسين ته ماهوار 477 پاونڊ ملن ٿا ۽ روزانو خرچ 20 پائونڊ کي Cross ڪري ٿو سوچيوسين گيسٽ هائوس ڇڏي ۽ ڪو سستو اجهو تلاش ڪجي. ٻئي ڏينهن نئين رهائش جي ڳولا ڪرڻ لاءِ ٽڙي پکڙي وياسين.
March, 1995
Edinburagh, Scotland
Burnsfield Guest House
نئين گهر ۾ منتقلي
مسعود قريشي صاحب طرفان ڏنل ائڊريس تحت ڊاڪٽر قادر نواز قريشي جي معرفت مولوي عبدالواحد آرائين اسان کي رهائش ڏني جنهن ۾ ڪچن، باٿروم ۽ هڪ هال هو. وقتي طور اِتي رهڻ ۾ عافيت سمجهي سون، ٿورڙن ڏينهن ۾ انيل عرف قيوم شيخ جي فيملي پهتي جنهن جدا رهائش اختيار ڪئي، کين وقتي رهائش اقبال پنجابي وٽ مولوي واحد معرفت ٿي. اڳتي هلي اسين هڪ فليٽ ۾ منتقل ٿياسين ۽ مسعود لوهار هاسٽل ۾ رهائش اختيار ڪئي. ايدنبرا جي 8 مهينن جي رهائش ڏاڍي يادگار رهندي ڇو ته اسين نت نوان تجربا پراياسين. نيپيئر جا ڪلاس ۽ عملي تجربا ڪياسين. اسانجي استادن جو چوڻ هو ته جرنلزم ــ پرنٽ ميڊيا رڳو Theoritical سبجيڪٽ نه آهي بلڪ Practically عملي ڪم آهي، سو انهي دوران اسان Impact Too نالي مئگزين لکيوسين ۽ ڇاپيوسين، جنهن ۾ اسان سڀني پنهنجا تجربا بيان ڪيا.
گالش، سنڌي، هندي ۽ اردو ٻوليون
اسڪاٽ لينڊ سڄو سونهن جو ڀنڊار آهي وري اسڪاٽش تختگاهه ايڊنبرا شهر سڄي يورپ جي سهڻي ڪنوار اهي. جتي گهمندي ڦرندي لکين رنگ برنگي سهڻا گل ۽ وڻ اوهانجو رستن ۽ روڊن تي استقبال ڪندا. ماڻهن جو سڀاءُ ايڏو مِٺو آهي جو ماڻهوءَ کي موهي ڇڏيندا آهن. توهان روڊ تان گذرندا ته موٽر ڪارين وارا اوهانجي ادب ۾ گاڏي روڪي ڇڏيندا. ۽ مُرڪندي مُرڪندي اوهانکي اشارو ڪندا ته اول اوهان روڊپار ڪريو پوءِ اسين وري شهر جي پرنس اسٽريٽ ۽ مارننگ روڊ تان گذرندا ته اهڙا فطرت جا حسين ۽ رنگين جلوا پسندا جو ماڻهو تروتازه ٿيو وڃي. وچ شهر ۾ ايڊنبرا جو قلعو اهڙي اعزاز سان سڀني ماڻهن کي ڀليڪار چوندو آهي، جو قلعي ۾ هر روز منجهند 12 وڳي ڳجندڙ 5 توبن جي سلامي سڀني کي ياد رهندي.
اسڪاٽ لينڊ جا رهواسي اسڪاٽش چون ٿا اسين انگريزي ڪونه بلڪ گالش ٻولي ڳالهايون ٿا. جيڪا هُنن جي مادري ٻولي آهي. اصل ۾ انگريزي ٻولي ۾ ڪي 30 – 40 لفظ اهڙ ااهن جيڪي انگريزي ٻولي ۾ گالش ٻولي جا سمايل آهن ۽ وري قدامت پسند اهڙا آهن جو انگريز (English) سڏبو ته سخت ناراض ٿيندا، اسانجي اُستاد پروفيسر بل جو چوڻ هو ته “جهڙي ريت سنڌي يا بلوچ کي پنجابي يا افغاني سڏجي ته هو رنجش جو اظهار ڪندا.” سو هِنن جو حال به ساڳيو آهي. باقي گالش ٻولي وارو چربو عجيب آهي. مونکي اسڪاٽش ڪِلٽ (Kilt) ۽ ڪِلي مُور (Caly More) اهڙا لڳا جهڙي اسانجي رلهي ۽ اجرڪ آهن ۽ اسڪاٽش پئنڊپائيپ ڏاڍو سُريلو ۽ مڌر مڌر آهي.
سونهن جي سنسار ۾ او يار مان رهندو آهيان
حسن منهنجو رب آهي، مان حُسن جو بندو آهيان
سهڻي سرتي، تون ته منهنجي دل جي ڌرتي ٿي لڳين،
صبح جو سڪ ۾ اُڀرندو، سانجهه جو لهندو آهيان.
(استاد بخاري)
***
جل جل مشعل جل!!
Special Note
Napier University and Nisar Hussaini
تازو (Napier) يونيورسٽي Scotland / England مان واپس آيل نثار حسيني سان رهاڻ ڪندي هُن حيرت انگيز انڪشاف ڪيا.هُن ٻڌايو ته برطانيه (UK) جون جملي يونيورسٽيون (Metropolition) ۾ آهن. جهڙوڪ U.K انگلستان جون Oxford, Napier University, Heriot-watt Univeristy وغيره. مون کي انهيءَ تصور سان هي ڳالهه ذهن ۾ آئي ڇا اسين ماڻهو انهي چوڻي مثل نه آهيون ته “ڏيئي جي تري هيٺيان اونداهي” جڏهن دنيا ۾ يونيورسٽيون خود Metropolitian ۾ ٺهيل آهن. خود پاڪستان جون اڪثر يونيورسٽيون جهڙوڪ، پشاور، ڪراچي، پنجاب يونيورسٽي ۽ ڪوئٽه يونيورسٽي پوءِ سنڌ جي يونيورسٽين سان اهو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو هت ته حيرت جي انتها آهي جو سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي يونين ڪائونسل ڄامشورو ۾ آهن جيڪا ٽائون ڪميٽي ۽ نه ئي ميونسپل ڪميٽي جي حد ۾ آهن. ڳالهه سهولتن جي (Facilities) جي حوالي سان آهي، اڄوڪو دور سائنسي دور (Scientific Age) ليکجي ٿو جنهن ۾ ٽپال، ٽيليفون، انٽرنيٽ ۽ فيڪس جو سرشتو ايترو ته تيز آهي جو ڪوهين ڏور خبرون چارون اک ڇنڀ ۾ ملن ٿيون ۽ هتي ڄامشوري ۾ اهڙي بنيادي سهولت (عام) نه آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي حوالي سان ڄامشورو شعور جي ڇانوڻي ليکجي ٿو جتي هزارين تروتازا دماغ روشني جي سفر ڏانهن روان دوان آهن جتي اعليٰ اڪابر، عالم، ڊاڪٽر ۽ علمي ماهر رهائش پذير ۽ سنڌ ٽئڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، فار ايسٽ اسٽڊي سينٽر، يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن آفيس، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، هائڊرو پاور اليڪٽرو اسٽيشن ۽ اريگيشن ڪالوني سميت ٻيا گهڻائي ادارا ۽ سوسائٽيون آهن. جتان هن وقت تائين اهڙي رڙ بلند ڪونه ٿي آهي (اصل ۾ انهيءَ تي ڪالم لکڻ گهرجي ۽ اها ڳالهه رڪارڊ تي اچڻ گهرجي) ته شعور ۽ روشني جي ڇانوڻي ۾ ايڏي گهپ اونداهي ڇو؟
ايڏو اونداهو منڊ، جگنو هڪ به نه جيئرو
تارا سڀ تڙجي ويا، چاري ناهي چنڊ
هي اونداهو کنڊ، تڙپي شل ڪو ترورو
اها ڳالهه منهنجي رڪارڊ تي ڪنهن عام رواجي انسان نه بلڪ ادب، ناٽڪ نويس ۽ شاعري جي دنيا جي يگاني انسان نثار حسيني آندي جيڪو لنڊن (London) کان ڍڳ ڪتابن جو کڻي سنڌ پهتوآهي جنهن لنڊن ۾ به پنهنجي ثقافت، ٻولي تهذيب جي اُپٽار پئي ڪئي. جيڪي هن ڪمپيوٽر، ڊرامه نگاري، تاريخ، ادب، ميوزڪ، چترڪاري، ٻولي، آڊيو ۽ وڊيو ٽيڪنالاجي، ستارن جو علم، پامسٽري، حُسن ۽ نفسيات جي نرالن موضوعن تي ورتا آهن ساڻن هڪ عدد سفر نامون به لکيو آهي جيڪو ماڻهو جي ڄاڻ لاءِ ميدان تي آڻڻ چاهي ٿو.
اسان جو هي ساٿي سنڌ جي انهيءَ خمير مان ٺهيل آهي جنهن جي ذهن ۾ هميشه پنهنجن جي ڀلي ۽ ترقي جو اُتساهه رهيو آهي، ون يونٽ جي دور کان وٺي اڄ تائين هن فڪري توڙي عملي طور پنهنجي جملي توانائين سان ماروئڙن ۽ سانگين جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، سنڌ ۾ جڏهن اونداهي جوراڄ هو اک نه ڏسي گوڏي کي اهڙو لقاءَ هو.هرڪو پنهنجي ۾ پورو ون يونٽ جو راڪاس ڄڻ سڀني کي ڳهي ويو هو، اهڙي دور ۾ هن “جل جل مشعل جل” نالي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو هو ۽ سماجي پس منظر ۾ “Meet the Wataio Faqir” ۽ “سنڌالاجي سلور جوبلي” ڪانفرنس جي موقعي تي گذاري ويندڙ سنڌ جي فنڪارن ڀڳت ڪنور رام، جيوڻي ٻائي، ماسٽر چندر، استاد الهڏنو نوناري، مٺو ڪلهوڙو بالي وغيره. Get up ۽ Costume ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندس آگم پبليشنگ اداري طرفان نورالهديٰ شاهه، علي بابا، سلطانه وقاص ۽ طارق عالم جون لکڻيون / ڪتاب شايع ڪيا پڻ نئين ٽهي، سنڌي ساهت، ناٽڪ، پرڀات پبليڪيشن، روشن تارا ۽ قليچ سنگت جي بنياد رکندڙن ۾ شامل رهيو، وقت ۽ حالتن هن کي جيتري اجازت ڏني هُن سڀ ڪجهه ڪيو.
پڑے تھے رہگذاروں میں
انہیں ذرون کو کہکشاں بنادیا تونے۔
***
Ediburgha-Scotland.U.K
1995
اسڪاٽ لينڊ جي عيد
وطن جي وڻن کان ٻاهر عيدون به عجيب ٿين ٿيون، جيڪي پاڻ سان ڍڳ خوشين جا کڻي اچن ٿيون. سچ به اهو آهي ته “عيد” عربي لفط آهي جنهن جي معنيٰ خوشي آهي. سو عيد پاڻ خوشي ٿئي ٿي، اها عيد جيڪا عزيزن قريبن ۽ دوستن سان گڏجي ملهائجي، سا ته مِٺي معلوم ٿئي ٿي. پر اها عيد وطن ۽ عزيزن کان ڏور ملهائجي ٿي تنهن اندر خوشين جو ڪو ماسو تولو به ڪونه ٿو نصيب ٿئي، بلڪ پنهنجي ڏيهه ۾ ٿيندڙ عيدون ته خوشين جون خرزينون کڻي اچن ٿيون. جنهن جو واس ۽ خوشبوءَ واقعي معلوم ٿئي ٿو.
ڪالهه کان سڀني کي شدت سان انتظار رهيو ته چنڊ 29 ٿئي ٿو يا 30، ايڊانبرا جا رهاڪو مسلمان (انڊين (هندي)، پاڪستاني، عربي، آفريڪي، لاطيني آمريڪي، (Excited) جذباتي هئا ته عيد جون گهڙيون گڏجي گذارجن ۽ خوشيون ورهائجن سو اڄ شام اسين به مغرب جي نماز لاءِ فورٿ اسٽريٽ واري مسجد ڪهي وياسين ته معلوم ٿئي عيد سڀاڻي ٿئي ٿي يا ٻئي روز، اڄ مسجد ۾ خاص رش سڀئي ماڻهو منتظر هئا ته يو.ڪي (ايڊنبرا / انگلينڊ) جا مسلمان ڪهڙي ڏينهن تي متفق ٿين ٿا، جهڙي ريت پاڪستان سعودي عرب کان ٻه يا ٽي روز، گهڻو ڪري عيد بعد ۾ ملهائيندو آهي اهڙي طرح افغانستان۽ ايران اڪثر هڪ روز اڳ (Celebrate) ڪندا آهن، طبعي طرح اهي جاگرافي طور زمين جي مختلف رُخن سبب فرق ٿين ٿا.
هن مسجد جو پيش امام جيڪو سچ پچ ته هڪ بزرگ هستي آهي، جنهن جي شخصيت فقيري جي رنگن ۾ رڌل آهي. جيڪو رواجي ملان ڪونه آهي، بلڪ سخاوت، سچائي مهمان نواز،ي بهادري، دينداري ۽ همدردي جهڙن اعليٰ گڻن سان هٿيار بند آهي. قدرت هن جي چهري تي مُرڪ سجائي ڇڏي آهي. سچ ته اسان لاءِ ته فرشتو هو. جنهن رهائش سميت سڀئي مسئلا نبيري ڇڏيا. اسين اَڌ رات مڌ رات جڏهن به ويندا هئاسين ته پنهنجو مسئلو سمجهي ان جي حل لاءِ هرممڪن اُپاء وٺندو هو. بزرگ پنجاب جي شهر ٽوبه ٽيڪ سنگهه جو رهائش پذير هو، مهڙ م سنڌ جي ضلع سانگهڙ ۽ خيرپور ۾ پيش امامي جا فرائض سرانجام ڏئي چڪو هو. اصل ۾ هي سنڌين جي روائتي مهمان نوازي، سخاوت ۽ بهادري کان بي حد متاثر هو، ذهن تي جيڪا ڳر اڃان تائين موجود هئس، هو پنهنجي گفتگو ۾ اهڙا مثال دهرائيندو هو، جيڪي شهادتون اسان جي خون کي به گرم رکنديون هُيون، سنڌ کان اڳ دبئي ۽ ڪويت ۾ به رهي چڪو هو، جنهن لاءِ چوندو هو ته “منهنجي زندگي جي هڪ مِشن (Mission) آهي جنهنجي تڪميل لاءِ آءٌ جدوجهد ڪري رهيو آهيان، هي وطن کان دوري وارو سفر به انهيءَ جي تڪميل لاءِ ڪريان ٿو واقعي هن جي چرپر، عمل ۽ گفتگو اها گواهي ڏينديون هيون ته هو ڪيترو Committed آهي ته يورپ (Europe) اندر اسلام جو ڦهلاءُ ڪجي. هو آمريڪا جي عظيم باڪسر محمد علي ڪِلي ۽ ٻين جا مثال ڏيندو هو، هن وٽ پاڪستان جا مک مذهبي سياستدان به ايندا رهندا هئا. ضياء الرحمان فاروقي هن جو ويجهو رشيدار هو جيڪو بي حد شعله بيان مقرر، خطيب ۽ عالم هو، تنهن سان اسان جون ملاقاتون ٿيون، مختلف مسئلن تي ڪچهري ٿي، سي ڪچهريون بزرگ مولوي عبدالواحد آرائين جي معرفت ٿيون، جيڪو ايڊنبرا مسجد جو پيش امام هو.