سفر جي ڊائري ۽ معلومات
ٻي فئملي جيف ۽ جولي جي هئي، جنهن ۾ هنن جا ٽي ٻار ڪرسٽي، صوفي ۽ اِرڪ هئا. فلاڊلفيا ۾ ڏهن مهينن جو رهڻ جو تجربو ڏاڍو دلچسپ رهيو.
بعد ۾ جنوري جي پهرين هفتي ۾ 2006ع تي ويسٽرن ايليوناءِ يونيورسٽي شڪاگو روانو ٿيم جتي MS/M.Phl لاءِ ويم. کيس ڪاميابيءَ سانMS/M.Phi جي حاصل ڪيم. 31 ڊسمبر 2007ع تي وطن وريم. شروعاتي ڏينهن ۾ آئون ڊائري ڪونه لکي سگهيس اڳتي هلي لکڻ جو پڪو پهه ڪيم جيڪي صفحا اوهان سان شيئر ڪجن ٿا. باقي رهيل احوال ٻي ڪتاب سفرنامي ۾ لکندس.)
20.10.2005
Juli House, Philly, PA, USA
215, E, Gorgas lane Philadelphia,.
USA
روز محشر ڏينهڙي، ستر سج تپن،
سڀوئي جَرُ ڀائيان، جي مون پرين مڙن
(قاضي قادن)
وڪٽر گل جو گهر اچڻ
رات جي ماني کائي مٿي پنهنجي ڪمري ۾ آيم، اڄ سڄو ڏينهن هڏن کي چيريندڙ طوفاني برساتون هلنديون رهيون، تنهنڪري کين ماحول ٿڌو ٿي ويو هو، سو منهنجي گذارش تي Jeff ڪُل ۾ ڪاٺيون وجهي چِمني ٻاري ته ڪمري جو ماحول گرم بڻجي ويو، پوءِ ته مون سَٽ ڏيئي ڪتاب ڪڍيو ۽ لڳاتار دير تائين پڙهندو رهيس خبر نه پئي ته ڪهڙي وقت بستري حوالي ٿيس صبح جو 10 بجي ڪمري جو دروازو پاڪستاني اسٽائيل ۾ کڙڪڻ لڳو مون رڙ ڪري چيو Come in please ليڪن ڪوبه اندر نه آيو. مون گرم بستري مان نڪري دروازو کوليو ته وڪٽر گل سامهون مسڪرائيندڙ چهري سان بيٺو هو. ڪمال جو ماڻهو هو پاڻ اچي ڳولي لڌائين. پوءِ همراه چيو اوهان تيار ٿي وٺو ناشتو ۽ مانجهاندو هلي منهنجي گهر ڪيو. مون صرف 3 منٽ گهريا تڪڙ ۾ شيو ڪري سوئيٽر پاتو ۽ ٿيلهو هٿ ۾ کڻي هيٺ آيس، ڪار ۾ سوار ٿي وڪٽر جي گهر پهتاسين. همراه مٿان ڪچن مان برياني، انڊا، دال ۽ ڪجهه کائڻ جو سامان کنيو بعد ۾ هيٺ Basement ۾ آياسين اصل ۾ جيڪا هن جي آفيس، اوطاق ۽ فقيري رهائش گاهه آهي. جتي T.V۽ Net، ڪچن ۽ ڪرسچن ڪائونسل آفيس سميت دنيا جو ادب هن جي لائبريري ۾ سٿيو پيو آهي، ڏاڍو پُرجوش ماڻهو آهي ڪرسچن ڪميونٽي ۽ پاڪستانين لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري رهيو آهي، خاص طور اڄڪلهه جيڪو پاڪستان ۾ خطرناڪ قسم جو زلزلو آيل آهي. هن زلزلي ۾ هڪ منٽ اندر آزاد ڄمون ڪشمير جي سرڪاري اسڪولن ۾ 18,000 ٻارڙا مارجي ويا، ڇو ته اسڪولن جي بلڊنگ جي اهڙي ساخت هئي جو ڇِتون هڪ ڌڪ سان ٻارن مٿان ڪري پيون. صبح جو زلزلي اچڻ ڪري ماڻهن جي اڪثريت اسڪولن ۽ آفيسن ۾ موجود هئي. اسلام آباد مرگلا هائوس، FATA ۽ ٻين علائقن ۾ اندازن 70,000 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. کين ناشتي بعد زلزلي جي تباهي واري فلم ڏيکاريائين ۽ ٻڌايائين ته اسين 35000 ڊالر گڏ ڪيا آهن اڃا به ڪوششون ڪيون پيا جيڪو فنڊ کڻي ڊسمبر ۾ پاڪستان وڃان پيو. سچ ته ڪشمير۽ پاڪستان ۾ آيل زلزلو وڏي انساني تباهي آهي، 70,000 هزار کان وڌيڪ ماڻهون مئا آهن. الميو اهو آهي ته انهن ماڻهن جي واهر ڪرڻ وارو جذبو دنيا ۾ گهٽ ڏسجي ٿو.
خاص ڳالهيون:
(1) مختيار کوکر (سکر واري) 215-4711339 سان ڳالهه ٻولهه وڪٽر ڪرائي. (2) شميلا جو خط ...اي ميل ذريعي مليو. (3) رات ماسات نذير سان ڳالهايو (4) ڪِرن فون ڪري چيو ته اڄ مون کي پروفيسر سان ميٽنگ آهي سو سڀاڻي ملنداسون.
***
10.12.2005
Juli House, Philly, USA
“۽ پوءِ عام ماڻهن کانئس پڇيو، ”نيٺ ڇاڪجي؟ پاڻ واراڻيائين توهان مان جنهن وٽ ٻه ڪوٽ آهن سو هڪ ڪوٽ انهي کي ڏئي جنهن وٽ هڪ به نه آهي ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي، سو به ائين ڪري.” (انجيل، ليوڪ، 3، 10 ۽ 11)
آمريڪي يونيورسٽي جا پروفيسر!!
وئڪيشن سبب ننڊن جا نشا آهن، 11 مهينا انگريزي ڪورس سبب صبح جو سج جي ڪني نڪرڻ اڳ اُٿبو هو، وٺ پڪڙ ۽ تڙ تڪڙ ۾ ناشتو ڪري ريل رستي يونيورسٽي پهچبو هو پوءِ سڄو ڏهاڙو ڪم جي ڀيڙ ۽ گهريلو(Home work) ڪم ايترو استاد ڏيندا هئا جو باقي رهيل شام ۽ رات ٿورو ٽائيم محسوس ٿيندو هو، سوچيندا هئاسين ته ڏينهن ۽ رات 24 ڪلاڪن جو ڇوٿو ٿئي اهو 36 ڪلاڪن جو ڇونه ٿو ٿئي جو ڪم جو پورائو ڪري سگهون. ليڪن آمريڪي يونيورسٽي جا پروفيسر شاگرد کي ڪابه ڍر نه ڏيندا آهن، هو اها فلاسافي اختيار ڪندا آهن ته شاگرد کي يعني يڪسوئي سان لڳاتار ڪم ۾ مشغول رکجي جيئن شاگرد ڪم بابت سوچيندو ۽ لکندو پڙهندو رهي جيئن هُن جي سکيا جو عمل مڪمل (Mature) ٿئي، اهو سڄو عرصو ننڊ ڄڻ نيڻن ۾ اٽڪيل رهي. هاڻ ٻن هفتن جي موڪل ملي آهي ته انگ انگ مان اها صدا اچي پئي ننڊ، ليڪن هو منهنجو مرشد لطيف واڪاڪري چئي پيو
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.
(شاهه)
ناشتو: فرينچ ٽوسٽ ۽ چانهه مانجهاندو: برياني ۽ دال رات جي ماني: نوڊو، چڪن ۽ ڪوڪاڪولا
***
10.11.2005
Jeff Home, Philly, PA, USA
پنهنجي طرف پاڻ ئي سائل سڏيائين
جتي جوانن کي ڪوٺي ڪُٺائين!
(شاهه عنايت شهيد)
وڻ وڻ جي ڪاٺي + دنيا جا مختلف ڪلچر
اڪيڊمڪ زندگي
رات کان طبيعت ۾ خُمار هو، صبح جو 9 وڳي اٿڻ ٿيو، هيٺ لهي ناشتو ڪري ريل اسٽيشن تائين پُور پچائيندو پهتم. جتان ريل وٺي ٽمپل يونيورسٽي پهتم، پهريون ڪلاس ختم ٿي چڪو هو، Prof. Gale جي ڪلاس ۾ پهتم، ڪلاس ۾، سلويا، فرناڊا (برازيل، اَڊلينا (فرينچ)، جوهن (اِڪوڊور)، گابي (اڪائوڊر)، لُزا، امنت (مالي)، مهپزا، ٽينا، ڪيوي (سائوٿ ڪوريا) ۽ جواني (اٽلي) وارا سڀ ساٿي موجود هئا. شام جو John جو ڪلاس ورتم، IELP جا ڪلاس ڏاڍا رنگ برنگي هوندا آهن، منهنجو مقصد اهو آهي ته وڻ وڻ جي ڪاٺي دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد هت موجود آهن. ڪلاس ۾ مختلف ڪلچر بابت مون گهڻو ڪجهه سکيو آهي، ڪلاس اندر (Pair) جوڙن ۽ گروپن (Groups) جي صورت ۾ به ڪم ٿيندو آهي، جنهن دوران اڪيڊمڪ ڄاڻ سان گڏوگڏ هڪٻئي جي ثقافت، ڪلچر، ٻولي روايتن ۽ تهذيبن بابت حال احوال ٿيندا آهن، جيڪو عمل (Process) شاگرد کي Mature پڪو پُختو بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. اصل ۾ پائلو فراري تعليم به اهڙي عمل کي ڪوٺي ٿو جيڪو عمل لاءِ اُڪسائي، سو آمريڪي اڪيڊمڪ سرگرمين ۾ ڪتاب ساڻ گڏ شاگرد کي عملي مشق لازمي طور ڏيندا آهن جيئن هُنن ۾ پُختگي پيدا ٿئي. Darwin به ڪتن ۽ ٻلين تي اهڙا تجربا ڪيا. انسان اندر اتساهه (Motivation) ڪيئن پيدا ڪجي. مجموعي طور آمريڪي استاد اسڪولن، ڪاليجن ۽ اڪيڊمڪ ماحول (Academic Environment) وارو عملي رنگ ۽ تاثر پيدا ڪندا ۽ موجود رکندا آهن. جيئن شاگرد موجود ماحول (پاڻي جي تلاءُ) ۾ پاڻ تري سگهي ۽ دلچسپي وٺي ۽ تجسس هُن کي ڄاڻ جي O زيرو واري درجي کان ڄاڻ جي بُلندي واري اعليٰ سطح ڏانهن کڻي وڃي. اها آمريڪي استادن جي جادوگري آهي. هنن جي (Mentoring) سنڀال به پاڻ واري پوليس واري جهڙي (Policing) نه آهي بلڪ Mentoring يعني دل و جان سان ٽُٽل خيال ۽ سوچ کي جوڙڻ ۽ ڳنڍڻ واري آهي، جتي سڄو پورهيو پيار ۽ محبت سان قائم رکندا آهن.
خاص ڳالهيون
(1) عمران ۽ بيگم نازو منجهند جو 11 وڳي ڳالهايو (2) وري موٽ ۾ 11.40 تي مون فون ڪري قيوم، بشيران، نازو، امان ۽ عمران سان ڳالهايو. (3) Prof. Kathy Bell سان رستي ويندي ڪچهري ٿي جنهن چيو ته خوش رهه، Depress نه ٿي، مونکي هن جي ڳالهه صحيح محسوس ٿي. (4) Prof. Rodlf رولف سان به گپ شپ ٿي. هي ڏاڍو مزيدار استاد آهي بلڪ ڪو فلمي هيرو ئي لڳندو آهي، هن جو هر جملو به فلمي ڊائلاگ هوندو آهي، مُرڪ هميشه هِن جي چهري تي گهر ڪيون ويٺي هوندي آهي.
ناشتو: وافل، سيرپ، ڪشمش ۽ چانهه مانجهاندو: چائينز پلاء، سبزي ۽ ڪوڪا ڪولا. رات جي ماني: Cod مڇي، گڏيل سبزي سوپ، سلات، پالڪ، توريون ۽ چانهه
***
4-7-2005
Jeff Home, Philly, PA, USA
امن جو گيت!
ارغونن ۽ ترخانن واري آرمي...!!!
صبح جو 10 وڳه ڇرڪ ڀري اٿيم، تياري ڪري ٽرين اسٽيشن تي پهتم جتان ريل رستي مارڪيٽ ايسٽ اسٽيشن آيم. بعد ۾ City Hall آيم جتي نئين سال جي Aannual Parade جاري هئي، جيڪا روايت هڪ سئو سال کان جاري ساري آهي. آمريڪي آزادي واري ڏهاڙي کي نئين سال جي روانگي ۽ آمد کي شاندار نموني ملهائيندي اهو عمل ورجائيندا آهن ته هي سال امن، اتحاد ۽ خوشحالي جو گذرندو. ان کان علاوه چرچن ۾ دعائون گهريون وينديون آهن، خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪئي ويندي آهي ۽ فائر ورڪ (آتش بازي) جو بندوبست ڪندا آهن ۽ اڄ هتي شاندار قسم جي پريڊ جو بندوبست ٿيل هو، سڀ کان اول سفيد پشم واري پهراڻ ۾ 200 ماڻهن جو جٿو روڊن تان گذرندي. سٽي هال وٽ ڊانس ڪندي اڇي رنگ جا ڪبوتر امن جي نشاني طور فضا ۾ ڇڏيائون ته فضا تاڙين جي تال سان گونجندي رهي ۽ موسيقي جي ڌن تي آرڪسٽرائن امن جو گيت پيش ڪيو ته سفيد پهراڻ وارن جي امن ڊانس تي سڀئي شائقين بي اختيار جهومڻ لڳا. جيڪو سلسلو اندازن 40 منٽن تائين جاري رهيو، ان بعد آمريڪي آرمي ليفٽ رائيٽ ڪندي سٽي هال وٽ شاندار پريڊ جو مظاهرو ڪيو آخر ۾ فضا گولين جي ٺاٺاٺا... جا بي شمار آواز ٻُرندا رهيا، لڳو ائين ته اها ترخانن واري آرمي آهي جن دنيا جي امن پسند قومن تي ڪاهون ڪيون هيون، هي يانڪي به اهي وردي پوش بزرگ آهن جن ويٽنام تي ڪاهه ڪري ويٽنام کي غلام رکڻ جو بندوبست ڪيائون. اها ته ويٽنامي قوم جي سرفروشي هئي جو هُنن آمريڪي ديو کي دَسي، ڪنڌ مروڙي غرور ۽ تڪبر کي ڌوڙ ۾ ملائي، 1974ع جي بهار جي مُند ۾ آزادي حاصل ڪئي، آجپي جي دستي بعد رنگين ويس پهريل 6 وڏا وڏا تمام وڏا ڪنهن هاٿي جي قد جيڏا مشڪرا (گڏا) سوين ماڻهن جي قد جيڏن جٿن جي اڳواڻي ڪندي سٽي هال اڳيان ميوزڪ تي شاندار ڊانس وسيلي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا ماڻهن کي خوش پئي ڪيائون، هزارين ماڻهن جي انبوهه ۾ خوشي جا ڪوڪارا ۽ نعرا ٻڌڻ ۾ پئي آيا. سڄو آسمان ڄڻ ڪنهن خوشيءَ جي لهر ۾ ورتل / جڪڙيل پئي نظر آيو. ماڻهون پاڳلن جيان خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا، ڇو ته جوان ۽ جوانڙيون بيئر، وُڊڪا، شِمپين ۽ طرحين طرحين قسم جو شراب کلي عام پي رهيا هئا، پوليس جي نفري به خاصي تعداد ۾ امن امان ۽ نظام کي درست ۽ ضابطي ۾ رکڻ لاءِ موجود هئي ليڪن جوان ۽ جوانڙيون نئين سال جي خوشي ۾ وقت جي لهر کي پاڻ ارپڻ لاءِ ڪنهن به قانون جي پرواه نه ڪندي بي خوف ٿي الڪوحل واپرائي رهيا هئا.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرين کي.
(شاه)
بعد ۾ North America جي قديم تهذيب سان وابستگي طور قديم جهوپڙي جا ڪچا گهر ڪکن، ڪانن ۽ ڪڻڪ جي تيلن سان ٺهيل واري پس منظر ۾ اتر آمريڪا جي قديم تهذيبي جٿي (اندازن 250 ماڻهن) قديم ويس ۾ ڊانس پيش ڪئي. جيڪو آمريڪا جي اصل رهواسين ريڊ انڊين ۽ آفريڪي آمريڪين سان يڪجهتي جو اظهار هو. جيڪو عمل پرڪشش هو. انهيءَ بعد ۾ آمريڪا جو ترانو خوبصورت نموني رنگارنگ روشنين ۾ ڌن تي پيش ڪيو ويو ۽ سڄي فضا روشني ۽ رنگن سان ٻهڪي پئي.
***
14.10.2005
Jeff Home, Philly, PA, USA
گلن جي گلستان تائين نه پهتاسين،
محبت جي ميدان تائين نه پهتاسين،
ڏس ماڻهو چنڊ تي وڃي پهتا،
مگر اسين انسان تائين نه پهتاسين!
(استاد بخاري)
ٻُڏان تَران، تَران ٻُڏان....!!!
ڊگهي آرام بعد صبح جو 11 بجي تيار ٿي ڪري هيٺ آيم. معمول جي ابتڙ اڄ طبيعت ۾ هڪ طوفان بعد ڄڻ سڪون محسوس ٿيڻ لڳو. ڇو ته اڪيڊمڪ ڪاميابيون مون لاءِ گهڻيون خوشيون کڻي آيون آهن.
بحرحال جيڪو نصيب هوندو. اهو ملندو. سو ڊگهي ٻڏڻ ترڻ واري ٽُٻي مان نڪري اڄ سڪون ڀانيان ٿو.
تران ٻڏان، ٻڏان تران، مران جيان، جيان مران. واري ڪيفيت هاڻ ختم آهي. هاڻ پوري قوت سان مستقبل لاءِ رستا گَهڙبا، سڀني دوستن، ڀائرن ۽ عزيزن کي نوان گس ڏبا۽ سڀ ڪم جمهوري بنيادن تي ٻُڌٻڌان هڪٻئي جي صلاح ۽ مشوري سان حل ڪبا. قدرت ڀلو ڪندو. پنهنجو نيڪي ۽ چـڱائي ۾ اٽل ايمان آهي، سو قدرت هميشه پنهنجي لاءِ ڪو رستو گهڙيندي ۽ ٻيڙا پار ٿيندا البته پنهنجي ڪوشش ۽ شعوري جدوجهد جاري رهندي.
ڪاري ڪڪر هيٺ ، مون جهيڙ يندي ڇڏيا،
ڪارا ڪند هٿن ۾ ، اڙل وڇيرا هيٺ،
ٿي تينين سان ڏيٺ، موٽڻ جنين مهڻو!
(شاه)
خاص ڳالهيون:
(1) بشير شاهه رات ٺل مان فون ڪئي ۽ email موڪلي. (2) عمران، ڏاڏا لطيف ڏي (email) موڪليم ۽ عمران جو خط به مليو سرهائي ٿي.
ناشتو: انگور،صوف،چهر ۽ چانهه مانجهاندو: چڪن اسٽيڪ ،ٽماٽا بصرسلات، ڪوڪاڪولا، چاڪليٽ بسڪٽ ۽ چانهه. رات جي ماني: Beef، پٽاٽا، اٽلي نوڊو ۽ بسڪوٽ
***
15.10.2005
Jeff Home, Philly, PA, USA
اسان جا اعلان اسانجي عملن کان وڏا آهن،
اسان جو تلوارون اسان جي قدن کان ڊگهيون آهن،
اسان جي ٽرئجدي اهائي ته آهي.
(نذارقاباني)
برف جو طوفان
اڄ يونيورسٽي کان ٻاهر نڪتم ته تاحد ڌرتي ، وڻ ۽ عمارتون ۽ روڊ سفيد ويس پهريل هئا ۽ فضا سڄي اڇي ڪپهه جهڙي وسڪاري سان ٽمٽار هئي. اهو برف جو طوفان هو. هونئن برف ڄمندي 1995ع ۾ ايڊبنرا، اسڪاٽ لينڊ. لنڊن، U.K ۾ ڏٺي هئم ليڪن سڌو سنئون وسندي اڄ ڏٺي سڄي دنيا اَڇ ئي اَڇ ڏٺم. ڏاڍو شاندار نظارو محسوس ٿيو. سڄو ملڪ اَڇو لڳو پيو هو. اڳڪٿي آهي ته رات سڄي رات برف اڃان وسندي . موسميا ت کاتي جو چوڻ آهي ته 3 کان 6 انچ برف پوندي. بهرحال اڄ وارو ڏينهن ڪپهه جهڙي برف وانگر هلڪو ۽ گلابي گلابي هو. ڇوته ڄامشوري بيگم نازو،عمران،ڏاڏا ۽ اياز سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي . جڏهن به گهر، ٻارن ۽ امڙ سان ڳالهائيندوآهيان اهو ڏينهن ڏاڍو پُرسڪون محسوس ٿيندوآهي، انهي جو مونکي گهڻن سببن ساڻ ٻه بنيادي سبب معلوم ٿيندا آهن، هڪ ته پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جو چشڪو ۽ ٻيو ته ڪچهري واري عادت جو پورائو.
ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري، (شاه)
ناشتو: وافل، سيرپ مٺو ۽ چانهه. مانجهاندو: چيني پلاءُ پيپسي ۽ چانهه رات جي ماني: (مرغي،بصر، گجر ۽ پٽاٽا (بوائل) ۽ چانهه
***
17.10.2005
Philadelphia, PA, USA
جي سونهن گهرين ها ساٿيئڙا
مان چانڊوڪي چورايان ها
جي گيت گهرين ها منهنجا پرين
مٺا سڏڪن جي سر ڳايان ها
(شمشير الحيدري)
وڏي خبر
صبح جو ريل رستي Temple يونيورسٽي ويم. اڄ اربع ڏهاڙوهو. صرف هڪ پيرڊ C.A جو هو . منهنجو پسنديده استاد Prof. Rolf وٺڻ آيو، ڏاڍو لطف اندوز ٿيا سين بعد ۾ مٿي بلڊنگ ۾ ويهي New York Times اخبار کڻڻ لاءِ ويس ڌيرگا نيپالي جي فون ملي ته مون هيٺ انتظار ڪري رهيو آهيان، هيٺ آيم تاڙو تاڙي سان ملائي خوشي جو اظهار ڪيو سين. پوئين 6 هفتن بعد ملاقات ٿئي پئي. همراه ڏاڍو خوش پئي نظر آيو. منجهد جي ماني گڏ کاڌي سون. هن کان موڪلائي مون لطيف سان سرگوڌا ڊگهي گفتگو ڪئي. بعد ۾ لئبريري آيم جتي انڊيا اندر شادي ۽ ڏاج بابت Presentationتيار ڪيم. ٺيڪ 4.45 منٽن تي شام جو Yahoo ميل چيڪ ڪيم ته مبارڪ باد جو فل برائيٽ پروگرام آفيسر انڊريا طرفان پيغام مليو ته منهنجي داخلا Western Illionos University ۾ ٿي آهي. سچ پچ ته جيڪا خبر منهنجي لاءِ وڏي خبر هئي. ڏاڍي خوشي ٿي. 10 مهينن جي اڻ ٿڪ محنت بعد ڪا مثبت موٽ ملي . فوري طور مون هندستاني دوست (Speaking Partner) ڪرن ۽ Prof. John سان رابطي جي ڪوشش ڪيم ليڪن ڪوبه فون تي نه مليو ته وڪٽر گل کي فون ڪيم جنهن چيو ته اهو شهر شڪاگو جي ويجهو آهي. سٺو شهر آهي. بعد ۾ مون گوگل تي شهر ۽ يونيورسٽي بابت معلومات ورتي
خاص ڳالهيون:
(1) فل برائيٽ آفيسر انڊريا طرفان داخلا بابت خوشيءَ جي خبر ملي. (2) لطيف صاحب سان ڳالهه ٻولهه تي ڏاڍي سرهائي ٿي.
ناشتو: چهرا وافل ۽ چانهه. مانجهاندو: چيني سبزي پلاءُ، ڪوڪاڪولا رات جي ماني: روسٽ مرغي،پٽاٽا اُٻاريل،گوگڙو ۽ سامونڊي مڇي
***
18.10.2005
Juli & Jeff Home, Philly, USA
انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي
اڃان وقت کي پيئي ڳولي سچائي وڏي ڳالهه آهي.
(شمشير الحيدري)
عرب ۽ اسان ماڻهون
ڪالهه کان خوشيءَ جي لهر دل ۽ دماغ مٿان ڇانيل آهي، ڇوته فُل برائٽ پروگرام آفيسر انڊريا نيو يارڪ مان اهو اطلاع موڪليوته ويسٽرن يونيورسٽي شڪاگو ۾ منهنجي داخلا ٿي آهي. اڄ جنهن جو ليٽر به موصول ٿيو. بهرحال پنهنجي محنت جو ڦل هر صورت ۾ انسان کي ملي ٿو. شام جو JOHN به مليو جنهن سان گڏ ڪافي بار ۾ ڪافي ورتي سون، جان ڏاڍو خوش ٿيو.
بعد ۾ لئبريري ويم جتي عبرت ۾ اعجاز منگي جو ڪالم عرب ۽ اسان ماڻهو پڙهيم ڏاڍو عقلمندانه انداز سان اعتراف ڪندي سنڌ جي سياسي پسمنظر ۾ لکيو اٿس جيڪو هر هڪ کي سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو ته هو وڻجارو (پليجو) جيڪو سالن کان سِر جون سَٽون ڏيئي پنهنجي سَاهه ۽ سَرير سان سنڌ کي جيارڻ چاهي ٿو تنهن کي سمجهڻ ۽ سُڻڻ جي اڄ سخت ضرورت آهي. واقعي جڏهن دنيا جي ترقي کي ڏسجي ٿو ته اسانکي سوچڻو پوندو، جنهن سُپر پاور جو ذڪر ڪيون ٿا اهي 16 صدي ۾ جهنگلي زندگي گذاريندا هئا. پوءِ انهن ۾ به ٿامس جيفرسن، بنجامن فرينڪلن ۽ ابراهيم لنڪن پيدا ٿيا جن گهري طريقي سان معاشري جو مطالعو ڪيو ۽ تبديلي جا بنياد رکيا. سو سنڌين کي به ان سائل وڻجاري جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي. واقعي دوستو وسڪي پنهنجي خط ۾ خوب لکيو هو ته منهنجو مٺڙو آواز ناهي پر مون پوءِ به ٻه لوليون ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سو ٻاڙائي جي باوجود اسا نکي سچ جو سنيهو ٻڌڻو پوندو. جيڪو واقعي سچ پچو جنرل آهي، جنهن ڪڏهن به شڪست قبول نه ڪئي آهي نه آڻ مڃي آهي، هو دهشت جي درياءَ کي اڪرڻ لاءِ نت نوان نسخا آڇي ٿو،هميشه پاتار مان فڪر جا فلسفي موتي ماڻڪ آڇي ٿو.
هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.
(شمشيرالحيدري)
سنڌ هميشه منهنجي جِند جان ۽ ذهن جي هر حصي ۾ ساهه جي سرير جيان ڌڙڪندي رهي آهي پوءِ مون ڳوٺ سوني نوناري / خدابخش نوناري ٺل ۾ هجان، يا سنڌ جي روحاني تخت گاهه حيدرآباد /ڄامشوري ۾ هجان، لنڊن ۾ هجان يا واشنگٽن ۾ هر وقت ، هر گهڙي سنڌ جي باري ۾ سوچيندو رهيوآهيان، مان اهو نٿو چوڻ چاهيان ته ڪو مون اڀ ڏاري وڌو آهي ليڪن پنهنجي سمجهه آهر جدوجهد ۽ ڪوشش ڪئي آهي. مون نه ڪنهن کان مدد ورتي آهي. نه ئي ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. اصل تت ته هر حال ۾ سنڌ جي تمام گهڻن سڄڻن بهتري لاءِ جاکوڙيو آهي. انهي حوالي سان سنڌ اندر جدوجهد ڪندڙ عنصرن تي نظر ڦيرائبي آهي ته هڪڙو اهڙو وڻجارو فڪر جي ساحل تي تند ڇيڙيون ويٺو آهي. شال قوم کي سمجهه جي ڪا ستي ملي، ان وڻجاري لاءِ اعجاز کان لفظ اڌارا وٺون ٿا “هو جيڪو گهاون کي بهانو بنائي ميدان مان نه موٽيو آهي. هو جيڪو پوئين وير به، ويري ساڻ وجود جي ويڙهه وڙهڻ جو عملي مثال رهيو آهي. هو جيڪو ديس جو محبوب اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سائل به آهي. جنهن کي هن ديس اڃانه سُڻيو آهي. جنهن پنهنجي وُجود کي سُرندو بڻائي ان کي سَون سُرن ۾ ڦيرايو آهي. جنهن جيڪو ڪجهه چاهيو آهي تنهنجي تشريح ڪندڙ جاميءَ هن جي لکڻين جي پهرين جلد تي جيڪو مهاڳ لکيو آهي...... تنهن جو جيڪڏهن شعري ترجمو ڪيو وڃي ته اها لکڻي نذار قابانيءَ جون اهي سٽون بڻجي وڃن ته:
”اسان جا اعلان اسان جي عملن کان وڏا آهن.
اسان جون تلوارون اسان جي قدکان ڊگهيون آهن.
اسان جي ٽريجڊي اها ئي ته آهي!“
”اسان جي دشمنن اسان جون سرحدون نه اورانگهيون آهن. هو ماڪوڙين جيان اسان جي ڪمزورين جي ٻرن مان داخل ٿيندا آهن.“!
واقعي ڪمال حد تائين سنڌ جي فڪري عوامي محاذ جو جنرل ذهني چابڪدستي رکي ٿو جيڪو صحيح وقت تي صحيحُ رخ ۾ صحيح انداز ۽ صحيح مقدار ساڻ عوام جي رهنمائي ڪندي سندن تلقين ڪري ٿو ته پنهنجي قومي وجود جي بالادستي لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو، ٻيو ڪوبه رستو نه آهي.
تيري آذار ڪاچاره، تيري سوا کوئي نهين!
اي ذي روح ، اي ذي روح ،اي ذي روح!!!!!
ناشتو: چانهه ۽ بادام نٽ. مانجهاندو: چيني پلاءُ، سبزي، پيپسي، بسڪوٽ رات جي ماني: Cabbage Brine Roll، بصر، ڏهي ۽ فروٽ
***
16.08.2005
Sheri & John (Major) Home, Philly, USA
سونهن کي سنواريندا هلو! ڪري روشنيون ٻاري آ گربو
ڏيڻ، ڏيا ٽيون ٻاريندا هلو، جتي نالو اچي سنڌ جو
اُتي سِرُ گهوريندا هلو، ڪنڌ ڪپائيندا هلو...
(شمشير الحيدري)
عرب فل برائٽ اسڪالرن جو ناچ ۽ ڳائڻ
اڄ IELP ٽمپل يونيورسٽي ۾ آخري ڏهاڙو هو. انساني محسوسات به عجيب ٿين ٿيون. هڪڙو ڏينهن هو جڏهن 10 مهينا اڳ هت داخل ٿيم ته هر شيءَ اوپري ۽ عجيب لڳي رهي هُئي . وڻ، موسم، جايون، ماحول ۽ ماڻهو سڀ اجنبي معلوم ٿي رهيا هئا. هڪڙي قسم جي اوپرائپ ۽ خوف وارو ماحول لڳندو هو، پوءِ ته آهستي آهستي سڀني شين سان مانو سيت ۽ قريبي تعلق جُڙڻ لڳو. يونيورسٽي جي استادن جي شفقت، مهرباني ۽ محبت کي به ڪڏهن وساري نه ٿو سگهجي. Prof. Joe جو حاڪمانه انداز ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پيش رفت ۽ تُرت سَمجهڻ واري صلاحيت ته هن جي شخصيت جي اُنهي پهلو مونکي گهڻو ڪجهه سيکاريوJoe جي شفيقانه رويي واري سکيا به اسان جي خوف کي ٽوڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيوProf. Kathy کي ته مان ڪڏهن به نٿو وساري سگهان. جنهن شروع ۾ ئي مون کي اها هدايت ڪئي ته عبدل ڪڏهن به مايوس Depress نه ٿجان ۽ هن مسٽر ڪنول جي ائڊريس ڏني ته پنهنجي پاڪستاني ڪميونٽي جي ماڻهن سان تعلق جوڙ ته جيئن تون اجنبيت محسوس نه ڪرين. ڪنول وري وڪٽر کي چيو جيڪو همراه پاڻ اچي شيري (Sheri) واري گهر ۾ مونسان مليو ڏاڍو ڀلوڙ ماڻهوآهي. وڪٽر گل هر مرحلي تي همٿ ٻڌرائي پروفيسر ڊينس سرج فلاڊيلفيامنجهه رهائش لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو. پهرين ڏينهن مون هن سان گڏجي Lunchڪئي. پهرين ملاقات ۾ ئي بي تڪلفي پيدا ٿي ويئي مون مذهب ملڪ، شادي ۽ گهرٻارن بابت پڇا ڪئي جيڪا، هت پهرين ملاقات ۾ عجيب ڳالهه آهي، بلڪ عيب آهي. ليڪن هن محسوس ٿيڻ ئي نه ڏنو. بعد ۾ مون کي اڳتي هلي احساس ٿيو. شايد Prof. John ڪلاس ۾ ٻڌايو ته آمريڪين شخصي معاملن تي ڳالهائڻ ۾ پهرين ملاقات ۾ هٻڪ محسوس ڪندا آهن هي همراهه ڇڙوڇانڊ آهي. ٻنهي همراهنJohn Pell ۽ Dennis کي Girl Friends آهن. جنهنجو ذڪر هو ڪلاس ۾ به ڪندا رهيا آهن ٻنهي جا وڏا وڏا ٽهڪ مشهور آهن. John Pell هي همراه ڪنهن سجيلي فيملي هيرو کان گهٽ ڏيک نه ڏيندو آهي.سهڻو جوان آهي.
(Prof. (Gale) گيل ٻڌائيندي آهي ته هوءَ ڪولمبيا يونيورسٽي آف نيويارڪ جي پروفيسر اصل فلسطيني سعيد ائڊورڊ (سعيد ائڊورڊ جيڪو فلسطين جي آزادي جي تحريڪ جو زبردست حامي آهي) جي شاگردياڻي آهي. هي بيحد قابل استاد آهي ليڪن رويو ڏاڍو سخت اٿس. هن جو سخت رويو شاگردن کي گهڻي محنت ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي ليڪن ڀوڳ ٺڪائن جي ماهر آهي. فلاڊيلفيا يونيورسٽي ٽوئر ۽ ٻاهريان دورا به هن ساڻ گڏ ڪيا آهن، ڪلاس جي شاگردن واشنگٽن جو دورو به هن سان ڪيو آهي، ڏاڍا شاندار دورا هئا باقي Prof. Adam کي پري پري کان هميشه پراڻي سوٽ ڪيس هٿ ۾ ٿلهن شيشن واري عينڪ سان مَرڪندي ڏٺم IELP جي ڊائرڪيٽرکي چپن ۾ مُرڪندي ۽ هليو ڪندي ٻُڌم پروگرام ڊائريڪٽر Dr. Martin مونکي ڀاءُ لطيف وانگر لڳو، سدائين پڙهندي ۽ نهٺائي واري رويي سان کيڪاريندي ڏٺو. هڪ ڀيرو اونهاري ۾ پنهنجي گهر تي عراق جي 13 عراقي فل برائٽرز ۽ مونکي سڏيو هو. ڏاڍو شاندار پروگرام رهيو جتي عربن ڳايو ،وڄايو ۽ خوب پيتو هو، نيويارڪ مان فل برائٽ جو ڊاريڪٽر وليم ۽ هن جي گرل فرينڊ لُزا پنهنجي آفريڪن ــ آمريڪن گهنڊيدار وارن واري خوبصورت ڪاري سونهن رکندڙ محبوبه سان گڏ شريڪ ٿيو هو. ڊاڪٽر مارٽن جيڪو هڪ ئي وقت يهودي ۽ عرب لڳندو آهي ڇوته هن جي ماءُ عرب ۽ پيءَ يهودي آهن. ٻنهي جو تعلق عيسائي مذهب سان آهي. هن جي زال به لبناني عيسائي آهي، بهرحال ڏاڍا مهمان نواز لڳا، پارٽي شام جو 6 بجه تائين جاري رهي. بعد ۾ موڪلائي ٽرين رستي مون شيري جان واري گهر واپس آيم
خاص ڳالهيون:
(1) ڪالهه موبائيل فون لئبريري مان لڌم جيڪا نرمل نالي گجراتي ڇوڪري جي هئي جنهن کي Call ڪيم ۽ مون چيو ته پريشان نه ٿي صبحاڻي اچ ۽ فون کڻي وڃ سو اڄ لائبريري ۾ ملي. فون کڻي ويئي، ڇوڪري ڏاڍو خوش ٿي، ڇوته فون جي وسري وڃڻ بعد ملڻ جي اميد گهٽ رهي ٿي ، هنکي وڃايل سڳ واپس مليو ته شهزادي ڏاڍي سرهي ٿي.
ناشتو: گجرن ۽ پٽاٽن جو حلوو، پٽاٽا، انڊا تريل ۽ چانهه. مانجهاندو: ڊاڪٽر مارٽن جي گهر دعوت ٿي، گهڻا طعام ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ٿيل هو. رات: نوڊو، هرڻي جو قيمو ۽ سلات
***
17.10.2005
Philadelphia, USA
ڌُريان ئي ڌارَ، جي قضا ڪپي اڌ ڪيا،
تن سُڪن ڪهڙي سار، ته اُٺا مينهن ملير ۾.
(شاه)
ڪُڇي اهڙي، جهڙي ڀت
پروفيسر انجيلا جو آخري ڪلاس
شايد هاڻ فلا ڊيلفيا ۾ منهنجا پِڇاڙڪا ڏينهن آهن، ڇو ته جنوري ۾ شڪا گو پهچڻو آهي، ويسٽرن يونيورسٽي سان رهائش خاطر لکپڙهه جاري آهي، ٽيمپل يونيورسٽي دوران پَل پَل ڄڻ جيئان مران مران جيئان واري وطن کان دوري واري ڪيفيت ۾ رهيو آهيان، ليڪن هاڻ ڪنهن حد تائين طبيعت کي ظابطي هيٺ آندو آهي. اهو سوچيو ته علمي حاصلات لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي، سو وقتي طور وطن ۽ پنهنجن ماڻهن کان دوري آهي، ليڪن مستقبل ۾ انهي جا وطن واسين ۽ پاڻ کي ڪئين اڻ ڏٺا فائدا رسندا.
آمريڪي يونيورسٽين ۾ مونکي اها سنڌي ڪهاوت حقيقت طور معلوم ٿي ته ”هتي رڳو پڙهڻ ڪين آهي ليڪن ڪڙهڻ به آهي.“ آمريڪي پروفيسر ڳالهه کي اُٿلائي پُٿلائي ڄڻ شاگرد جي دماغ جي خُفيه خانن ۾ لِڪل صلاحيتن کي ٻاهر آڻڻ چاهيندا آهن، جيئن ماڻهون جي سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيتن ۾ واڌ ٿئي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي پنهنجي فيلڊ ۾ ڀڙ ٿي معاشري لاءِ ڪجهه ڪري سگهي، جيڪو تعليم حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد هوندو آهي، ليڪن اسان جن يونيورسٽين ۾ ته ائين ٿيندو آهي. ماڻهو جهڙو ايندو آهي اهڙو موٽي ويندو آهي البته ڪجهه ڪَڻا سُڌري گهڻو تڻو سنوار جي نڪرندا آهن.
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي، تنين جي چوٽي، پُورب ٿيندي پڌري
(شاهه)
اسان جي بِرج ڪلاس جي استاد انجيلا آخري امتحان ورتو. ڏاڍو دلچسپ ڪورس هو، گهڻو Dobu-To ۽ The Flat ۾ رهندڙ آفريڪي نسل جي ڪارن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت سکيوسين. جيڪي ٻئي ڪتاب ترتيبوار Lee۽ Stackجا لکيل آهن. ٻيئي مڃيل انٿرو پالاجسٽ آهن. The Flat ڪتاب جو تت (Theme) اهم آهي ته ننڍڙن فليٽن ۾ رهندڙ ڪارن آفريڪن جو گذر سفر ۽ زندگي اهڙي تنگ آهي جهڙو ڪراچي جي اِرد گرد غُربت جي ڪوڙه ۾ ورتل غريبن جي آهي، خاص طور لياري ڪراچي جي رهواسين جهڙو.
رات جو ڊنر ٽيبل تي جوليءَ سان دلچسپ گفتگو ٿي. هُن چيو ته اسان تنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي ليڪن اوهان اسان جي گهٽ مدد ڪئي آهي. موٽ ۾ مون چيو توهانجي مهرباني. ليڪن اوهان اهو ٻڌائيندا ته ڪهڙي قسم جي مدد جي اوهان توقع رکو ٿا؟ ته مائي اهڙي مُنجهي پئي جو ڪوبه جواب نه ڏيئي سگهي! وڌيڪ مون چيو ته ماهوار 560 ڊالر اوهان کي کاڌي ۽ رهائش جا ڏيان پيو باقي اوهان الائي ڇا ٿا چاهيو؟!! ڪُڇي اهڙي جهڙي ڀِت!!
خاص ڳالهيون: ٺل جيڪو گل آهي. يعني گلاب جو گل آهي. اتان عبدالقيوم صاحب ڳالهايو، اسد، اِفو، نتا شا ۽ امان سان ڳالهه ٻولهه ٿي، تازا حال احوال ٿيا، سرهائي ٿي ٺل جي فون مان واقعي خوشبو اچي ٿي.هيءَ چوڻي ڄڻ ته سچي معلوم ٿي.
پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري
(شاهه)
***
26.10.2005
Philly, USA
Juli House, Gorgas ..
ڪوڙا سامي، ڪوڙا سامين پنڌ،
هوت هرهنڌ، هُنن ڏٺو هنگلاج ڏي
سچا سامي، سچو سامين پنڌ
هوت ته هرهنڌ پر هنن ڏٺو هنگلاج ۾.
(شاه)
تون عيسائي آهين يا مسلمان، منهنجا دروازا تولاءِ کُليل آهن.
(مولانا جلال الدين رومي)
اڳتي وڌڻ لاءِ همٿ ۽ مڙسي گهرجي (چيني چوڻي)
ڏينهن ۽ راتيون طوفاني رفتار سان گذريو وڃن استادن طرفان ملندڙ ڪم ۾ لکڻ پڙهڻ ۾ ايترو مصروف رهڻو پوي ٿو ته وقت گذرندي سچ ته خبر ئي نٿي پئي، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته 10 مهينن کان صبح شام رات ڏينهن هر وقت لکڻ پڙهڻ ۽ بحث مباحثي ۾ وقت گذريووڃي ، ڇا اها زندگي آهي؟ ڇا عمر جي هن حصي ۾ اهو ڪارج آهي؟ سڀني سوالن جا جواب ڪڏهن مُبهم ته ڪڏهن چٽا ملنداآهن ته هي جو آمريڪي ۽ يورپي قومن ترقي جو معراج ماڻيو آهي اهو ڪو رات ڏينهن سُتي ته ڪونه حاصل ڪيو اٿن انهن قومن ۾ به ته آئن انسٽائين، شيڪسپئر، ٿامس جيفرس، چرچل،لِنڪن، روزاپارڪ، ڪنگ مارٽن لوٿر، والٽ وٽمن ۽ اَڻ ڳڻيا هيرا رات ۾ ته ڪون ٺهيا، انهن به پهرين پاڻ کي علم جي لازوال هٿيار سان پاڻ کي هٿيار بند ڪيو بعد ۾ پوروعلم قوم، ڌرتي ۽ وطن جي سونهن، سينگار ۽ ترقي لاءِ ڪتب آندائون جن جي علمي، ادبي ۽ سماجي ۽ سائنسي نون علمن ۽ کوجنائن سان هنن پنهنجي قوم ۽ وطن جو آئندو تعمير ڪيو. پنهنجي علم کي دشمن جي ور چڙهڻ نه ڏنو بلڪ حُب الوطني جي جذبي تحت پنهنجو رشتو وطن سان جوڙيائون، سو اهو سوچيندي تسلي ٿيندي آهي آمريڪا ۾ رهندي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ هنن جي معاشي زندگي جو اڀياس پاڻ کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ته پاڻ واري سُهڻي سِنڌ ۽ سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون . اهڙي تقابلي جائزي بعد صرف اهو چِٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو پاڻ سنڌي وطن دوستي ۾ دنيا ۾ تمام اَڳرا آهيون اهو اسان جي زنده هجڻ جو سبب آهي، باقي، ته سنڌ جي مُک وسيلن تي سامراج قابض ٿيا ويٺا آهن تنهنڪري دنيا جي جديد سائنسي علمن جي حاصلات لاءِ پاڻ کي سفر لاءِ ڊگها اڻانگا پنڌ ڪرڻا آهن.
اڄ سنڌ ۾ ڪي وڻجارا سياسي آرڪسٽر جي سوين سُرن وسيلي سنڌين جي روح ۾ اها ڳالهه ڏاڍي نفاست سان ڦوڪڻ چاهين ٿا ته سنڌ اُٿي پئي ته اسين وري وڃايل وسيلا حاصل ڪري سگهون ٿا پر انهن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي.
امان الله ٻپڙ، قومي ڪارڪن ۽ اديب
آچر هوندي سڄو ڏينهن ڪمري / گهر ۾ گذريو ،رات جو 7.47 واري ريل ۾گهر آيم. اڄ قيوم سان ٺل ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ٻڌايو ته پليجي صاحب، حسن علي ٻپڙ کي چيو هو ته فهيم کي خاص طرح چئو ته امان الله ٻپڙ تي لکي. امان الله ته منهنجو يارجاني هو. جنهن سان سالن جا سال کلندي ۽ جدوجهد ڪندي گڏ گذارياسين. اُتر سنڌ جي ٺيٺ قبائلي ضلعي جيڪب آباد جي بلوچ سردارن جي راڄوڻي ڀاڪر ۾ورتل شهر ڪرمپور جي بازو مُهري ۾ ساٿي امان الله، چاچي مُنشي برڪت علي جي گهر ۾ جنم ورتو، منشي لوهان ٻپڙ هن جو مامو هو، قد ڪاٺ ۾ هو فاصل راهو سان گس ڪري هلندو هو، امان الله جون فلسفيانه ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون سڀ ساٿي پَلئه ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا. صبر، شڪر ۽ سادگي هُن جي مسڪين جهان خان کوسي جهڙي هئي، درگذر ۽ هميشه ڪين مان ڪجهه ڪرڻ ته هُن کان ڪو سکي، يارن دوستن جو هميشه ڪٽڪ ساڻ کنيو گهمندو وتندو هو، ڪتاب، علمي بحث، سنڌ، سياست، پاڪستان ۽ دنيا هن جا چونڊ موضوع هئا. اسان سڄيون راتين جون راتيون ويهي ڪتاب پڙهي ختم ڪري هڪٻئي کي سمجهائيندا هئاسون، انهي سفر ۾ غلام رسول گاجاڻي، حسن علي ٻپڙ، ڊاڪٽر سِڪندر مغل، پروفيسر منظور ڇڇڙو، انجنيئر ڪمار، سنتوش، ڪمل، ڀائو سريچند، عبدالقادر چاچڙ، سجاد بروهي، الاهي بخش ملڪ، مٺل شاهه، جيئل شاهه، غلام محمد نوناري، ستار سرڪي، سچانند، ستار نوناري، عزيز چنه، جاويد ڪلوڙ، حسن علي ٻپڙ، راجه ٻپڙ، گلاب ٻپڙ، جمال الدين باجڪاڻي، شبير قريشي، ڪامريڊ محمد بخش نوناري، محمد خان نوناري، نواز ڪنراڻي، جبار ڪنراڻي، اعجاز سومرو، شاهه محمد ٻپڙ، رفيق ٻپڙ، هئبت ڏاهاڻي، ماستر ... ڏاهاڻي، گل محمد نوناري، حمزو خان نوناري، غلام رسول گانجاڻي رزاق شاهه ۽ ٻيا گهڻا دوست گڏ هئا.
ناشتو: پٽاٽا،ٽماٽو Ketchup ۽ چانهه . مانجهاندو: انگلش ڪوڪي، چانهه ۽ ڪافي ڪيڪ. رات: سلات، مرغي فراءِ سادي ، فرينچ ڪيڪ، مڪس سبزي ۽ کُنڀيون
***
27.10.2005
Julie and Jeft House, Philly, USA
نه مين دانم چون، دم ديدار مي رقصم!
يعني؛ مونکي معلوم ناهي ته توکي ڏسڻ شرط مان رقص ڪرڻ ڇوٿو لڳان؟
دلان تير بجا دشمن تئه، معنيٰ: دُشمن جي دل تي تير هڻي ڪڍ
تون اسان جي ڀيڻ آهين، تون اسانجي ساهيڙي آهين ٻيو ڪوبه تو جهڙو نه آهي. (بينظير ڀٽو لاءِ گيت لکيل)
(گيت ڪمپوزر ظهور خان زيدي، لکندڙ گمنام)
تيري اميري مال مست
تيري غريبي حال مست
(اقبال)
حضرت انسان ٻين سان سدا بحثا بحثي واري جَخ ۾ رهندو آهي، هِي نه ٿيو ! هُو نه ٿيو! هِئين ٿيڻ گهرجي ها؟! هُئين ٿيڻ نه گهرجي ها! اوهان ڪجهه نه ٿا ڪريو! توهان منجهه ٿوم ئي ڪونهي! جُملي صلاحيتن جي کوٽ آهي. اهڙا گهڻا سارا سوال کڻي انسان يارن دوستن عزيزن ۽ اجنبين جي کوٽ واڌ بابت آڏا اُبتا سوال ڪندو رهيوآهي.ليڪن وڏي مزي جي ڳالهه اها آهي ته انسان پنهنجي عمل، قول وفعل بابت گهٽ سوچيندو آهي باقي پاڻ کي سهانن خوابن ۽ ريشمي تندن سان اُڻيل ڪوريئڙي واري ڄار ۾ ڏينهن ۾ هزار بار غوطا کائيندو رهيٿو. اها ڪيفيت وجدان Ecstasyواري ليکجي ٿي. گهڻو گهڻو تمام گهڻو اڳ سن عيسوي کان به اڳ ائين قبل مسيح جي دور ۾ چوراهن تي ڪي مست ملنگ منهن مونن ۾ هَڻي سوچ جي سمنڊ مان دنيا جي لوڪ خاطر فڪر جانوان نوان رنگين ۽ حسين خيال کڻي ايندا هئا ته سڄي لوڪ مٿان هڪ قذاب جو قبضو ڇو؟ ڇونه سڀئي ماڻهون پنهنجا پنهنجا موتين جهڙا خيال آزادي سان پيش ڪري سگهن ؟ هي هڪ ماڻهو جو خيال ممڪن آهي اسان سڀني کي اونداهي کوه ۾ ڪيرائي وجهي؟ گڏيل ۽ برابري وارو سرشتو ڇو نه قائم ڪجي!!!!؟؟!! اهڙا ۽ ٻيا هزارين طرحين طرحين جا انيڪ سوچ کي آبياري ڏيندڙ فڪر انگيز خيال ملوڪ ماڻهن فڪر جي مهاڀاري جنگ جي ميدان ۾ ڇڏيا جيڪي خيال ۽ فڪر مُدي خارج پراڻي سوچ سان وڙهڻ لڳا، ائين هڪ وڏي ڀڃ ڊاهه ٿي. ائين انسان جو خيال سرحدون ٽپي سڄي يونان ۽ روم تائين ڦهلجڻ لڳا، پوءِ ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيا.
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها
ته آزاد هوا ڇا ٿيندي آهي!
(اياز)
***
28.10.2005
Philly, USA
هيستائين فقط اهي معمولي ڳالهيون ڪيون اٿم
جيڪي تنهنجي ناقص سمجهه ۾ اچي سگهن ٿيون،
سڄي زندگي ان حسرت ماريو اٿم
ته ڪاش اهڙو ڪو هجي
منهنجي سڄي جي سڄي ڳالهه سمجهي سگهي
(مولانا رومي)
آمريڪا جي ڳڻتي ۽ سنڌ جي ضرورت
يونان جي ڏاهي،سقراط زهر جو پيالو پيتو ليڪن سچ جي بالا دستي لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو. سنڌ به سقراط گهري ٿي. جيڪي نه رڳو سنڌ بلڪ سڄي عالم لاءِ سوچين ۽ لوچين، ڇوته سنڌ جي شادابي ۽ خوشحالي لاءِ سنڌين کي نه رڳو سنڌ واري محاذ تي بلڪ دنيا جي هر ڇيڙي تي اها جنگ اقتصادي، علمي، سماجي، ادبي ۽ ٻين مورچن تي وڙهڻي پوندي. جهڙي طرح چيني،آمريڪا ۽ دنيا جي هر ملڪ ۾ رهيل آهن بلڪ اڄڪلهه ته آمريڪا ڏاڍي فڪر ۾ وڪوڙيل آهي ته هرچيني جيڪي اوهان کي آمريڪا جي 50 اسٽيٽ مان هر ننڍي شهر يا وڏي شهر ۾ ملندا، بلڪ چيني ڪميونٽي شهرن اندر پنهنجون ڪالونيون قائم ڪري وڏي پئماني تي واپار ڪن ٿا . سندن پنهنجون اخبارون ۽ ريڊيو چيئنل ۽ T.V به قائم ڪري ورتا اٿن . چيني اوهان کي آمريڪا اندر هر فيلڊ ۾ ملندا . نيويارڪ ٽائيم جي تازي اسٽڊي رپورٽ پڙهيم لکيائين ته چيني ۽ جپاني اهي قومون آهن جيڪي سدا پنهنجي ڪِرت سان جُنبيل رهن ٿيون. يعني ڪم سان ڪم ايتري تائين جو اسڪولي شاگرد به پنهنجي پڙهائي ۾ مشغول رهن ٿا نتيجي ۾ چيني ۽ جپاني ٻارن جا دوست بلڪل نه هئڻ برابر آهن، ڇوته ٽائيم ئي ڪونه ٿو ملي جو دوست ٺاهين، تنهنڪري محنت سان انهن قومن ايشيا ۾ هوندي علم، ادب ۽ خاص طور سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري محاذ تي فخريه انداز سان دنيا سان ڪلهي گس ڪري هلن ٿيون بلڪ آمريڪا سياسي محاذ تي جيڪڏهن مستقبل لاءِ ڊنل آهي ته اهو چائناکان ڊنل آهي. بلڪ چائنا ڪنهن ساڻ سياسي ويڙهه ۾ پوڻ لاءِ تيار نه آهي ڇوته هو پنهنجي سائنسي، علمي ۽ اقتصادي محاذن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ جُنبيل آهي. البته هُن جي نگاه دنيا جي اڇي ڪاري تي آهي. ڇوته چائنا جي سياسي ۽ ثقافتي انقلاب جي اڳواڻ چيئرمين مائوزيتنگ جا مليل سبق پوئلڳن وساريا ڪونه آهن. ڊگهي ورن وڪڙن واري لانگ مارچ ۽ ثقافتي انقلاب هُنن کي گهڻو ڪجهه سيکاريو آهي، جيڪي جدوجهد ۾ اٽل ويساه رکن ٿا.
مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چِڪندڙ ا اچن
کڙيون کيهه ڀڪليون، پگهر سر پيرن
اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا،
(شاه)
سو جڏهن هت آمريڪي زندگي جو عروج ڏسجيٿو، ته سنڌ ۽ پاڪستان جي تعليمي سرشتي ۽ سماج بابت سوچيان ٿو، ته ڪهڙي ريت سان اُها سَر بلندي اسان جو ماڻهو حاصل ڪري سگهندو جيڪا يونان جي ڏاهن هر انسان جو بنيادي حق ڄاڻايوآهي. بلڪ آمريڪي جمهوريت جي اَبي ابراهيم لنڪن به اهو چيو هو ته Democracy for the People by the people and for the people سو اهو آزادي ۽ برابري، معاشي، سياسي ۽ سماجي حق سنڌ سميت دنيا جي سڀني گورن ۽ ڪارن انسانن جو حق آهي. شال سنڌ ۽ پاڪستان اهو عروج، مان ۽ مرتبو ماڻي. شاهه لطيف جي اها دعا دنيا جي انسانن جو علامتي آئين جو بنيادي نقطو آهي.
سائين م سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺادلدار، عالم سڀ آباد ڪرين
(شاه)
***
29.10.2005
Juli & Jeff Home, Philly, USA
هنج سدائين ڏٻرا، پکي ٻيا مچن
ماريءَ سندو من ۾ ورهن ويچارن
ڪنبن ۽ ڪڍن پتون جي پاتار جي
(شاه)
ڪونج جو قطار مان ڇڄي وڃڻ!
نار جي ڍڳي جيان اڄ به گُهمندي ڦرندي ڏينهن گذريو ڪالهه نيپالي دوست ائڊووڪيٽ دير گاراج سان گڏLunch ڪيم همراه سيڙ هجي ملڻ آيو هو، گپ شپ ڪندي همراه پڇيو ته، ! ڇا تون تعليم حاصل ڪرڻ بعد آمريڪا ۾ رهندين يا سنڌ واپس ويندين؟ مون پڇا ڪئي مانس ته زندگي جو ڇا صرف اهو مقصد آهي ته ماڻهو سٺو کائي سٺو چوڙي؟! همراه اڀ ڏاريندڙ شوڪارا ڀريندي چيو ته مونکي ڄاڻ آهي. ڇاڪيان هت رهڻو آهي جيئن ڪجهه پئسه ڪمائي پوين جي زندگي سُکي بڻايان ليڪن وطن ۽ پنهنجي ماڻهن کان دوري به هڪ وڏو عذاب آهي. مون چيو! ڀلو ميان ڀلو!! واقعي سچ ٿو چئين انسان نظارن ۾ ته ڪونه جيئندوآهي! ڌن لاءِ ته زندگي ڪين ڳاريندوآ!! ڏس هت جيڪي نوجوان مونسان مليا آهن سڀني کي وطن کان دوري جو ڏک گهڻو پهتل آهي. ائين ڪڻڪندا پيا وتن جيئن ڪونج قطار مان ڇڄي ڌار ٿي ويندي آهي.
واقف نه وڻڪار جي باري سُڄن بَرَ
ور، وسيلا! سُپرين! ٿڪيس ڏوري ٿر
لهج لعل! لطيف چئي، ڪانڌا مئي جي ڪَر
ولهي ڪري، ور ! مڇڻ مارڳ ڇڏيائن
(شاه)
وطن کان دوري جو ڏک ان وڻجاري کان پڇو جيڪو ڏيهه کان پر ڏيهه ويل آهي. هِتي جي انٽرنيشنل IELPپروگرام جي 11 مهينن دوران اٽلي، جرمني ،فرانس ،تائيوان، گهانا ،مالي ، انڊونيشيا،سعودي عرب،عراق، اردن ،مصر ،جپان،چائنا،ويٽنام، سائوٿ ڪوريا،ايسٽونيا، برازيل، الجيريا ،دُبئي ، انڊيا، پاڪستان ،ازبڪستان ۽ روس جي مختلف رياستن مڊل ايسٽ، لاطيني آمريڪا جي گهڻن ملڪن ۽ آفريڪي کنڊ جي ننڍن ملڪن کان ڪارن،گورا ۽ پلين شاگردن سان مختلف ڪلاسن ۾ ويجهڙائي ٿي،جنهن دوران پنهنجي اها ڪوشش رهي ته پنهنجي وطن جو بهتر سفير ٿي انهن سڀني کان ڪجهه حاصل ڪجي،سکجي ۽ ممڪن حد تائين پنهنجي ملڪ ۽ وطن جي قديم آثار موهن جي دڙي جي تهذيب سميت ٻين پهلوئن کان واقف ڪجي، ڇوته انٽرنيشنل ڪلاس هئڻ سبب مختلف موقعن تي ڪلچر، ثقافت ۽ انساني آزادي سان واڳيل مسئلن تي ڪڏهن جزوي ته ڪڏهن تفصيلي گفتگو ٿيندوهو. انهي عرصي دوران مون محسوس ڪيو ته نوجوان ڪنهن نه ڪنهن طرح وطن کان دوري جو درد ڀوڳي رهيا آهن، ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آمريڪي ڪلچر جي هوشربا زندگي سبب ته ڪي ڊالر جي ڇڪ سبب پاڻ کي آمريڪي معاشري جو پُرزو بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، انهن مان گهڻائي غيرقانوني طور ڊگهو عرصو لڪي ڇپي رهن ٿا ۽ پنهنجي حيثيت ۽ صلاحيت کان گهٽ درجي جو پورهيو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. ڪجهه ڊالر مائٽن ڏانهن ملڪ موڪلين ٿا. ليڪن مسلسل نفسياتي دٻاءَ ۾ رهن ٿا، جنهن سبب ڪڏهن به مطمئن نه ٿا رهن، حتيٰ ڪه جيڪي 25 يا 30 سالن کان هت رهن ٿا تنجو نظريو به اهو آهي ته پئسه ڪمائي هڪ ڏينهن واپس وطن وڃبو. سُنيل ڪمار(انڊيا) جو منهنجو گهاٽو دوست آهي، جنهن سان شعوري طور مون رابطا ڪيا، اسين روزانو گهڻو وقت گڏجي گذاريندا هئاسين، ڳالهين ڳالهين ۾ مون هن کان گهڻا سوال ڪندوهئس، جيئن معلومات ملي، هن ٻڌايو ته 28 سال اڳ هو هتي آيو ته “مون صرف اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي هئي، انگريزي بنهه نه ايندي هئي هفتي جا 7 ڏينهن ڪم ڪندا هئاسين، اڳتي هلي مونکي شهريت ملي، منهنجو سالو اڳي ئي هتي رهندو هو. پوءِ مونکي ڪيبن وٺي ڏنائين. جنهن مان گهر،ڪار ۽ سڀ ڪجهه ٺاهيو، ٽن سالن بعد گهر واري کي گهرايو، جنهن مان ٻه ٻار به آهن، ڌي جي شادي ٿي چڪي آهي، پٽ يونيورسٽي ۾ پڙهي پيو گهڻو پئسو جوڙيوآهي، اڄ تائين گهر ۾ هندستاني کاڌو کائون ٿا. رسمون ۽ مذهب ساڳيو آهي. روح اڄ به هندستان ۾ آهي. سو ايندڙ پنجن سالن ۾ سڀ ملڪيت وڪڻي وطن واپس ويندس”. مونکي هن جي ۽ انٽرنيشنل شاگردن جي ڪچهرين مان جوڳو اندازو ٿيو ته آمريڪا جي هوشربا زندگي جيڪا دنيا جي سڀني ماڻهن لاءِ ڇڪ جو سبب ۽ بي پناه ڪشش جو باعث بڻجي ٿي، انهيءَ مان به هڪ ڏينهن ماڻهو بيزار ٿيو وڃي.
مارن منجهه مُياس
نه ته ماڙين ماريس ڪينڪي
(شاهه)
اڄ Chestnot Hill ويم جتي ڊگها چهچ ساوا وڻ ۽ تمام وڏا ٻه جهونا چرچ آهن جيڪي آمريڪي نالن پٺيان آهن. هنن همراهن جي ذهني بلندي کي ساراهڻ بنا نٿو رهي سگهجي. صديون اڳ به هنن وٽ اها رٿيل سوچ هوندي هئي، ته سوين هزارين سال بعد انسان لاءِ هي عمارت ڪيتري ڪارگر هوندي. Chestnot Hillويندي مون ڊگهي واڪ ڪندو هئم جيڪا 3 يا 4 چار ميلن جي مسافت ٿيندي. رستي ۾ وڏا ويڪرا ساوا ميدان ۽ ڊگها ڊگها وڻ، جهونا چرچ ۽ اوائلي عمارتون قديم (Classical) نظارا ڏاڍا دلپذير محسوس ٿيندا هئا. ڇنڇر يا آچر جي ڏينهن جو استعمال ڪارائتو بڻائيندو هئم جو اهڙا سدا بهار علائقا گهمندو هئس.
***
30.10.2005
Philadelphia PA,USA
”مندر جي ڪنڊ ۾ ڇو ٿو گهنٽيون وڄائين جي خدا ڳولڻو اٿئي ته وڃي اُتي ڳول جتي پورهيت پٿر ٿو ڪُٽي“ (ٽئگور)
سنڌڙي تي سِر ڪيرمَ ڏيندو... سهندو ڪير ميار او يار! (اياز)
آمريڪي ادارا مُستقل مسلسل محنت ڪن ٿا!
صبح جو دير سان اٿڻ ٿيو، اڄ ڇنڇر ڏهاڙو آهي. ذهن ۽ جسم جي ٿَڪ کي ڪجهه ڍَر ڏيڻ چاهيان ٿو ڇو ته مسلسل محنت سبب آمريڪي پروفيسرن ذري گهٽ پاڳل ڪري ڇڏيو آهي، مسلسل ڏينهن رات پڙهڻ، لکڻ ۽ بحث مباحثي ذهن ۽ جسم کي ڇِيتون ڇِيتون ڪري ڇڏيو آهي. اسين جيڪي ٻه ٽي ڪلاڪ ڪم ڪري اهو چوندي نه ٿڪندا آهيون ته ڪم ڪري ٿڪي پيا آهيون جيڪا ٿورو کٽيو ۽ گهڻي کاڌي واري ڪار آهي، ليڪن آمريڪا جي گهڻائي سخت محنت ڪش آهي، جيڪي ڪم کي فرض سمجهندي انهيءَ ۾ ڪابه غفلت نه ٿا ڪن. تنهنڪري هنن جي معاشي حالت مستحڪم آهي. گهڻي ۽ لڳاتار محنت هنن جي مظبوط معاشيات ۽ استحڪام جي ضمانت آهي، کين هنن جا تعليمي ادارا به ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ لڳا تار گهربل پلاننگ ۽ جانفشاني سان ڪم ڪن ٿا. جنهن ڍانچي اندر اسين ڪم جو گهڻو دٻاءُ محسوس ڪريون ٿا، ڇو ته اسان جنهن سوسائٽي جا باشندا آهيون، اهي حوالي سسٽم ۾ چانهه جي ڪوپ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث مباحثي ۾ چٽ ڪري ڇڏيندا آهيون. آمريڪا ۾ اهو اصول آهي ته هر ماڻهو سڌو سنئون پنهنجي ڪم جي ڳالهه ڪندو. البته هنن جي شخصي زندگي ۾ گپ شپ، ميل ملاقات ۽ دعوتن جو به سلسلو آهي جيڪو به گهڻي ڀاڱي رٿيل هوندو آهي.
منجهند جو T.U ٽمپل يونيورسٽي ۾ ٽپال چيڪ ڪرڻ ۽ Writing Centre جي رٿيل ميٽنگ لاءِ ويم، Writing Centre ۾ اوجها، انڊين ڇوڪري ٽيوٽر ٿي آئي جنهن سان انگريزي گرامر جي بنيادي اصولن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، نهايت ننڍي عمر (20 سال) ۾ قابل ڇوڪري معلوم ٿئي پئي. ملاقات جو هڪ ڪلاڪ پوري ٿيڻ بعد هيٺ ڪمپيوٽر سيڪشن ۾ ٽپال چيڪ ڪيم. ڪاوش ۽ عبرت اخبار پڙهيم. ڇرڪ نڪري ويو. ٻوليءَ جي مسئلي تي اخبارون ڀريون پيون، عبرت ۾ اعجاز منگي ٺاهوڪي انداز ۾ سنڌ دشمن گروه جي قلعي لاٿي آهي، هو لکي پيو ته ”سنڌ دوستي انهيءَ گروه جي ٻوليءَ بابت انهن جي رويي مان پڌري پٽ آهي، 5 هزار ساله قديم تاريخي ٻوليءَ خلاف جيڪي سازش ۾ رُڌل آهن.“ اهو گروه جنهن جون سازشون سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف ريشمي غلاف ۾ سالن کان جاري آهن.
مُنهن ڏيئي ٻَن، وهه کائي نه مرين! (شاهه)
***
23.10.2005
TU, PA, USA
هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ،
وجهن تان نه فرق، رڪ وهندي راند ۾
(شاه)
فلاڊيلفيا USA
مون ٽمپل يونيورسٽي جي Writing Centre لکڻ جي مشق لاءِ ويس. جتي هڪ ڪلاڪ گذارڻ بعد هيٺ لئبريري ۾ ميل چڪاسڻ بعد گوگل وسيلي سنڌي اخبار کولي ته تازيون تازيون خبرون پڙهڻ لاءِ مليون، ٻولي جي مسئلي وري ڪَر کنيو آهي. اڄ سنڌ سڄي اٿي کڙي ٿي آهي، ٻولي انسان جي پهرين دانهن آهي، جيڪا تند انساني جند سان جڙيل آهي. اڄڪلهه ذهني تنتي سرشتي (Neurology) جي ماهرن جي راءِ آهي ته انسان جي جياپي جو محور ذهني تنتي سرشتوانسان جي ذهن ۽بدن جو اهم حصو آهي جنهنجو بدن جي ڪُل جُزن ۽ڦهليل رڳن جي ڄار سان گهرو رشتو آهي. سو انساني گهرجون، امنگون، آدرش آرزو، خيال، خواب، اڌما، اَرمان، خوشيون ۽ سڀ شاد مانيون سوچ سان ٻڌل آهن. سوچ ٻوليءَ سان جڙيل آهي. سو اهڙي بنيادي حساس ۽ نازڪ مسئلي تي ڪوبه سمجهوتو (Compromise) هرگز نٿو ڪري سگهجي. ڪڏهن ڪڏهن حساس ننڍا معاملا ڪو وڏو ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيندا آهن. مون کي مولانا رومي ياد اچي پيو. چئي ٿو ته.
ڪڏهن ڪڏهين ائين به ٿيندو آهي.
جو ماڻهوءَ جي اندر مان
ڪو اهڙو خيال سرجي پوندو آهي،
جيڪو سوين جهانن کي،
زير زير ڪري ڇڏيندو آهي.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ٻوليءَ خلاف سازش سٽي پئي وئي ته سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويئي، آمريت واري دور هوندي، سنڌ جي ٻار توڙي ٻُڍي ون يونٽ خلاف آواز بلند ڪيو.ادب، ٻولي ۽ ڄاڻ جا فڪري دستا ڏاهپ ڀريل بڪتر بند دستن جيان پنهنجو تاريخي ڪردار نڀائڻ لاءِ سڀني فرقن ۽ اختلافن کان بالاتر ٿي، عظيم ٻڌي ۽ ايڪتا جو مظاهرو ڪندي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ويڙهه ۾ سڀ کان اڳڀرو هئا، پوءِ سڀني ڏٺو ته ڪهاڻي، شعر، نظم، دوها ۽ غزل وڄ جيان وراڪاڪري دشمن مٿان وارو وار وسڻ لڳا،
جيئي سنڌ، منهنجي جيجل سنڌ.... (گدائي)
اڄ وري هڪ اهڙِ ي عظيم فڪري اڳواڻي ۽ انقلابي جذبي جي سنڌ کي ضرورت آهي. جيڪو سنڌ کي نشاط ثانيه طور اڳتي وٺي وڃي.
خاص ڳالهيون:
(1) 01 سيپٽمبر بعد 5 ڏينهن جي بريڪ آهي، اڄ پهريون ڏينهن آهي. (2) Writing Centre ۾ لکڻ جي مشق واسطي هڪ ڪلاڪ Ojaa ڇوڪري Tutor طور مدد ڪئي. (3) Victor Gil ۽ ساڪر (هي دوست Sheri ۽ John واري گهر ۾ گڏ رهيو) نيپالي فون ڪئي.
صاحبڏنا دل جي جنکي ساري
ايندم سي ئي شال اوتاري
صورت جو سردار، سهڻا سڄڻ اچ،
پاڻ سڃاڻي...!
***
24.10.2005
215,E, Gorgas Lane Philadelpia, PA,USA
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي سو لهي،
مَنَ اندرِ مَههُ پاءِ، توئي اندر سُپرين
(قاضي قادن)
هندستاني شاگرد دوست سان رهاڻ
هندستاني ساٿي (Speaking Partner of IELP,Temple University) ڪَرن سان 2 بجه ميٽنگ رٿيل هئي، ريل Train ذريعي يونيورسٽي ويم. ٽمپل يونيورسٽي، سِپل ٽاور وٽ ملياسين. بعد ۾ ڪافي ورتي سون آمريڪي زندگي، هندستان ۽ پاڪستان جي روين تي گفتگو ٿي. (ڪَرن) همراه جو چوڻ آهي ته آمريڪي تعليمي ادارن ۾ سٺن استادن جي سخت کوٽ آهي. جنهن ڳالهه سان مون به هڪ حد تائين سهمت ٿيس. ڇو ته هت Teaching ۾ آمريڪي ماڻهن لاءِ وڌيڪ Charm ڪونه آهي، ٻيو هن جو چوڻ هو ته “گانڌي ۽ جناح جو جدا ٿيڻ وارو فيصلو صحيح ڪونه هو گانڌي پوڙهو ٿي چڪو هو کين ها ڪيائين. اڄ به 26 ڪروڙ مسلمان انڊيا ۾ آهن جيڪي خوش گذاري رهيا آهن. ورهاست جي نتيجي ۾ 3 جنگيون تحفي ۾ مليون آهن.” بهرحال نوجوان هوندي Mature سوچ رکي ٿو. هي ٽمپل يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ڪري رهيو آهي، هو واپس هندستان وڃڻ جو ارادو نٿو رکي. مون کيس انگلش ڪورس جي استاد جان پيل سان ڪچهري جي هدايت ڪئي، بعد ۾ منهنجي John Pell سان 207 ڪمري ۾ ڊگهي اڪيڊمڪ ميٽنگ ٿي. هي ڏاڍو ملنسار ۽ مددگا ر قسم جو ماڻهو آهي. رات جو گهر طوفان ۽ برسات ۾ واپس وريم. اڳڪٿي آهي ته سڀاڻي ٿڌ وڌيڪ ٿيندي، اڄڪلهه فلاڊيلفيا ۾ ٿڌ زور جي آهي، ٿڌ جو وڌڻ به ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي Depress ڪري ڇڏيندو آهي. Home Sickness ته سدا رهي ٿي جنهن سان مختلف طريقن سان منهن ڏيندو آهيان، انهي جو علاج مصروف رهڻ ۾ ڳولهي ورتو آهي، ترڻ ،سائيڪلنگ، لئبريري، ميوزڪ ۽ هر قسم جي يونيورسٽي توڙي شهر۾ ٿيندڙ فنڪشن ۾ بغير ناغي جي شرڪت ڪندو آهيان. هندستاني نوجوان ڪرن IELP جي ڊائريڪٽر طرفان انگريزي ڳالهائڻ لاءِ ساٿي طور مليل دوست آهي، جيڪو پنهنجي روين ۾ ڏاڍو مهربان ۽ ڀلوڙ جوان آهي، مون هت آمريڪا ۾ نئون آيل آهيان، تنهنڪري عام توڙي خاص مسئلن بابت روبرو، فون يا اي ميل ذريعي منهنجي رهنمائي ڪندو رهندو آهي.
خاص ڳالهيون:
(1) ڄامشورو بيگم نازو، اياز، ڏاڏا ۽ ماجد سان فون رستي گفتگو ٿي. (2) مٺڙي امان سان شفيق جي شادي بابت ڳالهه ٿي.
ناشتو: 11:25 am تي اٿڻ ٿيو سو ناشتو ۽ مانجهاندو گڏيل طور ڪيم. (مفل،انگلش، شربت، چانهه ۽ بسڪوٽ) رات جي ماني: فرينچ ڀت،ٽماٽا، انگريزي، ساوامٽر، چانور، بادام وغيره)
سکن واري سڌ، متان مون سين ڪرين
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
(شاهه)
***
19.11.2005
Jeff & Julie House 2:20 PM, PA,USA
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، طمع ڇڏ تمام
گولا جي گولن جا، تن جو ٿي غلام،
صبر جي شمشير سان، ڪر ڪيني کي قتلام،
ته نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾.
(شاه)
“۽ چانڊوڪيءَ کي ننڊ وٺي ويئي؟
Good Morning
اڄ ڊگهي آرام بعد 12 بجه اٿڻ ٿيو، ڏندڻ ۽ تڙ ڪري هيٺ ڪچن ۾ ناشتي لاءِ آيم، Good Morning جيف کي چيم. تنهن ڪلاڪ ڏانهن نهاريندي چيو Good afternoon ڇوته ڏينهن جا 12:pm ٿي رهيا هئا.مون هن جي مثبت تنقيد جي کِلي آجيان ڪئي، موٽ ۾ هو به کليو. ناشتي بعد Long Walk ڪري St: Martin Church ويم. رستي ۾ امان ۽ بشيران سان ڳالهايم. بعد ۾ ڄامشوري عمران، ڏاڏا ۽ بيگم نازو سان گفتگوڪيم. ڪجهه تروتازه ٿيم، محبت سان گفتگو بدن ۾ ڄڻ بجليون ڀري ڇڏيندي آهي، ٻيو وري انگريزي ڳالهائڻ سان وات جو ذائقو عجيب ٿي ويندو آهي، تنهن لاءِ جڏهن فون وسيلي ئي پنهنجي مٺڙي امڙ جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي مون هميشه سرهائي ۽ خوشي محسوس ڪندو آهيان.
پوڄارا پُر ٿيا جي ماسو مليو...(شاه)
***
جڏهن سُتيون جي پٿر پير سنوان ڪري
تڏهن تنين کي ساٿ سُتي ئي ڇڏيو
(شاه)
23.11.2005
Philly, PA, USA
پُڇَن سي پَسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
ڏورينديُون ڏِسن، اڱڻ عجيبن جا
(شاه)
آمريڪي خانداني زندگي
منهنجي ڪوشش آهي ته روزنامچو يڪسوئي سان روزانه لکجي ليڪن Academic Work ۽ ذهني ٿڪاوٽ سبب لڳاتار لکڻ مشڪل ٿيو پوي. جيتوڻيڪ اهو انتهائي اهم آهي، ڇو ته هڪ آمريڪي خاندان سان گڏ رهڻ ڪري آمريڪي خاندان ۽ معاشرتي قدرن جو اڀياس روزمره جي زندگي مان چٽي طرح پسي سگهجي ٿو. ويجهو رهڻ ڪري گهڻين ڳالهين جو انڪشاف ٿئي ٿو. مثال طور اها هڪ (Myth) ڏند ڪٿا آهي ته آمريڪي خانداني زندگي تباهه ٿيل آهي. منهنجي مشاهدي تحت هنن وٽ هڪ خاندان جو تصور چٽي طرح موجود آهي، کين ٻارن جي پرگهور لهڻ انهن جي ذهني ۽ علمي اوسر لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، شادي غمي ۽ روزاني سماجي زندگي سان ملي جلي خانداني زندگي گذارڻ وارا هڙئي قدر هنن وٽ موجود آهن. (اها ٻئي ڳالهه آهي ته آمريڪي معاشري اندر انفراديت وارو تصور وڏي پئماني تي موجود آهي. هو انفرادي آزادي ۾ يقين رکن ٿا. تنهن سبب ڪو ڪنهنجي زندگي ۾ جهاتي پائڻ يا مداخلت ڪرڻ گناهه تصور ڪري ٿو. تنهن سبب خانداني زندگي تي ڪنهن قدر خاندان کي گهٽ اهميت ڏيڻ جا اثر ڏسي سگهجن ٿا.) البته مجموعي طرح هنن وٽ خانداني زندگي جو چٽو تصور موجود آهي ۽ کين پنهنجي وراثت تي ائين ئي فخر ڪن ٿا. جهڙِي طرح ايشا، آفريڪا لاطيني آمريڪا۽ ايشيا جي ٻين حصن جا ماڻهون پنهنجي خانداني بيهڪ ۽ روايتن جي پوئلڳي ڪن ٿا. ويجهڙ واري تاريخ ۾ موجوده آمريڪي صدر جارج بش (II) ۽ اڳوڻو آمريڪي صدر جارج بش اول ۽ ڪينيڊي خاندان (ياد رهي ته ڪينڊي آمريڪا جو جمهوريت پسند ۽ انسان دوست صدر رهيو آهي، جنهن سبب سامراج نواز فسطائي قوتن ۽ سامراج نواز مافيا طاقتن هُن کي ۽ سندن خاندان کي مارائي ڇڏيو آهي) ڊيگال، جمال ناصر، شهيد ڀٽو ۽ گانڌي خاندان اهڙين سازشن جو شڪار رهيا آهن. آمريڪي معاشري ۾ بُش، ڪينيڊي خاندان خانداني طور سياست ۾ مشهور رهيا آهن ۽ آمريڪي خاندان ۽ ذات جي نالي کي اهڙي ئي اهميت ڏيندا آهن جهڙي طرح هت اسين سنڌي ۽ بلوچ بنيادي اهميت ڏيندا آهيون. مون جڏهن پهرين فلاڊيلفيا شهر (جيڪو آمريڪا جو پراڻو (Capital City) آهي جي جينڪن ٽائون (Janken Town) پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي ته ٻئي صبح جو مون هيٺ روڊ ساڻ واڪ ڪئي ته مختلف گهرن تي جهنڊا جُدا جُدا رنگن ۽ قسمن جا ڏٺا ۽ پوءِ وري مختلف علائقن ۾ ويس ته حيراني جي حد نه رهي ته جرمن، انگلينڊ، فرانس، آفريڪا، چين، بيلجم، رنگون ۽ ٻين ملڪن جا جهنڊا گهرن تي لڳل ڏٺا ته Dinner Table تي جوليءَ کان پڇيو ته هي ڪهڙو رنگ آهي ته هوءَ وراڻي ڏني ته هتي آمريڪا ۾ جيڪو جتان آيو آهي انهي ملڪ جو نالو ڳنڍي پاڻ کي Africa-American، French-Amrican يا Irish-American وغيره سڏرائي ٿو، جيتوڻيڪ 60-50 سال گذري ويا آهن، اڄ به پاڻ کي ماضيءَ سان ڳنڍيو اچن. سو نيشلزم قدرتي آهي.
آمريڪي معاشرو گهڻ نسل ۽ گهڻ قومي گروهن سبب تمام گهڻي دٻاءَ جو شڪار آهي. هتي غربت ۽ افلاس چٽي طرح ڏسي سگهجي ٿو. سڀئي اسپيني،ترڪش،ميڪسيڪن،عربن،ايشين،يورپي ۽آفريڪي ڪارا ۽ ٻيا اميگرنٽ شهرن جي اردگرد (Suburb) علائقن ۾ ڪوئن جهڙن ٻرن جهڙن ننڍڙن گهرن ۾ رهن ٿا. سڄو ڏينهن گڏه وانگر ڪم ڪري ٻه ويلا ماني کائي گذارين ٿا باقي پئسا بچائي پويان وطن ۾ رهندڙ خاندان ڏانهن موڪلين ٿا. يا کين اُتي رهندي به (Average) سماجي زندگي گذراڻ جيترا ڏوڪڙ هُجن ٿا. هنن جي محنت جو حال اهو آهي ته سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين ڪم ڪندي گذارين ٿا. پٺيان هُنن جي ڏيهه ۾ هر ماڻهو وٽ اهو تصور موجود رهي ٿو ته همراه آمريڪا ۾ رهي موجون ماڻي رهيو آهي، ممڪن آهي ته هتي ڪم ڪندڙن ڪَن وٽ به اهو تصور هجي، البته هُنن جي زندگي جو نقشو ٻڌائي ٿو ته غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. (اصل آمريڪي گورن جي نسبت) ٻيو ته جيڪي اميگرنٽ ايشيا، لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان لڏ پلاڻ ڪري آمريڪا ۾ سيٽ ٿيا آهن، سي گورن آمريڪن جي ڀيٽ ۾ ٽئين گريڊ (Third Grade) يا چوٿين درجي (Fourth Grade) جي زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙي پختي ڄاڻ مون کي تڏهن ملي جڏهن هڪ جهوني انڊين Top Class جي واپاري ۽ ٻن پاڪستاني سفارتڪارن ۽ واپارين ساڻ ڪچهري جو وجهه مليو. مون لنڊن،اسڪاٽ لينڊ ۽ آمريڪا جون ويهه رياستون گهمڻ بعد انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته اها حقيقت آهي ته هت جي زندگي ۾ سڀ سهنج ۽ سهولتون آهن ۽ هت جا رهواسي مجموعي طور تي انهن سُکن کي Enjoy ڪري رهيا آهن.
ليڪن Middle East, Asian, African, Third World ملڪن جا ماڻهون آمريڪا ۾ Third Grade ٽئين درجي يا چوٿين درجي جا شهري ٿي رهن ٿا. ۽ روحاني طور خوش ڪين آهن البته معاشي مفادن ۽ بهتر زندگي واري تصوراتي زندگي گذارين ٿا. حقيقت ۾ هو سڀ حقيقي روحاني خوشين کان خالي آهن. پيارن پاڪستانين جي اڪثريت 80 سيڪڙو اهڙن علائقن ۾ رهي ٿي. اهو تجربو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن ٽمپل يونيورسٽي، فلاڊيلفيا IELP ۾ پڙهائيندڙ منهنجي استاد عورت Kathey Bell مون کي ڪنهن پاڪستاني ڪنول نالي شخص جو فون نمبرڏنو اوهان هن سان رابطو ڪريو ڀلوڙ مڙس آهي ممڪن آهي توهان کي ڪو حل ڳولي ڏي. هن وري ٽن مهينن جي ڊگهي مدت بعد وڪٽرگل نالي همراه جو حوالو ڏنو جنهن مهيني بعد فون تي رابطو ڪيو. هن جي گفتگو ڏاڍو تسلي بخش هُئي نيٺ هڪ ڏينهن Sherri ۽ John واري گهر (جيڪو فلاڊيلفيا شهر جو انتهائي مهانگو ۽ خوبصورت علائقو (Glenside Jenken-Town) جي نالي سان سڏجي ٿو.) رات جو آيو، ڪچهري ٿي. ڀلوڙ مڙس آهي. هت آمريڪا ۾ خاص طور Philadelphia جي ڪرسچن پاڪستاني ڪميونٽي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. 36 سالن کان هت آهي، جنهن ڪجهه همراهن سان ملايو ۽ خود هن جي گهر Olney twon ويم جتي جي حالت ڪراچي واري ڪلري (مڪراني ڪالوني) جهڙي آهي ۽ ڪلري جي حالت سنڌ جي ڪنهن به پسمانده ۽ غير ترقي يافته علائقي سان ڀيٽي سگهجي ٿي. جتي هر ڏوهه جو تصور به موجود رهي ٿو، ڇو ته هر ماڻهو غربت واري پاتال ۾ ڦاٿل آهي. جڏهن ماڻهن وٽ وسيلن جي کوٽ ۽ اڻ هوند ٿئي ٿي ته مروج اخلاقي ۽ قانوني قدرن کي اورانگهي پنهنجي زندگي جي حاصلات لاءِ ڪجهه نوان اخلاقي ۽ قانوني قدر جوڙِي ٿو. جنهنکي ڪو بغاوت جو نالو ڏئي ٿو ته ڪو غير قانوني قدر ڪوٺي ٿو، بهرحال گهڻا ته سڀ ليڪا لتاڙِي گناهن جي جهنگ ۾ ڪاهي پون ٿا، اهو سڀ اڻ هوند ۽ غربت جو ڪارنامو آهي. اسان جا انٿراپالاجسٽ علم انسانيات جا ماهر انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ماحول اندر جڏهن اقتصادي ۽ معاشرتي اڻ برابري وڌي ٿي ته ماڻهوءَ اندر بغاوت ئي شين، حالتن ۽ مروج لقائن کي ڊاهي انهيءَ جي جڳهه تي هڪ ٻيو نظام يا طريقه ڪار رائج ڪرڻ وارو تصور عملن جنم وٺي ٿو. سو آمريڪا ۾ Immigrants ٻاهريان اچي رهندڙن جي حالت به اهڙي آهي البت ڪجهه خاندان غربت جي لڪير پار ڪري سُک ۽ سَهنج واري زندگي گذارين ٿا، تنهنجي باوجود وطن کان ڏور رهڻ وارو ڪات ڪَرٽ وانگر سدا هنن جي ذهن ۽ ضمير کي ڪرٽيندو ۽ زخمي ڪندو رهي ٿو.
خاص ڳالهيون:
(1) شفيق ۽ امان ٺل مان ڳالهايو. سچ ته شفيق جي ڳالهائڻ سان مون کي وڏي تسلي ٿي. (2) لطيف جو خوبصورت خط مليو. (3) ڪراچي تاج بلوچ سان هندستان جي دوري بابت حوالن جي ڏي وٺ ٿي جنهن ڊسمبر واري سوجهري جا هڙئي حال ڏنا. (4)اڄ واشنگٽن مان جولي جو ماءُ پيءُTurky نالي پکيءَ سميت پهتا.
***
24.11.2005
Jeff and Julli House, Philadelphia, USA
هتان کڻي هت، جن رکيو سي رسيون،
ساجن سونهن سُر وکان ئي ويجهو گهڻو
کهي جا کنيائين، وک تنهن ويجهي ڪئي.
(شاه)
اصل آمريڪي ريڊ انڊين جو ڏينهن
اڄ هنن آمريڪين جو ڄڻڪ عيد جو ڏهاڙو هو جنهن جو باضابطه اعلان صدر بش پنهنجي تقرير ۾ ڪيو ۽ تَرڪي (Turky) پکي جو افتتاح ڪيو، هي پهريون موقعو هو جو اها ڳالهه نوٽيس ۾ آئي ته آمريڪي به چار ڏينهن موڪل انجواءِ ڪن ٿا. اربع يعني 24 نومبر تي ريڊ انڊين (جن لاءِ سائين عطا محمد ڀنڀرو چئي ٿو ته ريسرچ ٻُڌائي ٿي ته ريڊ انڊين اصل ۾ سنڌي آهن) جي ياد ۾ ڏينهن ملهائن ٿا، جن جي شڪريه ادائي ڪن ٿا ۽ Native Bird ترڪي جو طعام تيار ڪن ٿا. هي هنن جو روائتي ڏينهن آهي يعني سڄو خاندان گڏجي ماني کائي ٿو خوشيون ملهائن ٿا ۽ کاڌي کان اڳ ريڊ انڊين جي شڪريه ادائي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ دعا گهرن ٿا، سندن صبح جو مک شهرن ۾ پريڊ به ٿئي ٿي. آمريڪا کنڊ ڪولمبس ڳولي لڌو، انهيءَ وقت (Red Indian) ريڊ انڊين ڳاڙهي ٽامي جهڙي رنگ وارا رهواسي ٿورڙي تعداد ۾ اُتي جا رهواسي هئا، بعد ۾ يورپ، انگلينڊ، آفريڪا، لاطيني آمريڪا کان ڳچ گروه ۽ ڪجهه ايشين اچي آباد ٿيا، جيڪي وڌي ڪروڙن ۾ بڻجي اصل رهواسين تي راڄ ڪرڻ لڳا، اڄ اصل رهواسي ريڊ انڊين عام ٿورڙي اقليت ۾ موجود آهن، جنهن جي ياد ۾ هي Symbol طور ڏهاڙو ملهائن ٿا. ۽ کين ايندڙ جمع کي Black Friday خريداري جو اهم ڏينهن ڪوٺين ٿا، يعني خريداري جو اهم ڏينهن مون به جمع تي شهر ۾ وڃي ڪلهي گس ڪئي. بازاران ۾ ماڻهن جا هشام هئا.
ٽرمينل مارڪيٽ جو وال مارٽ، مارڪيٽ ايسٽ ريلوي اسٽيشن ۽ ڪنوينشن سينٽر گهميس ڪمال جي بازار آهي. يعني هڪ ئي هنڌ اوهان پنهنجي ضرورت جو سڀ سامان وٺي سگهو ٿا. Wall Mart انساني تفريح ۽ اصل قديم بازارن جي ڪلاسيڪل حُسن ۽ مَقامن کي سخت ڇيهو رسايو آهي، ڇو ته Wall Mart اجگر جيڏا وڏا آهن جهڙوڪ هڪ ننڍو مضبوط شهر رٿابندي سان جُڙيل آهي جو هڪ دڪان تان بوٽ وٺو ته ڀرواري دڪان تان ٽاءِ سوٽ، ڪوٽ ڪپڙا حاصل ڪريو ته ٽئين دڪان تي اسٽيشنري ڪتاب موجود آهن ته چوٿين دڪان تي راندين ۽ تفريح جو سامان هَڪيو تَڪيو موجود آهي، اڃان ٿورو اڳتي هلو ته کاڌي پيتي جا هوٽل موجود آهن. ماڻهوءَ کي وال مارٽ اهڙو ته لوه ڪري ڇڏي ٿو جو وقت جي خبر ئي نٿي پوي. سڀ شيون هڪ هنڌان وٺيو ٿڪجيو پوي. مون به اڄ مارڪيٽ وارو وال مارٽ گهمي ڏٺو.
“هن ساڌو کان ٻڌو هو ته: هڪٻئي تي اعتبار لاءِ هڪ نهار ڪافي آهي.”
“جيڪڏهن ڪو مونکي اها پڪ اچي ڏئي ته سڀاڻي قيامت جو ڏينهن آهي ۽ مون کي يقين به اچي وڃي تڏهن به آءٌ اڄ گلاب جو ٻوٽو پوکڻ کان رهي نه سگهندس.”
(جرمن شاعر)
***
25.11.2005
Juli and Jeff Home, Philadel Phia, USA
“انهي ڏک جي پيڙا جي قيمت نه ٿا گهرون، عيوضي ۾ ڪنهن اجوري ۽ ڪوڙِي شهرت جي گهرج ناهي، نه ئي ڪئلينڊر جي تصوير بڻجڻو اٿئون، بس جي اسان کان پوءِ اچن، کين ايترو چئجو هڪ زندگي، هڪ مورت، هڪ ڪلچنا گهڙيندارهياسين روشني لاءِ اونداهي ۾ وڙهندا رهياسين.” (گمنام)
جهڙاآيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پَڌري.
(شاه)
آمريڪي سائنسدان مسٽرڊيوڊ سان ڪچهري
اڄ ڊنر ٽيبل تي جوليءَ جا ماءَ پيءَ موجود هئا. جولي جو پيءَ مسٽر ڊيوڊ آمريڪا جو Most Important سائنسدان آهي، جيڪو انساني نفسيات جو ماهر آهي. کين ڊگهو عرصو ويٽنام ۽ اتر ڪوريا ۾ آمريڪي فوج سان گڏ رهيو آهي، انهي دوران آمريڪي فوجين جو نفسياتي علاج سائنسي طريقي سان ڪندو رهيو آهي، کين ٽن ڪتابن جو خالق ۽ آمريڪا جي مشهور اخبارن New York Times ۽ Washington Post ۾ مسلسل لکندو رهيو آهي. مونکي گفتگو دوران هن ۾ سڀ کان بهتر ڳالهه اها نظر آئي ته هن ۾ سنجيده موضوعن تي گفتگو ڪندي مزاح جو پهلو ڏاڍي شانائتي نموني پيش ڪري سامعين کي محظوظ ڪري ڇڏيندو آهي. هُن چيو ته ويٽنام ۽ اتر ڪوريا جي جُنگاڻ واري حالت ۾ آمريڪي فوجين سان گڏ رهندي ڏاڍا دلچسپ تجربا ٿيا، هڪڙو ڪرنل صاحب آيو جنهن چيو ته مون کي ننڊ ڪونه ٿي اچي ۽ هلندي ڦرندي عجيب تصور ۽ خواب ڏسڻ ۾ اچن ٿا تنهنڪري ڪم يڪسوئي سان نٿو ڪري سگهان، ٻئي همراهه (آفيسر) ٻڌايو ته اسان جي برگيڊ جا گهڻا جوان حڪمن جي پوئواري نٿا ڪن، سو اهڙا عجيب نفسياتي لاڙا هوندا هئا، جن جو علاج اُتي ممڪن ڪونه هوندو هو، نتيجن اُهي همراهه جڏهن واپس وطن پهچندا هئا ته خوف جا پاڇا ختم ٿيڻ شرط تازا توانا ٿي ويندا هئا.
سهڻي زال ۽ ڪُتو!
جوليءَ جي ماءُ Ritta تمام سٺي آرٽسٽ آهي. جيڪي هتي Thanksgiving Day ملهائڻ لاءِ آيل آهي. مانيءَ جي ٽيبل تي ڏاڍي ڪارائتي گفتگو ٿي جيف ٻڌايو ته فلاڊيلفيا ۾ گذريل سال هڪ آمريڪي شاهوڪار جي فرينچ نسل جي ڪتي 25 ماڻهن کي ڏاڙهيو (چڪ هنيو) جيڪي سڀ ماڻهون اسپتال داخل ٿيا، جن جي آڪيوپنڪچر ۽ ٿراپي ۽ علاج جو سڄو خرچ شاهوڪار ڀريو جيڪو لڳ ڀڳ 40,000 ڊالر هيو، ٻيو تجربو ٻڌايائين ته آمريڪي ڪتن ۽ ٻلين سان ڏاڍو پيار ڪن ٿا، هڪ همراه جي ڪتي 10 ماڻهن کي مختلف وقت تي چڪ هنيا ليڪن پاڳل ڪتي کي نه ڇڏيائين چيائين ته اهو Hound نسل جو ڊگهو ۽ وڏو ڪتو آهي. دلچسپ ڳالهه اها ٻڌايائين ته هو همراه پنهنجي سهڻي زال ۽ ڪتي سان هڪجيترو پيار ڪندو هو. جڏهن هن جو ڪتو بيمار ٿيندو هو ته هو آفيس کان موڪل ڪري هن جي پرگهور لهندو هو پر جيڪڏهن زال بيمار ٿيندي هئي ته آفيس کان موڪل نه ڪندو هو، انهيءَ مان اهو ثابت ٿيو ته ڪتي لاءِ وڌيڪ حساس هو، وڌيڪ ٻڌايائين ته هي همراه اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندو هو گهڻو وقت ڪتن بابت گفتگو ڪندو هو. سڀني نسل جي ڪتن جو ذڪر آ ڱرين تي ڳڻي ٻڌائي وٺندو هو بهرڪيف هي آمريڪي اسان وارين عادتن ۽ اطوارن جي بنهه ابتڙ آهن، ڇو ته آمريڪي سوسائٽي جون ترجيحات مختلف آهن، آمريڪي معاشرو انفراديت Individualism تي زور ڏئي ٿو. کين ڪوبه فرد ڪهڙو به شوق رکي ته انهيءَ کي قانوني طور به ڪا جهل پل ڪونه آهي نه عام و خاص ماڻهو ڪنهن عمل کي برو سمجهندا. اهڙِي ريت هو انهي عمل کي انفرادي عمل سمجهي درگذر ڪري ڇڏيندا. ڪتن، ٻلين ۽ جانورن پالڻ جو شوق آمريڪي سماج ۾ عام آهي، ان کان سواءِ خدائي فوج (Volunteerism) جو تصور به عام آهي. بلڪ جيڪو فلاحي ڪمن ۾ حصو نٿو وٺي. انهيءَ کي بهتر انسان نه ٿا سمجهن. Volunteers رضاڪار ٿيڻ آمريڪا ۽ يورپ جا ماڻهون لازمي سمجهن ٿا، فلاحي ڪم ڪرڻ ۾ هو فخر محسوس ڪن ٿا، جهڙي ريت آمريڪي صدر عام ماڻهن سان ملي ڪم ڪرڻ ۾ ڪو حرج نٿو سمجهي بلڪ رٽائر ٿيڻ کان بعد گهڻا آمريڪي (President) صدر استاد ٿيڻ پسند ڪندا آهن. اهڙومثال ته برطانيه جي شاهي تخت سان واڳيل شهزادو هيري افغانستان ۾ عام فوج سان گڏجي محاذ تي جنگ لڙي ٿو ته هن جي ماءُ ليڊي ڊائنا آفريڪا جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪارن ماڻهن سان گڏ جي ڪم ڪري ٿي.
ايڏو جلدي اُجڙي وياسين
توکان شايد وسري وياسين
ڌار رهي مشتاق پرينءَ کان
واچوڙن جيان وکري وياسين.
(مشتاق ڦل)
***
26.11.2005
Philadelphia, USA
وڃي ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪونه لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار،
نائي نيڻ نهار،تو ۾ ٿيندو ديرو دوست جو.
(شاه)
سرڪاري اسڪول ۽ خالي دماغ
سڄو ڏهاڙو ڪمري ۾ رهي اسٽيڪ (Stack) جي لکيل ناول All of Kin جا سڀئي پويان باب پورا ڪيم انٿرو پالسجٽ اسٽيڪ جو تحقيقي ڪم آمريڪا ۾ رهندڙ ڪارن ماڻهن بابت آهي جيڪي ورجينا، آمريڪي رياست جي شهر جي ارد گرد (ڪوئن جهڙن گهرن) Flats ۾ رهن ٿا. جن وٽ زندگي جو مقصد ڪمائڻ، کائڻ ۽ سمهڻ آهي. Sex جي حوالي سان جيڪي ڇڙواڳ زندگي گذارين ٿا. اڪثريت Low-I.Q گهٽ درجي جي سمجهه رکندڙن جي آهي. تنهن سبب معاشي ۽ عملي طور هنن وٽ زندگي بابت ڪو بهتر تصور موجود نه آهي. گهڻو ڪري رياست طرفان AFDC جي امداد تي گذارو اٿن باقي جيڪا آبادي آهي برابري ۽ گڏپ واري تصور تحت زندگي جا ڏک سور هڪٻئي سان Share ڪن ٿا. جنهن سبب هُنن جي زندگي جو گاڏو گِڙِي ٿو.
شام جو مشهور Phenomenon فلم ڏٺم، ڏاڍي متاثر ڪندڙ Movie آهي، فلم بعد پاڻ کي تروتازه ۽ هلڪو ڦلڪو محسوس ڪريان ٿو. شايد هلڪي ڦلڪي تفريح به انسان کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڇڏي ٿي.
7 بجه ڊنر لاءِ هيٺ آيم، جولي مخصوص لهجي ۾ کيڪاريو Hey! Guys ڊاڪٽر پي مونسان گڏ هو. مون پليٽ کنئي ڪجهه کاڌو ورتم، Curry سادو ٻوڙ منهنجي پسند آهي، اڄ جيڪا ٽيبل تي موجود هئي. هونئن ته ٻن ڏينهن کان مسلسل Turkey Rich Food ۽ طرحين طرحين جا ولايتي مشروب ۽ مختلف Soft Drinks ۽ مشروب ٽيبل تي موجود هئا، شمپين به حاضر هئي، ڇو ته Thanksgiving day سبب هنن جي عيد هئي.جولي، جيف، ڪرسٽي، اِرڪ، پيءُ سميت سڀئي خوش هئا.جوليءَ سان همِيشه ڊنر ٽيبل تي ڊگهو گفتگو يا ڪلام ٿيندو هو. اڄ هن آمريڪي سرڪاري اسڪولن جي تباه ڪاري بابت ڳالهايو جتي خالي دماغ وارا استاد آهن. تنهنڪري هرڪو پنهنجي ٻار کي Private School ياHome School ۾ رکي ٿو. (هوم اسڪول ۾ هرڪو پنهنجا ٻار سرڪار جي منظوري سان پڙهائي ٿو. اڄڪلهه آمريڪا ۾ جيڪي عام آهن) آمريڪا ۾ نصاب جي حوالي سان نه صرف مختلف رياستن ۽ اسڪولن کي اختيار آهي ته هو ڪلاس ۾ ٻار جي گهرجن ۽ ذهني اوسر لاءِ ضروري اسمن کي سامهون رکي پنهنجي طرز جي نصاب جي روشني ۾ ڪتاب پڙهائين ته جيئن ٻار نفسياتي، روحاني ۽ عملي طور سماج لاءِ ڪارگر انسان بڻجي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڀڙ ٿي علمي ۽ عملي طور خاندان، معاشري ۽ انسان ذات لاءِ ڪي شاندار ڪارناما سرانجام ڏيئي سگهي. بلڪ نصاب ۽ ٽيڪسٽ بوڪ جي حوالي سان هڪ ئي اسڪول ۾ ساڳئي ڪلاس جا جيڪڏهن A,B,C,D ڀاڱا آهن ته انهن ۾ به استاد مجاز آهي ته هو ٻارن جي ذهني اوسر ۽ نشونما لاءِ مختلف ڪتاب پڙهائين ٿا، ٻيو ته Home School انهي ڪري هلائين ٿا ته گهڻن مذهبي ۽ ثقافتي گروهن کي خدشو آهي ته هنن جا عقيدا عام اسڪولن ۾ متاثر ٿيندا، تنهنڪري يهودي، عيسائي، ٻڌ، آمش ۽ ٻيون ڪميونيٽيز ٿورڙن شاگردن لاءِ Home School هلائين ٿيون. باقي تعليمي سرشتو جهڙي ريت اسان وٽ سرڪاري ۽ پرائيوٽ آهي، اتي به اهڙو آهي. البت سرڪاري اسڪولن جو تعليمي ڍانچو ۽ معيار پرائيوٽ جي ڀيٽ ۾ ڪمزور آهي. هن جو چوڻ آهي ته آمريڪي سرڪاري اسڪولن ۾ بدتر تعليم ۽ ماحول آهي. ٻيو جوليءَ جو چوڻ آهي ته Lunch گڏيل طور هڪ ٽيبل تي وٺڻ وارو تصور هاڻي ختم ٿيندو پيو وڃي، البته Dinnerگڏجي وٺڻ وارو به ماحول آمريڪا مان گهڻو ڪري الوداع ڪري چڪو آهي، وڌيڪ هُن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي ٻئي صورت ۾ زندگي جو گاڏو هلائڻ مشڪل آهي.
نوٽ: جولي (Jolly) جڏهن آمريڪا جي سرڪاري اسڪولن جي ڪريل معيار تي ڳالهائيندي چيو ته اُتي خالي دماغ استاد آهن، تنهن سبب سرندي وارا ماڻهون پنهنجي ٻارن کي پرائيوٽ اسڪول موڪلين ٿا، انهي گهڙي مون کي سنڌ ۽ پاڪستان جو منظرنامو تقريباً ساڳيو نظر آيو ته طبقاتي معاشرن (Class Society) جا افعال ساڳيا آهن.
خاص ڳالهيون:
ڄامشورو بيگم نازو ۽ ماجد سان احوال ٿيا.
ناشتو: چانهه، ڊبل روٽي، بوائل 2 انڊا. مانجهاندو: مٺا پٽاٽا، گوگڙو، گوبي، ڦڪا پٽاٽا، بوتل، بسڪوٽ ۽ چانهه. رات جي ماني: مڪئي، ٻير مٺا، چانور، مڪس ترڪي گوشت، ۽ سبزي، Curry۽ سالري چهري مکڻ سان
(سالري Salry هڪ قدرتي سائي بصر جهڙو ٻوٽو آهي جيڪو دل جي مرض لاءِ ڪارائتو آهي.)
***
11.09.2005
PhiladelPhia, USA
گل هڪ جاءِ تي بيٺو آ
پوپٽ پائي ٿو ڦيرا
(تنوير)
وليم سمٿ
دستور موجب يونيورسٽي وڃي ڪلاس ورتم، طبعيت ۾ ڳڙٻڙ (بخار) معلوم ٿئي پئي ٻه گوريون ورتم. شام جو ٺيڪ محسوس پئي ڪيمT.V کوليم ته وليم سمٿ جي فلم هلي پئي ته منهنجو ڌيان فلم ڏانهن گهلجي ويو، جنهن سبب طبيعت ۾ وڌيڪ تازگي محسوس ڪريان پيو، بهرحال ماڻهو ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ هوندو آهي، سو سڄي آمريڪي سفر ۾ مان به تولو ماسو واري ڪيفيت ۾ رهيو آهيان، اهو عمل وطن کان دوري، اڪيلائپ، ٻولي ۽ مقامي ماحول جو چَس نه هُئڻ ڪري ٿئي ٿو.
روز نئون سج روز نئون چنڊ
روز نوان تارا
روز نوان ۽ تازا نظارا
ڪالهوڪو سج ٻڏي ويو
ڪالهوڪو چنڊ لهي ويو
هي سج آهي اڄوڪو سج
چنڊ به آهي تازو نج
هي گل هيلوڪا آهن،
گل پروڪا ويا ڇَڻي
مند بهار جي آهي ليڪن
اها نه جا پرسال وڻي... (تنوير عباسي)
خاص ڳالهيون:
(1) فون وسيلي ڪرم پور، حسن علي ٻپڙ، سرور ۽ شبيرٻپڙ سان پياري ساٿي، اديب، سياسي، سماجي ورڪر، ڏاهي عالم ۽ اڪابر امان الله ٻپڙ لاءِ تعزيت ڪيم. (2) پليجي صاحب سان زرينه بلوچ جي تعزيت لاءِ فون ڪيم ڪراچي ويل هو فون تي ائڊووڪيٽ زاهده شيخ سان ڪچهري ٿي ۽ تعزيتي نياپو نوٽ ڪرايم. (3) ماسات نذير احمد سان ٺل ڳالهه ٻولهه ٿي.
ناشتو: ماکي، چڻا (آرگنڪ) ڪيڪ ۽ چانهه . مانجهاندو: چائنز پلاءَ ۽ ڪوڪا ڪولا. رات جي ماني: نو ڊو (سنئيون، مڪس ڀاڄيون ۽ گوشت، کٽو، سلات ۽ چانهه
***
11.12.2005
Juli House, Philadelphia, USA
سڄي رات سرگوشين ۾ سمهاري
صبح جو هلياسين ستارا سمهاري،
محبت جي ميلي ۾ ڪَل ئي نه پيئي،
ڪٿي يار آياسين، دلڙي ڌتاري.
(شمشيرالحيدري)
جوليءَ لاءِ گُلدستو
مون 13 مارچ 2005ع تي فلاڊ يلفيا آمريڪا پهتس، اچڻ کان اڳ ٽمپل يونيورسٽي جي ريزيڊنشل ڊائريڪٽر ڊينس سرج (Dennis Serge) کي email ذريعي گذارش ڪئي ته مون کي ڪنهن آمريڪن فئملي ساڻ گڏ Paying Guest طور رهائش گهرجي، ڇو ته مون آمريڪن انگلش خاندان سان گڏ رهي آمريڪن ڪلچر ثقافت، ٻولي جو اصلي اڀياس عام حالتن ۾ ٻوليءَ جو استعمال ردِ عمل طور ڪيئن ظاهر ڪن ٿا. گهريلو ۽ خانداني زندگي، زندگيءَ ڏانهن واهپو، گهر اندر عام حالتن ۾ مختلف شين ۽ اوزارن ۾ وقت ۽ زندگي جو چرخو ڪيئن آهي، اهي ڳالهيون مد نظر رکي مون Home Stay اختيار ڪئي. ڊِينس سَرج پهرين فئملي فلاڊيلفياجي ڏاکڻي حصي ۾ جان ۽ شيري جي فئملي سان 6 مهينا رهائش جو معاهدو ڪيو ۽ مون اُتي رهائش اختيار ڪئي هئي، جيڪو شاندار قسم جو تجربو رهيو آهي. بعد ۾ مون ڊيسن سرج کي چيو ته مون هاڻ ٻئي آمريڪي فئملي سان گڏ رهي مختلف تجربا حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو، سو مون جوليءَ ۽ جيف جي خاندان سان Gorgas Lane علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. جولي يونيورسٽي ۾ آرٽ جي ٽيچر آهي ۽ هن جو مڙس جيف سٽي بئنڪ ۾ ايگزيٽو آفيسر آهي، هنن کي ٽي ٻار آهن، جن جا نالا ارڪ، ڪرسٽن ۽ صوفي آهن.
اڄ آچر جو ڏينهن هو، اصولي طور موڪل جو ڏينهن آهي، ليڪن سٽي بئنڪ جيف کي موڪل واري ڏهاڙي ڪم لاءِ گهرايو ته بئنڪ انتظاميه محسوس ڪيو ته جيف جي فئملي پنهنجي مقرر پروگرام ۾ مايوس ٿي هوندي، تنهن سبب هُنن پنهنجي خاص نمائندي هٿان تمام وڏو گلدستو، منجهند جي ماني پيڪ ٿيل ۽ شڪريي جو خط هن جي خاندان کي ڏياري موڪليو. جيڪا روايت مون کي ڏاڍي سٺي محسوس ٿي. اُوڀر جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ اولهه جي تهذيب جون اهي ننڍڙيون پر شاندار روايتون هُنن جي خوشين ۾ اضافي جو باعث آهن.
***
18-12-2005
Julie and Jeff House Phily , PA,USA
جوليءَ جي درخواست
ناشتو ۽ مانجهاندو گڏيل طور ڪيم ڇوته ننڊ مان 11 وڳي جي فون ڌُنڌاڙي اٿاريو رات دير تائين ڪمري تبديل ڪرڻ سبب سامان جي سيٽنگ ۾ ٽائيم لڳو (Andrew) جي موڪل تي وڃڻ سبب Julie مونکي درخواست ڪئي ته Christmis جي موقعي تي واشنگٽن مان منهنجا والدين ۽ انڊونيشيا مان ڀاءَ ڪٽنب سميت اچي پيو، سو ساڳئي فلور تي ڪمرو هجي ته گڏجي ڪچهري ڪنداسين. مون به سوچيو ته هونئن به جنوري جي پهرين هفتي ۾ Macomb (Western illinios University) يونيورسٽي وڃڻو آهي. سو ڪا قباحت ڪونهي جوڪمرو تبديل ڪجي، هاڻي مان ٽئين (آخري) فلور تي چيني Pie-chang ڊاڪٽر جي ڪمري جي ڀرواري ڪمري ۾ آهيان انسان به عجيب آهي. جاءِ جي مٽ سبب به ذهني ڪيفيت جا رنگ تبديل ٿين ٿيا. هن ماڙ تي آئون بلڪل تن تنهاآهيان. هونئن ٻي ماڙ تي منهنجو ڪمرو Christen, Erric ۽ Sophi جي ڪمري جي لڳ هو جيڪي ٽيئي ٻار ڀرواري جاڙن ڪمرن ۾ رهندا هئا هنن جي چوزن واري چُون چون ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ۽ آمريڪي انگريز ٻار جڏهن انگريزي ۾ ڳالهائيندا هئا ته نوان جملا، اصطلاح ۽ انداز ٻڌڻ لاءِ ملندا هئا. ۽ سامهو ن Jeff۽ Juli جو ڪمرو هوندو اهو جيڪي فون تي يا پاڻ ۾ گپ شپ شيئرڪنداهئا ته آوازن جي دنيا قائم هوندي هئي. ٽي ماڙ تي خاموشي هوندي هئي بهرحال لکڻ پڙهڻ واري اسپيڊ وڌي آهي اهو ذاتي طور فائدو ٿيو آهي.
Temple University, Philadelphia ويم مک لائبريري بند هئي پوءِ Law School واري ننڍي لئبريري ۾ ويم جتان عمران کي Mail موڪلي جنهن ترت جواب موڪليو. وڏي خبر ڏنائين ته علي مردان بليدي I.O KC طرفان ڄامشوري ۾ صحت ۽ صفائي جو ڏينهن وڏي پئماني تي ملهائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. علي مردان واقعي هڪ جاکوڙي بلند حوصلي وارو جوان آهي، جنهن جي ذهن ۾ تبديلي وارا خواب کنوڻين وانگر تجلا ڏينداآهن. هي هڪ مثبت سوچ رکندڙ نوجوان آهي، حقيقت ۾ ته 15 سال اڳ هن ۽ حبيب بليدي، امداد ڏاهاڻي (تنگواني)ابراهيم بليدي، قاسم بليدي، وليد ۽ حسين بليدي وارن سان گڏجي اچي مونکي ڄامشورو صدر (ڦاٽڪ) تي تعليمي سينٽر کولڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ پوءِ آئون IOKC نالي سان علمي ۽ ادبي سينٽر قائم ڪيو جنهن ۾ سوين شاگرد پڙهي نڪتا، جيڪي مختلف اعليٰ عهدن تي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اعليٰ عهدن تي فائز آهن. ڪجهه نالا هي آهن: حبيب بليدي،ابراهيم بليدي،قاسم بليدي،خالق مگسي، پروفيسر عمران علي نوناري، پروفيسرماجد علي، سماج سڌارڪ ۽ سياستدان طور نادر مگسي، ڪئپٽن ارشد ملاح، نياز بليدي، حسين بليدي، يحيٰ بليدي،رضا شاهه، پروفيسر ساجن ملاح پروفيسر عباس ڪنڌر، بچل نوناري، پروفيسر رضا شاهه، پروفيسر عباس ڪنڌر، ائڊووڪيٽ صادق بليدي ۽ حبيب مگسي بنياد رکندڙ شاگردهئا. شام جو Philly ۾ (Christmas) ڪرسمس جي خريداري واري رش ڏسڻ آيس. شهر ۾ ماڻهون ڪلهي گس ڪري هلن پيا. رات جو 8 بجي ريل ذريعي واپسي ٿي. نوٽ: آمريڪن شاگرد Ardrew ڊاڪٽر پي Pie ۽ مون جولي ۽ جيف جي گهر ۾ Paying Guest طور جدا جدا ڪمرن ۾ رهندا هئاسين، کين Ardrew ۽ Pie سيڪنڊفلور تي ۽ First Floor تي مان رهنداهُئاسين، Ardew جي وئڪيشن تي وڃڻ سبب مان Second Floor تي رهڻ لڳم.
جوليءِ جيف جي خاندان سان ڊنر
صبح جو 10 بجي اک کُلي ، سنان پاڻي ڪري ريل رستي Temple University پهرين Emil چيڪ ڪيم ڪو خاص خط ڪونه هو انهي دوران علي طاهرکي Illions فون ڪيم همراهه ڏاڍي آٿت ڏني بعد ۾ ڄامشوري فون ڪري بيگم صاحبه ۽ ڏاڏابچل سان ڳالهه ٻولهه ٿي چيو مان Online آهيان پوءِ ته لڳاتار ٻه ڪلاڪ ڳالهه ٻولهه ٿي گفتگو ختم ڪري Out Side ويم جتان بئگ ، ٿيلهو مفلر، جوراب، هئنڊ گلوب، فرائي پن ، چانهه اليڪٽرڪ ڪيٽلي، ٻه ڪوٽ، ٻه سُئٽر هڪ ٽوال ، ٽوڪري فروٽ لاءِ چانهه جو مڳو، ڪپ ۽ ڊنرسيٽ ورتم. سامان وٺڻ سان اها تسلي ٿي ته منزل تي پهچندي ڪا تڪليف نه ٿيندي. ڇوته پارپتا ملن پيا ته منزل تي ٿڌ گهڻي آهي انهي جو پڪو بندوبست ڪري ورتو. شام جو 6 بجي گهر واپس آيس.
منجهد جو يونيورسٽي ۾IELP طرفان مليل Speaking Partner مسٽر ڪَرن سان گپ شپ ٿي. شام جو گهر ۾ جوليءَ وارن سان گڏجي Dinner ڪيم هي گڏيل ڊنروڏي ڊنر ٽيبل تي ڪندا آهن. جيڪا ٽيبل قيمتي ڪاٺ جي تقريبا 15 فوٽ ڊگهي 5 فوٽ ويڪري اوائلي ڪلاسيڪل قسم جي ميز آهي انهي جي چوگرد 26 ڪرسيون پيل هونديون آهن، ڊائننگ هال تمام وڏو ۽ ڪشادو ٺهيل آهي، چو گرد کين پيتن ساڻ شيشي جا شيلف لڳل آهن جن ۾ ٿانو ، پراڻي شراب جون مختلف بوتلون ۽ سينگارخاطرقيمتي گل ۽ شيلڊون رکيل آهن. آمريڪي لنچ ياڊنر ڪندي گپ شپ ۽ ٻٽاڪون پيا هڻندا، جنهن جي کائڻ لاءِ کين ڪلاڪ ڏيڍ لڳيو وڃي، ماني ختم ٿيڻ بعد ڪافي وٺي ڪچهري ڪندا آهن. اسان جو House Master۽ House Lady جيف ۽ جولي به گپ شپ جا شوقين آهن.
***
موت جتي به هليو
سندس مسڪرائي
آجيان ڪنداسين
(چي.گويرا)
22-12-2005
Juli and Jeff House PA, USA.
چوي ڪير ٿو، ڀلا ڪير ٿو توکي روڪي،
ته تون پنهنجي حُسن ــ دو روزه تي نازان نه ٿي؟
جواني جي دولت تي نازان نه ٿي؟ چوي ڪير ٿو! نه ڪر سينڌ سرمو
مگر ياد رک! اهو منهنجو حسن ــ نظرئي ته آهي.
(شمشيرالحيدري)
SAHARA GRILL، جان پيل ۽ ڪائوڊي ساڻ
پنهنجي شعوري طور اها ڪوشش آهي ته روزانه جيڪي به ڪي نوان تجربا يا مشاهدا پسجن ٿا. انهن کي قلمبند ڪجي ، ۽ ممڪن آهي مستقبل ۾ ڪو پڙهي ڪَسيري جيترو فائدو حاصل ڪري سگهي. پر لکڻ ڄڻ ته رُڪ جا چڻا چٻاڙڻ جي برابر آهي. هرحال ۾ ڪوشش ڪندو آهيان ته روزانوسمهڻ کان اڳ 15 يا 20 منٽ لکڻ کي ڏجن، سو ڪڏهن گُسيو وڃان ته ڪڏهن ٻه چار جملا رَهڙي وٺندو آهيان .
14 ڊسمبر کان Temple University فلاڊ يلفيا جي تعليم پڄاڻي تي پهتي ته جنوري 2006ع تي Macomb,Chicago شڪاگو پهچڻو آهي وڌيڪ تعليم اُتي جاري رهندي . سو اڄڪلهه موڪل ملهائي رهيو آهيان. مون ريل جي هفتي جي Pass وٺي ڇڏيندو آهيان.انهيءَ ۾ اهو مزو آهي ته شهر ۾ ڪٿي به ڪهڙي به وقت اچي ۽ وڃي سگهان ٿونه رڳو وڏي ريل پر SEPTA Bus ذريعي Sub way ٽرالي ۽Train Septa جي بسن ۾ ڪٿي به وڃي سگهجي ٿو، سوڪوشش اها آهي ته فلاڊيلفيا شهر جا سڀ ڪنڊ پاسا گهمجن ٽي حصا گهمي چڪو آهيان. هر پاسي ڪراچي جي شهر جيان هڪ نئون شهر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اڄ 11 بجي اٿڻ ٿيو تياري ڪري Temple University Ielp ويم جتي John Pell موجود هو. سو جتان جان جي ڪار ۾ مرڪزي شهر وياسين جتي جان سان الوداعي Lunch ڪيم Cowdy به اتي پهتي جيڪا John Pell جي گرل فرينڊ آهي (ڪائوڊي جپان جي ٽوڪيو شهر سان تعلق رکي ٿي. بحرحال جان سان گهاريل گهڙيون ڪڏهن به نه وسرنديون. هن همراهه منهنجي پڙهائي جي ڏس کان سواءِ هتان جي آمريڪي زندگي بابت گهڻي واقفيت ڪرائي آهي.
بعد ۾ Temple University واپس آيا سين ميل چيڪ ڪري مون ريل رستي واپس City Hall ۽ مارڪيٽ اسٽريٽ ويم، جتي ڪرسمس سبب ماڻهن جي پيهه هئي. مون Macomb جي لاءِ رڌ بچاءَ خاطر ۽ ٻيو ضروري سامان ورتو، (Dolor Shop) ڊالر دڪان تان ڏاڍو سستو سامان مليو. رات جو جوليءَ جي گهر واپس آيم. هنن جي ڪرسمس جي خريداري ڏسي مونکي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ عيدالفطر واري خريداري ياد آئي.
رات جي ماني: اٽالين چانور، بيف ،سلات ۽ بيف ٻوڙ، ناشتو۽ مانجهاندو: جان ۽ ڪائوڊي ساڻ Sahara Grill ۾ ڪيوسين.
***
هم فقيرون سي دوستي کرلو
گر سکها دينگي
بادشاهي ڪي
26.12.2005
Julie and Jeff House, Gorgas Lane PA.USA
وئي دل کي وڻي، تنهنجي اک جي اڻي،
کڻي نيڻ وري، تون بهار کڻي،
تنهنجي ناخن ۾ اک اٽڪي پئي،
ڪبي اهڙي به آهي سينڌ ڦڻي
(شمشيرالحيدري)
Free Fax ۽ هڪ سو ڊالر جو نوٽ
اڄ 11 بجي اٿڻ ٿيو. موڪلن ۾ ننڊ جون موجون آهن،باقي يونيورسٽي کليل هوندي آهي ته ڪم جي ڀيڙهه رهي ٿي. ڏينهن رات ائين گذريو وڃن جو ڪا خبر ئي نه ٿي پوي ۽ صبح جو سوير اٿڻ عذاب بڻجي وڃي، بهرحال تڙ پاڻي ڪري، هٿ ۾ ڪجهه تيار کاڌو کڻي ريل لاءِ اسٽيشن روانو ٿيم. رستي۾ کاڌو به کاڌم. رستي، ريل ۽ روڊ تي هلندي کائڻ ۽ چانهه / ڪافي / ڪوڪاڪولا وغيره کائڻ پيئڻ آمريڪي ڪلچر جو حصو آهي. ريل ۾ سڌو Market-East Station لٿم جتان R-1 ٽرين وٺي Airport جو اندازو ڪرڻ پئي چاهيم ته ريل رستي اهي نظارا ڪئين هوندا. ڏاڍو شاندار سفر هو، Airport اسٽيشن تي لهي هيٺ Terminal گهمي ڏٺم ڏاڍو مزو آيو. فوري وري ريل ذريعي واپس Sub Urb City آيم جتان لهي هڪ Five Star Hotel مان چيئرمين STBB کي Fax ڪيم جيڪوFax نه رڳو مفت ۾ ٿيو بلڪ هن Thanks چئي، واپسي تي عجيب اتفاق ٿيو ته رستي ۾ 100 ڊالر جو نوٽ لڌم. خوشي به ٿي عجب به ٿيو. انهيءَ کان اڳ هڪ هفتو اڳ هڪ بهترين ڪئمرا واري Cell Phone لڌي هئم جيڪا مالڪ کي فون ڪري واپس ڪيم، مالڪ انڊيا جو هو. سائين اوهان جي مهرباني نه ته مون آسرو لاهي ڇڏيوهو، ڪير ٿو فون واپس ڪري، ويتر سيٽ قيمتي جوآهي بهرحال هن کي چيم اڃان دنيا قائم آهي. سئو 100 ڊالرن جو نوٽ لهڻ بعد مون سوچيو ته هن تي ته ائڊريس ڪونه آهي ان ڪري ڪيئن واپس ڪجي.
بعد ۾ مون سڌو (Free Library) مفت لئبريري ويس. جتان سنڌي اخبارون نيٽ تي پڙهيس. ڪراچي ۾ رسول بخش پليجي، قادر مگسي، قائم علي شاهه ۽ ممتاز ڀٽي جي اڳواڻي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿيا هئا. سڀ ڪالا باغ خلاف سراپا وڄ هئا. محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ هڪ دفعو MRD کان به وڌيڪ طاقتور تحريڪ هلائڻ جي موڊ ۾ آهي. جيڪڏهن حڪمرانن عوام جي راءِ کي رد ڪيو ته پوءِ سنڌ پاڻي تي وڏو جهيڙو ٿيندو. بهرحال اهي سڀ اميدون ٿورڙن ماڻهن جي بي پناه ڪوششن سبب پيدا ٿيون آهن. اهو ڪاوڙ جو هڪڙو روپ آهي. پر سنڌي جڏهن شيخ اياز چواڻي سنڌڙي تي سرڪير نه ڏيندو، او يار....سهندو ڪير او ميار ته سنڌرُڪ جي ديوار بڻجي ويندي.
رات جي ماني جولي ۽ هن جي پيءُ سان گڏجي کاڌي سون. ڏاڍي شاندار ڊنر هئي. Lambجو وڏيون وڏيون چاپون پالڪ جي گجرون ۽ گهڻو ڪجهه هو، آمريڪن ڊنر گهليندي گهليندي به ڪلاڪ ڏيڍ جو ٽائيم ضرور وٺن، ڇوته انهي دوران ولايتي مشروب پيئڻ کان وٺي(Desert) مِٺي جي آخري ڊش سوئيٽ ڊزرٽ تي ختم ٿئي ٿو ۽ ڊنر جي وچ وچ ۾ گپ شپ به لاتيون ويٺا آهن.
خاص ڳالهيون:
1. STB چيئرمين کي Fax ڪيم.
***
موت اچي ته به مات نه مڃجانءِ
اڳتي ئي اڳتي پيو وڃجانءِ
ريٽي رت ۾ جهنڊو ٻوڙي
لهر لهر لهرائجانءِ.
شال جيئندوو گهوٽ ٿئين وو.
(امداد حسيني)
24.12.2005
Julie and Jeff House, PA, USA
پائي پاند ڪپاه، دردر ڀيرا ڏئي،
ڪامون ڪتاءِ، آءُ ڪاپائتي آهيان
(شاه)
آمريڪي سائنسدان جا سنڌ لاءِ ريمارڪس!!!
دستور موجب ناشتو ڪري Regional Train رستي Market East Station آيم، جتي لهي Dollor Shop ۾ گهڙيم جتان Macomb/Chicago لاءِ ضرورت جون شيون ورتم (1) پالش ڪاري (2) صرف صابڻ ٿانون ڌوئڻ لاءِ (3) گرم ٽوپيون (4) مفلر (5) سئي (6) ڪئچي (8) Head Phone (9) چمچا (10) چانهه سيفٽي (11) ڊش (12) جڳ پاڻي لاءِ (13) ٻه مفلر (14) اسٽيل جون وٽيون (15) ٻه گرم شرٽون (16) هڪ وڏي بئگ (17) هڪ ٿيلهو (18) گلاس (19) رسي سامان ٻڌڻ لاءِ (20) پلاسٽگ ٿيلهو بستري لاءِ (21) بجلي جا 3 سوئچ (22) پرفيوم (23) بوٽ (24) ڀاڄي لاءِ پلاسٽڪ ڪونڊا (25) ٻه ڪوٽ (26) چار ٽوال (27) ڪارو بوٽ (28) اليڪٽرڪ ڪٽلي (29) ٽوڪري فروٽ لاءِ (30)، 5 نوان ريزر
بهرحال اڄ وڏي خريداري ڪيم هاڻ صرف شڪاگو جي سردي لاءِ گرم بستري جي ضرورت آهي جيڪو هن هفتي وٺبو. بعد ۾ مارڪيٽ ايسٽ کان City Hall آيم. مون کي خريداري دوران ڊالر شاپ تان اهڙِيون شيون به مليون جن لاءِ 11 مهينن کان تلاش هئي ليڪن ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪونه آيون. مثلا رنگين ڳوٽا، پالش ۽ رڌ پچاءُ جو سستو سامان ڊالر شاپ ۾ دنيا جون سڀ شيون حاضر آهن. منهنجي گرم سوئيٽر جا بٽڻ ٽٽي پيا هئا جنهن لاءِ سائي ڌاڳي جي ضرورت هئي ليڪن ڪٿي به ڳولڻ بعد مونکي نه مليو ليڪن اوچتو ڊالر شاپ تي نظر پئي جتي سڀ شيون مليون. بهرحال هڪ ڊالر۾ وڏي عياشي آهي ليڪن منفي پهلو اهو آهي ته انسان جي لالچ واري سوچ اوهان کي ڇڪي وٺندي هڪ بجاءِ اوهان 20 شيون خريد ڪندا. اهوئي پهلو ڊالر شاپ جي ڪمائي جو نقطو آهي.
ڪرسمس جي شاپنگ عروج تي آهي. آمريڪي الائي ڪٿان ايترو پئسو آڻين ٿا جو بازار ۾ هر ماڻهو جي ڪڇ ۾ ڀري سامان جي اوهان کي نظر ايندي . آمريڪي سوچين ٿا نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج اسانکي ڪروڙ، پدم ڊالر اسان کي ڪمائي ڏي ٿي گهڻا ماڻهو چون ٿا ته ويسٽ آفريڪا جي لائبريا ملڪ کي هنن فري زون قرار ڏنو آهي. جتي هي عرب دنيا جو تيل کڻي اچي Tankers ۾ ڪٺو ڪن ٿا، جتان وري تيل هتي پهچي ٿو. اصل ۾ دنيا جي مختلف ملڪن تي جنگيون مسلط ڪري هي عرب دنيا جو تيل ڌاڙي طور هٿ ڪري آمريڪين لاءِ دنيا جا سڀئي سُک ۽ آسائشون خريد ڪن ٿا. اڄڪلهه ته جنهن آمريڪي سان ڪچهري ٿئي ٿي سو چوي ٿو جمهوريت لاءِ اسانجون سڄي دنيا ۾ ڪوششون آهن. اها ذميواري ٿئي ٿي ته اڳلو ملڪ چاهي يا نه چاهي پر آمريڪا دنيا تي نظر رکي ٿو. اهڙي ريت افغانستان، عراق به اسان جي ذميواري جو حصو آهي تنهنڪري اسان جون فوجون سِر جو خطرو کڻي اوڏانهن ويون آهن، باقي ايران جيڪا اٻهرائپ ڏيکاري ٿو تنهن لاءِ اسرائيل ئي ڪافي آهي. يعني اڄڪلهه آمريڪي واضع طور دنيا جو اڪيلو سپر پاور سمجهندي پنهنجو فرض نڀائڻ لاءِ هر طرح جا ڪشالا ڪاٽڻ لاءِ تيار آهي...!!؟؟ چئي سگهجي ٿو ته اها پاليسي آمريڪا لاءِ آخري ميسيج ثابت ٿيندي ٻيو منهن جي اڀياس ۾ اها ڳالهه گهڻن ڪارن آفريڪي آمريڪين ۽ مڪسيڪن سان ڪچهريون کان بعد سامهون آئي آهي ته هي Rossa Park ۽ Jr. King Martin Luther واري Civil Rights جهڙي جدوجهد لاءِ پَرساهين ٿا. ڇوته ڪارن جي اڪثريت آبادي آمريڪا جي گهڻن رياستن ۾ شهرن جي ڀرپاسي Sub-Urbs ۾ ڪبوتر جهڙي کڏين جهڙين گهرن ۾ رهن ٿا. هُنن جي زندگي ۾ ڪاوڏي تبديلي جيڪڏهن آئي آهي ته سواءِ بگڙيل انگريزي لهجي جي ... !!!
اڄ ڊنر دوران جوليءَ جي ڀاءُ Dennis سان ڪچهري ٿي جيڪو Water Biology ۾ ماهر آهي واشنگٽن ۾ رهندڙ آهي هت ڪرسمس پاڻ سان ملهائڻ آيل آهي، همراه Malaysia مان شادي ڪئي آهي.مائي سڳوري 26 ڊسمبر تي هتي ايندي. هن همراهه کي سنڌ + سنڌين لاءِ ڪافي معلومات آهي. ٻڌايائين ته Indus Valley جي تهذيب Egypt مصر کان به قديم آهي ته ڊنر تي هن جي سائنسدان والد ۽ آرٽسٽ ماءَ سميت ٻيا سڀئي ڇِرڪي پيا، پوءِ ته گهڻيون وضاحتون پڇيائون. مون هُنن کي ٻڌايو ته سنڌ هزارين سال قديم دور کان هڪ آزاد رياست طور دنيا جي نقشي تي رهيو آهي، سڪندر اعظمThe Great Alexander, به سنڌ تي جيڪا ڪاه ڪئي هئي سو انهيءَ جي خوشحالي ٻڌي ڪاهي آيو هو ڪنهن همراه هن کي ٻڌايو هو ته “سنڌ جي وڻن تي چاندي جا فصل پيدا ٿيندا آهن” يعني جيڪو فصل يونان ۾ ناپيد هو ته جوليءَ جو پيءَ وراڻيو ته پوءِ پاڪستان بعد جو ملڪ آهي اصل ۾ سنڌ وطن آهي. مون چيو ته اها به هڪڙي حقيقت آهي. پر اڄ جون حالتون ٻيون آهن. سنڌي پنهنجي وطن ۾ آهسته آهسته بي وطن پيا ٿيندا وڃن. وسيلا ۽ واهر سنڌين جي هٿن مان کسڪندا پيا وڃن ۽ غيبي اجگر جيڏيون طاقتون سنڌين کي ميسارڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيون آهن. پر سنڌ اڃان سُنڍ نه ٿي آهي. سنڌ کي هزارين سالن جو تاريخي پس منظر آهي، سنڌ کي شيڪسپيئر، گوئٽي ، حافط رومي، والٽ وٽ مين حافظ ۽ رومي جهڙن شاعرن کان به وڏو شاعر شاهه لطيف آهي، هن کي پنهنجي قومي ٻولي آهي. موٽ ۾ جيف (Jeff) چيو ته پوءِ اوهان کي ڪوبه لوڏي نٿو سگهي !! ڇوته قومن لاءِ جاگرافي خطي سميت جيڪڏهن ٻولي پنهنجي بَرجتسائي سان قائم آهي ۽ ادب جا سڀئي واهڙ پنهنجو پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني سرانجام ڏين ٿا ته پوءِ اوهان کي نه لهر نه لوڏو.
پوءِ اوهان پوئتي ڌڪجي به وري ڪهڙي به مَهل سمنڊ جي بي پناهه طاقتور وير جيان موجزن ٿي سگهو ٿا. تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پيئي آهي. جهڙي ريت قديم هيبرو ڳالهائيندڙ حضرت موسيٰ عليه السلام جي قومن کان وٺي پڻ ويٽنامي قوم جي ڊگهي غلامي کي ٽوڙڻ ۾ علم ۽ ادب جو هر اول دستي وارو ڪردار رهيو آهي. اُهي گهڙيون قومن جي تاريخ ۾ اينديون آهن . سچ ته هڪ آمريڪي نوجوان سائنسي اسڪالر واتان اهو ٻڌي سُک جو ساه کنيم ۽ حيرت به ٿي ته سائنس جهڙي خشڪ سبجيڪٽ سان لاڳو هوندي هي گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو. ڳالهين جا سڀ آمريڪي گهاگَهه آهن هِيڪر اوهان جي هنن سان ڄاڻ سُڄاڻ ٿي. پوءِ هنن جو کائڻ ۽ ڳالهائڻ بند ئي نه ٿيندو. اهو تجربو مونکي اڳين فئملي سان ٿيو، آمريڪي فيملي ۾ Sheri ۽ Major John ميجر جان 52 سالن جو جانٺو آمريڪي گورو انگريز آهي، کين 7 فوٽن جي قد ساڻ هميشه مرڪندو رهندو آهي، هاڻ رٽائر آهي. ٻڌائيندو آهي ته ويٽنام جي جنگ ۾ حصو ورتم ۽ آمريڪي رياستن ۾ فوجي سرگرميون سرانجام ڏنم. همراه لٻاڙن جو ماهر آهي. بلڪ مان ته نفسياتي مريض سمجهندو آهيان ڇوته ويٽنامي جنگي ڪارنامن کي اهڙو ته مبالغي آرائي سان پيش ڪندو آهي جو سڄي جنگ هِن وڙهي. ٻيو چوندو آهي ته آمريڪا جو ڏهون صدر منهنجو نانو هو. شراب ۽ نشي آور گوريون ڏينهن رات جو وٺندو رهندو آهي. البته حوالن جو ڀڙ ۽ پنسلوانيا ۽ نيوجرسي اسٽيٽ جا بيچ ۽ گهڻوڪجهه مونکي گهمايو اٿس. شيري آفريڪي نسل جي ٻئي زال اٿس جيڪا نائجريا سان تعلق رکي ٿٿي ليڪن هاڻ آمريڪي شهريت حاصل ڪئي اٿس. شيري اصل ۾ مسلمان هئي جنهنجو اصل نالو ليليٰ هو، کيس اڳين مڙس عبدالرزاق مان چار ٻار، ٽوبي، وليها جوجو اٿس. جان سان شادي ڪرڻ بعد شيري ڪرسچن بڻجي ويئي. جان ڪينسر جي مرض ۾ ورتل آهي. 2009ع ۾ مونکي اي ميل ذريعي، شيري ۽ ٻارن بابت ٻڌايو هو. (جن سان Jenkin Town, Philadelphia, PA ۾ 7 مهينا گڏ رهيم) بعد ۾ Julie and Jeff جي گهر ۾ Paying Guest طور 4 مهينا رهيم، يار ويس به هي ڏاڍا ٿين ٿا، مهمان طائي به مڙئي هنن وٽ مهيني ۾ ٻه ٽي دفعا اچي ، پر انهيءَ جي پروگرام کان اول آگاهه هوندا آهن. پوءَ اهي ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتوکن به ترسي پون. جولي وٽ Thanks giving Day تي واشنگٽن کان والدين اچي هفتو ٽِڪيا. سو ڳالهه ٻولهه (Jeff) جيف سان ٿي رهي هئي ته هُن ٻڌايو مون والد سان 1977ع ۾ لبنان ڏٺو ته انهيءَ وقت منهنجي والد جي پيشنگو ئي هئي ته بيروت اڳتي هلي واپار طور دنيا جو مرڪز بڻجندو ليڪن وري بيروت ويم ته ڏٺم، کنڊربڻيل هو، اهو اسرائيل ۽ لبنان جنگ جو نتيجو هو. پوءِ انڊيا بابت گهڻو ڪجهه ٻڌايائين ته ڪيئن سِک هندستان تي حڪومت ڪري رهيا آهن مون جڏهن به آمريڪن سان مذهبي ۽ سياسي تناظر ۾ گفتگو ڪئي آهي ته اهو محسوس ٿيو آهي ته آمريڪي عالمي حالتن جو اڀياس رکن ٿا، اها ٻئي ڳالهه آهي ته دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ هنن وٽ قياس گهٽ آهي، هي هر ڳالهه کي آمريڪي مفادن واري سوڙهي ننڍڙي عينڪ مان ڏسن ٿا ۽ سوين هزاين سال آمريڪا جي اڻ اعلانيه شهنشاهيت جا خواب ڏسڻ جا عادي بڻجي چڪا آهن . تنهنڪري ويٽنام، عراق، افغانستان ، بوسينا، ڪوريا ۽ جٿي ڪٿي ويل فوجن کي حق بجانب قرار ڏيندي اهو چوڻ کان ڪڏهن به گهٻرائڻ ڪين ٿا!! ته اسان جمهوريت ۽ انسانيت جي بقا خاطر ايڏو وڏو جوکو سر تي کنيو آهي شرمساري جهڙي شئي هنن وٽ ڪا به ڪانهي. ليڪن آمريڪي خلق جو وڏو حصو جنگي حڪمت عملي جي خلاف آهي ۽ عام آمريڪي جنگين خلاف ۽ پنهنجي حاڪمن خلاف کليل طور نفرت جو اظهار ڪندا رهيا آهن.
***
اڇو پاڻي لڙ ٿيو
آمريڪا واقعي Melted Part آهي، هِن بازار ۾ دنيا جي هر ملڪ جي اوهان کي ڪانه ڪا شئي ملي ويندي. ڄڻڪ سڄي دنيا جي مارڪيٽ مان مال ٻهاري پنهنجي مارڪيٽن ۾ سَٿيو اٿن. اهو تجربو مونکي تڏهن ٿيو جڏهن شڪاگو لاءِ مون نئين سرخريداري ڪئي باقي فلاڊ يلفيا ۾ ته سنڌ کان آندل شين تي اڪتفا ڪيم ڇوته سڄو عرصو ، پڙهائي جي اهڙي دٻاءُ ۾ رهيم جو ٻئي طرف لوڻو به ڪون هنيم (Chicago) شڪاگوجي سنڀت تي ته ٿورو عياشي ۽ ٿورو ضرورت ڀانيم سو سنهيون ٿُلهيون شيون خريد ڪيم. گهر اچي جاچيم ته اسٽيل واريون کائڻ جو پليٽون انڊيا جو ن ته فرائي پن اسرائيل جو، ڪاٽن جا ڪپڙا بنگلاديش جا، ٽوال پاڪستان جو، ۽ بوٽ پالش اٽلي جا، بوٽ چائنا جا، خوشبو فرانس جي ۽ نوٽ بڪ ميڪسڪو جو وغيره ڏاڍي کل آئي ته جيڪڏهن اتي ڏسي وٺان هاته هوند گهڻن ملڪن جاليبل ڏسي اهو سامان خريد به نه ڪريان ها ليڪن سستائي وارو ڀوت ته هر شي هڪ ڊالر ۾ مِلي پئي مون کڻي باسڪٽ ۾ وجهندو ويم ۽ واقعي جنهن جي ضرورت به هئي. اهو جملو ڏاڍو سٺو لڳو Necessity is Mother of invention ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.
***
رت کي گرم رک رڳن ۾ تون
لڙڪ هارين ته هار، هانءُ نه هار
ڏس متان ٿي وڃين نه پنڊ پهڻ
ڇا به ٿي پئي کڻي، پٺيان نه نهار.
(امداد حسيني)
سنڌ جي سڏ تي، سڏ جيڪو نه ڏئي
ڪوڙهيو ٿي مري.
(امداد حسيني)
25.12.2005
Julie and Jeff House, USA
11.55. pm
جُهڙنيڻئون نه لهي، ڪڪرهون نه هون
ساريو سپرين کي، لڙڪ ڳلن تي پون
سي مرويو رون، جن مسافر سُپرين
(شاه)
سِلويا ۽ جواني ساڻ ڪرسمس ...!!!
اڄ سڄو ڏهاڙو گهر ۾ رهيم. ڪرسمس ڏهاڙي سبب شهر بند آهي. ڪرسمس عيسائين لاءِ عيد جو ڏينهن آهي. آمريڪن گذريل سڄو مهينو پئي خريداري ڪئي آهي. پئسو پاڻي وانگر هاريائون، ڇوته هنن سڄي دنيا جي لٽ ڦر جو مال سياست توڙي فوج جي اُرهه زوراين ذريعي هٿ ڪيو آهي. ڪرسمس سبب رستا، گهر، عمارتون، چرچ ۽ اهم چوراها روشنيءَ سان جڳمڳائن ٿا ۽ خاص هنڌن ۽ چوراهن تي ڪرسمس جا وڏا وڏا درخت لڳائي انهيءَ جي چوگرد مصنوعي بجلي پکيڙي روشن رکيا اٿن. گهڻن ماڻهن جو مٿي تي سانتا ڪلاز وارو ڳاڙهو ٽوپلو پيل آهي. سانتا ڪلاز لاءِ هِنن جو چوڻ آهي ته ڪرسمس واري رات جو گهر اچي ٻارن لاءِ خوبصورت تحفاڇڏي ٿو وڃي. هي موقعو عيسائي مذهب ۾ اهم مقام رکي ٿو،ڇوته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. جيڪو وڏي جوش خروش سان سڄي دنيا ۾ عيسائي ملهائن ٿا.
جنهن گهر ۾ مون گذريل چئن مهينن کان رهان ٿو سو عيسائي مذهب سان تعلق رکندڙ جيف Jeff ۽ Julie Zhan جو آهي. هنن انهي موقعي تي طرحين طرحين جا خاص طعام به تيار ڪيا هئا . انهي موقعي تي جوليءَ جا والدين ۽ ڀاءُ واشنگٽن کان آيل آهن. ماني وقت سڄي گهر جو ن بَتيون اجهائي ڇڏيائون چون ٿا اها رسم آهي، صرف کاڌي واري ميز تي ميڻ بتيون ٽِمڪن پيون، کاڌي جي شروعات کان اڳ ۾ جوليءَ جي ڌي صوفي دعا پڙهي آخر ۾ سڀني آمين چئي، خوشبودار شربتن جي شيشن ۾ هٿ وڌائون ، شمپين جا جام جام سان ٽڪرايا، ائين ڪرسمس ڊنر جي شروعات ٿي. هرهڪ پنهنجي پنهنجي پسند جو طعام واري واري سان پليٽ ۾ منتقل ڪيو. هي آمريڪي به عجيب آهن مانيءَ تي سياست ،سماج ،مذهب ، راندين ۽ ٻين رسمن تي ٺڪاءَ پيا هڻندا ۽ ماني به چوزي وانگر چڳندا، گلابي امرت جا پيا سُرڪ ڀريندا ۽ اهو ڊنر جو سڄو سلسلو معمول موجب 30 کان 60 منٽ ۽ هڪڙي خاص موقعي تي 40 کان 80 منٽن تائين به جاري رکندا آهن . بهر ڪيف اهو گڏجاڻي جو سلسلو سڄي ڏينهن جي وٺ پڪڙ ۽ ذهني توڙي جسماني ولوڙ بعد هنن کي نصيب ٿئي ٿو. ڇو ته هي ڪم سان به ائين جهٽ هوندا آهن جيئن گهاڻي ۾ اُٺ کي اکيون ٻڌي ڪم تي لڳائي ڇڏجي . چوڻ جو مقصد اهو آهي ته محنت به گهڻي ڪندا آهن ته زندگي کي Enjoy به خوبصورت انداز ۾ ڪندا آهن.
ڊنر تي جوليءَ جي والد مونکان پڇيو ته ڇا مسلمان به حضرت محمد ﷺ جو ڏينهن به ملهائيندا آهن. مون ربيع الاول بابت ٻڌايو، ته پوري دنيا جا مسلمان وڏي عقيدت سان اهو ڏنيهن ملهائيندا آهن . جيڪو ڏينهن اسان مسلمانن لاءِ جشن جو ڏهاڙوآهي.
اڄ طبيعت ۾ ڏاڍي برجستائي ۽ خوشي محسوس ڪريان پيو. شايد شڪاگو جا گهڻا ڪم نبيري ڇڏيا آهن ۽ ٻيو پنهنجي ذهن ۽ دل سان اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ڪڏهن به وقت نه وڃائبو، وقت جو قدر ڪبو ۽ محنت جاري رکبي.
رات جو Happy Christmis سِلويا، ڪِيٿيKathy، فِرنانڊا، جَواني، غزوان عراقي ڊاڪٽر، اينا، ڪَرن انڊين ساٿي ۽ وِڪٽر لُزا ۽ جان پيل کي چيم. سِلويا ۽ ۽ فِرنڊا جو بيحد سٺو ريسپانس هو، جن چيو ته شڪاگو کان رابطو رکو سو هنن لاءِ Surprize هو. رينا به خوش ٿي ۽ پاڪستاني Chrismis لاءِ پڇيائين. جَواني (اٽالين دوست) ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته منهنجا والدين اوچتو اٽلي کان اچي هت وارد ٿيا آهن جيڪو منهنجي لاءِ معجزي کان گهٽ ڪين آهي. جواني مون سان پورا 3 سيمسٽر IELP ٽِمپل يونيورسٽي فلاڊيلفيا ۾ گڏ رهيو، هي 36 سالن جو نوجوان آهي. اٽلي اصل وطن اٿس، منهنجو ويجهي انٽرنيشنل دوستن منجهان هڪ آهي. سِلو يا به ٽيئي سيمسٽر IELP ۾ گڏرهي هينئر سائنس جي ڪنهن سبجيڪٽ ۾ U-Penn ۾ Ph.D ڪري رهي آهي، اصل هيءَ برازيل جي رهاڪوآهي.
کيس شام جو مون T.V روم ۾ فلم King Kong لڳائي ڏٺم ، فلم ٺاهيندڙ جي ذهني اڏام مونکي بيحد متاثر ڪيو ته ڪهڙي ريت عام انساني خيال کي شروعات کان آخر تائين پنهنجي گِرفت ۾ رکي ٿو. King Kong جيڪو هڪ وڏي جهنگ ۾ رهي ٿو جتي طرحين طرحين جا جانور موجود آهن. جنهن جي وچ ۾ هن کي هڪ حسين جل پري (ڇوڪري) هٿ اچي ٿي. جنهنکي بچائڻ ۽ پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ جهنگ جي بلائن ۽ جديد هٿيارن سان ليس هئڻ ڪري فوج ۽ پوليس سان به ٽڪر کائي ٿو. هڪ جانور نما انسان ازدها جيڏي گوريلي جو ۽ حسين ڇوڪري جي پيار جو دلبربا انداز آخر ۾ ڏسڻ ۾ ملي ٿو.
***
لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين،
سوئي پڙهيو سو پڙهان، سوئي سو حرف.
(شاهه ڪريم)
28.12.2005
Julie and Jeff House
Philly, PA, USA
ڄڻ ڇيڳريون ڇوريون هُجن (تنوير عباسي)
Philadelphia Palace
ناشتو ۽ مانجهاندو گڏيل طورTemple University ۾ ڪيم. ڇوته دير سان اٿڻ ٿيو ، فلاڊيلفيا ۾ آخري وئڪيشن جا ڏهاڙ اآهن . واند ڪائي ڪڏهن ڪڏهن بوريت جو سبب بڻجي ٿي. هاڻ پاڻکي نئين منزل WIU ويسٽرين يونيورسٽي پهچڻ جو انتظار آهي، بهرحال Temple University ۾ ميل چيڪ ڪري بعد ۾ سِٽي ويم اُتي فلاڊيلفيا پئلس گُهمي ڏٺم.Philadelphia Palace فلاڊيلفيا پئلس محل نما مال آهي جتي سُئي کان وٺي بوڪ اسٽور، ڪافي هائوس، ميوزڪ گهر ۽ دنيا جي ضرورت جون سڀ شيون توهان کي ملنديون، بعد ۾ مارڪيٽ اسٽيشن تان ٽرين وٺي واپس گهر آيم، ڊنر Family سان گڏ ڪيم. جيف نيويارڪ جا احوال ڏنا، جيف پنهنجي پٽ Eric ساڻ جُمع جو ٽرين وسيلي نيويارڪ ويو هو ۽ شام واپس ٿيو هُئو، کين اسٽيشن تي جولي ڪار ۾ وٺڻ آئي هئي مون به مارڪيٽ کان ساڳي 30 اسٽريٽ ٽرين مان لٿم ته جولي چيو ته ”فهيم ڪار ۾ اسان ساڻ گڏ هلو.“
خاص ڳالهه: رات جو ڏاڏا، عمران ۽ بيگم صاحبه سان ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
29-12-2005
Juli and Jeff house
Philly, PA, USA
فلاڊيلفيا جو ريلوي نظام ۽ سُنيل ڪمار
برسات جو ڏينهن هو جيڪي ڏينهن منهنجي لاءِ بوريت جا هوندا آهن Temple University ۾ Mail چيڪ ڪيم، عمران ۽ محبت شاهه سان Online گپ شپ ٿي. واپاري سنيل ڪمار سان ڳالهه ٻولهه ٿي شام جو John Pel سان گڏجي Coffee Bar Temple University ۾ ڪافي پيتم ۽ بعد ۾ هن پنهنجي ڪار ذريعي 30th اسٽريٽ ٽرين اسٽيشن تي ڊراپ ڪيو. جتان Train رستي گهر آيم. سامان سڄو اڄ پيڪ ڪيم، جهاز جي ٽڪيٽ Confirmڪيم. هاڻ صرف بسترو رهي ٿو جيڪو وِڪٽر Victorآڻيندو. ليڪن آخر ۾ صلاح ڏنائون ته اوهان بسترو شڪاگو ۾ خريد ڪريو ته بهتر ٿيندو. همراهه جي صلاح مونکي به وڻي.
30th اسٽريٽ ريلوي اسٽيشن فلاڊ يلفيا جي مُک اسٽيشن آهي، جيڪا ڪنهن سٽي ايئرپورٽ City Airport جو ڏيک ڏيندي آهي، جتان واشنگٽن ، نيويارڪ ۽ بوسٽن سميت مختلف روٽن لاءِ ايڪسپريس سروس آهي. هي اسٽيشن ڄڻ ته سڄي ملڪ کي ڳنڍي ٿي ۽ هن جو Regional Train Service فلاڊيلفيا شهر اندرريلوي سسٽم آهي جيڪو پوري شهر کي سهولت فراهم ڪري ٿو. گهٽ ۾ گهٽ 120 اسٽيشنون اٿس جيڪي Trolly Train / King Train Sevice ۽ Regional Train (ننڍڙي ٽرين) Tube Train,جو مرڪز ليکجي ٿي. سنيل ڪمار 50 سالن جو گُجراتي هندستاني آهي. جيڪو Temple University جي مرڪز ۾ ڪاٺ جو ننڍڙو دڪان هلائيندو آهي، جنهن ۾ کاڌي پيتي جون ننڍڙيون شيون، سگريٽ ،قلم، بسڪيٽ، ٽافيون ۽ بڪ ملي سگهندا آهن، هي همراه منهنجو دوست ٿي ويو آهي. منهنجي لاءِ ڏاڍو مددگار ثابت ٿيو آهي. خاص طور آمريڪي اميگرنٽس جون درجِنين ڪهاڻيون ٻڌايون اَٿس، انهن جي ٻڌڻ بعد منهنجو ارادو آمريڪا ۾ مستقل رهڻ وارو ختم ٿي ويو آهي، ڇو ته هِت رهي ٽئين چوٿين گريڊ ۾ رهڻ کي ترجيح نه ڏيندس.
***
30.12.2005
Julie and Jeff House
Philly, PA, USA
پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا
(شاه)
بَنجامن فِرينڪلن ۽ مِسٽر پِين
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها، آزاد هوا ڇا ٿيندي آ... (اياز)
دل اِهو چاهيندي آهي ته جيڪو ڪجهه ڏِسجي ۽ پَسجي ٿو، سو سڄو قصو قلمبند ڪجي ۽ سڀ ڏيهه واسي پڙهن ته سنڌ کي ترقي جي معراج تي پُهچڻ لاءِ مستقبل ۾ ڇا ڪرڻو آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ سياسي، علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمون عالمي حالتن ۽ سماجي اُٿلُ پٿل جو ادراڪ رکن ٿيون، ڄاڻ آهي مگر گُهربل وسيلن ۽ سمجهدار، ماڻهن جي گهٽ تعدادسبب انهيءَ پوزيشن ۾ ڪونه آهن جو ترقي جو لازمي بندوبست ڪري سگهن. البته ڪجهه سياسي ۽ سماجي تنظيمون انهيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون آهن، وسيلن جي کوٽ واري پاسي جو پورائو ٿيڻ گهرجي، پر انهي لاءِ وقت ۽ قوت درڪار آهي.
فلاڊيلفيا شهر آمريڪا جي Top Ten Cities ۾ ٽئين نمبر تي اچي ٿو هن شهر کي تاريخي ۽ سماجي پس منظر آهي (Benjaman Franklin) بنجامن فرينڪلن، هن شهر جي جوڙڻ، ٺاهڻ ۽ ترقي ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو هو. هو هڪ ئي وقت تمام گهڻين خوبين جو مالڪ هو، سياستدان، سائنسدان، سماج سڌارڪ ، ليکڪ، ميوزڪ جو ماهر، انٿرو پالاجسٽ ۽ اعليٰ قدر رکندڙ انسان هو، Gota Burg کان بعد هي ٻيو شخص هو جنهن Printing Press ايجاد ڪئي، شهر جي جوڙ جڪ لاءِ شاندار رٿا بندي ڪئي ته شهر جا روڊ رستا، عمارتون ، بجلي ۽ آب نڪاسي جو بندوبست ڪهڙي ريت هجڻ گهرجي. هن ويهي نقشا ٺاهيا. شهر جو City Hall ڏسڻ وٽان آهي جيڪو شاندار بلند باليٰ مظبوط ترين عمارت ڪنهن شاهي قلعي وانگر Philly شهر جي دُن ۾ ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺو آهي. جنهن جي وچان شهر جي چئني طرفن North اُتر، East اوڀر، South ڏکڻ ۽ West اولهه رستا نڪرن ٿا. جنهنجا ڪُل پنج طبقا آهن، اندرعمارت سڄي پٿر جي ٺهيل آهي جنهن جي درن دروازن ۽ محرابن ۾ سهڻو ڪاٺ استعمال ٿيل آهي، عمارت جي اندران ۽ ٻاهريان سيمنٽ ۽ خاص مصالحن سان انساني بوتا مثلاً عورتن، مردن ۽ ٻارن سميت حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ شينهن جا تصويري نقشا چٽيل آهن. شايد جيڪي پوئين دور سان ڳنڍڻ جي ڪڙي طور ٺاهيا ويا آهن. شينهن طاقت جي علامت طور ڪتب آندل آهي ۽ عيسيٰ عليه السلام جو مجسمو عيسائين جي مذهب ڏانهن لاڙي طور۽ اگهاڙا انسان ماڻهوءَ جي اصليت، ابتدائي دؤر کي ظاهر ڪن ٿا. عمارت جي چوٽيءَ واري مناري مٿان (Mr. Penn) مسٽر پين جو (Statue) بوتو ڪَر کنيو بيٺو آهي، جنهنCity Hall لاءِ زمين تحفي طور (Gift) ڪئي هئي (جيڪو عيسائين جي شاخ Quakers سان واسطو رکندڙ هو، چون ٿا ته اها شاخ جنگ ۽ فساد جي سخت خلاف آهي، کين علم، اشاعت، صحت ۽ سماجي ڀلائي جي ڪمن سان انتهائي دلچسپي رکندڙ آهيMr. Penn جو واسطو به انهيءَ شاخ سان هو.
ٻيو Benjamin جو وڏو ڪارنامو 1872ع ۾ آمريڪا کي آئين Constitution ڏيڻ آئيني شڪن ٺاهڻ ۾ بنجامن جو بنيادي ڪردار هو، اهو ئي سبب هو جو آمريڪا جو پهريون گاديءَ جو هنڌ فلاڊيلفيا رهيوبعد ۾ واشنگٽن منتقل ٿيو، جارج واشنگٽن Philly ۾ گهڻو عرصو رهيو، انهي کانسواءِ بنجامن بجلي، صفائي ۽ پوسٽ جو مظبوط نظام آمريڪا کي ڏنو، آمريڪا جي پهرين پوسٽ آفيس فلاڊيليفا ۾ آهي اها ايجاد بنجامن فرينڪلن جي آهي.
***
Delawar Valley ۽ Liberty Bell
اڄڪلهه آخري ڏهاڙن هئڻ سبب رٿا بندي سان روزانو Philly جا رهيل پاسا گهمندو آهيان جيئن ڪوبه پهلو اوجهل رهجي نه وڃي، ليڪن غالب چواڻي .
هزارون خواهشين ايسي کي
هر خواهش پي غالب دم نکلي
(غالب)
جيترو گُهمجي ٿو ۽ هن شهر جو ڪلاسيڪل تاريخي حُسن ڏسجي ٿو اوترو حيران ٿِجي ٿو. ڪمال هنن جو اهو آهي ته 16 صديءَ جون ٺهيل سوڙهيون گهٽيون جيڪي سُرخ سِرن سان 16 صدي ۾ ٺاهيون ويون هيون تن کي اصل رنگ ۽ شڪل ۾ 21 صدي ۾ به قائم رکيون پيا اچن. اهو عمل هنن جي سماجي شعو ر۽ پنهنجي وِرثي سان پيار جو انمول نمونو آهي. ڳاڙهي سِر عمارتن ۾ به ڪثرت سان استعمال ٿيل آهي، سو اهي عمارتون به اڄ تائين قائم آهن. جن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سياح اچن ٿا. فلاڊ يلفيا جي 40% آمدني سياحت ئي آهي، بلڪ انهن عمارتن ۽ ڪلاسيڪل تاريخي حسن جي بچاءُ خاطر پينسلوانيا جي اسٽيٽ اسمبلي ويهين صديءَ تائين City Hall کان وڏي عمارت تعمير ڪرڻ جي ڪنهن به عمارت ساز اداري (Builder) کي اجازت نه ڏني، آمريڪا کان واپسي تي، طارق عالم سان ان بابت احوال ٿيا هئا ته مون کي طارق عالم ٻڌايو ته “اسين جڏهن فلاڊيليفا شهر گهميوسين ته شهر جي قديم (Classical) ۽ جديد (Modern) اڏاوت ڏٺي سون ته اسان کي حيرانگي ٿي ته هي پنهنجي شهرن جي تاريخ کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيڏي وڏي جدوجهد ساڻ تاريخي آثار ۽ عمارتون سلامت رکيون پيا اچن.” طارق عالم وڏو سيلاني عالم، اڪابر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق، آرٽسٽ ۽ سوچيندڙ (Thinker) ذهن هو. هُن ساڻ منهنجي گفتگو ٿيندي رهندي هئي. آمريڪا هو ڪافي اڳ ويل هو. لنڊن جون يادون هُن ناول جي صورت ۾ چٽيون آهن. ’لنڊن تنهن جا ڪيڏا رنگ‘. يعني تاريخي ورثي جي بچاءُ جي جنگ پينسلوانيا اسٽيٽ اسيمبلي مسلسل وڙهندي رهي ٿي ليڪن 20 صدي جي پڇاڙي ۾ اسمبلي جي اجازت سان شهر جي حُسن ۾ جِدت جا هيرا پوئڻ خاطر جديد عمارت سازي وجود ۾ آئي هاڻ Filly (Philadelphia) جديد ۽ قديم حسن جو سنگم آهي. آمريڪي قانون جا پٽ آهن، حتمي ڪوشش هوندي اٿن ته قانون جي دائرن ۾ رهي زندگي گذارين، البته گهڻ قسم (Diverse population) جي آبادي سبب جُرم (Crime) به رهي ٿو.
پوري آمريڪا ۾ اهڙو مثال ڪلاسيڪل عمارت سازي جو شايد ٻيو ڪنهن به اسٽيٽ ۾ ڪونه آهي.
اڄ Liberty Bell ويم جتان 20th اسٽريٽ سڄي گهمي ڏٺم، جيڪو ڪلاسيڪل عمارت سازي جو شاهي نمونو آهي، جنهن جو پڇاڙڪوحصو Delawar Valley سان ملي ٿو. ڊلاور ويلي (Delawar valley) خوبصورت نَدي آهي جنهن جي هُن پار Camedon City, New Jersy آهي، جتي Acuman آهي جيڪو Prof. Angelaگهمايو ڏاڍو خوبصورت آهي. هي Valley ٽن رياستن پنسلوانيا نيوجرسي ۽ Delawarکي ملائي ٿي. منهنجي ڀيڻ شميلا 2005ع ۾ جارج واشنگٽن يونيورسٽي ۾ ٽن مهينن جو انگريزي ۾ ڊپلومه ڪرڻ آئي هئي. ته مون هن کي فلاڊيلفيا گهمڻ جي دعوت ڏني ته هنن کي لبرٽي بيل، ڊلاورويلي ٻيڙي رستي گهمائي هئي، مانجهاندو کين انڊين هوٽل ۾ ڪئي سون، هن جي سهيلي ناديه هن ساڻ گڏ هئي. شميلا اڄڪلهه پبلڪ اسڪول سرگوده ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ طور ڊيوٽي سرانجام ڏيئي رهي آهي. هن جا فرزند جناب محمد ڪامل خان ۽ عميق احمد اسلام آباد ۽ سرگوده يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم پرائي رهيا آهن.
***
31-12-2005
Philly, USA
بنجامن سائنس انسٽيٽيوٽ ۽ سٽي فري لائبريري
هاڻ رڳو روزنامچي جو نالو رهجي ويو آهي. ليڪن لکجي اهوئي ٿو جو ڏسجي ٿو. اڄ بازارنڪري ويم سوچيم ته شهر ۾ Christmis ۽ New year لاءِ شين جي Price ڏسجي. مون اهو ڏٺو ته ڪرسمس بعد واپارين 40% رقم گهٽائي ڇڏيندا آهن، مان اصل ۾ ڪئمرا جي تلاش ۾ هئس Canon ڪئمرا جاچيندي من موهڻي Sales Girl کان پڇيم ته ڪرسمس بعد هن ڪئمرا جي رقم ۾ رعايت گهڻي ڏيندئو ته جواب ۾ کلي چيائين ته ماڊل هڪ سال پوئتي وڃڻ ڪري40% تائين رقم پوئتي هلي ويندي، مون تڪڙ نه ڪئي. سوچيم ته ڏينهن انتظار ڪري پوءِ ڪئمرا وٺجي.............
19,18,17,16,15,14 اسٽريٽ گهندوCity Free Library ۽ Benjamin Science Museum گهمڻ ويم، جتي ماڻهن جو ميلو متل هو. گئلري ۾ جيئن اندر گهڙيم ته بلڪل (Foyer) هال ۾ بنجامن فرينڪلن جو خوبصورت قداور اڇي رنگ جهڙو سنگ مرمر جي پٿر جو ٺهيل مجسمو رکيل هو ۽ ٻنهي طرفن کان ديوارن تي سجايل بنجامن جون سائنسي، سماجي ۽ علمي ايجادون رکيل هيون، انهيءَ سان گڏوگڏ سندس وچ وچ ۾ خود بنجامن فرينڪلن جي آواز ۾ خود هو پنهنجي تخليق ۽ زندگي بابت ڳالهائي ٿو. مون پهريون ڪم اهو ڪيو جو گوڏو هڻي پٽ تي ويهي هن جي زندگي جي ڪهاڻي ٻُڌم جيڪا تقريبا 50 منٽن جي اسٽوري آهي. جنهن مان سُڌ ملي ٿي ته هن ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت جانقشاني سان قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ مشيني انداز ۾ علم، ادب، سائنس، سياست ۽ سماجي سائنس بابت جاکوڙيوآهي. اهڙي جذبي ۽ محنت جي مادروطن سنڌ کي علم، ادب، سائنس، سياست ۽ سماجي سائنس جي ميدان ۾ سخت ضرورت آهي.
***
(ويسٽرن اليونائي يونيورسٽي مئڪومب، شڪاگو، جنوري 2006ع ۾ پهچڻ ٿيو. جتي WESL ۾ انگريزي ڊپلومه ڇهن مهينن جي ڪورس بعد MS/M.Phil پروگرام ايجوڪيشن ليڊرشپ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر رابرٽ هال جي اڳواڻي ۾ شروع ٿيو. جيڪا ڊگري ڊسمبر 2007ع ۾ ڪاميابيءَ سان تڪميل تي پهتي. انهيءَ دوران منهنجي رهائش ڪيون ٽملن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل آفيس معرفت پهرين هڪ مهيني لاءِ انٽرنيشنل هائوس ۾ ميڪسيڪن نوجوان اليڪس سان رهي بعد ۾ انٽرنيشنل ڊارم ۾ فليٽ ۾ روم 315 بلڊنگ ۾ جپاني دوست ماساياسا گوٽو سان رهي. ويسٽرن يونيورسٽي مئڪومب ۽ مئڪومب سٽي سميت شڪاگو شهر جا ڏاڍا دلچسپ ۽ رنگين تجربا رهيا.)
***
Special Notes
ڊان مُري منهنجي لاءِهميشه اهي لفظ دهرائيندو هو ته عبدل پارٽي جو ماڻهو آهي.(Abdul is a Party Man) اهو سچ هو ته ويسٽرن يونيورسٽي يا شهر ۾ ڪا به تقريب مان گسائيندو نه هُئس مختلف ماڻهن سان ملي جُلي دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن کان نت نيون ڳالهيون سکبيون هُيون. تقريبات ۾ شريڪ ٿي ڪجهه ويسٽرن ڪلچر ۽ تاريخ جانوان جلوا پسبا هئا.
***
Mr. John Pell
ٽمپل يونيورسٽي فلاڊيلفيا ۾ جان منهنجو Mentor هو، جيڪو اوهانکي پهاڙي چشمي ۾ ملي سگهي ٿو. اهو سڀاڳو ڏينهن هو جڏهن ڊيسنس سَرج مونکي چيو ته توهان لاءِ Prof. Joe وٽ سٺي خبر آهي. مون Prof. Joe سان مليس هن چيو ته John Pell تنهنجي مدد ڪندو سو هن John Pell کي email موڪلي بعد ۾ هن مونسان Contact ڪيوٻن ڏينهن بعد IELP جي آفيس ۾ مليا هئاسون. مان سمجهان ٿو اهو جولاءِ 2005ع جو پهريون هفتو هو سو هفتي جا 5 ڏينهن روزانو مون هن سان ملڻ لڳس هن گهڻي انداز ۾ ۽ دل و جان سان هر طرح جي مدد ڪئي، آمريڪي زندگي کاڌن، ڪپڙن، يونيورسٽي لائيف ۽ علم جي ڏس ۾ تمام گهڻي رهبري ڪئي. ان عرصي دوران منهنجي زندگي ۾ بنيادي تبديليون آيون. جن آمريڪي زندگي ۾ وڏي مدد ڪئي. مسٽر جان کي ٽمپل يونيورسٽي ۾ نوڪري هُئي. 26 سالن جو نوجوان هو، هن کي سُهڻي گُڏي ڪائوڊي نالي گرل فرينڊ هئي. مون جنوري 2006ع ۾ فلاڊيلفيا ۾ انهن کي جڏهن الوداع چيو هو ته هنن مارچ 2006ع ۾ شادي جو پروگرام رٿيو هو. هنن ساڻ فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي.
***
پروفيسر ڊينس سَرج
Dennis Serge, Co-ordinator, IELP, Philadelphia هي IELP ٽيمپل يونيورسٽي جو Residential Co-ordinator ۽ استاد جنهن پهرين ڏينهن مونکي Lunch ڪرائي هئي، پوءِ ته يار ٿي ويو. سندن ذاتي زندگي کان وٺي اٽلي،يورپي ۽ آمريڪي زندگي بابت گهڻا بحث مباحثا ٿيندا هئا. اصل ۾ هي اٽلي جو آهي، پوءِ هن جا والدين اٽلي کان اچي ڪري آمريڪا ۾ پهتا. هاڻي هي ڪنوارو استاد 48 ورهين جو جوان آهي. اڪيلو رهي ٿو واشنگٽن ۾ گرل فرينڊ اٿس جنهن سان مهيني ۾ ٻه روز ملندو آهي . منهنجي رهائش جو هن همراه بندوبست ڪيو هو. جيڪو Paying Guest طور پهرين شيري ۽ جان جي گهر سان ۽ بعد ۾ جولي ۽ جيف وٽ رهائش رکيائين.
***
آمريڪي عورت جو غُرور
منهنجي گوري آمريڪي دوست Major Denial جو چوڻ آهي ته آمريڪي عورت ۾ حد درجي جو غرور ۽ تڪبر ٿئي ٿو، جيڪا پاڻ کي مرد کان بر تر سمجهي ٿي، هو سمجهي ٿي ته مرد اڳتي وڌي هن لاءِ دروازو کولي، ڪچن ۾ رڌ بچاءُ ڪري، صفائي ڪري ۽ سڀني سرگرمين ۾ شامل رهي هوءَ سينگاريل گُڏي طور زندگي جا مزا ماڻي. منهنجي ٻين آمريڪي دوستن پنهنجو ذاتي تجربو به ٻڌايو ته چيني، جپاني ، فرينچ، ايشين۽ مڊل ايسٽ جي عورت جي ڀيٽ ۾ آمريڪي عورت ۾ هَٺُ سَرس ٿئي ٿو، البته جرمن عورت جي ڳالهه جدا آهي. جنهن لاءِ هُنن جو چوڻ آهي ته جرمن سياسي تاريخ ۾ جرمن چانسلر هئڻ جا مثال ملندا. يعني عورت حڪمران طور به جرمن اندر پاڻکي مڃرايو آهي، سڄي برٽش تاريخ ۾ مسز ٿيچر اڪيلي عورت وزيراعظم رهي، آمريڪا جي ڪا عورت صدر جي عهدي تي ڪانه پُڳي، برصغير ۾ محترمه بي نظير ڀٽو، اندرا گانڌي ۽ خالده ضياءُ جا مثال پڻ موجود آهن. ساڳئي طرح آمريڪي ۽ يورپي شاعرن جا هيرو گهڻي قدر مرد رهيا آهن، ليڪن شاه لطيف دنيا جو اڪيلو، نرالو۽ انقلابي شاعر آهي جنهن جون هيروئن عورتون (سسئي، سهڻي، مومل ۽ مارئي) آهن.
***
آمريڪي هيرو
اهو سنهڙو سيپڪ جهڙو ٽماٽي وانگر لعل ڳاڙهو بنا ڏندن جي اَڇي مٿي سان 83 سالن جو آمريڪي هو جيڪو سلويشن آرمي جي دفتر ۾ Bible Class دوران مليو هو، جنهن تعارف ڪرائيندي چيو هو ته مان ويٽنام جي جنگ جو هيروآهيان. مونکي خدا واسطي Voulunteerismرضاڪار ٿيڻ جو جنون جي حد تائين شوق آهي ، اهو سبب هو جو Korea ۾ 50ع ڏهاڪي واري جنگ ۾ وڙهڻ ويو هئس جڏهن منهنجي عمر 17-18 سال هئي. اهو ڪم ڪرڻ ۽ پڙهڻ لکڻ جي شوق هو جو منهنجون چار خوبصورت زالون مونکي جنوني ڪم ڪندڙ چئي ڇڏي ويون. اڄ مان اڪيلو آهيان. پاڻ کي گذر سفر لاءِ باغباني جو ۽ ٻيو ڪم ڪرڻو پوي ٿو . مون سپاهي پرائمري استاد ۽ هوٽل بيرو رهيوآهيان ڪم ڪرڻ ۾ ڪڏهن به عار نه سمجهي لئبريري اسسٽنٽ به رهيس. اهو آمريڪي سوچ جو انداز هر آمريڪي جي دماغ ۾ ويهاريل آهي ته ملڪ جي بقا لاءِ ذهني، جسماني ۽ مالي طور قرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار ۽ پهري سجاڳ رهڻ گهرجي ۽ واقعي آمريڪن کي جنون جي حد تائين انهي نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ڏٺو، انهي کان علاوه اهو نعرو Voulunteerismبه آمريڪي يونيورسٽين ۾ عام آهي ته جيڪو (Volunteer) ٿي ڪم ڪندو اهو A-1 گريڊ وٺندو اڻ اعلانيه اهو اعلان آهي.
ساڳيو ٽماٽي جهڙو پوڙهو جنهن پنهنجو نالو Roger ٻڌايو هو، مونکي 2 مهينا بعد ۾ يونيورسٽي جي ڪنهن تقريب ۾ مليو ته مون پڇيو مانس !!ته ڇا سمجهين ٿو ته ڪوريا۽ ويٽنام ۾ آمريڪي فوجون جيڪي جمهوريت ۽ انصاف جي نالي وڙهيون هُيون ۽ انساني ڪوس ٿيو هو ته اهو صحيح هو ته هو!؟ مرڪيو کاٻي اکِ هنيائين ۽ فوراً سنجيده ٿي چيائين سچ پچ ته اهي پاڳل پڻي جون اَڻ کٽ جُنگيون هُيون، جنهن جي نتيجي ۾ اسين آمريڪي دنيا (Globe) جي گولي تي ڪٿي به پاڻ کي محفوظ نٿا سمجهون ۽ اسان جو مخصوص حڪمران طبقو ۽ CIA اسان کي باهه جي اوڙاهه ۾ ڌِڪي ڇڏيو آهي. ساڳي سوچ مونکي گهڻن آمريڪن ۾ نظر آئي. اڄ ڏسو ته آمريڪا جمهوريت جي نالي ۾ لائوس، ڪمبوڊيا بوسينا، ويٽنام، ڪيوبا، بولوويا، عراق ،افغانستان سميت دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح اڻ کٽ جنگين ۾ مصروف آهي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا اندر آمريڪا خلاف غم ۽ غُصي جي هڪ وڏي لهر ڦَهليل آهي،
آمريڪا دنيا جي قدرتي وسيلن تي قبضي جي نيت سان انڌي هاٿي جيان سڄي دنيا اندر ڪاهي پيو آهي نتيجي ۾ اوس شڪست ۽ ذلت هن جي نصيب جو حصو آهي.
***
بچت ئي بچت
آمريڪي بجلي 110 وولٽ ٻارين ٿا
جڏهن ته اسان وٽ بجلي 220 وولٽ اسعتمال ٿئي ٿي تنهنڪري انهيءَ جي کپت گهڻي ٿئي ٿي ليڪن آمريڪا ۾ توانائي گهڻي قدر بچائڻ لاءِ 110 وولٽ استعمال ٿئي ٿي جيڪو هنن جي ماهرن جي رٿا بندي جو ڪمال آهي. هونئن دنيا اندر اُهي قومون شاهوڪار ليکيون وڃن ٿيون جيڪي قدرتي وسيلن جو صحيح ۽ جائز استعمال ڪن ٿيون.اهڙي طرح آمريڪي ٻارڻ واري توانائي بچائن ٿا. انهيءَ کان علاوه وقت ۽ هنڌ (يعني زمين) Time and spaceجو به جائز طريقي سان استعمال سان گهڻن قومن ترقي جو معراج ماڻيو آهي.
برف باري ۽ ڊيوٽي
آمريڪا ۾ برفباري بعد روڊن ۽ رستن جي ترت صفائي ٿئي ٿي.
ڊيوٽي کان غفلت وارو تصور هُنن وٽ بنهه ڪونه آهي بلڪ ڊيوٽي ڪندي فخر محسوس ڪن ٿا. فرض ڪريو موسميات کاتي اعلان ڪيوته صبحاڻي يا اڄ شام جو Snow Fall ٿيندي ته انهيءَ کان اڳ فوٽ پاٿ، ريلوي اسٽيشن ۽ رستن ڏانهن ويندڙ ماڻهوءَ لاءِ هلندڙ پيچرن، بس اڏي ۽ شاپنگ سينٽر، اهم عوامي مرڪزن، اسڪولن ۽ ڪاليجن وارن ميدانن ۽ رستن تي لوڻ بلڪ خاص مصالحو ڇَڙڪي ڇڏيندا آهن ته جيئن برف فوري پگهرجي وڃي، رڪاوٽ نه بڻجي ٻيو ته برف گهڻي پوڻ جي صورت ۾ ميونسپل جو عملو خاص گاڏين ۾ مختلف علائقن ۾ وڃي هٿرادو طور بيلچن يا ڪرين مشين ذريعي روڊن ۽ عام رستن تان برف هٽائڻ جو ڪم فوري طرح ڪندا آهن ته جيئن انساني آمدرفت ۽ موٽر ڪارن وغيره جي نقل حرڪت ۾ رڪاوٽ نه پيدا ٿئي، سو وڏن وڏن برف جي طوفانن جي آمد کانپوءِ به عام زندگي جو وهنوار ائين هلندو رهندو آهي، جيئن عام ڪاروان هلندوآهي. اسان وٽ ائين ٿيندو آهي جو بالاحڪام ڀنگ جا ڪونڊا ۽ شراب پي سُتا پيا هوندا آهن ۽هيٺيون آفيسر طبقو ۽ عملو ڊيوٽي چور ۽ فرض کان غافل هوندو آهي. سو برف باري ته خيريت سان پوي ڪونه البته چار ڦُڙيون کِنوڻ ۽ گاج جي گڙگاٽ سان نازل ٿينديون آهن ته، گاڏي کاتي حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ٻيڙيون هلڻ لڳنديون آهن ۽ غريب غُربو ذلتن جو شڪار ٿيندو آهي.
***
11.06.2007
WIU, USA
رات جا 3 وڳا
هڪ ملاقات
رائن (آمريڪي 25 ساله فوجي جوان)، ڊائن (آمريڪي گريجوئيٽ) نوبو هيرو (جپاني گريجويئٽ) ۽ مون ــ
هنڌ: رائن جو فليٽ ڊائرا. ٽائيم رات جو 7 کان 11 بجه تائين!
اصل ۾ (Daien) نوبوهيرو جي Honor ۾ الوداعي پارٽي ڪرڻ پئي چاهي، رائن جو گهر مناسب هو جتي پارٽي ٿي.
07-01-2006
Julie House, Gorgas Lane.Philly, PA.
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جَن.
تن جو صرافن، اڻتوريو ئي اگهايو
(شاهه)
جل ٿل
جل ۽ ٿل آزاد هئڻ گهرجن، يعني هوا ۽ پاڻي تي ڪنهن جو قبضو نه هئڻ گهرجي. (هندي چوڻي) Philadelphia ۾ اڄ آخري ڏهاڙو آهي. صبح جو اٿي سامان سڄو سيٽ ڪيم. بعد ۾ هيٺ لهي جوليءَ ۽ جيف سان هيلو هاءِ ٿي، مختصر ناشتو بسڪوٽ ۽ چانهه سان ورتم بعد ۾ شهر جو آخري چڪر لڳائڻ خاطر ريل ذريعي Market East Station تي لٿم ۽ City Hall کان ٿيندو (Wal nut Street) والنٽ اسٽريٽ ۽ (Chestnut Street) چيسٽنٽ اسٽريٽ گُهمي واپس گهر آيم، وچ ۾ شريف شاهه سانLos Angles (USA) مان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، گهر آيم ته ٿورين گهڙين ۾ Victor Gill به پهتو ته جولي مون کي سڏيو، انهي کان اڳ ۾ چيني ساٿي Pie کان موڪلايم، ڇو ته مون کي ڄاڻ هئي ته هي همراه ڪهڙي به وقت گُهت هڻي هليو ويندو. تنهنڪري اخلاقي فرض سمجهندي موڪلايم. بعد ۾ هيٺ لهي ڊائنگ ٽيبل تي سڀ ڪٺا ٿياسين. ڊنر جو دورانيو ڪلاڪ تائين هليو، دستوري ڳالهه ٻولهه به ٿي، بعد ۾ مٿان سامان هيٺ لاٿوسين، موڪلائي سامان ڪار ۾ رکيوسين، سڀئي گهر وارن ڳلي مِلي موڪلايو. موڪلائيندي اهو احساس پيو ٿئي ته ڄڻ پنهنجي گهر وارن کان موڪلايان پيو. اهو ڇونه ٿئي؟ 6 مهينا گڏ رهياسين. Jeff ۽ Erric (پيءَ ۽ پٽ) ڪار تائين سامان کڻي آيا. بعد ۾ وڪٽر گاڏي ۾ کڻي پنهنجي گهر پهتو. هي قلندر صفت ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي وڏائي جو ڏيک نه ڏيندو آهي خدمت ۾ هميشه پيش پيش رهندو آهي، وڪٽر گل اصل ۾ 34 ورهين کان لاهور کان اچي هتي آمريڪا ۾ رهائش پذير ٿيو، بلڪه پنهنجي سڄي خاندان کي آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ سيٽ ڪيو اٿس، پاڻ ڪرسچن مذهب جي تبليغ جو ڄڻڪه ٺيڪو کنيو اٿس، انهي ساڻ گڏوگڏ آمريڪن ــ پاڪستان جي ڪميونٽي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، پڻ فلاح و بهبود لاءِ ڪوشش ڪندو آهي.مون کي ڪڏهن ڪوبه مسئلو ٿيندو آهي ته هي فرشتن جيان حاضر ٿيندو آهي. يعني هر مسئلي جو حل آهي، فلاڊيلفيا جي وڪٽر گل جو ذڪر ايندي مون کي ايڊنبرا، اسڪاٽ لينڊ ۾ رهندڙ مولوي عبدالواحد پنجاپي ياد آيو، جنهن جي ايڊريس مسعود قريشي مون کي ڏني هئي. مولانا واحد به اسان جي هر مسئلي جو حل ڪڍي ڏيندو هو. مون ته هنکي مولانا جي روپ ۾ فرشتو ڏٺو، سادو سودو بنا ڪنهن لالچ جي اسان جي پوري ٽيم جي مدد ڪندو هو. دسترخوان جو سخي مرد هو. ايڊنبرا جهڙي يورپي شهر ۾ مفت رهائش ڏيڻ ڪمال کان گهٽ نه آهي.
ڊاڪٽر شريف شاه، سيد بشير احمد شاه جو پٽ ۽ سيد عيسن شاهه صاحب جو پوٽو آهي، سائين بشير شاهه منهنجو ويجهو دوست ۽ ڀاءُ آهي. هُن جو والد سيد عيسن شاهه ٺل جو وڏو زميندار، پير، سماجي اڳواڻ، سياسي رهمنا (انگريزن جهڙا اصول رکندڙ) ۽ هڪ سٺو شهري هو. ٺل هاءِ اسڪول لاءِ ڪروڙن جي زمين مفت ۾ ڏني، جنهن ۾ سيد عيسن شاهه جو دوست عبدالمجيد خان کوسو به شريڪ هو. شريف شاه آمريڪا جي خوبصورت شهر لاس اينجلس جو رهندڙ آهي. هر ڀيري فون تي مون کي گهمڻ جي صلاح ڪندو هو ليڪن مصروفيتن مون کي منڊي ڇڏيو. فلاڊيلفيا شهر ۾ به ڳچ آبادي آهي جنهن ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابرآهن، مون پورا يارهن مهينا رهيس، اتفاق الاهي اهو ٿيو جو صرف هڪڙي سنڌي سان ملاقات ٿي، جيڪا به صرف ڪجهه منٽ رهي وري همراه ايئن گم ٿي ويو جيئن ڳئون جا مٿيان ڏند.
***
08-01-2006
Philadephia+Chiago+WIU, USA
نئين منزل ــ شڪاگو لاءِ صبح جو روانگي
رات Victor وٽ ترسڻ ٿيو، گپ شپ ڪئي سون، صبح جو اُٿي تڙ ڪري ناشتو ڪيوسين. بعد ۾ وڪٽر جي ڪار ذريعي ايئرپورٽ آياسون، جتي وڪٽر کان موڪلائي اندر لائونج ۾ آيم ٽڪيٽ اوڪي ڪرائي سڌو جهاز ۾ ويٺم جهاز شڪاگو لاءِ تيار هو. ڏاڍو شاندار ۽ وڏو جهازهو منهنجي ڀر ۾ کاٻي پاسي کان هڪ پُروقار شخصيت ويٺل هئي ۽ ساڄي پاسي کان هڪ Teen-ager ويٺل هئي، شڪاگو تائين ڪتاب پڙهندي رهي مون گذريل رات جي اوجاڳي سبب شڪاگو تائين ننڊ ڪندو رهيس، صرف Refreshment وقت جاڳيس12 وڳي شڪاگو پهچڻ ٿيو 2 ڪلاڪن جو وقفو هو سو مون سڄو ايئرپورٽ گهمي ڏٺو، ڏاڍو خوبصورت ايئرپورٽ آهي. 2 ڪلاڪن بعد (Peoria) پيرويا لاءِ ٻيو جهاز ورتم، جيڪو ننڍڙو جهاز هو، 51 منٽس ۾ پيرويا(Peoria) پهتاسين، ايئرپورٽ تي ويسٽرن اليونائي (WIN) يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر ڪيون ٽملن (Kevin Timlin) وڏي وين سميت موجود هو. (Peoria) پيرويا کان (Macomb) مئڪومب شهر تائين 80 منٽن جي مسافت (Drive) آهي. ڪيون ٽملن وڏو گپوڙي آمريڪن لڳو، همراه رستي ۾ ويسٽرن يونيورسٽي، انگلش ڊپارٽمينٽ ۽ ايڊيوڪيشن فئڪلٽي بابت گهڻيون ڳالهيون ٻڌايون. جتي شام جي پاڇن ۾ انٽرنيشنل هائوس پهتاسين ته انٽرنيشنل هائوس جي نوجوان مئنيجرمس ائليڪسي ڀليڪار چيو مون اڳواٽ لکپڙهه جي ڪري يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هائوس ۾ رهائش ورتي هئي. انٽرنيشنل هائوس 3 طبقن تي ٺهيل هو، مونکي هيٺ Basment ۾ ميڪسيڪن نوجوان Alex سان گڏ ڪمرو مليو هو. فوري مون سامان سيٽ ڪري ٻاهر آيس ته علي سلمان عرب نوجوان ۽ ٻيا دوست مليا جن چيو ته اسان ساڻ گڏجي ڊنر ڪيو، مون Thank you چئي اچي مئنيجر ايليڪسي کي چيو ته ڊنر لاءِ ڪو هوٽل ويجهو آهي؟ هُن ٻڌايو ته رات ٿي چڪي آهي ۽ برسات به هلي ٿي تون پنڌ وڃي ڪونه سگهندين مان پنهنجي گاڏي ۾ توکي وٺي هلان ٿي. اسين مارڪيٽ ۾ ميڪڊانلڊ هوٽل تان ڊنر وٺي واپس ٿياسين. انهي دوران هن پاڪستان بابت مونکان احوال ورتا، پاڪستان لاءِ آمريڪي وڏي ڳڻتي جو شڪار هئا.
***
19.02.2006
Lamoine Village, 315- 1
Macomb,Illinois,USA
ڪي سُمهه، ڪي جَاڳ، کاءُ اڌورو اَنُ،
تهَ جا مورت تُنهنجي مَنَ، تنهن مشاهدو ماڻئين.
(شاهه)
اڪيلائيءَ جو عذاب
انسان جڏهن تنها ٿئي ٿو ته انهن لمحن ۾ عجيب ڪيفيتون وارد ٿين ٿيون، جن گھڙين جي تشريح علامه آءِ .آءِ قاضي هن ريت ڪئي آهي. مون کي ابراهيم جويي صاحب ٻڌايو ته علامه آءِ آءِ قاضي کان هڪ جھوني خدمتگار سوال ڪيو ته سائين جڏهن اوهان اڪيلا هوندا آهيو ته انهن لمحن ۾ اوهان جي چهري جي رونق مختلف هوندي آهي،علامه صاحب وراڻيو ته “ بابا جڏهن تون ۽ مان ڳالهايون ٿا ته صرف ٻه وجود گڏ آهيون، ليڪن جڏهن مان تنهائيءَ ۾ هوندو آهيان ته ڄڻڪ پوري ڪائنات، سمنڊ ۽ آسمان گڏ هوندا آهن.” اهڙي طرح هي ڊائري جا ورق مون اڪيلائي ۾ لکيا آهن، عذاب ڀوڳيندي انساني احساس جي اظهار جا ڪيترائي طريقا آهن، انهن مان ڊائري به هڪ ذريعو آهي.
سنڌي ادب ۾ نثر نويسي جي حوالي سان “ادبي ڊائري ” لکڻ جي روايت ڪا نئين ڳالهه نه آهي. ماضي ۾ ڊائري جي حوالي سان غالبن جيڪو پهريون ڪتاب ڇپيو، اهو مرزا قليچ بيگ جو لکيل “سائو پن يا ڪارو پن” هو. جيڪو ادب ۾ اهم ڪتاب ليکيو وڃي ٿو. موجوده دور ۾ ڊائري جي حوالي سان جيڪي ڪتاب شايع ٿيا آهن، انهن ۾ قاضي عبدالمجيد عابد جي “سفر يورپ جي ڊائري”، نصير مرزا جي “ بئڊ لڪ ڊائري”، سائين ظفر حسن جي “ڊائري” اڪبر سومري جي “ڊائري”، ايم اي عالماڻي جي ڊائري وغيره سرفهرست آهن. سفرنامي وانگر “ڊائري” سنڌي ادب جي عام صنف نه ٿي آهي، پر ان جي باوجوده اڻاٺ به نه آهي. آمريڪي ڊگھي ٿڪائيندڙ سفر ۾ مون کي اهو سختيءَ سان احساس ٿيو ته اڪيلائي جو عذاب جيڏو وڏو هوندو آهي، ان جي برعڪس سوچ جي سفر ۾ نت نوان خواب ۽ خيالن (Dreams and Ideas) جو طوفان پاڻ سان گڏ اڪيلائي کڻي اچي ٿي.اهو خوابن ۽ خيالن جو طوفان رنگين ۽ حسين هوندو آهي، ڄڻ سمنڊ جي طغياني ۾ ننڍڙي ڪاٺ جي ٻيڙي سمنڊ جي وچ سير ۾ پئي لُڏندي لَمندي آهي. سو گھڻا انسان انهيءَ ڪيفيتن مان پار پئي گليلو،شاهه لطيف، اياز، البرٽ انسٽائين، اسٽيفن هاگ ۽ برائٽ برادر بڻجي اعليٰ انساني تخليقن جا رنگين تحفا کڻي ايندا آهن، گھڻا ميم ۾ مارئي ڳائيندي، اُڀ ۾ ترارون هڻندا آهن. بحر ڪيف پنهنجي ننڍڙي ڪوشش آهي ته آمريڪي سماج جي بهتر تجربن کي پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ ڪهڙي ريت ڪارائتو بڻائجي ۽ ڪيئن Share ڪجي، جيئن سنڌ دنيا اندر سَرَ بُلندي ۽ سر بختي ماڻي. انهي خيال کي ذهن ۾ رکي روزمره جا هي ورق لکانٿو، نه ته عام طرح اهو ٿيندو آهي جو سفر ۾ وقت تمام گهٽ هوندو آهي جو ماڻهو ڪو ڪم يڪسوئي ساڻ ڪري سگهي.
جان جان هئي جيئري تان تان ورچي نه ويٺي. (شاهه)
***
04.04.2006
315 Lamoine Village
Macomb, Illinois, USA
حُسنِ آفاق...
ديس پَرديس ڪي ياران قدم خوار ڪي نام
حُسنِ آفاق، جمال لب و رُخسار ڪي نام
(فيض احمد فيض)
مُکڙي ڏي ڏس، ڪيئن ٿي مُرڪي! (تنوير)
دستور موجب اڄ جو ڏهاڙو به انتهائي مصروف گذريو،7 وڳي WESL وڃڻ ٿيو، لاڳيتو شام 5 بجه تائين Mentors سان گڏ هيم. Captain Rick۽ Guy Tailor سان مين گيٽ ٻاهر بهار جي مند جي خوبصورت سج ڪَني هيٺيان ڪچهري تي ديس پرديس جي رهواسين وڏا وڏا ڪوٽ پاسيرا رکي هلڪي پوشاڪن ۾ بهار جو مزو پئي ورتو. بقول تنوير جي : مکڙي ڏي ڏس ڪئين ٿي مُرڪي، منهنجي پيئڻ تي دل ٿي سُرڪي، موٽي آيو بهار ساقي. شام جو فليٽ تي آيم جتي Massa مرڪندڙ چهري سان موجود هو. WESL هفتيوار انگريزي سکيا جي ڪلاس دوران پرڏيهي شاگردن جي آمريڪي ڪلچر ثقافت ۽ مذهب جي ڄاڻ انگريزي ( Skills) ذريعي وڌائڻ لاءِ سٺن شهرين،مذهبي ۽ سماجي اڳواڻن کي دعوت ڏئي گھرائيندي آهي. Guy Tailor۽ Captain Rick به مذهبي ۽ سماجي اڳواڻ آهن. اڄ جڏهن اسان ٽنهي جو گروپ ٺهيو ته ٿڌ جي موسم ۾ سج جو لطف وٺڻ لاءِ اسين ٻاهر اچي ڪچهري ڪئي سون، سج جي روشني جي لطافت جي خبر ته تڏهن پئي ٿي جڏهن سال جا 6 مهينا طوفاني برساتن، برفبارين ۽ جسم کي چيريندڙ يخ سردين جي عذاب سان گذارجي ٿو. نه ته عام حالتن ۾ سج جي روشني جي اهميت جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.
صبح جو ناشتو: چانهه، فروٽ، ۽ بسڪوٽ. مانجھاندو: انڊا، پٽاٽا، مرغي، صوف ۽ ڪوڪاڪولا. رات: بيف پُڙا ۽ چانهه
***
05-04-2006
1-315 Lamoinc Village,
Macomb, IL, USA
کِهلي جو ايک دريچي مين آج حُسن کي پهول
تو جهوم ڪي گلزار هوگئي يکسر
(فيض)
بهار جو پاڇو
اربع جو ڏهاڙو، ڪلاس نه هئڻ سبب سڄو ڏهاڙو لئبريري ۾ گذريو، پڙهائي جي دٻاءَ سبب ٽائيم گذرڻ جو اندازو به ڪو نه ٿو ٿئي.
Also, today weather was so much nice, now slowly and gradually climate has been drifted in the hot weather, but yet weather is moderate, moreover, very soon will get warm weather.
ويتر موسم به تبديل ٿي پئي سو پاڻ سان گرمي جي حرارت کڻي اچي پئي، جيڪا اسان وڏي نعمت سمجھون ٿا، ڇو ته ڊگھو عرصو سخت سردي ۽ برفباري هڻي لاھ ڪڍي ڇڏيا هئا. گل ڦل به هاڻ گرمي سبب نسرڻ لڳا آهن جيڪي بهار جو هڪ پاڇو ۽ علامت آهن. وقت ۽ موسم بدلجي پئي، اي همسفرو! سڀ جاڳ رکي، هوشياري سان هلندا ئي هلو. هڪٻئي کي سنڀاليندي گذرو! هلندا ئي هلو. .. (شمشير)
ناشتو: چانهه، ڪيلا ۽ بسڪيٽ. مانجھاندو: فرينچ انڊا فرائي، صلات، بسڪيٽ ۽ پٽاٽو چپس. رات جي ماني: ڪنگ برگر ريسٽورنٽ ۾ Speaking Partnersليوڪ، ڪاساڊي، اَڊي، انڊي ۽ ازبيٿ سان گڏيل Dinner.
***
06.04.2006
1-315, Lamoine Village
Macomb. IL, USA
ڏس ته شفق مان صبح سڀاڳو
ڪر موڙي آ ننڊ مان جاڳيو
(تنوير)
سائوٿ آفريڪا مان فون
“نيڪي سان عمر وڌندي آهي”
WESL جي ٽيسٽ هئڻ ڪري سڄو ڏينهن مصروف گذريو. WESL جي Written ٽيسٽ هئي، مون سائوٿ آفريڪا مان آيل فون تي Barrister Femmi سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هوس ته پيپر شروع ٿي ويو، جنهن سبب Dr. Diana Loyet سخت ڪاوڙيل هئي ته ٽيسٽ تي توجهه ڇو نه ٿو ڏيان.
خاص ڳالهيون: رات جو بيگم نازو ۽ امان سان ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ ڳالهائڻ سان به ڏاڍي تقويت ملندي اٿم. خاص طور اهڙين حالتن ۾ جڏهن ارد گرد اوهان کي سنڌي ڳالهائيندڙ ماحول موجود نه هجي، سو هن ويسٽرن يونيورسٽي ۾ مان رڳو اڪيلو سنڌي ۽ اڪيلو پاڪستاني آهيان، اڳتي هلي 2 پاڪستاني قدير حيدر سرگودائي ۽ اسلام الدين اسلام آبادي آيا، جيڪي به پڪا پاڪستاني مجاهد هئا.
ناشتو : فروٽ، چانهه ۽ بسڪوٽ. مانجھاندو : مرغي، چانور، پٽاٽو چپس ۽ ڪوڪاڪولا. رات جي ماني: چانور، مڇي ۽ آئسڪريم.
***
09.04.2006
1- 315, Lamoine Village
Macomb, IL, USA
ڪڏهين ڪڏهين ائين به ٿيندو آهي
جي ماڻهو جي اندر مان،
ڪو اهڙو خيال سرجي پوندو آهي،
جيڪو سوين جهانن کي، زير زبر ڪري ڇڏيند آهي،
(مولانا رومي)
اڳتي قدم
آچر جو ڏهاڙو هو معمول مطابق ڪم جي ڌم ۾ رهيو، اڱاري ۽ اربع ڏهاڙي جي Power Point Presentation هئڻ سبب سڄو ڏهاڙو لائبريري ۾، ۽ رات جو ڪمري ۾ به مسلسل ڪم ڪندو رهيس. اڄوڪي ڪاوش ۾ سينئر ليکڪ محمود مغل جو ادبي سنگت جي سيڪريٽري ذلفي سيال ڏانهن تنقيدي خط ڏاڍو چُڀندڙ محسوس ٿيو. جيڪا هڪ سٺي روايت جي شروعات آهي جو سنڌي ۾ تنقيد جي شدت سان کوٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي، هي خط هڪ وک اڳتي قدم آهي.
خاص ڳالهيون:
(1) مبارڪ ڏينهن اڄ جو ڏينهن منهنجي لاءِ خوشين جون خُرزينيون کڻي آيو، اڄ ڄامشوري ۾ عمران وارا پنهنجي جوڙيل جنت (گهر) ۾ پهتا. لڳاتار 50 منٽ بيگم سميت سڀني Family Members سان ڳالهه ٻولهه ٿي. منهنجي زندگي جو هڪ اهو به خواب هو جيڪو پنهنجي گھر جي صورت ۾ پورو ٿيو. (2) شام جو انهيءَ خوشي ۾ Walid سان گڏجي King Burger ۾ ڊنر کاڌي سون. (3) شبير آڪاش قريشي ٺل کان فون ڪئي. (4) پروفيسر ڪمال Indiana State مان فون ڪئي، هي همراھ Fulbright ۾ P.hd ڪرڻ آيو آهي، نابين آهي پر پنهنجي Program نالي ڪمال جيان ڪمال جو ذهين ماڻهو آهي. (5) Victor Gill فلاڊيلفيا کان فون تي ڪچهري ڪئي.
***
14.04.2006
USA، WIU, Macomb
I never think of the future. It comes soon enough (Albert Enstien 1711-1791)
Easter Day
جمع جو ڏهاڙو آهي، ڪلاس نه ٿيا ڇو ته اڄ ڪرسچنن جو وڏو ڏهاڙو (Easter Day) آهي،
موسم پاسو بدلايو آهي خاص گرمي ٿي آهي ڄڻ پنهنجي ملڪ جو نظارو پسايواٿس، پاڻ کي حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ياد اچي ويا، مزو به آيو ڇوته برف باري جي عذاب مان جان ڇٽي هئي.
خاص ڳالهيون :
1. عمران سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.2. مسجد ۾ جمع نماز پڙهڻ وياسين جتي سوڊان، عربستان، روس، گريس، انڊيا ۽ ٻين مسلم ملڪن جا نوجوان ۽ عورتون شامل هيون. هي عمل به هِن جي زندگي ۾ Socialize ٿيڻ لاءِ لازمي سمجھان ٿو.
ناشتو: بسڪٽ، فروٽ، چانهه مانجھاندو: گوبي، مرغي ۽ چانهه. رات: چانور ۽ پٽاٽا
***
15.04.2006
Macomb, USA
“Great Literature is Product of Wartime”
(An English Wiseman)
Salvation Army Dinner
سڄو ڏهاڙو ڊاڪٽر رابرٽ هال جي ڪلاس EDL -300 خاطر Illusions جي تعليمي سرشتي تي تحقيق ڪندي گذريو. شام جو Captain Rick سانSalvation Army ۾ عالمي شاگردنAlex, Mareo, Rossa, Thoms, Gorge, Ya,Massashi, Massa, Christina, Yasa, ۽ Tommy سان ڊنر ڪئي سون. ڊنر کان اڳ ۾ ٽينس، بيڊمنٽن ، وزن کڻڻ ، ڪَئين ڪارڊ گيم شاگرد کيڏي ڀوڳ چرچن ساڻ گڏ مٿي چرچ ۾ ميوزڪ پلي ڪندي موسيقي مان لطف اندوز ٿياسين.اسان جو جپاني گڏو ۽ گڏي Yasa۽ Massashi بهترين Guitar player آهن، کين انهيءَ دوران Captain Rick ايسٽر ڏهاڙي جي اهميت بابت ٻڌايو. بعد ۾ Wal Mart مان کاڌي پيتي جو سامان وٺڻ وياسين،Rick اسان کي ليموئن وليج ۾ ڇڏيو.
نوٽ: ليموئن وليج Western Illions University جو گريجوئيٽ رهائشي علائقو آهي، جيڪو يونيورسٽي سان جُڙيل آهي.
ناشتو : فروٽ، چانهه. مانجھاندو : مرغي، چانور ۽ فروٽ. رات: Salvation Army جي دعوت ۾ گھڻائي کاڌا هئا.
***
19.04.2006
WIU, USA
پُڇن سي پَسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا
(شاه)
Lincoln ۽ هارڊي اسڪول جي وزٽ
پروفيسر رابرٽ هال ۽ Ms. Maria جي آفيس
ٺيڪ pm 45 :12 تي مان Horrbian هال ۾ پروفيسر Robert Hall جي آفيس ۾ ويس ته هن چيو Let me collect the key from P.S بعد ۾ اسين ڪار ۾ Maria جي (Assistt:Suptt Macob, IL) واري آفيس ۾ وياسين. جتي هن Macomb جي اسڪولن جي تعليمي سرشتي بابت تفصيل سان ٻڌايو، بعد ۾ اسين عملي طور Lincoln ۽Hardy ايليمنٽري اسڪول ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. اسڪول ڏسي حيرانگي جي حد نه رهي، هت جيڪي سهولتون هنن جي پرائمري اسڪول استادن کي آهن، اهي اسان جي يونيورسٽين جي استادن کي ڪين آهن. هنن جا ڪلاس مڪمل طور Maps, Charts, Computers, Multi Media سان سنواريل آهن ۽ اسڪول ۾ پڻ کاڌي پيتي جو سستو هوٽل، راندين جا ميدان ۽ مڪمل طور سياري جي مند ۾ Central Heating ۽ اونهاري ۾ Central Air Conditioning آهن. ٻارن لاءِ ڪتاب مفت مهيا ڪيا وڃن ٿا (نوٽ هر اسٽيٽ جو پنهنجو پنهنجو نظام آهي) ۽ صرف سال جي 50 ڊالر رجسٽريشن في ورتي وڃي ٿي. البته منهنجي هڪ ڳالهه هنن کي حيران ڪيو ته پاڪستان ۾ 12 ئي مهينا استاد (وئڪيشن دوران به) پگھار وٺي ٿو، هنن جو خيال آهي ته اهو Special Honey Moon پاڪستاني استادن لاءِ آهي، جيڪا سهولت آمريڪي استادن کي قطعي طور ڪونه آهي. سال جا 9 يا 10 مهينا پگھار کڻندا آهن، وئڪيشن دوران استادن کي پگهار ڪونه ملندي آهي. باقي Administrative انتظامي عملو جيڪو 12 ئي مهينا ڪم ڪري ٿو،اهي سال جي پگھار وٺن ٿا. ٻيو ته آمريڪا ۾ ساليانوPackage ٿئي ٿو انهيءَ Package جي روشني ۾ هر استاد کي ڌار ڌار سهولتون ميسر آهن، جيڪي استاد جي تعليم ، تربيت ۽ تجربي جي روشني ۾ Package طئي ٿيندا آهن.البته هڪڙي ڳالهه هتي بجا طور فخريه آهي ته معاشري ۾ استاد کي عزت اعليٰ درجي جي آهي. پاڻ وارو حشر ڪونه آهي، جو بس ۾ ويٺل پروفيسر کان سيٽ خالي ڪرائي ڪنهن ڪرپٽ سپاهي کي ويهاري ڇڏيندا آهن. بجا طور آمريڪي صدر جڏهن صدارت کان رٽائرٿيندا آهن ته استاد طور پڙهائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. جيڪو ڪنهن به سماج ۾ استاد جو مان مٿانهون ڪرڻ جو اعليٰ مثال ۽ علامت (Symbol) آهي.
***
23.04.2006
WIU, USA
A Good Friend
وليد جي سالگره
امان ( ترڪمانستان) ماسا (جپان) نور خان ( افغانستاني) (Full Brighter) وليد دوست جي سالگره ۾ شريڪ ٿيا. سندن مان ۾ پنهنجي ڪمري تي ڊنر جو بندوبست ڪيم. شاهانه انداز سان سالگره ملهائي سون. وليد ڏاڍو خوش ٿيو.وليد سوڊان مان آيل International Student آهي،جيڪو منهنجو بهترين دوست آهي، عالمي شاگردن ۾ علي سلمان (سعودي عرب) دانيال ( آمريڪي) ٽامي ( انڊونيشيا) نوبو هيرو ( جاپان) ڪرن ( نيپال) هيمالني ( نيپال) اودي ( انڊيا) رئن ( آمريڪي ) نورالله ( ترڪي) امان ( ترڪمانستان) ماسا گوٽو ( جاپان) نور خان ( افغانستان) آملڪار ( سائوٿ آفريڪا) سام ( ٽوگو آفريڪا) لاون ( نيپالي) اليڪس (ميسڪيڪو) ليوڪ ( هالينڊ) راڪ ( جرمني)،سلويا، فرنانڊا، ڪلاڊيا۽ جارج (آمريڪي)، منهنجا بهترين دوست آهن.
نوٽ: WESL ويسٽرن انگلش سيڪنڊ، لئنگوئيج جو مخفف آهي جيڪو ادارو انگريزي سيکارڻ لاءِ ويسٽرن يونيورسٽي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن انسٽيٽيوٽ ۾ سڄي جڳ جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون انگريزي سکي رهيا آهن.
***
24.04.2006
Lamoine Village,USA
چاچا عبدالغفور My God Father
اي شاه بلوط جا وڻ،
مون کي ويڙهي وڃو،
۽ پنهنجي هنج ۾ لڪائي ڇڏيو،
يعني منهنجو روح، اڪيلائي ۾.
ڪٺل انسانيت جو ماتم ڪندو.
(ڪرسٽاف چيخ)
ڪالهه کان منهنجو من موڳو هو، اڄ يونيورسٽي ڪلاس ۾ به دوست ور ور ڏيئي پڇي رهيا هئا ته فهيم ڀائي ڇا آهي جو اڄ تون اداس آهين، شام جو ڪمري ۾ بند ٿي بتيون اجھائي ڇڏيم، چانهه جو ديسي ڪپ تيار ڪري ٽيبل تي رکي اونداهي ڪمري جي دري مان ٻاهر روشن بتين کي ڏسان پيو ته فون جي گھنٽي وڳي ڄاتل سڃاتل آواز پڇيو Who are you?مون چيو ته Fahim Noonari speaking فوري اياز چيو ته چاچا، ابا سان ڳالهايو ته قيوم بري خبر ٻڌائي ته چاچا عبدالغفور جي death ٿي وئي. مون کي ڪمري مان آسمان اگھاڙو نظر آيو، بعد ۾ فون تي لطيف سان ڳپل ٽائيم روئندو رهيم ۽ هو مون کي دلاسا ڏيندو رهيو. ڪلاڪ بعد يحيٰ فون تي ڳالهايو. ليڪن سڄي رات آرام ڪونه آيو، هو ڌرتيءَ تي منهنجو God Father هو جنهنجي شخصيت سان منهنجون يادون ٻاروتڻ کان وٺي، اڄ جڏهن 45 سالن جو آهيان، ان گھڙي تائين زندگي جو پل پل ذهن منجهه يادن جو ذخيرو موجود آهي. انساني دماغ يادن جو کورو ٿئي ٿو، اک ڇنڀ ۾ ماضي ۾ پهچيو وڃي، چاچا عبدالغفور ۽ بابا سائين نه رڳو سٺا ڀائر بلڪ بي مثال دوست هئا، کلندا هئا ته هُنن جا ٽهڪ پورو شهر ٻڌندو هو، دل گهريا دوست هئا، گهمڻ، اُٿڻ، ويهڻ ۽ صلاح مصلحت ۾ هميشه گڏ هوندا هئا. تعليم گڏ پرايائون، هڪ ئي اسڪول ۾ گڏ استاد رهيا. حج تي به گڏ ويا، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ٻه هُئا ليڪن عملن هڪ هئا ڄڻڪ هڪ سِڪي جا ٻه پاسا هئا.
اصل ۾ هيڪڙائي هئا،
ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
***
26.04.2006
WIU, USA
گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
( شاهه)
علي سلمان ۽ وليد
اڄ جو ڏهاڙو به سورن ۾ گذريو. سڄو ڏينهن اکيون ڀنل رهيون. دوستن جي اچڻ جو سلسلو ۽ فونن ذريعي تعزيت جو سلسلو جاري رهيو. علي سلمان ۽ وليد خاص طور دعا لاءِ آيا، شام جو لطيف سڀني گهر وارن سان فون ذريعي گفتگو ڪرائي،گفتگو ڪندڙن ۾ شميلا، ماسي سردار خاتون ، امان، بيگم نازو ۽ ٻيا شامل هئا.
***
27.04.2006
315-1, Lamoine Village, Macomb, USA
ABEES GROUP
”علم لاءِ جدوجھد اڳين گناهن جي تلافي آهي“
(مولانا رومي)
صبح جو WESL ويس شام جو Horribon Hall ۾ Multi linguistic جي شاگردن جي گڏجاڻي هئي،Western Abees Illinios University نالي هنن جو گروپ هو، جنهن ۾ 20 کن ڇوڪريون ۽هڪ ڇوڪرو هو، کين اٽلي، هالينڊ، جپان، ۽ آمريڪا جي مختلف رياستن سان تعلق رکندڙ ذهين ڇوڪريون هيون، جن Word guess game ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل رانديون ڪيون، جنهن دوران Inter Dialogue ڏاڍو دلچسپ رهيو،جيڪا گڏجاڻي اندازن ڏيڍ ڪلاڪ جاري رهي. هي ثقافتي ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سکڻ ۽ سيکارڻ جو بهتر عمل آهي. ABEESگروپ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته کين آمريڪي ثقافت جي پس منظر ۾ انگريزي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ عام ڪجي، ڇو ته هن گروپ ۾ شامل ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا Master and Bachelor ڊگري ڪلاس جا شاگرد ESL انگلش (Second Language) ٻي ٻولي طور سيکارڻ جا ڪورس ڪري رهيا آهن. انهن کي انهيءَ گروپ جي سرگرمين (Activities) ذريعي اهو تصور اجاگر ڪرڻ جو موقعو اهڙيون گڏجاڻيون فراهم ڪن ٿيون. سندس ٻولي هميشه پنهنجي پس منظر واري ماحول ۾ سکي سگھجن ٿيون. جھڙي ريت مڇي پاڻيءَ ۾ زنده رهندي آهي، تهڙي ريت ٻولي پنهنجي ماحول ۾ زنده رهندي آهي.
نوٽ: Salvation Army به اهڙي قسم جون تقريبات عالمي شاگردن لاءِ ڪرائيندي آهي.
***
11.05.2006
315-1, WIU, USA
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل.
نه ڪا جھل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.
(شاهه)
WESL جي گريجوئيشن تقريب
اڄ “ ويسل”((Western English as a Second Language جي گريجوئيشن تقريب هئي، جيڪا Union جي Capital روم ۾ ٿي گذري، ڏاڍو پروقار پروگرام هو. جنهن ۾ Vice President آف WIU ڊين آف يونيورسٽي، ڊائريڪٽر انٽرنيشل اسٽڊيز ڊاڪٽر ٿامس،( Dr. Thomas) ڊائريڪٽر ويسل Mr. Murlee سان گڏ شهري ۽ شاگرد وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا، مون کي ڪلاس نمائيندي (Class Representative) طور تقرير لاءِ سڏايو ويو. تقرير بعد سڀني مبارڪون ڏنيون . عرب دوست علي سلمان وڏي تعداد ۾ فوٽو گرافي ڪئي.
صبح جو تقريب ۾ شرڪت لاءِ تيار ٿي پنهنجي نئين فل سوٽ ۾ لئبريري آيس. انٽرنيٽ (Internet) تي (Surfing) ڪندي مختلف Web sites کي جاچيندو رهيس. ٺيڪ 11 وڳي لئبريري مان ٻاهر نڪران پيو ته پروفيسر ڊونا( Professor Dona) ۽ پروفيسر رابرٽ هال (Professor Robert Hall) لائونچ ۾ مليا، جن کيڪاريو. چيائون ته اسين به WESL جي گريجوئيٽ تقريب ۾ هلون ٿا. هال ۾ آيا ته مون کي ويسل جي ڊائريڪٽر (WESL Director) مسز لوئيٽ چيو ته اچو ته ٻاهر هلي بيهون، جئين يونيورسٽي صدر ( President) اچي ته اندر وٺي اچونس. ٺيڪ 5 منٽ ۾ President پهتو ته تقريب جي شروعات ٿي.هتي گھڻو ڪري سامعين ۽ مهمان خاص به هيٺ عام ماڻهن سان گڏ ويهن صرف تقرير لاءِ مٿي سڏيندا اٿن. تقريب جي شروعات ۾ پهرين صدر ڳالهائيندو آهي، پوءِ ٻيا مقرر اهڙي طرح منهنجو وارو ڊائريڪٽر کان اڳ آيو.تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ پروفيسر، سماجي اڳواڻ، شهري، (انٽر نيشل) شاگرد ۽ اسان جا دوست شريڪ هئا، جن منهنجي تقرير غور سان ٻڌي.منهنجي گائيڊ (Guide) ڊاڪٽر هال ۽ پروفيسر ڊونا منهنجي انگريزي کي ساراهيو. ازانسواءِLunch دوران Captain Rick,Prof.Kevin ۽ ٻين آمريڪين منهنجي انگريزي جي تعريف ڪئي، جنهن تي مون کي خوشي ٿي ۽ ڏک اهو ٿيو ته هن گريجوئيٽ Ceremony ۾ منهنجا والدين ۽ فيملي شريڪ نه هئا.اهڙيون تقريبون خاص اهتمام سان ٿينديون آهن، جنهن جي تياري لاءِ اٺ ڏهه ڏينهن اڳ تياري (Preparation) ڪندا آهن. اسان جي هن English Diploma واري ڪلاس ۾ امان ( ترڪمستان ) وليد (سوڊان) عمر ( سوڊان ) نورالله ( ترڪي )عيدي (ڪويت) محمد (سعودي عرب) ماسا ياسا گوٽو (جپان) عبدالڪريم (سعودي عرب). ...؟
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو.
(شاهه)
***
12.05.2006
Lamoine Village, IL, USA
”جنهن علم جي طلب ۾ وفات پاتي، اهو شهيد ٿيو.“
هجي ناڻو ته گُھم لاڙڪاڻو
اڄ Lamoine Village ۾ گھڻن شاگردن لڏپلاڻ ڪئي.کين سيمسٽر (Semester) پوري ٿيڻ سبب گريجوئيشن (Graduation) مڪمل ڪئي. اڄ وليد به شڪاگو روانو ٿي ويو. سڄي يونيورسٽي ڄڻ خالي لڳي رهي هئي.
منهنجو من به هيڪل وياڪل ٿي ويو، دل اُداس اُداس ٿي ويئي، اندر مان اها خواهش چڻگن جيان نڪري پئي ته آئون به الوداع چوندڙ شاگردن جيان ٿيلهو ڳچي ۾ لڙڪائي وڃي وطن جا وڻ وسايان. ليڪن اهو پنهنجي وس ۾ نه هو، ڇو ته پاڻ کي ڊگري مڪمل ڪرڻ لاءِ اڃا هڪ سال گھربل هو. بهرحال وطن کان هزارين ميل ڏور انسان جي عجيب ڪيفيت ٿئي ٿي. اڄ وليد کي الوداع چوڻ لاءِ آئون ،محمد ۽ ايوب (ٽوگو) جي ساٿين سان گڏ ڪار ۾ مئڪومب(Macomb) ريلوي اسٽيشن ڇڏڻ وياسون. دل چاهي پئي ته آئون به هن سان ريل ۾ چڙهي پوان، ڇوته وليد منهنجو پيارو دوست رهيو،صبح ۽ شام گڏ هوندا هئاسين. بهرحال اهو سوچيو ته ميلاپ ۽ وڇوڙا زندگي جو حصو هوندا آهن. پنهنجي دل پڪي ڪيم ته ايندڙ للڪارن (Challenges) لاءِ دل ۽ دماغ کي تيار ڪيم ڇو ته پورو هڪ مهينو يونيورسٽي شاگردن کان سواءِ ڀڙڀانگ رهندي ۽ اسين (ٿورڙا) شاگرد،Lamoine Village ۾ ويٺا مرليون وڄائينداسين ۽ پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندي ٽائيم پاس ڪنداسين، ڇو ته جن وٽ ڊالر گھٽ هوندا آهن، سي سيمسٽر بريڪ ۾ ڊالرن کانسواءِ آمريڪا اندر به گهمي ڪين سگھندا آهن. مون کي انهي گھڙي اها چوڻي سچ لڳي ته “ هجي ناڻو، ته گھم لاڙڪاڻو ”
***
13.05.2006
Lamoine Vill: USA
Mother and Father Day
جنهن وڇوڙي جي باهه ڏٺي آهي.تنهن کي دوزخ جي باهه به ٿڌي لڳندي.
(پشتو، ٽِپا)
سڄو ڏينهن ڪمري ۾ گُذريو، جيڪو معمول جي خلاف هو، ڇو ته ڪالهه ( Prof. Robert Hall مون کي Laptop ڏني ته سڄو ڪم ڪار ڪمري ۾ ويهي ڪيو، شام جو Captain Rick وٺڻ آيو ته مان ۽ ماسا گڏجي Salvation Army Head Quarter وياسون جتي Dinner جو بندوبست ٿيل هو. ڏاڍي شاندار ڊنر هئي.Alex ميڪسيڪن، پرفيسر Chris آمريڪيVioleta, Rick, Madona, Tommy, Massa,Capt: Thomson, Major Rossy. آسا (جپان) ۽ Rossy جا ٻئي پٽ John ۽ Tom شريڪ هئا. آخر ۾ مان Violeta ، Massa وال مارٽ خريداري لاءِ وياسون. جتان هفتي جون ڀاڄيون ۽ ٻيو کاڌي جو سامان خريد ڪري واپس ٿياسون. Slavation Army هفتي جي هر ڇنڇر جي شام جو International Friendship نالي هڪ ڊنر پروگرام ڪندي آهي، جنهن ۾ دنيا جي ڳچ ملڪن جا شاگرد شريڪ ٿيندا آهن، کين هتي چرچ جي تهخاني ۾ ميوزڪ جو سامان،ٽينس ڪورٽ، بيڊمنٽن، ڪارڊ پلي، جسماني مشق، مطالعي لاءِ ڪتاب ۽ هر قسم جو کاڌو به موجود هوندو آهي. ان سان گڏو گڏ گفتگو ۽ سماجي ميلاپ ذريعي دنيا جا شاگرد هڪ ٻئي جي ڪلچر کان واقف ٿيندا آهن. مان پابنديءَ سان انهيءَ ڪري ويندو آهيان، جيئن پنهنجي وطن ۽ ثقافت بابت ٻين ملڪن جي شاگردن سان گفتگو ڪري سگھجي. هي هڪ سٺو فورم آهي،جتي گهڻيون ڳالهيون سکجن ٿيون ۽ پنهنجي وطن، تهذيب ۽ تاريخ کان ٻين کي واقف ڪجي ٿو. جيتوڻيڪ هنن جا پنهنجا عيسائيت جي ڦهلاءُ وارا مقصد هوندا آهن، ليڪن اسين وچان ٻيا رستا ڪڍي وٺندا آهيون، جيڪي موقعا عام حالتن ۾ ميسر ڪو نه ٿي سگھن ٿا.
خاص ڳالهيون:
(1) اڄ Salvation Army ۾ Mother and Father Day ملهايوسين. جنهن ڏينهن جي اهميت بابت Captain Rick ڳالهايو. (2) لطيف ۽ شميلا سان سرگوڌا فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. (3) بيگم نازو، عمران، نتاشا ۽ ڏاڏا سان ڄامشورو ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
15.05.2006
Lamoine Vill: IL USA
To the right, books, to the left, a tea cup, In front of me, the fireplace: behind me, the post, There is no greater happiness than this. (Tiega)
جانب تون جيڏو، آهين شان شعورسين،
مون تي ڪر منهنجا پرين، توهه ستي تيڏو،
اي ڪامل! ڪم ڪيڏو، جيئن نوازيم نگاهه سين
(شاه)
Victor from Philadelphia
ڊائري لکڻ ۾ تسلسل نٿو رهي، شايد انهيءَ جا هڪ کان وڌيڪ سبب آهن. وطن کان فون جو سلسلو جيڪو هڪ وقت طلب ٿئي ٿو. Net تي Online دوستن سان Chatting ۾ وقت جو صرف، پڙهائي جي رش.House work جو وڌندڙ بار ۽ ڪڏهن ڪڏهن Home Sickness جا بادل وطن جي وڻن ڏانهن گھلي وٺي وڃن ٿا. هر گھڙي معنيٰ ته اصل ۾ سفر دوران سوچ عجيب ٿئي ٿي. انساني دماغ تي طرحين طرحين جون سوچون حمله آور ٿين ٿيون ۽ انسان جو وزن ڇا آهي؟ اهو هڪ عجيب الميو آهي، وطن جي سڪ Online روزانو ڪاوش، عوامي آواز، عبرت، B.B.C ۽ Dawn سميت اڙدو اخبارون پڙهندا آهيون. تقريباَ 40 منٽن کان 80 منٽ اخبارن ۽ مضمونن لاءِ مخصوص آهن، سو اهڙين گائون مائون وارين سوچن ۾ گھڻو وقت صرف ٿي وڃي ٿو، پوءِ ڪڏهن ڊائري لکڻ رهجيو وڃي. اڄ جو ڏهاڙو فليٽ ۾ گذريو شام جو DVD تي Huff فلم مون Massa سان گڏ ڏٺم، البته منجھند جو Down Town بئنڪ مان پئسا حاصل ڪري Union Council ۾ 1400 ڊالر جو رهائش جو بل پياري Oslan Hall ۾ وڃي Fall Semester۽ Summer Semester جي Registration ڪنفرم ڪئي. انهيءَ بعد انٽرنيشنل ٽريول ايجنسي آيم جن کي پاڪستان جي ٽڪيٽ لاءِ چيم. جنهن پاسپورٽ ڏسي چيو ته اوهان جي پاسپورٽ ڇهن مهينن ۾ Expire ٿيندي. سو اوهان کي نئين پاسپورٽ جي ضرورت آهي، جنهن تي اوهان سفر ڪري سگهندا، پوءِ ته مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي. کين بعد ۾ دوستن چيو هاڻ پاڪستان نه وڃ، ڊگري وٺي پوءِ وڃ. ائين ارادو تبديل ٿيو. رات جو لطيف جي شاهي حڪم تي شمس تي لکڻ جي مسلسل3 ڪلاڪن تائين ڪوشش ڪيم، پر شمس هر ڀيري پنهنجي معصوم مُرڪ سان ڪچهري جا منڊل مچائيندو رهيو ۽ لکڻ کان منع ڪندو رهيو، چئي پيو..فهيم ڇڏ لکڻ کي، پاڻ کي سال ٿيا آهن. هاڻ ڪچهري ڪريون.
خاص ڳالهيون:
(1) Barristor Femi سائوٿ آفريڪا مان فون ڪئي. (2) نيپالي دوست سچن Occeon City USA مان فون تي ڳالهايو. (3) وِڪٽر Philly, USA کان ڊگھي گفتگو ڪئي.
***
16.05.2006
Macomb, IL, USA
How to pass the Vacation
ٽي هفتا وئڪيشن هئڻ ڪري گھڻو وقت فيلٽ تي فلمون ڏسندي، ننڊ ڪندي ۽ مطالعو ڪندي گذري ٿو. صبح جو دير سان am 30 : 10 اٿڻ ٿيو. تڙ پاڻي ڪري ڊاڪٽر Robert Hall کي فون ڪيم، جنهن کان رزلٽ ڪنفرم ڪيم ۽ Project بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو Abdul جيئن اوهان چاهيندا، ائين ڪنداسي. رزلٽ سٺي رهي A+1 گريڊ ڏنائين. بعد ۾ لئبريري ويس. جتي اخبارون پڙهيم. جتان روم تي واپس آيس. شام جو Massa اٽالين اسپيگٽي ۽ نوڊو تيار ڪيا، مزي سان گڏجي کاڌاسين. هي ڏاڍو لذيذ کاڌو آهي.
منهنجا شعر ڳاڙهين چڻنگن جا مچ آهن، ويس مٽايا آهن.
منهنجي شعر ۾ ڪهاڙين ۽ ترارين جو ڌاڄ آهي.
مون شراب جا پيالا ڀڃي، رباب ٽوڙي مان انگ اگھاڙو ۽ لنگھڻين انسانيت جو اظهار آهيان.
مان ان اُپائيندڙ ماريل هاريل جي زبان بڻبس،
مان خيبر جي وڏائي کي جيئرو رکندس،
مون گھڻا ويس مٽايا آهن،
۽ منهنجو هي ويس اڻ مٽ آهي.
(پشتو شاعري)
وئڪشين ۾ واندڪائي وندر سان گڏو گڏ وڏو مسئلو به ٿئي ٿو ته انسان بور به ٿئي ٿو، ڇا ڪرڻ گھرجي ته ڇا نه ڪرڻ گھرجي!!! سو انهيءَ بوريت جي مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ مون Long Walk ڪري ڊگھو آرام ۽ ان بعد Coocking ڪري ٻه اڍائي کاڌا پچائي وڏي آرام سان کائي بعد ۾ Laptop تي ڊگھي Surfing جنهن ۾ ڍير سارا موضوع فلمون، ادب، شاعري، ڊراما ۽ دنيا سان لاڳاپيل گھڻن اسمن کي ڇهندو آهيان ۽ وري Long Sleeping پر رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجو احتساب لازمي ڪندو آهيان ته اڄ ڪهڙي چڱي ڳالهه سکي.
خاص ڳالهيون:
(1) Barristor Femi (ٺڳ) ٻه دفعا ڪال ڪئي. (2) عمران جي ميل ملي. (3) مون امڙ سانئڻ سان فون تي ڳالهايو. ڏاڍي سرهائي ٿي.
***
27.05.2006
WIU, USA
ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچيو ان جي .
( شاهه )
ڏاهي جي هدايت
مون کي فون تي پليجي صاحب جي هدايت سختي سان ياد اچي ٿي ته، فهيم روزانو اڌڪلاڪ ڪڍي ڪري آمريڪي حالتن ۽ پيش ايندڙ واقعن تي ضرور لکج. مون اهڙي هدايت آسٽريليا ۾ رهندڙ ريحانه شيخ کي به ڪئي آهي. ليڪن ڪو به عملي طور ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، سو مون کي پليجي صاحب جي اها هدايت چهبڪ وانگر ذهن تي لڳندي آهي، مگر ڪم، واندڪائي، وندر، دوست، T .V Laptop Chat ۽ گھمڻ مان ڄڻ ته فرصت جون گھڙيون ڊائري جي لکڻ لاءِ بچين ئي ڪونه ٿيون. ،مگر ڪڏهن ڪڏهن شاهه جو هي بيت جھونگاري قلم کڻندو آهيان.
ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
اُن جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام آڳهه اچيو ان جي.
(شاهه)
سو سڀ سڌون ۽ مڪر پاسيرا ڪري ٻه لفظ لکي ويندو آهيان ته جيئن انهن ٻن لفظن مان منهنجي سنڌ جي سينڌ ۾ ڪو سندور جو ذرڙو ڪنهن جُگنو جيان جڳ مڳائي. سنڌ جيڪا هر سنڌي جيان منهنجي به جند آهي. “My Heart always in Sindh ” شايد اهو وطن کان دوري جو جذبو آهي يا پنهنجي پيدائشي طور گھريلو، خانداني، سياسي طور قومي ۽ عوامي انداز واري سانچي ۾ گھڙيل تربيت جو اثر آهي، جو منهنجو من ۽ تن سدا سنڌ جي برن، بحرن، ٿرن. جبلن، پٽن ۽ وستين ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي.
”تنهنجي منهن ڏسڻ لاءِ
پره جي هير وانگر ڀٽڪندي رهي آهيان
گھر گھر، دردر، گھٽي گھٽي، ڳلي ڳلي“
قرت العين فاطمه زرين تاج ( وفات 1853ع)
ٽن هفتن جي وئڪيشن جاري آهي، اسان جون مصروفتون يعني مون ۽ منهنجي روم پارٽنر Massa Gotto جيڪو جپاني پهلوان آهي، اڪانامڪس ۾ Master ڪرڻ جو شوق اٿس، سو ڍڳ ساريون فلمون ڏسون پيا ڇو تهCaptain OvanThomson اٽڪل 200 کن Classic, Romantic, Historical ۽ Documentary جون CD s جو ڪارٽون پهچائي ويو آهي، هي همراه Salvation Army جي ڊنر جي موقعي تي مليو هو، جيڪو بعد ۾ ملاقات جو سلسلو جاري رهيو، کيس Volunteer طور هي يونيورسٽي جي مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي، سو پاڻ به Volunteer سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو آهيان، تنهنڪري Captain Thomson کي ويجھو آندو آهي. سو ڳالهه ڪريان پيو فلمن جي هيل تائين Star Movies جون شاهڪار فلمون ڏٺيون آهن. ¬¬¬¬¬¬باقي ٽائيم شهر جو گھمڻ ۽ ڇنڇر رات ڪڏهن بار Bar وڃي دوستن سان محفل مچائبي آهي، وئڪيشن دوارن پڙهڻ جو به وڏو وجهه مليو آهي، خاص طور ٻولي ۽ گرامر جي حوالي سان گھڻيون ڳالهيون پڙهيون ۽ نوٽ ڪيون آهن، جيڪي نوٽس ساهه ۾ سانڍي رکيا آهن.
خاص ڳالهيون:
(1) امان وارن ٺل مان ڳالهايو، ڏاڍي سرهائي ٿي. (2) اختيار احمد نوناري صاحب سان رئيس عارب خان جي مرتيئي تي تعزيت ڪيم. (3) ڄام شورو بيگم نازو سان ڳالهه ٻولهه ڪيم. گھر ۽ ٻارن جو احوال Home Sickness ذهن مٿان ڇانيل ڪارن ڪڪرن کي ڇڙو ڇڙ ڪري ذهني موسم کي معطر بڻائي ڇڏيندو آهي.
***
30.05.2006
WIU, USA
چيائين ته گھڻي جاکوڙ نه ڪندو ڪر،
ڇو ته زماني جي عادت آهي،
جو سخت جاکوڙ ڪندڙن سان تمام گھڻي سختي ڪندو آهي.
( حافظ شيرازي)
Ph.D Form
ڊگھي ننڊ بعد 11 وڳي اٿڻ ٿيو. ناشتو ۽ مانجهاندو گڏيل طور ڪر ي لئبريري وڃڻ ٿيو، جتي P,hd لاءِ فارم ڀريم. شام جو لئبريري بند ٿيڻ تائين 5 وڳي تائين لئبريري ۾ هيم. بعد ۾ Apartment تي آيم. شام جو ڪمپيوٽر تي پي، ايڇ، ڊي انٽرنيٽ لنڪس جاچيم، Madison ۽ Winston G.Washington University. يونيورسٽيون موزون نظر آيون.
خاص ڳالهيون : (1) بيگم ۽ عمران سان ٺل ڳالهايم. (2) قيوم V.phone تي ڳالهايو. (3) غلام محمد پٺاڻ سان شڪارپور ڳالهائڻ ٿيو، هي همراه منهنجو سٺو دوست آهي.
***
( John keats)“ Beauty is truth and truth is beauty”
سونهن جو ڀنڊار
Lemoine Village جيڪو فطرت جي سونهن جو ڀنڊار آهي، هي ڳوٺ Western Illinois University جي Main Campus سان گڏو گڏ آهي. 7 منٽن جي واڪ جي فاصلي تي آهي. هونئن ته سڄي يونيورسٽي ٽڪرائتي جابلو زمين تي ٺهيل آهي ليڪن Post Graduate شاگردن جي Marriage ۽ Single لاءِ 3 شاندار بلڊنگس جبل جي بلندي تي ٺهيل آهن.، جتي 400 کان وڌيڪ ڇوڪرا ۽ڇوڪريون رهائش پذير آهن، Lemoine Village ۽ Main Campus جي وچ ۾ خوبصورت ليموئن ندي وهي رهي آهي. ڪاٺ جي پُل ڪراس ڪندي حسين نطارا پسبا آهن، ڇو ته ليموئن ندي ۽ ليموئن ڳوٺ جي چوگرد ساوا چهچ وڻ، گل ۽ ٻوٽا جنت جا نظارا پسبا آهن. ليموئن ندي ۽ مئين ڪئمپس وچ ۾ ننڍڙي سهڻي ڪاٺ جي پُل آهي جڏهن پاڻي تار ٿي ان مٿان لنگهندو آهي ته جوان ۽ جوانڙيون (شاگرد) مستيون ڪري هڪٻئي کي ندي ۾ ڌڪا ڏيندا آهن ته اُهي نظارا ڏسڻ وٽان هوندا آهن.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نيهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪوپسي پرينءَ کي.
***
31.05.2006
WIU, USA
عالمن جا رايا
اڄ Ph.d جي فارم لاءِ پروفيسر Robert Hall مسز Wayne, مسزLoyet ،مسز Pam ۽ Prof. Diana کان References ورتم جن ڏاڍا شاندار ريمارڪس ڏنا. يقيناَ پڙهڻ بعد مون کي پاڻ بابت راءِ تبديل ڪرڻي پئي ته مان فقيري حال ۾ آهيان، ليڪن مٿين عالمن جي راءِ موجب منهنجي ذات ۾ قيادت ۽ ڪم ڪرڻ جي ڍنگ جون بهتر صلاحيتون موجود آهن. (جيڪي رايا اصل صورت ۾ هن ڪتاب جي آخر ۾ ڏجن ٿا). مون سوچ جو زاويو تبديل ڪيو. واقعي اها حقيقت آهي ته انسان هر وقت مختلف زاوين سان سوچي ٿو. ڇوته انسان جي ذهن تي موسمن، حالتن ۽ اردگرد جي ماحول جو خاصو اثر رهي ٿو. اهڙين ڪيفتين ۾ جڏهن يانڪين جي ديس ۾ ڪجهه عالم بهتر راءِ ڏين ته ان جو لازمي اثر ٿئي ٿو، ليڪن هر حال ۾ آئون شاهه لطيف جو بيت دهرائيندو آهيان.
نهائينءَ کان نيهن سک منهنجا سُپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
هو جهيڙين تون جَھڪو ٿي، پائي پاند ڳچي ڳل پاءِ
پاڻ ئي وڃي پرچاءِ، متان رٺائي رهجي وڃن
( شاهه)
بعد ۾ انٽرنيشل آفيس ۾ Kivin Timlin سان مليم جنهن WESL گريجوئيشن جي DVD ڏني ۽ مون وڏو فوٽو Graduation Ceremony جو Memorial Hall مان حاصل ڪيم.
خاص ڳالهيون : (1) ٺل فون ڪيم بيگم، قيوم ، امان، طفيل، طيب ۽ عمران سان گفتگو ڪيم. اڄ چاچا عبدالغفور مرحوم جو چاليهو هو.
***
03.06.2006
Lamione Village, WIU, Macomb 315-1
حُسيني لشڪر جو باوقار سپاهي
سيد نثار حسيني
ياد رک تو وٽ عقل ۽ تنهنجو علم،
تنهنجي وطن ۽ قوم جون امانتون آهن.
امتحان پاس ڪري وطن جي ويرين وٽ ڪرسي ماڻڻ
تنهن کان وڏي بي حيائي، ذلالت، غداري ٻي ڪانهي،
پنهنجي علم کي پنهنجي وطن جي،
ڦٽل نصيب سنوراڻ لاءِ وقف ڪر......
(توئي دين؛ ويٽنامي شاعر)
اَڌ رات جو جڏهن سڀ آمريڪي الوٽ ننڊ جي خمارن ۾ هوندا آهن. ان ويل مان اُٿي مادر وطن جي عبرت اخبار ڪمپيوٽر جي Website ذريعي پڙهڻ لاءِ کولي ته هڪ اڻ وڻندڙ خبر تي نظر ٽِڪ هڻي بيهي رهي، ڪجهه گھڙين لاءِ ڌرتي مون کي ڦرندي نظر آئي، اها مخصوص خبر جيڪا وڄ جي وراڪن جيان منهنجي من کي ويڙهي ويئي، کن پل لاءِ مان سڀ ڪجهه ڀُلائي ماضيءَ جي جھروڪن ۾ هليو ويس،منهنجي دماغ جي اسڪرين تي سدا مسڪرائيندڙ گلاب جھڙو تازو چهرو اڀري آيو، جنهن جي هر لفظ ۾ سمجهه، پيار، نهٺائي ٻاجهه ۽ هدايت سمايل هوندي هئي، جنهن ڪڏهن به اسٽيٽس ڪو جي طبقاتي چلڪڻي ماحول ۾ ڪشش محسوس ڪين ڪئي. ليڪن هر حال ۾ مسڪين مارن سان جيئڻ ۽ مرڻ جو سٻنڌ رکيو. هو سنڌ جي هڪ معتبر اداري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ اعليٰ آفيسر هوندي به فقيري حال ۾ خوش رهيو بقول مسعود قريشي صاحب ته نثار حسيني فقير قسم جو ماڻهوآهي. ٻئي طرف مون کي اڄ به نثار حسيني مرڪندي چئي رهيو آهي ته فهيم ! سنڌ کي اڳتي وڃڻو آهي ۽ سنڌي اهو شان ۽ مان ماڻيندا جيڪو دنيا جي آزاد قومن جو بنيادي حق آهي نثار حسيني ويٽنامي شاعر توئي دين جو انقلابي گيت هميشه محفل ۾دهرائيندو هو. اڄ اهو ارڏو ۽ اڏول انسان جنهن جو نالو ڄمندي ئي نيڪ محمد هو گھڻا ته نيڪ ٿيڻ جون هزارين سَڌون ڪندا آهن، پر سائين ڄمندي ئي نيڪ هو.جيڪو اڳتي هلي حُسيني لشڪر جو باوقار سپاهي ٿيڻ لاءِ نثار حسيني بڻيو. سنڌ جون ڪچهريون ۽ اوطاقون ڇڏي ازل جي سفر تي روانو ٿي ويو. مون جڏهن بورڊ Join ڪرڻ آيو هوس ته سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي جي ڏاهي فرزند شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، اداڪار، سماجي اڳواڻ، برک صحافي، سٺي دوست ۽ عظيم انسان فتاح عابد لاشاري مون کي Visiting Card نثار حسيني لاءِ ڏنو هو، جيڪو مون جڏهن نثار حُسيني کي ڏنو ته هن چيو “فهيم اڄ کان پوءِ پاڻ ڀائر آهيون جيڪو به ڪم ڪار هُجي آئون حاضر آهيان” اڄ هو نه آهي ليڪن هُن جون محبتون اسان ساڻ آهن. هو جڏهن لنڊن اعليٰ تعليم لاءِ ويو هو سڀني دوستن ڇاڇا آندو هو، ليڪن هِن عالم دوست صرف ۽ صرف ڍڳ ڪتابن جا آندا هئا، جيڪي علم، ادب، فن، موسيقي سان لاڳاپيل هئا، هُن ڏيڻ سکيو، وٺڻ هو ڄاڻيندو ئي ڪين هو. انهيءَ سچ جي شاهدي اسان جا سڀ دوست ڏيندا.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين ، سي لاهوتي لڏي ويا.
( شاهه)
***
Museums
03.07.2006
Lemoine Village, WIU 315 -1
اي چنڊ! ڀٽائي کي چئجانءِ...
ذهن تي اداسي آهي ، ڀٽ ڌڻي جو رسالو ۽ انور پيرزادي جي ڪتاب، ٻنهي ڪتابن جي ورق گرداني ڪري ذهن تي غم جي ڪڪرن کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته هيٺيان بيت ذهن جي غبار کي ڇڙوڇڙ ڪن پيا،
ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان.
ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچيو اُن جي
( شاهه)
***
اي چنڊ! ڀٽائي کي چئجانءِ ،
هي ماڻهو تنهنجي بيتن کي
ڌرتي کان ڌار ڇني ٿا ڪن
ٿيون وايون تنهنجون وار پٽن
۽ سرڙا تنهنجا اوسارن
هي ارهي سرهي دانهن ڏجانءِ
اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ!
( انور پيرزادو)
شام جو ڪئمپس جي لئبريري وڃي آمريڪن Museums بابت وڊيو ڏٺم. ڪمال جا Museums هئا. امريڪا وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ ميوزم جوڙيا آهن، جنهن ۾ پنهنجي تاريخ محفوظ ڪئي آهي. جنگ، سائنس، آرٽ، پوسٽل آفيس، فڪشن، ريڊانڊينز لائيف جي دور جي ماڻهن جي طبيعت، قديم ۽ جديد آمريڪي زندگي کي يادگار نموني محفوظ ڪيو اٿن.
پاڻ وارا موهن جي دڙي ۽ حيدرآباد واري ڪچي قلعي جي تباهي جھڙا منظر ڪين ڏسڻ ۾ ايندا، بلڪه تاريخ سان وابسته سڀ شيون هنن محفوظ رکيون آهن.
ناشتو : صوف، ڪيلا ۽ چانهه مانجھاندو: ميڪسيڪن ماني ۽ انڊو. رات جي ماني: مرغي چانور، کير ۽ ڪافي
***
12.06.2006
Lemoine Village, WIU, Macomb
There should be talk: a preaching point is not meeting point. What do you do them? Take a broom and clean some one’s house, That some enough, ( Mother Tresa)
بيت مَ ڀانئيون ماڙهان، سي آيتون آهن،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
(شاه)
Clean Some One’s House…
Gloria-Research Methodology Class
گھڻن ڏينهن کان جان ۾ بخار هو. کاٻي هوڙ ۾ به سور ۽ ساڄي ٻانهن ۾ سستي (numbness) ۽ سور. ٻئي ڏينهن BIU مان ڊاڪٽرن کان دوائون ورتم اڄ افاقو آهي. طبيعت ۾ بهتري ڀانيان پيو، دوائون ڊاڪٽر جون ورتيون اٿم. ٻيو ته P.hd Full bright جو فارم ۽ ان لاءِ گھربل References ۽ گهربل ڪاغذات ۽ WIU مان گڏ ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي، بعد ۾ Online ۽ FEDEX ذريعي پاڪستان USEF/Fullbright کي موڪليم.اڄ assignment مڪمل ڪرڻ بعد پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪريان پيو.ڇو ته هڪ وڏي مقصد جي تڪميل لاءِ پهريون قدم ڪاميابي سان تڪميل تي پهتو. اڳتي به الله چڱي ڪندو. Administrative Application in Education Technology جو هڪ ڪلاسDr. Susan سان ڇنڇر ڏهاڙو 6 ڪلاڪن جو ڊگھو ڪلاس اٽينڊ ڪيم. هر ڳالهه ذهن مٿان گذرندي وئي. سو سوچيم ته Subject تبديل ڪريان. اڄ Horriban Hall وڃيDr. Bob سان صلاح ڪيم، جنهن چيو ته صبحاڻي اچو ته فيصلو ڪري تبديل ڪنداسين.
Research Methodology - 500 EDL جو پهريون ڪلاس Dr. Gloria سان اٽينڊ ڪيم. ڪل 20 شاگرد آهن، جنهن ۾ هڪ Mexican ۽ باقي آمريڪي شاگرد آهن. مون سميت 3 مرد باقي عورتون / ڇوڪريون آهن. تحقيق جي حوالي سان هي انتهائي اهم ڪلاس آهي.
M.phil ۽ P.hd لاءِ Research Methodoly انتهائي اهم ۽ لازمي ڪلاس آهي، جنهن ذريعي اهو سمجھايو ويندو آهي ته تحقيق ڇا آهي؟ ۽ ڪهڙا قسم آهن؟ ۽ ڪهڙن طريقن سان تحقيق ڪري سگھجي ٿي.
موسم به گذريل ڇنڇر کان ڦيرو کاڌو آهي، برسات سبب موسم ۾ ٿڌ ۽ هوا وڌي وئي آهي، ايئرڪنڊيشن جي ضرورت نٿي ٿئي.
***
هڪ غزل، جو اڌورو رهجي ويو!
مون اوهان کي شاعريءَ ۾ ڀٽائي، سچل ۽ سامي به ڏنو آهي، ته ايڪويهين صدي به ڏني. (اياز)
Must learn to be still in the midst of activity and to be vibrantly active in response.
(Indira Gandhi, 1917-1984).
اڄ جڏهن عبرت ۾ عبدالواحد آريسر جو ڪالم “ هڪ غزل جو اڌورو رهجي ويو. ” پڙهيم مونکي ذهن وري گذريل ماضي ڏانهن گھلي ويو . اهو غزل جھڙو خوبصورت انسان نثار حسيني اڄ چٽي طرح سادي ڪرسي تي خوبصورت انداز ۾ مرڪندي ويٺل نظر اچي ٿو. اها بورڊ ۾ منهنجي هُن سان پهرين ملاقات هئي، فتاح عابد جو خط مون هن کي ڏنو، پڙهيائين ۽ چيائين فتاح عابد اسان جو يار آهي ۽ خاص ڳالهه ته چاچي گدائي جو پٽ آهي . سو ڪو به ڪم ڪار هجي ته بنا ڪنهن هٻڪ جي مون کي چوندا ڪريو. اها ته هئي پهرين ملاقات پوءِ به سادگي هن جي مُرڪ هئي. ننڍي ۽ وڏي عام و خاص سان هن جو پيار هوندو هو. اڄ هو نه آهي ته پنهنجو جيءُ جھونا ڳڙهه جيان جھُري پيو آهي.
اڄ Research Methods جو ڪلاس جي Test ۽ پهريون تنقيدي مضمون ( Critical Article ) مڪمل ڪيم ته سک جو ساهه کنيم. هي Subject ڏکيرو ضرور آهي پر اهم آهي. ڏاڍي ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي. ڊاڪٽر گلوريا Dr. Gloria نهايت سادي سودي ۽ ذهين عورت آهي. جنهن جي سڀاءُ ۾ سکيا جا نقطا سمايل آهن ۽ ڏاڍي مددگار آهي.
شام جو سڄا سارا 3 ڪلاڪ تحقيقي مقالي (Research Article) ڳولڻ لاءِ لئبريري ۾ گذاريم. 7 آرٽيڪل هٿ ڪيم. ڪُل 14 آرٽيڪل موجود آهن.
خاص ڳالهيون (1) اڄ سڄي ڪم کي وري نئين سِر منظم (Organize) ڪيم ۽ مستقبل جي بابت پلاننگ ڪيم ته ٿوري وقت اندر آمريڪا ۾ ڪم جي سخت دٻاءُ باوجود به گهڻا سولا ۽ مشڪل ڪم ڪهڙي ريت ڪري سگھجن ٿا. ڇو ته مون کي رسول بخش پليجي جي اُها ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي ته هڪ وقت 10 ڪم ڪرڻ گھرجن، تڏهن ٿيل دير جو ڀراءُ ڪري سگھجي ٿو.
منهنجي دل ۾ ايترو پيار آهي،
جو ان ۾ ساڙ جي لاءِ ڪائي جاءِ ناهي
( اياز )
خاص ڳالهيون :
(1) ٺل مان حاجي عبدالعزيز، ذوالفقار ۽ ان جي Family ڳالهايو. (2) USEF/Fullright اسلام آباد کي P.hd فارم FEDEX موڪليم.
***
23.06.2006
WIU, USA
سرگردان سنسار ۾
سچ ته ڪم جي دٻاءُ سبب ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي بيزاري ٿيندي آهي. دل چوندي آهي ته سڀ ڪم ڇڏي وڃي گھر ۾ ٻچڙن سان آرام ڪجي. وري دل ۾ خيال ايندو آهي ته آخرڪار سنڌ ۽ سنڌين ۽ انسان ذات جي ڀلائي ڇا ۾ آهي؟ ته جواب ملندو اٿم ته پڙهڻ پُرجھڻ ۽ جدوجھد ڪرڻ انهيءَ مهل لطيف ياد ايندو آهي،
جيئن سين هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾
هي پڳ نه ڌري پٽين، هو ڌڙ سِرُ ڌري نه ساءُ
جيڪس تنين وٽاءُ، سُسُئي سور پرائيا.
سڀ ننگيون ٿي نڪرو لالچ ڇڏي لوڀ،
سپريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ملي.
(شاهه)
پوءِ ته تن ۽ من جون سڀ تندون تنوارجي وينديون آهن. ذهن به ڏک سک، وطن کان دوري ۽ مشڪلاتن سان مڙس ٿي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي.
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار.
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿيئن
( شاهه )
اصل ۾ Summer session ۾ 3 ڪلاس کنيا اٿم، تنهن ڪري ڪم جو وڏو دٻاءُ آهي، ڇو ته 28 جولاءِ کان اڳ ڪم ختم ڪرڻو اٿم. اڄ Research Methodology جو پڙهائي جو اڪيڊمڪ ڪم پروفيسر گلوريا جي ڪلاس لاءِ (Introduction) تعارفي ۽ تنقيدي مضمون (Critical Article ) ختم ڪيم ته سک جو ساهه کنيو اٿم. ليڪن اڃان پاڻ کي مسلسل ڪم ڪرڻو آهي، ريسرچ جو ڪم اصل ۾ شيطان جي آنڊي جيان ڊگھو ۽ نه ختم ٿيندڙ هوندو آهي،تنهنڪري ان جي ڪم ڪرڻ دوران نفسياتي دٻاءُ شروع ٿيندو آهي.
خاص ڳالهيون :
(1) اڄ ڪمري جي صفائي جو ڪم هو، ڇوته هر هفتي وارو بدلبو آهي. هڪ هفتي منهنجو پارٽنر (Massa) ماسا صفائي ڪندو آهي ته ٻئي دفعي مان صفائي ڪندو آهيان. (2)عالمي فوٽ بال ڪپ جون جهلڪيون ڏٺم. راند ڏسڻ سان رت جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي، ڇو ته زنده ۽ جاندار ڪردار ڏسڻ سان انسان اندر زندگي جي تمنا وڌي ويندي آهي.
***
06.07.2006
WIU, USA
جاڳو ٻارو!
اسان توهان لاءِ خوابن جو جيڪو فصل پوکيو آهي،
يا ته اُن تي افسوس ڪندو؟ يا ...
ڪالهه محترم رسول بخش پليجي صاحب بئنڪاڪ مان اي ميل موڪلي، مون جيڪا جاگيرداري نظام بابت ڇپيل مضمونن جي موٽ ۾ اي ميل موڪلي هئي تنهن جو جواب ۾ هُئي. دير لاءِ (Sorry) افسوس ڪيائين ۽ لکيائين ته “فهيم تنهنجي mail مون کي (Inspire) متاثر ڪري ٿي. اهو سلسلو جاري رک. پليجي صاحب چيو ته روزانو ڪجهه نه ڪجهه لکبو، ته اهي تجربا اڳتي هلي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو کي فائدو ڏيندا” سو ڊگھي ساهي بعد اڄ وري قلم هٿ۾ آهي.
گذريل ٻن هفتن کان کاٻي هوڙ (Wisdom Tooth) ۾ ڪڏهن جھڪو ته ڪڏهن زورائتو سور رهي ٿو. اسپتال مان Dr. E.Baker کان ڪجهه پينسلين گوريون مليون آهن، جنهن جي وٺڻ سان فوري فائدو ٿئي ٿو. منهنجي ڪوشش اها آهي ته هر صورت ۾ هوڙ بچائجي، پر جيڪڏهن سور جان نه ڇڏي ته آخر علاج اهو آهي ته ان جو وجود ئي ختم ڪجي. نه رهي بانس نه وڄي بانسري. هوڙ جي سور سبب ڪم ۾ تسلسل (Concentration) نٿو رهي.
شام جو (Prof.Dr. Gloria ) فون ڪئي ته مون وٽ (Prof. Shazia) پروفيسر شازيه رضوان، شازيه جي ماءُ ارون ۽ ان جي زال آيل آهن. اوهان اچڻ چاهيو ته ارون اوهان کي کڻڻ لاءِ ايندو. کيس مون معذرت ڪئي. مون کي Gloria گلوريا جو سڏ ڏاڍو سٺو لڳو، ليڪن هوڙ جي سور سبب بوريت محسوس ڪريان پيو.
خاص ڳالهيون :
(1 ) عمران جو خط مليو پڙهي تازگي محسوس ڪيم. (2) ڪالهه بيگم نازو، ڪشو ۽ ڏاڏا سان ڳالهايم. (3) ڪانگو آفريڪا جو دوست Sam آيو ڪچهري ٿي. (4) S.S.C لاءِ City Hall ويم. (5) (ڊائون ٽائون ) واري تمام قديم لئبريري، اتي جيڪي Archives هنن محفوظ ڪيا آهن سي ڏسڻ جھڙا آهن. (6) ڊاڪٽر کان اسپتال جي وزٽ بابت وڃي جاچيم،
نوٽ : پليجي صاحب واري email هتي ڊائري ۾ ڏبي.
***
گل اهڙي طرح پيا لڏن
ته ڪو ها پيو ڪري
ته ڪو نه پيو ڪري
(راهي)
13.07.2005
Philadelphia, USA.
Subdue your appetites my dears, and you have conquered human nature (Charles Dickens) (18:12.1871)
ڳاڙها گل گلاب جا ماضيءَ جا ورق
گل پٽڻ جي جهل آهي،
پر هوا ته پڙهيل نه آهي،
(امداد حسيني)
گلن جي ديس فلاڊيلفيا ۾ 11 مهينا رهڻ دوران سياري ۽ اونهاري ۾ مختلف قسم جا نظارا پَسيم. سياري ۾ سخت ٿڌ ۽ برفباري جي باوجود ( Indoor Flowers ) عمارتن اندر آمريڪي گل هڻن ٿا. اهو هڪڙو عجيب شوق آهي جيڪو آمريڪن جي دماغ ۾ رهي ٿو. ٻيو ته بهار ئي بهار آهي، يعني قسمين قسمين گل ڏسي سگھجن ٿا، جنهن حُسن جو ڪو انت ئي ڪونهي.ٽمپل يونيورسٽي ۾ فئڪلٽي (Faculty) جي لئبريري سامهون واري چوراهي تي پاليل هزارين گلن جي نظاري کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي مان ڏسندو هئس، جنهن دوران چاڪليٽ ڪافي يا ڪوڪاڪولا پيئندو رهندو هئس، ڪڏهن ان دوران ناول به پڙهندو هُئس، اِهي لمحا مون کي سدا جوان رکندا هئا ۽ منهنجي من تي شاه لطيف، تنوير عباسي، امداد حسيني جا شعر ستارن جيئن چمڪندا هئا ۽ انهيءَ گھڙي مون خوشين ۽ سرهاين جي عجيب وادين ۾ ڄڻ سفر ڪندو رهيس.اهي لمحا مُشڪ ۽ عَنبر جون کٿوريون منهنجي من ۾ اوتي ڇڏيندا هئا.
ڳاڙها گل گلاب جا، مَن تن جو فولاد،
سنڌڙي جو اولاد پرکي ڏسو ڪانئرو.
( تنوير عباسي )
**
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل،
نڪا جھل نه پل سڀڪو پسي پرينءَ کي. ( شاهه )
گل پٽڻ جي جھل آهي
پر هوا ته پڙهيل نه آهي !
تون ته پڙهيل ڳڙهيل آهين.
پوءِ به گل پٽڻ ٿو چاهين_
( امداد حسيني )
سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪو به شخص هت گل ٽوڙيندو نه هو، ليڪن مون يادن جي خزاني ۾ يادگار طور اهو گناهه ڪيو ته 5 يا 6 گلاب جا گل ٽوڙي مون يادگيري طور ڊائري ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا، پر مون کي ڪنهن جرمن شاعر جو قول به ياد ايندو هو ته “ جيڪڏهن مون کي اها خاطري ٿي وڃي ته ايندڙ ٻن ڪلاڪن ۾ منهنجو موت ٿيندو ته تڏهن به آئون گلاب جا گل ضرور پوکيندس. ” سو اها ڳالهه ياد ڪندي منهنجي دل روئيندي هُئ.
***
Dr. E Baker
13.07.2006
1 - 315 Lem: WIU: Macomb
Kathy Bell & Dr. E. Baker Remarks
مون کي پرفيسر ڪيٿي بيل ( Prof. Kathy Bell ) جو مون بابت لکيل جملو ياد آهي ته “ Abdul Fahim Wants people to know more about him, يعني هن لکيو ته عبدالفهيم چاهي ٿو ته مون کي ماڻهو بهتر طور سڃاڻين تنهن ڪري “He likes to interact with people” هن بلڪل صحيح لکيو جيڪا منهنجي شديد ترين خواهش آهي ته هي يانڪي (آمريڪين) اسان سنڌين کي سمجھن ۽ جيڪا سنڌ جي شديد ترين ضرورت آهي ته هو پنهنجو ڪيس عالمي طور مڃرائين. بهرحال ڳالهه ٿي ڪيم E.Baker جي جيڪو ويسٽرن يونيورسٽي جي WIU هيلٿ سينٽر ۾ ميڊڪل آفيسر آهي. منهنجي ساڄي هوڙ (Wisdom Tooth ) ۾ سور هو، مان چيڪ اپ لاءِ ويم ته هو مرڪندي مليو، جيڪو ڳالهائڻ جو ڀڙ ٿي لڳو. مون کي عبدالقادر جوڻيجي جي ڳالهه ياد آهي. جنهن چيو هو ته فهيم! آمريڪي ڏاڍا يارويس آهن! سو هي به يارويس لڳو.لڳاتار 20 منٽ مون کان مون بابت ۽ منهنجي تعليم بابت پڇندو رهيو، کيس پوءِ به گھڻو ڪري پنهنجا ذاتي تجربا ۽ احوال ڏيندو رهيس. پاڻ هت (Macomb) مئڪومب شهر ۾ اڪليو رهي ٿو. زال سندس ڀرواري شهر (Spring Field ) اسپرنگ فيلڊ ۾ نوڪري ڪري ٿي. هر 15 ڏينهن بعد ملاقات ٿيندي اٿن. ٻه ڌيئرون اٿس، جيڪي San Diago ۽ Chicgago شهر ۾ رهن ٿيون، اصل Illionins اسٽيٽ جي ڪنهن ڳوٺ جو رهواسي آهي، جيڪو 200 ميل Macomb کان پري آهي، جتي هن جي والدين جون زمينون ۽ فارم آهن، اصل زرعي خاندان سان تعلق اٿس.
مون بابت ڏاڍي دلچسپ History پنهنجي Medical Sheet ۾ لکي اٿس، جنهن جو ذڪر ٻئي ڪنهن هنڌ لکندس. مان هن جي دوست جي ننڍڙي جهاز ۾ سفر جو ذڪر به ڪٿي لکندس.
***
14.07.2006
1_135, Lemoine Village, Macomb. WIU
امرتا
” هن ڪائنات ۾ جي، تنهنجي مُرڪ امر نه آهي، ته ڪاشيءَ امر نه آهي“ (اياز)
هوڙ جي سور سبب رات آرام صحيح نه رهيو. صبح جو تڙ تڪڙ ۾ ڦڪا چانور تيار ڪري کاڌم، ڇو ته هوڙ جي سور سبب ڪوشش ڪري پرهيز ڪرڻي پئي. سو نيرن ڪري White - R بس ۾ فئملي ويڊيو ويم، جتان Pink - 3 بس اسپتال لاءِ ورتم. اسپتال 11 وڳي پهتم. ڊاڪٽرپائيس ڏند چيڪ ڪيا، X - Ray ورتو خطرناڪ رپوٽ ڏنائين !چيائين ته عبدل ( منهنجو آمريڪي نالو ) 30 نمبر هوڙ کي خطرناڪ Bacteria مرض آهي ۽ ان جو اثر باقي سڄي پٽي تي آهي. اوهان کي پهرين Spring Field ۾ Root Canal ڊسٽراءِ ڪرائڻي پوندي. بعد ۾ مون وٽ اچو Cavity خالي ڪري نئين سر ڀريندس.انهي بعد اوهان کي gums جي Cheekup لاءِ Peroia City موڪليندس، ڇوته Bacteria جو خاتمو لازمي آهي. ( جنهن جو خرچ اندزاَ 1500 ڊالر ايندو.) ڪجهه گھڙين لاءِ ته منهنجا تاڪ لڳي ويا، ڇو ته آئون ڏندن جي صحت بابت خوشفهمي ۾ هئس، ليڪن ٿورن لمحن بعد مون کي شاه جو بيت ياد آيو. “ سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار، هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار.مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.” انهيءَ پڙهڻ سان مان ته وري شينهن بڻجي ويس. سوچيم پرواهه نه آهي، هي ته ڏند آهي ماڻهو زندگي به وڃايو ويهن! ڊاڪٽر کان هدايتون وٺي ٻاهر آيم. Blue بس ۾ چڙهيس. جنهن ريلوي اسٽيشن تي ڇڏيو، جتان (Town) وچ شهرجو سير ڪري، اڄ وري Purple بس ۾ ليموئن ڳوٺ لاءِ ويم. جڳهه تي پهتس ته خبر پئي ته چاٻي اندر رهجي ويئي آهي. سو Sam جي ڪمري ۾ 5 بجه تائين رهيم.انهيءَ دوران علي سلمان (سعودي عرب) کي فون ڪري چيم ته Massa کي چئو ته جلدي اچي، منهنجي چاٻي اندر رهجي ويئي آهي. 5 وڳي ماسا پهتو. آئون ڏند جي سور ۽ بک کان چور هئس، سو ڪمري ۾ گھڙندي ئي ماني کاڌم.
خاص ڳالهيون :
(1) ڊاڪٽر Paie چائنا مان Online ڪچهري ڪئي. هي دوست Philadelphia ۾ تعليم دوران هڪ ئي آمريڪي گهر ۾ گڏ رهيو. (2) عمران ۽ شفيق کي خط لکيم. (3) Megan Full Bright Focal Person کي پاڪستان جي ٽڪيٽ لاءِ گذارش ڪيم.
ناشتو : ڦڪا چانور ۽ چانهه. مانجھاندو : چانور ، پٽاٽا، چانهه ۽ انب جوس. رات : مرغي فراءِ ، چانور
***
16.07.2006
WIU. IL, USA
هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا!
هوڙ جو سور مسلسل رهي ٿو، جنهن لاءِ دوائون وٺان ٿو. ڪالهه کان اهو سوچيان پيو ته جڏهن هوڙ جي ڇوٽڪاري لاءِ 1500 ڊالر خرچ ايندو ته پوءِ سنڌ واپس وڃي 12 هزارن ۾ سڄو قصو ٺاهجي ۽ ٻارن ٻچن سان ملي تازو توانو به ٿي اچجي، مسلسل ذهن ۾ اهڙا خيال اچن پيا. لائبريري ۾ ويهي پورو ڪلاڪ ٻنهي پاسن تي ويچار ڪيم، جواب مليو ته هت ئي رهجي. آمريڪا کي هيڊ ڪوارٽر ٺاهي گھر ۽ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪجي! ڊالر جو معاملو به حل ڪجي. سو يڪطرفو ٿي هاڻ وري ڪم کي لڳي ويو آهيان. هوڙ جو سور البته Disturb ڪري ٿو، پر مُنهن ته ڏيڻو آهي.، ڊاڪٽر اڳين هفتي علاج لاءِ گهرايو آهي.
عزيز گوپانگ اڄ Online ڊگھو وقت بورڊ جي مسئلن ۽ سنڌ جي ليکڪن بابت احوال ڪيا. عزيز وڏو جاکوڙي اديب ۽ دانشور آهي، عزيز گوپانگ سان دوستي مسعود لوهار معرفت سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ٿي. مسعود لوهار به منهنجو سٺو دوست آهي، جنهن ساڻ لنڊن ۽ اسڪاٽ لينڊ جو ڊگهو سفر ڪيم. عزيز ۽ مسعود لوهار ٻيئي سنڌ جا گهڻگهرا، محنتي جفاڪش، ڏاهاليکڪ ۽ سماجي Activist آهن، شل سدا سرها هجن.
اڄ Macomb ۾ 97 سينٽي گريڊ گرمي رهي. ڏينهن ڏاڍو گرم هو. Stipes هال ريسرچ جي سلسلي ۾ شام جو ويم. گرمي آمريڪا ۾ به ڪڏهن ڪڏهن جيڪب آباد جي ياد ڏياري ڇڏي ٿي. هونئن به آمريڪا ڊگھو ملڪ آهي جنهن ۾ 55 رياستون آهن، جتي چارئي موسمون اونهارو، بهار، سيارو ۽ خزان اوهان کي ملنديون. فلاڊيليفيا ۽ شڪاگو ۾ مون برف جا طوفان، هڏن کي ڳاريندڙ يخ ٿڌ به ڏٺي ته بت کي ساڙيندڙ گرمي به، يعني هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻئي مزا آهن.
خاص ڳالهيون :
(1) شفيق ۽ عمران Online تي ڳالهايو. (2) طفيل، مهرالنساءِ، عمران، شفيق ۽ بيگم نازو سان ڳالهه ٻولهه ٿي. (3) Rick کي مدد لاءِ خط لکيم (Wisdom tooth) ڏند بابت. (4) پروفيسر Gloria جي خط جو جواب موڪليم. (5) ڪاوش ۾ ايوب شيخ جو ڪالم متاثر ڪندڙ هو.
***
17.07.2006
WIU, USA
هن هاريءَ تي لک
اڄ طبيعت ۾ ڪي قدر بهتري سمجھان ٿو. ڊاڪٽر هرٽ (Dr Hurt ) خميس ڏهاڙي صبح جو 8 وڳي appointment ڏني آهي، سو Spring Field پهچڻو آهي. سپرنگ فيلڊ پنهنجي يار ابراهيم لنڪن جو ڳوٺ آهي. اسپرنگ کان موٽندي رستي ۾ اياز جو ڪتاب پڙهيم، سٺي ڳالهه لکي ٿو.
هن هاريءَ تي لک،
جيڪو اڃان انسان آهي،
۽ ڍوڍو ڳڀو کائي،
پاڻي پي،
سارو ڏينهن ڳهندو ٿو وتي،
جو ڌاڙيل نه ٿيو آهي،
۽ ماڻهو جو رت،
نه پيتو اٿائين.
۽ جنهن تي، ٻهراڙيءَ جي ٻُٽ ۾
جڏهن پکي ننڊ ۾
لامن تي لٽڪندا آهن
خود خدا
وِڄڻو
گھمائيندو آهي ...... (اياز)
خاص ڳالهيون :
(1) بيگم، ڏاڏا، شفيق ۽ چاچي نور محمد سومرو سان ڳالهه ٻولهه ٿي. (2) ڊاڪٽر هال Dr. Robert Hall کي مدد لاءِ خط لکيم، جنهن جواب ڏنو ته ڪوشش ڪريان ٿو.
پنڻ جي پورهيي مان، ڪنهن نه ڀريا پل،
مانجھي سي امل، هر جنين جي هٿ ۾. (نامعلوم)
ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي. ( شاهه )
***
18.07.2006
WIU, USA
رکين ته چنڊ سان رک چاههُ، ڏي ڇڏي تارا
متان هزار ذريون ٿي ورهائجي نه وڃين!
(استاد بخاري)
ڪَرها موڙمَ ڪَنڌُ!
پراجيڪٽ تي رات جو 3 بجه تائين مسلسل ڪم ڪندو رهيس، سٺي ڳالهه اها ٿي ته Philly مان Silvia سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جـنهن پنهنجي ph.D پروگرام بابت احوال ڏنا. هيءَ ڇوڪري Brazil سان تعلق رکي ٿي جيڪا Temple University ۾ برج ڪلاس ۾ گڏ هئڻ ڪري هن ساڻ ڏاڍا ڇتا سياسي ۽ سماجي بحث ٿيندا هئا. گھڻن سياسي ۽ سماجي جوڙ جڪ حوالي سان Brazil ڄڻ Sindh لڳندو هو. برازيل پائلو فراري جو اصل وطن آهي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پائلو فراري جي ڪتاب “علم تدريس مظلومن لاءِ جهڙو ڪتاب ابراهيم جوئي ترجمي جي صورت ۾ سنڌ کي Gift ڪيو هو، انکاسواءِ سلويا (Silvia) جي حوالن مان معلوم ٿيندو آهي ته آبادي، فصلن ۽ آبهوا جي لحاظ کان برازيل سنڌ سان مشابهت رکندڙ آهي.
سڄو ڏهاڙو Prof. Donna جي project پراجيڪٽ تي ڪم ڪندو رهيس.Prof, Donna ميل ۾ ڏند (tooth) جو پڇاڻو ڪيو. ڊاڪٽر Hall به اي ميل موڪلي، ڇا ته Co- operative ماڻهون آهن!سنڌ ۾ قانوني ڪم لاءِ به ڪنهن صاحب کي چئبو ته حال في الحال ته سيٽجي لٺ ٿي ويندو، پوءِ اُهي جاهل بيوروڪريٽ 15 ڏينهن بعد ڇَڙو ڪنڌ ڌوڻيندا، ڪم ته سالن بعد ٿيندو پر هي آمريڪي فرض شناس سان گڏ همدرد به آهن، تنهن ڪري ئي هنن جي سماج جو تاڃي پيٽو مضبوط آهي، نه ته هنن جا ڪڏهن جا لاهه نڪري وڃن ها. عام آمريڪي شهري آئين، قانون ۽ انسانيت ۾ پختو يقين رکن ٿا، تنهنڪري اسان ( شاگردن ) کي جيڪڏهن ڪو مونجھارو هوندو آهي ته پروفيسر نه صرف ڪلاس ۾ بلڪه فون، اي ميل رستي ۽ ڪن حالتن ۾ خود هاسٽل ( رهائش گاهه ) تي هلي اچي مسئلي جو حل پيش ڪندا آهن.
خاص ڳالهيون :
(1) Silvia سان ميل ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿي، هيءَ برازيل واسي آمريڪي شهري آهي جيڪا University of Temple فلاڊيلفيا ۾ 9 مهينا English Diploma دوران ڪلاس فيلو رهي، برازيل جي امير ترين گھراڻي جي ڇوڪري آهي. کيس علم انسانيت، فلسفي ۽ تاريخ ۾ بيحد دلچسپي هئس، سو Coffee Hours ۽ ڪلاس ۾ پنهنجا جوشيلا بحث ٿيندا هئا، ڇو ته هو سرمائيداري ڪئمپ جي ڀَرجھلو هئي ۽ مان کا ٻي ڌر جي انقلابي نطرين کي بهتر سمجهندو هُئس.
رات سهائي، ڀونءَ سنئين، پٽين وڏو پنڌ،
هلندي حبيبن ڏي، ڪَرها موڙمَ ڪنڌ،
ٻنڌڻ سوئي ٻَنڌ، جو پهچائي پرينءَ کي
( شاهه )
***
اي وطن ڏانهن وڃڻ وارا اسان جي پاسي
جنهن به موسم ۾ اُتر پار کان هيرون گهلنديون
تون نه هوندي ته سندءِ ياد ته ايندي رهندي
آسمانن تي شفق رنگ جون ڇوليون ڇلنديون
(امداد حسيني)
19.07.2006
WIU, USA
نهين تيرا نشيمن قصر سلطاني ڪي گنبد پر!
تو شاهين هي، بسيرا ڪر پهاڙون ڪي چٽانون پر.
(اقبال)
Prof. Joe and Mr. Kevin Timlin
رات جو 4 وڳي تائين ڪم ڪندو رهيس. صبح جو اٿي معمول مطابق ناشتو ڪيو، صوف، چانهه جو ڪوپ وٺي Seal Hall ويم جتي Kevin Timlin کي ڏند جي علاج خاطر قرض لاءِ چيم، جنهن بئنڪ وارن سان ڳالهايو. همراهه 20 منٽن ۾ 15 ڊپارٽمنٽس سان ڳالهايو. Kevin جي ڪم جو طريقيڪار مون کي Temple University واري مرحوم Prof. Joe جھڙو لڳندو آهي . Prof. Joe چوندو هو ته مون ريل ۾ ڇولا کپايا، ٽرڪ جو ڊرائيور رهيس ۽ طرحين طرحين جا پورهيا ڪري پڙهيس جو اڄ هن درجي تي رسيو آهيان. هڪ فوجي جوان جيان چاڪ چوبند هو، همدرد وري اهڙو هو جو الادين جي ڏيئي وانگر مدد لاءِ هر وقت تيار هوندو هو، شاگردن جا سڀئي منجهيل مسئلا حل ڪندو هو، بعد ۾ Ms. Wyne سان هيلو هاءِ ٿي. جتان موڪلائي لائبريري ۾ آيم. مون کي اڄڪلهه ساڄي هوڙ (Wisdom Tooth ) ۾ سخت سور رهي ٿو. جنهن لاءِ دوائون وٺان پيو، جنهن جو مستقل حل اهو آهي ته Spring Field ۾ وڃجي جتي ڊاڪٽر filling ڪندو، ليڪن انهيءَ لاءِ 1500 ڊالر گھربل آهن، سو قرض لاءِ Kevin بئنڪ ۽ مختلف Departments سان قرض لاءِ ڳالهايو آهي. اُميد ڪجي ٿي ته ڪو حل نڪري ايندو، بهرحال مون کي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته هتان جي آفيسرن ۽ پروفيسرن جو طريقيڪار ڏاڍو سادو ۽ همدردانه آهي. هو شاگردن توڙي عام ملازمن جي مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجھي ايماندارانه حل تلاش ڪري وٺن ٿا. پاڻ وٽ پياري پاڪستان ۾ ته ڀينگ لڳي پئي آ جو ٺهيل مسئلي کي به آفيسر شاهي بگاڙي ڇڏيندي آهي. اها آهي پاڻ واري بدنام بيورو ڪريسي!!!
خاص ڳالهيون :
(1) Yaa ڪمبوڊيا واري Full bright اسڪالر سان ڳالهه ٻولهه ٿي. (2)Rick ۽ Capt: Ovan فون ڪئي ۽ خير عافيت پڇا ڪئي. (3) امان (ترڪمانستان) سجاد شاهه (Canada) ۽ سائين بشير شاهه سان ٺل مان Online ميل تي احوال ٿيا.
***
20.07.2006
Spring Field + Captain Thomsan
“To be wise is to suffer” (Sophocles)
ابراهيم لنڪن ساڻ دوستي جا ست سڱ
سڀاڻي سويري پنهنجي دوست ابراهيم لنڪن جي شهر پهچڻو آهي. ابراهيم لنڪن سان پنهنجي دوستي جا ست سڱ آهن پهرين ته هو مون جهڙو غريب هو، ٻيو ته هن مون وانگر جفاڪشي ۽ پورهيا ڪيا، ٽيون ته هن پاڻ وانگر وطن ۽ انسان ذات لاءِ جاکوڙيو، چوٿون ته هو هر وقت مدد لاءِ تيار رهندو هو، پنجون ته هن همٿ ۽ جدوجهد ۾ اٽل ويساهه رکيو، ڇهون ته هو اڻموٽ ۽ اڙٻنگ انسان هو، ستون ته هُن ساهه ڏيئي ويساهه ڏنو. آمريڪي آئين جي بالادستي هن جو وڏو ڪارنامو آهي.
صبح 5 وڳي اٿڻ ٿيو. اٿي ڏندڻ ، تڙ پاڻي ڪري ٺيڪ 6 وڳي بلڊنگ کان ٻاهر آيس ته Captain Thomson وين سميت موجود هو هن همراه کي گذارش ڪيم ته هوڙ جي علاج خاطر Spring field ڊاڪٽرHurt. J .وٽ 8 وڳي پهچڻو آهي ته هي 6 وڳي پهتو. اصل خدائي خدمتگار سمجھندي خلق جي مدد ڪرڻ پنهنجو اولين حق سمجھندو آهي. ڪئپٽن ٿامسن سان گهڻو وقت مئڪومب جي شهرين طرفان هڪڙي فنگشن ۾ Dinner تي ملاقات ٿي ته هُن ٻڌايو ته هو پنهنجي زال ڪئپٽن روزا Captiain Rosa سان گڏ Salvation Army ۾ فلاحي طور ڪم ڪندو آهي، سو هن کي سواري لاءِ گذارش ڪيم ته هن چيو مون صبح جو ايندس، 6 وڳي روانگي ٿي رستي ۾ مذهب، سياست ۽ Illions رياست جي فصلن ۽ موسم جي موضوعن تي گپ شپ ڪندي ٺيڪ 40 :7 تي ڊاڪٽر J. Hurt جي اسپتال پهتاسون. پهچڻ شرط نرس فارم ڏنو جيڪو ڀريوسين. بعد ۾ نرس اندر وٺي وئي X¬¬-ray ڪڍيا. ڊاڪٽر پهچي ويو ۽ ڏند جي صفائي سميت جملي ڪاروائي 35 منٽن ۾ پوري ڪيائون همراهه 850 ڊالر في اوڳاڙي، جنهن مان 500 Full Bright انشورنس 200 Salvation Army ۽ باقي مون ڏنا. بعد ۾ Spring Field جو ڊگھو چڪر هڻي Sonic Resturant ۾ Captain Thomosn ساڻ آمريڪي Lunch ٿي دستوري Chicken Burger ۽ ڪوڪاڪولا ورتي سون ڊنر بعد Macomb آياسين. Captain Thmoson سان سٺي ڪمپني رهي. هن همراهه وڌيڪ ٻڌايو ته 7 سال آمريڪا جي ريگيولر آرمي ۾ جونيئر آفيسر ۽ 7 سال بحري فوج ۾ رهيو آهي. تنهن ڪري مزاج ۾ فوجي لڳندو آهي.
خاص ڳالهيون :
(1) ڪاوش ۾ اعجاز منگي جي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري طور مقرري جو پڙهيم، خوشي ٿي. ان سان گڏو گڏ اهو انديشو به ذهن ۾ اڀريو ته جرنلزم جي ماڻهوءَ جو U- Turn ڇا ادبي بورڊ جو ڪاروهنوار هلائي سگھندو؟؟؟ البته مون E_mail ذريعي کيس مبارڪ موڪلي.
ناشتو : صوف ۽ چانهه جو ڪوپ. مانجھاندو : Sonic ۾ Chicken Burger ۽ ڪوڪاڪولا. رات جي ماني : Massa جو جپاني ڀت، سبزي پڪوڙا، چانهه، سپرائيٽ بوتل ۽ ميوو.
***
23.07.2006
WIU, USA
زندگي سان ائين مقابلو ڪر، جيئن فاران جي بيابان ۾
اسماعيل ۽ حاجره، باد حمود سان ڪندا هئا........ (اياز)
فلسطيني پروفيسر سعيد ائڊورڊ ۽ جلاوطني
رات جا 3 ٿي رهيا آهن. ننڊ دماغ کان ڪوهين ڏور آهي. اجھو بشير شاهه ٺل کان Yahooo Messenger تي ميل موڪلي ته اڃان جاڳو پيا؟؟ مون موٽ ۾ لکيو ته بدن آمريڪي ڌرتي جي ٽڪر ميڪومب(Macomb) شهر جي ڏکڻ طرف چهچ گھاٽي ٻيلي جي دُن ۾ Lemoine Village جي هڪ اپارٽمينٽ جي ننڍڙي ڪمري ۾ قيد آهي، ليڪن روح ۽ ذهن سعيد ائڊورڊ جي دماغ جيان سدا پنهنجي ديس جي وادين ۾ ڀٽڪي رهيو آهي. (آءٌ ڪو سعيد ائڊورڊ جو مٽ ڪونه آهيان، هو ته علم ۽ عقل جي آسمان جي بلندين تي آهي) ليڪن هن وانگر هڪ ناتي پاڻ به خود ساخته جلاوطن آهيون، شايد پنهنجي جلاوطني پاڻ قبول ڪئي آهي (جڏهن مون آمريڪا اچان پيو سائين حبيب الله صديقي چيو هو ته “فهيم سفر معنيٰ خود کي جلاوطن ڪرڻ” سو واقعي صديقي صاحب وارو چوڻ صحيح لڳندو آهي.) ۽ سعيد ائڊورڊ کي Hebrew هيبرو (عبراني) زبان ڳالهائيندڙن ڌڪي ڌار ڪيو هو. انهن عجيب ڪيفيتن جي گومگو لمحن ۾ مون کي آڪاش انصاري جو بيت ياد اچي ٿو، جيڪو پرديس ۾ ديس جي ياد ٻڏان تران واري ڪيفيت واري حال کي ڄڻڪ بيان ڪري ٿو.
روز ٿو زهر پيان، مران جيان، جيان مران،
ڄڻ ڪلاچي ڪُن ۾، ٻڏان تران، ٻڏان تران،
يا ديول جي ديپ جيئان، اجهان ٻران، اجهان ٻران
ڄڻ صليب تي ٽنگيل ڪو سرد مان هُجان بدن،
جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن،
نه منهنجو ڄڻ هي ماڳ آ، نه منهنجو ڄڻ مڪان آ،
نه منهنجي ڄڻ ڌرتي آ، نه منهنجو آسمان آ،
ڄڻ هجان تاريخ جي مان لاش جو ميرو ڪفن!
جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن ....
(آڪاش انصاري)
سنڌ جي خوشبو سنڌين جي ذهن ۾ گلاب جي گل جي خوشبو جيان سادا تازي تواني رهي ٿي. اهو وطن سان وچن ۽ محبت جو عظيم جذبو آهي. جيڪو وطن کان ڏور سنڌين جي ذهن ۾ رهي ٿو. انهيءَ جا گهڻائي سبب آهن. هڪ ته سنڌين کي بنيادي طور گهر ۾ ئي لسي ماني ميسر آهي، ٻيو ته سنڌ سرسبز ۽ خوشحال آهي، ڇو ته سنڌين ۾ ٺيٺ خانداني ۽ قبائلي نظام هئڻ سبب رت جي رشتن جي جوڙجڪ خاصي مضبوط آهي، جنهن سرشتي جي شاهوڪار هئڻ سبب هنن جو پنهنجي ديس ۽ ثقافت سان رشتو وڌيڪ مضبوط آهي. چوٿون ته وطن کان ٻاهر هنن کي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙ تمام گهٽ ملن ٿا (جنهن جو ذاتي طور مون کي جنوري 2005ع تي فلاڊيلفيا پهچڻ تي تجربو ٿيو، جتي هڪ سنڌي مُلو حيدرآباد جو نظاماڻي مليو، جيڪو به بيزار ٿي ڀڳو. انهيءَ بعد مون هت ويسٽرن يونيورسٽي ۾ هندستانين ۽ پاڪستانين کان پڇيو، ليڪن 2006ع جولاءِ تي ڪوبه سنڌي ڪونه مليو). سو اڪيلائي ۾ Home Sickness سان وڌيڪ ويڙهه ڪرڻي پئي ٿي. انهن سببن کان سواءِ ٻيا به انيڪ سبب آهن. سڀني سببن باوجود اڄڪلهه سنڌي ۽ پاڪستاني دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اقليت توڙي اڪثريت ۾ ڦهليل آهن.
رات جو گهيرو پنهنجي وسعت سان چوگرد ڦهليل آهي، مون کان ننڊ اڃا دور آهي.سنڌي ٻوليءَ جي شاعره رخسانه پريت چنڙ جي شاعري جون سٽون گذرندڙ لمحا ياد ڏيارين ٿون.
جڏهن رات ڪاري جا گهيرا وڌن ٿا،
تڏهن نيڻ پنهنجا، ڏيئا ٿي ٻرن ٿا،
وڃي وقت تڪڙو، پرين اک ڇنڀيندي،
اهي وار ڪارا اڇا ٿي پون ٿا.
(رخسانه پريت چنڙ)
خاص ڳالهيون:
(1) The Salvation Army جي ڊنر ۾ گهڻن دوستن سان ملاقات ٿي (2) ڄامشوري شفيق، عمران ۽ بيگم سان ڳالهايم.
***
27.07.2006
WIU, USA
جي ايندي چونئي آءٌ، ويندي چونئي ويهه
ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچجي انهن جي
(شاهه)
Reading Strategy Project
اڄ شام پياري ڀاءُ لطيف ٺل مان ڊگهي گفتگو ڪئي، ڏاڍي سرهائي ٿي. امان ۽ ادي بشيران به ڳالهايو، تسلي ٿي، محبت سان گفتگو انسان لاءِ وڏي دلبري ۽ دلاسو آهي. خاص طور سفر ۾ اعليٰ قسم جي سوکڙي آهي. اهو محبتن جو تصور به گهڻي وقت تائين خوشيون عطا ڪري ٿو.
صبح جو ڊاڪٽر رابرٽ هال ساڻ Reading Strategy Project لاءِ آفيس ۾ Meeting ڪيم، جنهن چيو ته ڪوشش ڪريو ته آگسٽ ۾ Project مڪمل ڪريو. مان لڳاتار ڏينهن رات اها ڪوشش ڪريان پيو ته ڪم وقت سر تڪميل تي پهچائي، پوءِ ٻين ڪمن ۾ هٿ وجهجي. رات Amilkar (South African) ۽ ماسا (Japani) سميت ڪمري ۾ گپ شپ ڪئي سون. ماسا ڏاڍو خوش آهي، ڇو ته اڄ WESL Graduation مڪمل ڪئي اٿس. Amilkar سان دنيا معاشيات ۽ سياست تي ڊگهو بحث ٿيو. هي همراهه موزمبيق جو Full Bright Scholar آهي، ڏاڍو پرجوش ۽ ذهين جوان آهي. جنهن سان سنڌ، پاڪستان، آمريڪا، آفريڪا ۽ دنيا جي مسئلن تي اُوڀاريون لهواريون خبرون ٿينديون آهن.
خاص ڳالهيون:
(1) WESL جي گريجوئيشن پارٽي اٽينڊ ڪيم، ڇو ته مون کي Prof. Dianna Loyet طرفان خاص دعوت مليل هئي جيڪا منهنجي استاد ۽ انٽرنشپ جي Guide رهي آهي. (2) Diana loyet سان هُن جي ڇپيل ڪتاب ۽ سنڌ اندر ڇپجندڙ ادب بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
28.07.2006
Salvation Army
ڪي سُمهه، ڪي جاڳ، کاءُ اڌورو ان،
جا مورت تنهنجي من، تنهن مشاهدو ماڻئين.
(شاهه)
نيپالي گيت ۽ ثقافتي لاڙا
اڄ Grish (نيپالي دوست) ساڻ بس ۾ لائبريري ويم، سڄو ڏهاڙو Project جي سلسلي ۾ تحقيق جو ڪم ڪندو رهيس. ڪم ڪندي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي. شام جو 7 وڳي Salvation بائبل ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ڪئپٽن Rick ساڻ ويم، بائبل بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مهيني ۾ هڪ يا ٻه ڪلاس وٺندو آهيان. جنهن دوران وڏا بحث ڇڙندا آهن. جنهن سان گهڻا فائدا ٿيندا آهن هڪ ته انگريزي پڙهڻ ۽ بحث ڪرڻ، ٻيو آمريڪي ڪلچر، ٽيون هنن جي مذهبي ثقافتي لاڙن جي پروڙ ٿئي ٿي. جڏهن به مون ڪلاس اٽينڊ ڪيو آهي ته ٻه يا ٽي انٽرنيشنل شاگرد Rick ۽ سندس زال Violta گڏ هوندا آهن. ماڻهن جي گهٽ شرڪت مان اهو لڳي ٿو ته آمريڪن جومذهب ڏانهن لاڙو منفي آهي. البته مذهب جي حوالن سان هي سڀ ڌنڌا ڪن ٿا. چون ٿا ته حضرت عيسيٰ عليه السلام محبت جو درس ڏنو آهي، هُنن جو چوڻ آهي ته “هو ڪڏهن به پنهنجي تخليق انسان کي جهنم ۾ نه ڌڪيندو.” تنهنڪري آزادي سان هو سڀ ڌنڌا شراب، ڪباب ۽ عياشي جاري رکيو اچن.
1. ناشتو: صوف ۽ چانهه ڪپ 2. مانجهاندو: Beef ۽ چانور ۽ ڪوڪا ڪولا 3. رات: مٺيون ٽڪيون، چانور، پيپسي ۽ ڪافي
خاص ڳالهيون:
(1) گريش جي ڪمري ۾ نيپالي دوستن لاون ۽ گريش سان Online انڊين فلم ڏٺي سون. آخر نيپالن گڏجي گيت ڳايو ۽ مون به هنن جو ساٿ ڏنو.
***
05.08.2006
مانجهي سي امل، هر جنين جي هٿ ۾.
سفر معنيٰ سوڀ
Grish نيپالي دوست Master پوري ڪري 8 تاريخ پنهنجي Job لاءِ نيو جرسي (New Jersy State) ويندو. اڄ مون الوداعي Dinner جو بندوبست ڪيو. ان ۾ Massa جپاني، Lawan and Hemalni نيپالي دوست به شريڪ ٿيا. Coocking مون پاڻ ڪئي. همراهن سنڌي طعامن جي ڏاڍي ساراهه ڪئي. سوچيان ٿو ته ڪڏهن هڪڙو ڏينهن ايندو جو اسين به موڪلاڻي ڪنداسين ۽ وڃي وطن وسائينداسين. هي سِٽون لکندي اکيون مارن کي ياد ڪندي آب ٿي ويون آهن.
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ! وطن جنين وساريو.
(شاه)
Grish، 28 سالن جو نوجوان دوست آهي. نيپال يونيورسٽي ۾ ٽيچر آهي ۽ هتي Economics ۾ ڊبل ماسٽر ڪري چڪو آهي. نيو جرسي ۾ نوڪري جي هڪ ڪمپني ۾ آفر ٿي اٿس. ڏاڍو پرجوش نوجوان آهي. سنڌ، پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مامرن تي اسان جي سدائين ڏي وٺ ٿيندي رهندي آهي. هاڻ هي يونيورسٽي ۾ سڀني دوستن جي ذهنن تي اڻمٽ يادون ڇڏي وڃي نيو جرسي جا وڻ وسائيندو. ڊنر بعد Massa پنهنجي سنهڙي آواز ۾ هڪ جپاني گيت ٻڌايو. مون شاهه جون سِٽون پڙهي کين انگريزي ۾ همراهن کي معنيٰ سمجهائي بعد ۾ Hemalni and Lawan, Grish ڪورس جي انداز ۾ نيپالي گيت ٻڌائي محفل کي گرمائي ڇڏيو. شاگردي دور جا وطن کان ڏور هي آلاپ ڏاڍا درديلا ٿين ٿا، جنهن جو اندازو صرف ۽ صرف وطن کان ڏور رهي ئي ڪري سگهجي ٿو. ڪٿي مون پڙهيو هو ته قديم دور ۾ ماڻهو ن گڏجي “Song of Harps” ڏک جا گيت ڳائيندا هئا ۽ مرڻ بعد سورمن جي قبرن تي اُڪري (لِکي) ڇڏيندا هئا، اهڙي ريت سفر ۾ سڀ گهڙيون مون کي “Song of Harps” جو حصو لڳنديون آهن. بهرحال دنيا اندر پاڻ مڃائڻ ۽ وطن جي خوشحالي خاطر سنڌين کي Russain, German, American, Britsh, French ۽ دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر جوئر جي ڍوڍي ۽ لسيءَ کي پاسيرو رکي، دنيا جو سير ڪرڻو پوندو، تڏهن ساڃهه وڌندي ۽ ديس ۾ خوشحالي ايندي.سفر انساني زندگي جا نت نوان باب کولي ٿو اهو ئي سبب هو جو يونان جي سڪندراعظم، برٽش سلطنت ۽ دنيا جي هاڪاري ماڻهن ۽ کوجنا گُرن سفر ۾ ئي سوڀ ڏسي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ڇاڇولي.
***
06.08.2006
315-1, WIU, USA
خواب ۽ زندگي
ڀيڻ ڊاڪٽر رضوانه ميمڻ Arizona کان فون ڪري پي.ايڇ ڊي پراسيس بابت پڇا ڪئي. مون چيو ته جهڙي طرح Humphrary مان Master Program ڏنو اٿن، سو پي ايڇ ڊي پاڻ ڏيئي ڇڏيندا، ڏاڍو کلي .... ته اهوڪيئن؟ مون چيو آخرڪار آمريڪي ڏنل مدد پاڪستان ۾ ڪنهن کي آڇيندا!!؟ بهرحال خواب ڏسڻ انسان جو بنيادي حق آهي. هونئن به ٿيندو ايئن آهي ته خواب ۽ خيال انساني ذهن ۾ پهرين جنم وٺندا آهن پوءِ ڪچي ڦڪي شڪل ۽ نقشو ٺهندو آهي، بعد ۾ اهي خيال ۽ خواب Mature ٿيندا آهن ۽ عملي شڪل وٺندا آهن. بشير شاهه رات جو 3 بجه ڳالهايو. ويب ڪيمرا تي اچڻ سان هن کي هوبهو ڏسي وڌيڪ خوشي ٿي، اهو پهريون دفعو هو جو پاڻ ۾ روبرو ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
10.08.2006
315-1, Lamoine, Vill, USA
سائين بشير شاهه سان ڊائلاگ
جنهن ڏينهن آءٌ قومي ناموس جي حفاظت جي فرض ۾ گسان،
ان ڏينهن منهنجي مٿان سج جي روشني نه پوي
(عرب شاعر)
اڌ رات جو 3 وڳي مون ڪمپيوٽر تي Online بشير شاهه ڏٺو. پڇيم. سائين! ڇا ڀلا ننڊ نٿي اچي ڇا؟ چيائين پنهنجي پٽن سجاد شاهه (ڪئناڊا ۾ رهندڙ) ۽ ڊاڪٽر شريف شاهه ۽ تنهنجي لاءِ سوچيان پيو! مون چيو سوچڻ جي مهرباني! پر ڇا پيا سوچيو. چيائين ته اوهان جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ مون چيو ته Who Knows…? مستقبل ڪير ڄاڻي ٿو؟ جهڙي طرح موت جي ذائقي بابت ڪوبه ٻڌائي نٿو سگهي، تهڙي ريت مستقبل لاءِ به ڪوبه ٻڌائي نٿو سگهي. باقي جيڪڏهن ڪو هام هڻي ٿو ته اُهي خالي ڪارتوسي ٺڪاءُ آهن. بعد ۾ هُن فيملي فوٽو شيئر ڪيا. هڪڙي فوٽو ۾ شريف شاهه ۽ سجاد شاهه هن جي ڪڇ تي کنيل آهن، ٻئي فوٽو ۾ محب الله شاهه خيرپور ڊويزن جو اڳوڻو ڪمشنر کين ننڍڙي سجاد شاهه کان گلدستو وصول ڪري رهيو آهي، سجاد شاهه، گل ڏيندي ڏاڍو سهڻو لڳي رهيو آهي. جيڪو مون کي ماضيءَ جي جهروڪن ۾ گهلي ويو.
سائين (استاد) محمد نواز نوناري جيڪو نه رڳو دسترخوان جو مرد مجاهد آهي بلڪه گفتگو ۾ به سخاوت جا واهڙ وهائي ڇڏيندو آهي، خاص طور واقعن کي منظر نگاري ڏيڻ ۽ بيان ڪرڻ جو ڍنگ ته سائين نواز کان ڪو سکي. هي مڙس ٺل، جيڪب آباد ۽ سنڌ لاءِ وڏا خواب ڏسي رهيو آهي، شال هن جا خواب عملي شڪل ۾ اچن ۽ سائين نواز نوناري چنڊ ۽ ستارن جيڏي امر زندگي ماڻي آمين.
بندر جان ڀئي، تان سکاڻان مَ سمُهو،
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي،
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.
(شاهه)
سائين نواز مون کي ٻڌايو هو ته سيد عسين شاهه ۽ شاهه ڏنو خان (عبدالمجيد) کوسو اهڙا مرد مجاهد هئا جيڪي ٺل جهڙي قبائلي علائقي ۾ رهندي به دنيا جي ترقي پسند معاشري جي قدرن جا نه صرف زبردست حامي هئا، بلڪه عملي طور اهڙي زندگي گذاريندا هئا، کين هڙان وڙان غريب غربي جي مدد ڪندا هئا. ٺل جي معاشري ۽ ترقي ۾ هنن ٻنهي جو مک ڪردار هو. بلڪ علمي پکيڙ کي شعور جو بنيادي اهم سبب سمجهندي سيد عيسن شاهه ٺل هاءِ اسڪول لاءِ زمين ڏني. بقول ادا بشير شاهه جي ته شاهه ڏني عرف عبدالمجيد کوسي لوها گارڊر، ٽيئر، سرون ۽ ٻيو تعميراتي سامان (Matter) مهيا ڪيو. ٺل هاءِ اسڪول جنهن علائقي جي ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.هاءِ اسڪول 1957ع ۾ لوڪل گورنمينٽ حوالي ٿيو ۽ بعد ۾ 1964ع ۾ سنڌ گورنمينٽ سنڀاليو. باقي هاڻي حال يارن جو اهو آهي ته اهي ڏنل گيڊر به گهر کڻائي ويا آهن.
نه ڪي بوءِ بازار ۾، نه ڪا ڇِلرِ ڇٽَ،
جتي ڏنڀرين جي اڳي ھئي اَکٽ،
سي پٿ پسيو پٽ، ماڻهو وڃن موٽيا
(شاهه)
سائين نواز پنهنجي يارن سائين محبوب علي سومري صاحب، حاجي عبدالله خان مگسي، استاد محمد ايوب خان نوناري، ۽ استاد وزير دايو کي به پنهنجي گفتگو ۾ هميشه ياد رکندو آهي، خاص طور محبوب سومري لاءِ چوندو آهي ته جيڪڏهن هو سچل سرمست واري سٽ ياد ڪري ته “جوئي آهيان، سوئي آهيان” ته پوءِ ٺل کي گُل واري حيثيت ورائي ڏيڻ ۾ محبوب علي سومرو ڏهه ڏاڪا پار ڪري ويندو.
حاجي عبدالله خان مگسي ٺل شهر جي اعليٰ علمي ۽ سماجي شخصيت آهي. هُن جي گهر ۾ جوڙيل لئبريري حاجي عبدالله صاحب جي علم دوست ۽ سماج سڌارڪ هئڻ جو ڏس ڏئي ٿي.
سائين محمد نواز هن وقت هن دنيا ۾ نه آهي، خدا کيس جنت نصيب ڪري. هُن بابت هڪ خاص مضمون لکبو ــ سائين جنهن جو ٺل ۽ جيڪب آباد بابت ٿيل تحقيقي ڪم هُن جي پُٽ عبداللطيف نوناري وٽ پيل آهي.
(نوٽ: هن مضمون جو اڌ حصو سائين نواز جي حياتي ۾ اڌ حصو گذاري وڃڻ بعد لکيو ويو)
***
09.08.2006
WIU, USA
هنج پکي جهڙو شهيد لياقت نوناري
اَڇائي اڌ رات ۾، پرين پسايو پاڻ،
چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءُ ۾.
(شاهه)
شهيد لياقت عيد جي رات پنهنجي جيجل امڙ جي گهر ۾ پُرامن خوابن ساڻ سُتل هو ته وحشي بگهڙن گهر ۾ گهڙي علم ۽ امن جي علمبردار منهجي ڀاءُ لياقت علي خان نوناري کي شهيد ڪيو، شهيد لياقت شاهه لطيف ڪلب جي لازوال ثقافتي، علمي ۽ قومي جدوجهد ۾ اسان ساڻ گڏ رهيو. لياقت علي ڳوٺ خدابخش نوناري جي نوجوان سَٿ ۾ ائين هو جيئن آسمان ۾ جڳمڳائيندر روشن ستارن ۾ چوڏهين جو چنڊ چمڪي، هو سدا مسڪرائيندڙ، همٿ ڀريو دلير جوان هو، علم، ادب، سچ ۽ سورهيائي جي ويرين اُن چنڊ کي بندوق جي گوليءَ سان ٽڪر ٽڪر ڪرڻ چاهيو، پر هو شهادت جو درجو ماڻي سدا امر ٿي ويو. لياقت جو ڀاءُ ڊاڪٽر شمس الدين به جدوجهد ۾ اسان ساڻ ٻانهن ٻيلي رهيو. ڊاڪٽر شمس الدين صوفي منش انسان آهي. جنهنجو ساٿ ڊگهي عرصي تائين شاه لطيف سان رهيو، هو شاه لطيف ڪلب ۽ لئبريري جو ڪپتان، خزانچي ۽ نائب صدر رهيو.
جکرا جيئو شال، مندي نه سُڻان تنهنجي! (شاه)
شمس الدين جو ڏاڏو محمد صيفل ۽ نانو وڏيرو هئبت خان تر جا مشهور زميندار هئا، هئبت خان نوناريءَ جي دوستي جو دائرو علائقي جي چڱن مڙسن ۽سردارن سان هئو. بوئا نازي جيڪا منهنجي والد جي سڳي ڦڦي هئي، هوءَ سگهڙ عورت۽ گهرڌياڻي هُئي، جيڪا هئبت خان جي شريڪ حيات هئي. بوئانازي پنهنجي ڀائرن حاجي محمد بچل خان، الهر تي خان ۽گورو خان جي اکين جو تارو هئي. وڏيري هئبت خان کي پنج پُٽ هئا، خدابخش خان، اختيار احمد خان، محمد شريف خان، ڪالو خان ۽ استاد محمد ايوب خان. وڏيرو خدابخش خان هڪ ڏاهو انسان هو جنهن ڳوٺ ۽ سڄي تر ۾ امن ۽ علم جي ڦهلاءَ لاءِ ڪوششون ڪيون. خاص طور عورتن جي تعليم لاءِ هُن لازوال جدوجهد ڪئي. ڊاڪٽر شمس الدين جو چاچو ڪامريد محمد عظيم نوناري به ڳوٺ جو اعليٰ سياسي، علمي ۽ سماجي دماغ هو جنهن لائبريري، ڊسپينسري، مرغي فارم ۽ ٻيا گهڻا سماجي ڪم ذوالفقار علي ڀُٽي جي دورِ حڪومت ۾ منظور ڪرايا.
رات جو 12 وڳي (آمريڪي ٽائيم) ٺل مان قيوم ڀاءُ ڳالهايو ۽ ديدار
ڪنراڻي به ڳالهايو.“ جنهن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ رسول بخش پليجو صاحب سکر هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد لياقت نوناري جو ڪيس وڙهڻ آيو هو، جتي ٻڌايائين ته “فهيم آمريڪا کان هر پندرهين ڏينهن اي ميل موڪلي ٿو .” مون کي ذهن ۾ اهو آيو ته هر ڳالهه جو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ Impact ٿئي ٿو. بعد ۾ روشن ڪنراڻي به هيلو هاءِ ڪئي، هي دوست شهيد محمد نواز ڪنراڻي جي ساٿ جا ساٿي آهن.
***
08-08-2006
315-1, Lamaine Vill, WIU
ڪوماڻو قمر، جانب جي جمال سين!!!
کڻي نيڻ خمار مان، جا ڪيائون ناز نظر،
سورج شاخون جَهڪيون ڪوماڻو قَمر،
تارا ڪَتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جَهڪو ٿيو جَوهر، جانَب جي جمال سين.
(شاهه)
ڀاءَ ذوالفقار نوناري ٺل مان فون ڪئي هميشه جيان همراهه فون تي به پرجوش هو ۽ ٻڌايائين ته مير حسن خان کوسو ڪئنسر جي آپريشن ڪرائي ڪالهه لنڊن مان واپس آيو آهي. بعد ۾ ٺل بابت هلڪا ڦلڪا احوال ٿيا ۽ هن پنهنجي ننڍڙي پٽ معين خان سان ڳالهرايو شايد اها گفتگو نوجوان لاءِ آٿت هجي. نوجوان نسل سنڌ جو مستقبل آهي، جَن جي تعليم ۽ تربيت ۾ اسان سڀني کي دل کولي مدد ۽ معاونت ڪرڻ گهرجي، جيئن سنڌ پنهنجي روشن منزل ڏانهن صحيح رُخ ۾ اڳتي وڌي سگهي. جکرا! جيئوشال، تنهنجي مندي مَ سُڻان.
ذوالفقار جا واسطا تر جي سڀني سردارن، وڏيرن ۽ آفيسرن ڪامورن ڪڙن سان هڪ صحافي ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ رهندا آهن.
***
09.08.2006
WIU, USA
جن جي رب سين رهاڻ، تن اونهو ناهي اگهاڙجو!!
نه ڪتن، نه ڪنبن، نه ڪڍن ڪوري سَندي ڪاڻ،
جن جي رب سين رهاڻ، تن اونو ناهه اگهاڙ جو.
(شاه)
ماءُ
امان، نتاشا ۽ ڪائنات فون تي ڳالهايو. قيوم، فون وسيلي ڳالهرايو. اَمان سان گفتگو هميشه منهنجي لاءِ وڏي آٿت هوندي آهي. جنهن جون دعائون مون لاءِ وڏي وٿ آهن. بقول خورشيد ٿيٻي جي ته فهيم صاحب “اوهان کي ماءُ جون دعائون بلندي ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.” انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ماءُ جي دعا ۽ نيڪ تمنائون جنت جا دروازا کولين ٿيون، مان اهو تصور ڪندو آهيان ته ماءُ جي خدمت خدا تعاليٰ طرفان فطري خوشنودي آهي.
نوٽ: خورشيد ٿيٻو منهنجو ڀائرن جهڙو ساٿي ۽ دوست آهي، جنهن ساڻ نه صرف آفيس ۾ گڏ ڪم ڪيو اٿم بلڪه پاڙيسري طور به گڏ رهيا آهيون، ڀلوڙ مڙس آهي، دستر خوان جو سخي مڙس ۽ ڏک سک ۾ هر ماڻهونءَ سان ٻه پير ڀري وڌي چڙهي مدد ڪندوآهي. ميهڙ جي زميندار ٿيٻو خاندان سان تعلق اٿن، کين رئيس شمس الدين بلبل هن جو ناناڻو خاندان آهي.
***
WESL, WIU.USA
Chicago-2006
ماڻهن کي مسڪراهٽ ڏيو، ان جي ڪابه قيمت نه آهي
پر اها زبردست فائدا پهچائي ٿي. (ڊيل ڪارينگي)
Full Bright Conference, Chicago
Full Bright مارچ 2006ع شڪاگو ڪانفرنس جي آخري رات (Chicago Lake) ۾ ڪُروز جهاز ۾ آخري رنگارنگي محفل، ڊنر ائين معلوم ٿئي پيو ڄڻ عمر ماروي داستان، ڪينجهر جهيل ۾ دهرائجي پيو.
اهو سومر جو ڏهاڙو هو ته مون کي واشنگٽن مان Full Bright Office شڪاگو ڪانفرنس جي دعوت ملي. مون پنهنجي WESL جي استادن مسز لوئيٽ ڊيانا ۽ مسزوئن سان ڳالهه ڪئي. انهن مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيائون ته اها خوشي جي ڳالهه آهي، جو اوهان Professional Conference ۾ وڃي رهيا آهو، جتي اوهان گهڻو سکندا.
مان صبح جو ٽرين وسيلي شڪاگو پهتس. شڪاگو اسٽيشن کان پيلي ٽئڪسي وسيلي هوٽل پهتس. مون کي Reception Lady ٻڌايو، اوهان جو ڪمرو 4 فلور تي (Neather Land) Mr. Alex جي فل برائٽر سان گڏ آهي. مون روم ۾ پهچي ڪجهه گهڙيون آرام ڪرڻ بعد گرم پاڻي سان وهنجي تازو توانو ٿي هيٺ آيس. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته Basement ۾ افتتاحي تقريب آهي، جتي پهتس ته هڪ ڪويتي فل برائٽر سان ملاقات ٿي ۽ ٻيا گهڻا دوست مختلف ملڪن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون موجود هئا. کائڻ پيئڻ دوران هڪٻئي سان کل ڀوڳ ۾ مشغول هئا. انهيءَ دوران سنڌ جي ڊاڪٽر رضوانه ۽ پشاور جي جج علي حيدر سان ملاقات ٿي. ٿوري دير بعد مان جج علي حيدر ۽ محمد ڪويتي ساڻ ٻاهر شڪاگو سيئر ٽاور ڏسڻ لاءِ نڪري وياسون، ڇو ته باقي ڪانفرنس جا پروگرام ايندڙ ٻن ڏهاڙن ۾ هئا. اسين بازارون گهمندا وڃي ٽاور رسياسين ــ سيئر (Sear). ٽاور جي بلندي تان پورو شهر پيرن هيٺيان نظر اچي رهيو هو. رات جو هوٽل جي لائونج ۾ برازيل ۽ تاجڪستان جي دوستن سان ڪچهري ٿي، بعد ۾ بستري حوالي ٿياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو روم پارٽنر Alex جي چرپر سبب جاڳ ٿي، جنهن چيو ته 8:30 am ٿيا آهن. سجاڳ ٿي تياري ڪري هيٺ هلجي ۽ ڪانفرنس 9 وڳي ناشتي سان شروع ٿيندي.
***
25.08.2006
WIU, USA
Dr. Bob class at Quad City
Macomb کان Moline لاءِ Prof. Robert جي ڪار ۾ روانگي:
At the evening time at 3:00 pm I went to Dr Bob (Robert) office & Later we together went by Car to Quad City.
مئڪومب کان ڪواڊسٽي تقريباً 77 ڪلوميٽر پري آهي. جتي ويسٽرن اليونائي يونيورسٽي ۾ هڪڙو سمسٽر مڪمل ڪيم کين ڇنڇر ۽ آچر ڪلاس ٿيندا هئا، مونکي پروفيسر رابرٽ هال ۽ پروفيسر مڪ ڊونا Facilitate ڪيو. هو پنهنجي گاڏي ۾ کڻي ويندا هئا.
***
27.08.2006
WIU, USA
جي تو ماڻهو اکين مان نه سڃاتو،
ته هن کي ڪڏهن به سڃاڻي نه سگهندين.
(اياز)
ديو مالائي شخصيت
صبح جو ڪار ۾ Dr. Robert ساڻ Quad City ڪئمپس Weekend سيمينار ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويس، ڪلاس ڏاڍو شاندار رهيو. ٻئي ڏينهن ٺيڪ ٻه بجه واپسي رکي سون. 4 بجه Lemione Village پهتاسين. ڊاڪٽر رابرٽ قرب ڪري فليٽ تي ڇڏيو.
ميل چيڪ ڪيم ته ڪاوش ۾ نواب اڪبر بگٽي جي شهادت جي خبر سبب منهنجي اکين مان ڳوڙها بي اختيار ٽپڪي رهيا هئا، سڄي بدن ۾ ڏک ۽ غصي جي لهر ڊوڙي رهي هئي، ته هي پاڳلن ڇا ڪري وڌو نام نهاد سامراجي اسٽيبلشمنٽ اهو ئي ڪيو، جيڪو شهيد ڀٽي سان سنڌي هئڻ جي ناتي ڪيو ويو. سوئي مظلوم بلوچ قوم سان قهر ڪيو ويو. نواب اڪبر پنهنجي رت جو ريج ڏيئي سدائين لاءِ امر ٿي ويو. هو بلوچستان جي شهيدن جو سرواڻ لکيوويندو. مان سندس شهادت تي سنڌ جي انقلابي شاعر شيخ اياز جو هيٺيون شعر عرض رکان ٿو.
پنهنجي ريٽي رت سان
ڳاڙهو جهنڊو
اڀ تائين جهوليندو
اهڙوڏينهن به ايندو ساٿي، ايندو ساٿي!
(اياز)
ناشتو: صوف، بسڪوٽ ڪيلا، ڪشمش ۽ ڪافي. ماجهاندو: Chicken Sandwich، ڪوڪاڪولا ۽ فروٽ. رات: Mixed Vegetable چانور ۽ ڪوڪا ڪولا.
***
31.08.2006
WUI, USA
ڪلچر ۽ تضاد!
ڪنهن جي مٿي تي هٿ گهمائي ڏس!
ساري ڪائنات تنهنجي هٿ ۾ اچي ويندي.
(اياز)
خبر نه آهي مان ڇا لکڻ چاهيان ها! لکڻ گهڻو ڪجهه چاهيان ٿو. پنهنجا آمريڪي تجربا، آمريڪي دوستن جون ملاقاتون، هنن جا کاڌا، ڪپڙا، موسم ۽محسوسات سڀ جيڪي اسان جي ڪلچر جي تضاد ۾ آهن. سڀ ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو. ليڪن اڪيڊمڪ ڪم جو دٻاءُ، رڌ پچاءُ، ڪپڙن جي ڌلائي، ڪچهرين ۽ ڪمري جي صفائي، گهڻي کان گهڻي لالچ ته انٽرنيٽ تي سنڌي ۽ اردو اخبارون پڙهي سنڌ ۽ پاڪستان بابت واقفيت حاصل ڪرڻ واري عادت ۾ گهڻو ٽائيم خرچ ٿيو وڃي. بهرحال اڄڪلهه B.B.C سميت اخبارون نواب اڪبر بگٽي جي شهادت وارين خبرن سان ڀريل آهن. هُن پهاڙي شينهن جي ديو مالائي شخصيت دوست توڙي دشمن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
حيران هزارين مان نه رڳو (مَفتون)
ڪالهه تائين منهنجي ذهن ۾ نواب اڪبر بگٽي ڪونه هو. ليڪن گذريل مارچ ۾ جڏهن اخباري نمائندن کي انٽرويو ڏيندي جبلن اندر ڪنهن غار ۾ ويٺل باوقار طريقي سان جنگي جرنيل جهڙو ڏيک ڏيندڙ سندس انداز مون کي موهي وڌو، پوءِ ته آهستي آهستي هُن جي شخصيت دل ۾ گهر ڪرڻ لڳي. وري هن جو چي گويرا وانگر وڙهندي شهادت ڄڻ هڪ آئيڊيل هيرو بڻائي ڇڏيو.
نئين دور جا زمانا،
سرانجام نه ٿيل ڪار نامن جا زمانا!
اوهان جو اُفق اُڀري پيو،
۽ جاءِ پيو بنائي،
اڳي کان وڌيڪ شاندار ڪرتبن لاءِ،
ڏسان پيو... (Years of the Modern)
***
04.09.2006
WIU, USA
جنگي جرنيل
.... اخباري نمائندي کي انٽرويو ڏيندي جبلن اندر غار ۾ ويٺل جنگي جرنيل جهڙو ڏيک ڏيندڙ نواب اڪبر بگٽي جو انداز ڪنهن هيري کان گهٽ ڪين هو. اڄ هُن چي گويئرا جيئن وڙهندي وڙهندي شهادت ماڻي.
شهيد نواب بگٽي منهنجي ذهن جي تختي سان اهڙي ريت چنبڙي پيو آهي، جهڙي ريت شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد، بُلي شاهه، روسو، چيخوف، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سائين رسول بخش پليجو، ابراهم لنڪن، ٿامس جيفرس، بنجامن فرينڪلن ..... جونيرڪنگ مارٽن، روزاپارڪ، پناه جگر سنڌي، عبدالڪريم گدائي، فتاح عابد، محمد شريف قريشي، والٽيئر، گوئٽي، حافظ، رومي، ڪاليداس، ٽئگور، ندار قاباني ۽ چرچل شعور ۽ تحت الشعور ۾ هروقت موجود رهن ٿا. جن جي زندگي ۽ سندن زندگي جو گس ۽ ڍنگ منهنجي زندگي جي اڪثر عمل ۾ دخل ۾ شامل رهي ٿو.
پڙاڏو سوئي سڏ ــ ور وائي جو لهين. هئا اڳ ۾ گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا (شاهه)
نواب اڪبر بگٽي جو (Warriors) بهادرانه جنگجو موت نه صرف بلوچستان لاءِ Inspiration جو باعث آهي، بلڪ پاڪستان جي سڀني مظلوم قومن لاءِ ڇڪ جو باعث بڻيو آهي. اڄ سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد ٻري رهيا آهن، جنهن جو سيڪ گهڻن خاصن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. هو بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيو آهي. اهو ڪنهن قوم جي هيري جوعظيم موت آهي. هن ڪڏهن به پنهنجي جڳ مشهور انا سبب ڌرتي کي ڏائڻ جهڙا ڏند ڪڍي کلڻ نه ڏنو هو. سو کين پنهنجي موت جي چونڊ به هن جي عظيم قومي ۽ قبائلي جرئت سان ڌرتي جي پٽن ۽ ڌيئرن لاءِ اعليٰ پائي جو مثال آهي. تاريخ جي پيانو ۾ گهڻن زمانن تائين هُن جي بهادري، قرباني ۽ قومي هيري جهڙي موت جا ترانا گونجندا رهندا.
جنهن جي اڇي چاندي جهڙي ڏاڙهي ۽ چاندي جهڙن وارن جهڙا فوٽا فرينچ چاڪليٽ ۽ اسڪاٽ وِسڪي جي بوتلن تي ڇپيل وڏن ۽ سانتا ڪلاز جي فوٽن سان تشبيهه ملندي هئي، سو ڪنهن Tragic Hero يا Happy Hero جو ڏيک ڏيندو آهي، تنهنجا قصا به سانتا ڪلاز جهڙي سحر جيان اڻ ڏٺي هيرن وانگر زمانن تائين ڳائبا رهبا. ممڪن آهي رزميه جنگي ترانه بڻجي سنگلاخ جبلن ۾ گونجن.
***
08.09.2006
WIU, USA
سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾
(شاهه)
Salvation Army Dinner &
Macomb Journal Interview
Salvation Army هر ڇنڇر جي شام جو انٽرنيشنل شاگردن جي مان ۾ پُروقار ۽ شانائتي Dinner جو بندوبست ڪندي آهي، پڻ شريڪ شاگردن جي سالگرهه ملهائڻ، سڀئي قومي،آمريڪي ۽ عالمي ڏهاڙا، ۽شاگرد جڏهن نوان اچن ٿا ته انهن کي ڀليڪار ۽ ويندڙ شاگردن کي خدا حافظ لاءِ جدا جدا تقريبات منعقد ڪندي آهي، جنهن ۾ چين، زمباوي، مليشيا، هانگ ڪانگ، جرمني، فرانس، روس، ايران، اسپين، ٽوگو، انڊونيشيا، انڊيا، نيپال، تائيوان، جپان، ميڪسيڪو، برما، سعودي عرب، اردن، مصر، ڪويت، سوڊان ۽ پاڪستان سميت گهڻن ملڪن جا نوجوان ۽ پُرجوش شاگرد شريڪ ٿين ٿا، اڄ به هڪ وڏو ڪٽڪ گڏ ٿيو هو، پروگرام ۾ Macomb Journal جي رپورٽر Miss. Louse مس لائوس شريڪ ٿي جنهن گهڻا فوٽا ڪڍيا ۽ مون کان شخصي طورپاڪستان، سنڌ، آمريڪا بابت سوال پڇيائين مون سنڌ جي تاريخي تناظر ۾ ڳالهايو، اهو ڏاڍو سٺو محسوس ٿيو. هُن منهنجا فوٽا ورتا هن جي خاص دلچسپي انهيءَ ۾ هئي ته ڪرسچن مذهب کي اوهان ڪيئن ڏسو ٿا ۽ مون هن کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته مون هڪ مسلمان گهراڻي سان تعلق رکان ٿو ليڪن سڀني مذهبن، قومن ۽ انساني نظرين لاءِ احترام آهي، ساڻن گڏوگڏ مون Literature, Anthropology ۽ History جي شاگرد جي حيثيت ۾ ڪرسچن مذهب سميت ٻڌازم ۽آمريڪي زندگي کي تحقيقي نگاه سان ڏسان پيو. تنهن سبب منهنجي هِن قسم جي گڏجاڻين ۾ دلچسپي رهي ٿي. اهاڳالهه مون چڱي طرح سان محسوس ڪئي آهي ته نوجوان آمريڪي نسل جو مذهب سان ذري گهٽ بغاوت وارو لڳاءُ آهي. باقي پوڙها Tradition طور ڪرسچن مذهب سان سلهاڙيل نظر اچن ٿا. سلويشن آرمي جون گڏجاڻيون ميلي جو ڏيک ڏينديون آهن. ماڻهو نت نوان تجربا بيان ڪندا آهن، جيڪو علمي معلومات جو زرخيز تجربو آهي.
***
09.09.2006
WIU, USA
Dog Corn – Dog Ice Cream
2006 Ballon Festival
هي ڏاڍو رنگا رنگ ۽ عجيب قسم جو ميلو ٿئي ٿو، جيڪو هر سال يونيورسٽي جي فوٽ بال گرائونڊ ۽ ان سان لڳ ڊگهي سبزه زار ميدان ۾ ٿئي ٿو، ميلوهڪ روزه هوندو آهي، ليڪن ان جي تياري ست ڏينهن اڳ شروع ٿيندي آهي. ڀرپاسي ۽ آمريڪا جي مختلف شهرن مان مختلف (Inividual) اڪيلو ۽ گروپ (Groups) وڏا وڏا ڦوڪڻا ٺاهي ايندا آهن، گهڻا ڦوڪڻا ته ڄڻ آسمان سان گس ڪري هلندا آهن ۽ اهي گئس تي اڏامندا آهن جن اندر ٻه يا ٽي ماڻهو ويهي سفر ڪري سگهندا آهن. هي ڏاڍو عجيب ميلو هوندو آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ عورتون، ٻار، ٻڍا ۽ يونيورسٽي جا هزارين شاگرد لطف اندوز ٿيندا آهن. هي سرگرمي ثقافتي طور به گهڻن ملڪن جي شاگردن کي هڪ ٻئي جو ويجهو آڻيندي آهي، ساڳئي وقت ميلي ۾ مختلف شين جي خريداري ۽ کائڻ پيئڻ جون به گهڻيون شيون شامل هونديون آهن. (Dog Ic Cream) ۽ (Dog Corn) ڊاگ ڪارن لاءِ اسٽال تي بيٺل خوبصورت ڇوڪرين کان پڇيوسين ته هي ڇا آهي؟؟ چيائون Dog معنيٰ ڏاڍي لذيذ، ته اسين بي اختيار کلياسين ته هي آمريڪن به وڏا اڙٻنگ آهن. اسين يعني سمبو، لاون (نيپالي) نوبو هيرو (جپاني) ڊينئل آمريڪي دوست گڏجي ميلو گهمڻ وياسين، يقين ڄاڻيو ته ميلي جي خاتمي بعد جڏهن اسين رهائش Dorm ڏانهن واپس اچي رهيا هئاسين ته ڄڻ خوشي ۾ نه پئي ماپياسين، اهو هوندو آهي شين، حالتن ۽ واقعن جو انساني دل ۽ دماغ تي اڻ سڌي ريت خوشي ۽ غم جو اثر انداز ٿيڻ.
ڦوڪڻن جي ميلي بعد منهنجي ذهن ۾ اهو تصور اُڀريو ته سنڌ ۾ ماڻهن جي روحاني ۽ثقافتي سربلندي ۽ ميل جول لاءِ قلندر، لطيف ۽ سچل سرمست جي ميلن جهڙا ميلا جهر جهنگ ۾ ٿيڻ گهرجن ڇو ته مانيءَ سان گڏ انسان کي تفريح به گهرجي.
عشق توکي نيون اکيون، نوان ڪَن ۽ نئين زبان ڏيندو تون
ڪنهن سان عشق ڪري ته ڏس!
(شيخ اياز)
***
11.09.2005
WIU, USA
قيامت جو ڏينهن Dooms Day
شهر نيويارڪ، پينسلوانيا ۽ پينٽاگون واشنگٽن تي 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ اسامه بن لادن طرفان حملو: هڪ ئي وقت اسامه جي پوئلڳن پينٽاگون، واشنگٽن، (Twin Towers) اُڀ کي ڇهندڙ جاڙن مُنارن نيويارڪ تي جهاز ٽڪرائي 2900 کان وڌيڪ انساني جانيون ختم ڪري ڇڏيون ۽ اربين ڊالرن جو مالي نقصان ڪيو. انهن ٻنهي واقعن سان گڏوگڏ ٽيون واقعو پنسلوانيا اسٽيٽ جي ڪنهن جهنگ ۾ هڪ جهاز وڃي ڪريو جنهن سبب 300 جانيون زيان ٿيون. اڄ آمريڪي ابلاغ ذريعه ٽي وي، اخبارن، ماڻهو ۽ ميڊيا آمريڪا ۾ ڏک ۽ غصي ۾ ورتل آهن. اسامه ۽ اسلامي دنيا جن جي ڪاوڙ جو محور آهن. مون سڄو ڏينهن ٽي وي تي آمريڪن کي روئندو ڏسندو رهيس، جنهن مان هنن جي ڪيفيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪي هن واقعي کي ڪيتري اهميت ڏين ٿا. حقيقتن دنيا لاءِ هي وڏو الميو هو. صدر بش جو 11.09.2001 وارو خطاب ٽي وي تان ڏيکارين ٿا. هو چئي ٿو،
“America will hit the axis of evil foreces, America will fight against the enemy those who put us under war…. (Bush)”
بش جي تقرير ۾ جوش ساڻ گڏ غم ۽ غصو ڀريل هو، مون فلاڊيلفا شهرويس جتي مختلف تقريبات ۾ نائين اليون واري قدم کي آمريڪا مٿان قيامت جو ڏينهن قرار ڏئي رهيا هئا. معلوم ٿي پيو ته ٻي جنگ عظيم (2nd World War) ۾ جپان پرل هاربر تي خطرناڪ هوائي حملو ڪري آمريڪا کي زبردست نقصان پهچايو هو. پرل هاربر آمريڪا جو بَري، بَحري ۽ هوائي فوج جو ٻئي جنگ عظيم ۾ اهم فوجي اڏو هو، جپان جي اچانڪ حملي آمريڪي فوج جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، نتيجي ۾ آمريڪا، جپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽم بم ڪيرائي لکين ماڻهون ماري جپان جي فوجي ۽ اقتصادي طاقت کي لوڏي ڇڏيو.
خاص ڳالهيون:
(1) قاسم بليدي ۽ هُن جي پيءُ حاجي محمد يعقوب بليدي ڄامشوري مان فون تي ڳالهايو. (2) رات 4:50 تي خالد بليدي فون ڪئي. (3) شام جو سوڊاني دوست وليد احمد ڪمري تي چانهه پيئڻ لاءِ فون ڪئي گڏجي چانهه پيتي سون، انهيءَ دوران يونيورسٽي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. (4) مانجهاندي لاءِ افغاني دوست فل برائٽ اسڪالر نور خان حيدري Library مان پنهنجي ڪار ۾ گهر وٺي ويو، جتي همراهه گهڻا کاڌا اڳ ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا. انهيءَ دوران هُن ٻڌايو ته افغانستان ۾ اسان فارسي ڳالهائيندڙن جو حشر اهڙوآهي جهڙوپاڪستان ۾ سنڌين ۽ بلوچن جو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڪيو آهي. هن سان پاڪستان جا حالات ۽ نواب اڪبر بگٽي جي شهادت تائين گهڻا بحث ٿيندا آهن ۽ ٻڌائيندو اٿم ته Greater Balochistan جي آڙ ۾ اتر سنڌ جي علائقن تي قبضوڪرڻ جو تمام ٿورڙا بلوچ سوچين پيا. اُنهيءَ جو عڪس بلوچن جي اوائلي رزميه شاعري ۾ ملي ٿو.
مان جگ کنون، جنگ کنون
سکرا خيرپورا دنگ کنون.
(معنيٰ: اسين جنگ ڪنداسين ... سکر خيرپور دنگ ڪنداسين)
***
Lemoine Village + A Paradise of Macomb
ويسٽرن يونيورسٽي منهنجي جنت
Western lllinois University Macombويسٽرن اليوناءِ يونيورسٽي، مئڪومب شڪاگو شهر جي اترين طرف 3 ڪلاڪن جي ٽرين ۽ روڊ جي سفر جي دُوري تي آهي. شڪاگو شهر انهن انقلابي پورهيتن جو شهر آهي جن ڊگهي حقن جي حاصلات واري جدوجهد 1871ع ۾ هلائي 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ بجاءِ 8 ڪلاڪ اجرت لاءِ جدوجهد ڪندي پنهنجا سفيد امن وارا جهنڊا پنهنجي خون ۾ ڳاڙها ڪري اڀ تائين جهولايا هئا، جن مجاهدن کي سنڌ جي سر موڙ شاعر هيئن ڀيٽا ڏني آهي:
پنهنجي رت سان ڳاڙها جهنڊا
اڀ تائين جهوليندا،
اهڙو ڏينهن به ايندوساٿي، ايندو ساٿي
(شيخ اياز)
انهيءَ شڪاگو جي ڀر ۾ واقع شهر مئڪومب (Macomb) جي وادي ۾ (Western IIIinois University) آهي جيڪا چُهچ گهاٽن مڪئي جي فصلن ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ گجگاهه چهچ ساون ٻيلن ۽ رنگ برنگي گُلن واري ولين جي دُن ۾ آهي.هِن پُر وقار يونيورسٽي ۾ هن وقت 24000 هزار شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. انٽرنيشنل شاگردن جو انگ 14000 آهي، مون هن وقت Lemoine Village جي بلڊنگ نمبر هڪ اپارٽمينٽ 315 ۾ رهائش پذير آهيان Massa Yasa Ghoto نالي جپاني دوست مون سان گڏ رهي ٿو جيڪو Economics ۾ ماسٽر ڪري رهيو آهي. ٻنهي جا ڪمرا الڳ الڳ آهن. مون جپاني روم پارٽنر کان جپاني قوم، ڪلچر ۽ انهن جي عادتن بابت خاصو سکيو آهي. Massa هڪ خوشحال جپاني گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. سُکي خاندان سان تعلق هوندي به سخت محنتي ۽ زندگي جو ڍنگ نهايت سادو اٿس، هُن جو چوڻ آهي ته سڄي جپاني قوم وقت جي قدر ۽ محنت ۾ يقين رکي ٿي. انهيءَ جو اندازو مون کي يونيورسٽي جي ٻين جپاني دوستن سان ملندي به ٿيو.
هتان جو اونهارو حيدرآباد جهڙو ٿئي ٿو، ڏينهن گرم ۽ راتيون ٿڌيون، چوگرد ساوا ۽ چهچ ٻيلا ليڪن سردي ۾ هوائون، طوفاني برساتون ۽ برفباري Western Illinios Univeristy جي چوگرد ڦهليل جنت کي ويراني ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي، البته برفباري جو خوبصورت وسڪارو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته مون اوور ڪوٽ ۽ ڇٽي کڻي ٻاهر برفباري ۾ نڪري ويندو هُئس ۽ شاهه لطيف کي جهونگاريندو هوس.
اڱڻ تازي، ٻهِر ڪنڍيون، پکا پَٽ سُنهن،
سرهي سيج پاسي پرين، مَرپيا مينهن وَسَن،
اسان ۽ پرين، هُئن برابر ڏينهڙا
(شاهه)
***
12.09.2006
1-315 Lemoine Village
Western University, IL, USA,
ناملا کر اداس لوگون سي
حُسن تيرا بکهر نه جائي ڪهين
(فيض احمد فيض)
Prof. Don Murray جو دلچسپ ڪلاس
هتي جي استادن جي ڇا ته قابليت آهي؟ ڪمال جا استاد آهن؟ اهڙو هنر ڄاڻن ٿاجو مُئي مِٽي ۾ به ساهه وجهيو ڇڏين، جيڪا ڳالهه ڪونه ٿو ڄاڻي يا ڪنهن سبب (شرميلي طبيعت يا هجوم ۾ نه ڳالهائي سگهڻ واري صلاحيت ڪري شاگرد سوال نٿو ڪري سگهي ته انهيءَ مُنجهيل سوال جي ڳنڍ به (Group Discussion) گڏيل بحث ۾ اهڙي نموني کوليندا جو سوال نه پڇندڙ کي به پنهنجي سوال جو جواب ملي ويندو آهي، استاد ڪڏهن به پنهنجي قابليت جو رُعب نه ڄمائيندا آهن بلڪه ڪلاس ۾ اهڙو پُروقار سادگي وارو ماحول پيدا ڪندا آهن جو هر شاگرد ڪلاس جي انفرادي يا اجتماعي بحث مباحثي، پڙهڻي يا لکڻي ۾ خوشيءَ سان حصو وٺندو آهي. مون کي آمريڪي يونيورسٽين ۽ اسڪول اندر سکيا واري عمل لاءِ البرٽ انسٽائن جي چوڻي صحيح لڳندي آهي.
“I never Taught any thing, only I have created an environment where students can learn” (Alber Enstine)
سو اهو سيکارڻ وارو جادو مون کي آمريڪي استادن جي سکيا وري عمل ۾ نظر آيو آمريڪي پروفيسر سُڪا بُنڊ به ساوا ڪري ڇڏين.
اچي آريءَ ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واس .... (شاهه)
اڄ 5 وڳي شام جو (Oslan Hall) اوسن هال ۾ (Prof. Don Murray) پروفيسر ڊان مُري جو انگلش Advance ڪلاس هو جنهن ۾ محمد فرانسي، اودي ڪِرن(انڊيا) پروفيسر ڊان مُري، نوبو (جپاني) يا (سائوٿ ڪورين) ۽ مون شريڪ هئاسين سيپٽمبر جو مهينو هو، ٿڌ جي شروعات هئي ليڪن ٻاهر سونهري اُس هئي، تنهن سبب ڊان مُري چيوته گڏجي اوهان منهنجي پجارو ۾ ٻاهر هلو ته ڳالهه ٻولهه ڪندا هلون ته جهيل تائين Sun + Day مان لطف اندوز به ٿيون، ائين اسين ٻاهر نڪري سفر شروع ڪيوسين. هُن پنهنجو روس ۽ ڪوريا ۾ پڙهائڻ وارا تجربا ٻڌايا، جيڪو عمل انگريزي ٻولي ۾ ٿئي پيو، ڏسو ته هو انگريزي سيکارڻ جو ڪم گهمندي ڦرندي ۽ هلندي دلچسپ انداز ۾ ٻولي سيکاري پيو پاڻ وٽ ته استاد انگريزي ۽ گرامر جا ڀوءَ ڏيئي شاگرد ڀڄائي ڇڏيندا آهن. خاص طور پاڪستان ۾ انگريزي لٽريچر ۽ لئنگيويئج ڊپارٽمنٽس ۾ Dropout استادن جي عدم دلچسپي ۽ جديد Teaching Methodlogoy جي ڄاڻ نه هجڻ ڪري عام آهي.
***
14.09.2006
1-315, Lemoine Village, IL, USA
Western University, IL USA
Casa Latine Office, International Cofee Hour
شام جو (Full Bright Scholar) 3.30 pm فل برائٽ اسڪالر افغاني ساٿي نور خان ۽ سعودي عرب جي دوست ابراهيم سان گڏجي انٽرنيشنل ڪافي لاءِ وياسون، جتي International Service (Kevin Timlin) Director ڪيون ٽملن، پروفيسر لزا (Laza) ايون Evan آمريڪي ساٿي ڊيانا، (تاجڪستان)، ارون (انڊيا)، (اوون) Ovan آمريڪي جن سان ملاقات ٿي. انهن کانسواءِ ٻيا به گهڻا آمريڪي ۽ عالمي شاگرد ساٿي موجود هئا، ڪافي، بسڪٽ، ڪيڪ چانهه ٿڌو موجود هو. ههڙي قسم جون گڏجاڻيون انٽرنيشنل سروس طور يونيورسٽي مختلف ملڪن جي شاگردن تي چانهه جي ڪپ تي هڪٻئي کي سمجهڻ ۽ ويجهڙائپ قائم ڪرڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪرائينديون آهن. منهنجون مصروفيتون تمام گهڻيون هونديون آهن. سو ٿڪل هئڻ باوجود به هر حال ۾ ٽائيم ڪڍي اهڙين گڏجاڻين ۾ ويندو آهيان. جيئن سنڌ جي نمائندگي ٿئي ۽ موٽ ۾ گهڻو ڪجهه سکبو آهي. مونکي وجهه مليو تهLUMS، سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي وارن کي چوندس ته وقت بوقتن اهڙا پروگرام منعقد ڪرائين.
***
17Sep, 2006 ۽ 16، 15
Quad City, IL, USA
Room No. 46-Excell Inn
Quad City Campus
Dr. Robert Hall Class
EDL 500 جي ڪلاس (Quad City Campus) ڪواڊ سٽي ڪئمپس اٽينڊ ڪرڻ خاطر جمع جي شام جو Professor Dr. Robert Hall پروفيسر ڊاڪٽر رابرٽ هال سان ڪار ذريعي ڪواڊ سٽي آياسون جيڪو ڏيڍ ڪلاڪ جو پنڌ آهي، رستي ۾ خاصي گپ شپ ٿي، هي ڏاڍو دلچسپ پروفيسر آهي. هن سان سفر ڪندي ۽ هلندي مون کي محسوس ٿيندو هو ته هي جيڪي ڳالهيون ڪري ٿو اهي ڄڻ منهنجي دماغ جون آهن. “من تو شدي، تو من شدي”، گفتگو جو ماهر ۽عام سادي انسان واري زندگي گذاريندڙ هڪ باوقار انسان آهي. گهڻآ ئي سوال سنڌ ۽ پاڪستان بابت ڪندو رهندو آهي، ڄاڻڻ چاهيندو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. کين مان موهن جي دڙي واري عظيم الشان تهذيب کانوٺي موجوده سنڌ جي سياسي سماجي ۽ علمي حالتن کان باخبر ڪندو آهيان. موٽ ۾ مون سوالن جي بارش لڳائي ڇڏيندو آهيان. ڇو ته مون ڄاڻيان ٿو ته سوالن ذريعي گهڻا راز معلوم ڪري سگهجن ٿا. هي ٻڌائي ٿو 110 ڊالر پگهار تي ڪم شروع ڪيم 42 سال اڳ هاءِ اسڪول ۾ ماستر رهيم، پائڻ لاءِ ٻه وڳا هوندا هئا، رهڻ لاءِ ڪرائي جو گهر ۽ پارٽ ٽائيم ۾ اسڪول جي بس ڊرائيوري ڪندو هئس، جيڪو ڪم 10 سالن تائين ڪندو رهيس. هاڻ Full Flag Professor ۽ Educational Leadership ڊپارٽمينٽ جو Head آهيان. ڀلوڙ مڙس آهي مون کي (Laptop) پيتي وارو ڪمپيوٽر ڏنو اٿس. بهرحال هر طرح سا ن منهنجو خيال رکندو آهي، منهنجو قانوني تعليمي صلاحڪار (Advisor) آهي، هميشه سٺين صلاحن سان نوازيندو آهي، هر آچر تي موٽ تي King Burger مان Lunch ڪرائيندو آهي چوندو آهي ته عبدل اهو DA مان ٿيندو آهي، تون ڪا پرواهه نه ڪر.
هن ڀيري مون Excell INN هوٽل ۾ رهائش رکي جيڪو Marriot Hotel ميرٽ هوٽل کان سستو آهي، سندس فاصلو ايترو آهي جو وچ ۾ صرف روڊ آهي. تڏهن به 45 ڊالر ڏينهن جا ڏيڻا پون ٿا، جنهن ۾ ناشتو، شيو لاءِ سيفٽي ريزر، صابڻ، شيمپو، ڏندڻ، برش ۽ برش ڪريم شامل هوندو آهي.
نوٽ: Quad City معنيٰ چار شهر مولين Moline راڪ فيلڊ Rack Field جيڪي آمريڪا جي خوبصورت ندي Missispipi جي ٻنهي ڪنارن تي آباد آهن.
***
Dr. Robert F. Hall
جا تجربا
(1) 10 سال اسڪول بس جو ڊرائيور رهيو. (2) هاءِ اسڪول ٽيچر 22 سال رهيو. (3) بيچلر ڊگري ۾ سدائين C&D حاصل ڪيائين (4) Macomb کان 20 ميل پري هڪ ڳوٺ ۾ رهي ٿو. (5) 64 ورهين جي ڄمار تائين لنڊن ۽ نيويارڪ اڃا نه ويو آهي. (6) هن وقت 3 ڪاريون ۽ هڪ Fish Boat ۽ گهر جو مالڪ آهي. (7) Pension بعد لاءِ چئي ٿو ته Missipi ندي ڪناري آرام ڪندو. (8) ڏاڍو سوشل ۽ کلڻو مِلڻو آهي. (9) ٻن ڌيئن جو پيءُ آهي. (10) اڌ آمريڪا گهميو اٿس. (11) جنم ڳوٺ ۾ رهي ٿو. (12) Bush کي Idiot چوندو آهي. (13) ميوزڪ سان محبت ڪري ٿو. ليڪن Singer جو نالو ياد ڪونه اٿس. (14) مون تي ڏاڍو مهربان آهي. (15) هن ٻڌايو ته (Tie) ٽاءِ انگلينڊ جا انگريز اڳوڻي دور ۾ Nipkin يعني وات صاف ڪرڻ لاءِ رومال / ٽوال طور استعمال ڪندا هئا. جيڪا هاڻي ماڻهو فيشن طور استعمال ڪن ٿا. (16) Dr. Dianna Loyet سان WESL آفيس پاڻ هلي وڃي منهنجي (Internship) انٽرنشپ لاءِ ملاقات ڪيائين بعد ۾ مون کي Email ذريعي آگاهي ڏنائين.
نقطه نگاهه: (Internet) انٽرنيٽ تي اڄوڪي ڪاوش پڙهندي حسن ڪبير جو مضمون ڏاڍو دلچسپ لڳو جنهن لکيو ته “محرم خان بابت حسن ڪبير 22 سيپٽمبر 2006ع واري عبرت ۾ لکي ٿو ته: “ هو نه هجي ها ته اسان شاهه حسن اپلاڻي، مخدوم نوح هوٿياڻي ۽ شيخ حماد سميت انهن شاعرن جي ڪا سٽ هٿ نه اچي سگهي ها، جيڪي اسماعيلي تحريڪ جا داعي هئا. جڏهن علاؤالدين جو لشڪر سنڌ تي حملو ڪندي ويرو واهه تي پهتو هو تڏهن جنهن چارڻ ان جي آمد تي اهي ٻول چيا هئا ته:
”الادين به آيو، جت آلا ڪاٺ ٻرن
پوربي ۽ پڇمي، آهي انت نه امراڻن
ڪارا، ڪڪا، ڪابلي، ڪوهستاني به ڪڏن،
ڳاڙها ڏينڀو ڏونگري، جيئن چيلاٽا چهٽن
ايران ۽ توران جا کنا خوب کڙن
تون لک ڏهه ڇليون اچي سنڌ وڪوڙي تن“
حسن ڪبير جي مضمون مان اندازو ٿئي ٿو ته محرم خان سنڌي ادب جي تحقيق واري شعبي ۾ انتهائي سنجيده ۽ ريسرچ جي عالمي اصولن پٽاندڙ سنڌ جي تاريخ جا بنياد کوٽي اسان آڏو نروار ڪيا آهن، تاريخ جي حقيقي ڄاڻو طور محرم خان جو نالو سدا جڳمڳائيندو رهندو.
خاص ڳالهيون:
(1) شام Casablanca Theatre ۾ عالمي شاگردن طرفان مختلف انداز ۾ ثقافتي رقص پيش ڪيا ويا. مون آمريڪي دوست ميجر ڊنيئل Major Danil ۽ نيپالي دوست لاون سان گڏ رقص ڏسڻ ويس، ڏاڍو لطف اندو ٿياسين. (2) نيويارڪ مان اندرا مائي ڳالهايو، جنهن چيو ته Full bright کي ماهوار اسڪالر وڌائڻ لاءِ سڀئي لکون، مون هن کي سمجهايو ته هي ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪندا آهن، هر آمريڪي رياست (State) لاءِ اتي جي حالتن ۽ رهائش ۽ کاڌي پيتي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي جدا جدا ماهوار الائونس ڏيندا آهن.
***
22.09.2006
WIU. Macomb, II-USA
1-315, Lemoine Village
فيڊل ڪاسترو جو پڳ مٽ يار!
اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس نيويارڪ ۾ ٽن ڏينهن کان هلندڙ آهي. سڄي دنيا جي چڱن مڙسن جو ڪٺ شامل آهي. دنيا جي ملڪن جا صدر ۽ وزيراعظم پنهنجي وزيرن سفيرن جي لوڌ سان لٿل آهن. ايران جو احمد نجادي (صدر) ۽ هيوگوشاويز Hugochavez سڄي دنيا جي ميڊيا جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهن. هو شوگو جيڪو ڪيو باجي فيڊل ڪاسترو جو پڳ مٽ انقلابي يار آهي، تنهن ڪالهه جنرل اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي آمريڪي صدر بش کي دنيا جو وڏو شيطان ڪوٺيندي چيو ته هو سڄي دنيا کي جهنم ۾ڌڪڻ چاهي ٿو، جنهن جو آمريڪي عوام کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، هوشوگو جي للڪار ميڊيا تي ڇانيل آهي. Prime TV.CNN ۽ Fox T.V تي. هن جي خطاب جون جهلڪيون بار بار ڏيکاري رهيا آهن. اها حشمت دنيا جي انقلابين لاءِ ڏڍ آهي، هت جنرل اسيمبلي جو اجلاس هلي رهيو آهي ته هوڏانهن پُنهون جي ديس ۾ والي قلات سردار دائود بلوچستان جي سردارن جو ڪٺ سڏائي، شهبازن جي سردار شهيد اعظم نواب اڪبر بگٽي جو آخري ريڊيو انٽرويو ٻڌايو هو، جنهن ۾ هن چيو ته “بلوچ پنهنجي حقن ۽ پنهنجن سڱن جي حفاظت چڱي نموني ڪرڻ ڄاڻن ٿا ۽ ان لاءِ ذلت جي زندگي کان شهيد جو موت مرڻ بهتر آهي.” سومون کي فاڪس ٽيلي ويزن تي فيڊل ڪاسترو جي شينهن واري گجگوڙ جيڪا آمريڪين جي چهري جي چمڪ ڌيمي ڪري ڇڏيندي هئي سان حشمت هو شوگو جي تقرير ٻڌي مون کي اڪبر بگٽي جو جملو ياد آيو ته: “اسان چيلهه جهڪائي ڪين هلندا آهيون، ڪنڌ ڪپائي ته سگهون ٿا پر ڪنڌ جهڪائي نٿا سگهون.”
ڪاري ڪڪر هيٺ مون جهيڙيندي ، ڇڏيا،
ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ
ٿي تنين سان ڏيٺ، موٽڻ جنين مهڻو.
(شاهه)
***
20.09.2006
Lemoine Village
Macomb, USA
مهاڻي جي مَن ۾ نه گيرب نه گاءُ (هَٺُ)
نيڻن سين ناز ڪري، ريجهايائين راءُ،
سمو سڀن ملاءُ (وٽان) هيريائين حِرفت سِين
(شاهه)
Mother Mobuko Green (Budhist)
ٻُڌ ماءُ
مون شام جو رڌ پچاءُ جو ڪم (Kitchen) بورچي خاني ۾ ڪري رهيو هوس ته دروازي تي هڪ جهور پوڙهي مسڪرائيندي نظر آئي. هن هٿ جي اشاري سان ڪجهه چوڻ چاهيو، ته مون هن کي اندر اچڻ جو چيو، ڇو ته مون کي منهنجي جپاني پارٽنر (Massa) ماسا ٻڌايو هو ته جپاني پوڙهي اسان کي آچر تي هڪ آمريڪي پروفيسر جي گهر گهرايو آهي، سو مون ڄاتو ته هي اها ئي پوڙهي آهي، هو اندر هلي آئي مون کي چانور مڇي ۽ روائتي جپاني سبزي ۽ ٻيا کاڌا ۽ صوف جو جوس ڏيندي چيائين ته اڌ اوهان جهليو ۽ اڌ Massa کي ڏيو. مون هن کي ويهڻ لاءِ چيو، پاڻي پيتائين ۽ آچر واري دعوت پڪي ڪندي رواني ٿي ويئي. اڄ وري هن جي E-mail ملي آهي ته هي پنو ڪارو ڪري رهيو آهيان.
پوڙهي ماءُ قد جي 5 فوٽن جيتري مس هئي عمر 80 سالن کان وڌيڪ معلوم ٿي رهي هئي. رنگ گورو ليڪن سڄي چهري تي سوچ، سمجهه ۽ محبت جي لڪيرن جو ڄار ڦهليل هو، ان گهنجيل چهري جي وچ مان مشعل جهڙيون مرڪندڙ اکيون ۽ هن جا پتڪڙا هٿ مٿي کڻي مُرڪي. جڏهن مون کي ٻڌ ڌرم جي گڏجاڻي جي ڪوٺ ڏيئي رهي هئي ته مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجي دماغ اندر منهنجي پسنديده هيرن جي جيڪا قطار آهي، انهيءَ ۾ اول نمبر تي منهنجي مٺڙي ماءُ نواب خاتون سانئڻ جي امڙ سانئڻ مٺڙي ناني صدوريءَ هوبهو ڄڻ منهنجي سامهون بيٺي آهي. مون هن جي دعوت قبول ڪئي، موڪلائڻ وقت ٻاهر ڪار تائين مون هن کي ڇڏڻ ويس ته هن خوشي وچان ڀاڪر پائي مون کان موڪلايو پوءِ مون هن کي Mother سان ڀيٽ ڏيندي Mother Tressa سڏيندو آهيان، ساڳيو نظريو منهنجي پنهنجي ناني صدوريءَ لاءِ به آهي. پوءِ اهو ملاقاتن جو سلسلو 2 سال برقرار رهيو. هن جو چوڻ هو ته هن جو آمريڪي مڙس ڏاڍو ضدي آهي، دل ۽ مادي جي مرض هوندي تريل کاڌا کائيندو آهي، تنهنڪري سدائين دوائون کائيندو آهي. ان کان سواءِ اسان جو پنهنجو زرعي فارم آهي، سو جڏهن به هو ايندي هئي ته ڪونه ڪو ميوو يا کاڌو مون ۽ ماسا لاءِ کنيون ايندي هئي. سچ ته هن جي محبت جو انداز نرالو هو.
***
24.09.2006
Lemoine Village
Macomb, USA
”دليري ڀاڳ جي ماءُ هوندي آهي“ (چيني چوڻي)
The Salvation Army Dinner
پارٽي ۾ کاڌا: چڪن زعفراني (پاڪستاني، ڪباب ٻوٽي، مڪس سبزي، مڇي تريل، پنير سبزي، مڪس فروٽ، انڊي واريون مئڪيسڪن بُڪيون، انگور، جوس، سيون اپ، ڪيڪ ۽ پيسٽري، صوف، آڙو Peach ۽ آئسڪريم.
شريڪ دوست: آسا، جُنڪو، مي ون، نوبل هيرو (جپان) ٽامي اونگ (انڊونيشيا) فهيم نوناري (سنڌ پاڪ) اليڪس (ميڪسيڪو) ۽ اِڪاڊا (مڪسيڪو) ڪرسٽن (آمريڪا) رِڪ ۽ وايوليٽا (USA) اُونگ (چائنا) ڪبتيا ۽ ننڍڙو سويو (نيپال) سائوٿ ڪوريا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا دوست وغيره.
هي انٽرنيشنل شاگردن جو ميڙ (International Neighbour) عالمي پاڙيسري جي نالي سان Salvation Army جو گروپ منعقد ڪرائيندو آهي. جنهن جي پروگرام تحت ڇنڇر تي Dinner جو بندوبست ڪندا آهن، جنهن دوران کاڌو ۽ رانديون جهڙوڪ گوزبال، چپس ميڪسيڪن ريل، ٽيبل ٽينس، پيانو (ميوزڪ) ۽ ٻين راندين جو دور به ٿيندو آهي. جيڪو هڪ مشق جو عمل معلوم ٿيندو آهي، انهيءَ مشغلي سبب هفتي جا ٿڪ لهي ويندا آهن. ماڻهو ڄڻ پاڻ کي عالمي خاندان جو فرد سمجهندو آهي. مون ته جڏهن ٻين ديسن مان آيل همراهن سان گفتگو ڪندو آهيان ته گهڻي ذهني ۽ روحاني آسودگي محسوس ڪندو آهيان. ڇو ته پرديس ۾ اڪيلائي، اڻڏٺو خوف، چڙ، وقت جي تنگي، رڌ پچاءُ، ڪپڙن جي ڌلائي ۽ استري، ڪمري جي صفائي بستري ويڙهڻ ۽ وڇائڻ، پڙهڻ، فون اٽينڊ ڪرڻ، گهڻين ڌارين ٻولين جو ڳالهائڻ، موسمي ۽ ماحولياتي نين حالتن کي منهن ڏيڻ، اڪيڊمڪ ڪم جو مسلسل دٻاءُ، گهر کان دوري، هم منصب، هم عمر، ڪلچر ۽ وطن کان دوري انسان جي ذهن ۽ بدن تي اهڙا اڻ ڏٺا اثر ڇڏيندا آهن جو ماڻهو آڪاش انصاري واري شاعريءَ جي تال ۾ هليو ويندو اهي. “ٻڏان، تران، تَران ٻڏان، مران جيان، جيان مران”، واري ڪيفيت هوندي آهي، اهڙن حالتن ۾ تفريح ۽ گپ شپ انساني ذهن کي تازي آڪسيجن فراهم ڪندا آهن. جو ماڻهو پاڻ کي تروتازه سمجهڻ لڳندو آهي.هونئن به تبديلي ارتقا جي سائنس جي اصولن تحت ڀاڳ، خوشي ۽ ترقي جو نشان (Symbol) ليکبي آهي.
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري!
(شاهه)
***
25.09.2006
315-1, Lam
Oine village,Macomb, USA
پاڻ هي جل جلال هو پاڻ هي جان جمال
پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حُسن ڪمال
پاڻهين پير مريد ٿئي، پاڻهين پاڻ خيال،
سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿيو
(شاهه)
ٻڌ ازم جي دعوت
نانيMs. Moboko Green جي دعوت تي اڄ پروفيسر الئين Prof. Allen جي گهر وياسين، جتي هُن ۽ سندس سهڻي ۽ سيبتي گهر واري (Advocate) وڪيلياڻي (Enn) اَئن خوش آمديد چيو، جتي Prof. Allen جي ڀيڻ (Justina) جسٽينا به موجود هئي. مون کي هن گهر ۾ داخل ٿيندي هڪڙي سڪون واري ڪيفيت معلوم ٿي. ٿورين گهڙين ۾ اسين پروفيسر جي گهر اندر قائم ٿيل Temple ۾ داخل ٿياسين جتي هن هڪڙي ننڍڙي (ڪمري) ۾ مقدس گهر تعمير ڪيو هو، جنهن ۾ تقريباً ڏهاڪو ننڍڙيون خوبصورت انگلش ڪرسيون موجود هيون، اسين ڪرسين تي ويٺاسين. سڀني جو منهن سامهون ڪاٺ جي ٽيبل مٿان رکيل هڪ پيتي اندر رکيل لکت ڏانهن هيو جن لاءِ Enn ٻڌايو ته اهي ٻڌ بادشاهن جا نالا آهن. هنن مون کي مختصر ٻُڌ مذهب بابت ٻڌايو ۽ چيائين ته اوهان شريڪ ٿيو يا جائزو وٺو، اهو اوهان جي مرضي آهي. پوءِ Ms. Moboko ٻڌ پادري وارو ڪردار ادا ڪندي عبادت شروع ڪئي. جنهن ۾ هن چيني ۾ لکيل لفظ پڙهڻ شروع ڪيا. Nam, Myoho, Renge, Kyo…
بهرحال هن ٽنهي يڪ آواز ٿي دُهرايو. جيڪو 20 منٽن تائين عمل جاري رهيو، بعد ۾ ٽنهي ڪجهه واقعا ٻڌايا ته هنن جي زندگي ۾ مذهب ڪيئن تبديلي آندي آهي! بعد ۾ گپ شپ ٿي ۽ Moboko آندل کاڌو فراهم ڪيو، تريل Bean، چانور (ڄڻڪ سنڌي پلاءُ) ۽ Apple Cake هئا، سڄو پروگرام دلچسپ معلوم ٿيو. انهيءَ دوران مون کان Allen ۽ Enn گهڻو Family بابت پڇيو. هن اِهي ريمارڪ ڏنا ته اوهان جي فيملي نهايت (Strong) مضبوط آهي، کين مون ٻڌايوته ايشيا ۽برصغير ۾ فيملي نظام ڏاڍو مستحڪم آهي. باقي يورپ ۽ آمريڪا ثقافتي ۽ خانداني قدر تيزي سان ميساري رهيو آهي.
وڳر ڪيو وتن پريت نه ڇنن پاڻ ۾
پسو پکيئڙن ماڻهان ميٺ گهڻو.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نيهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪا پسي پرين کي
(شاهه )
نوٽ: مذهبي تقريب ۾ منهنجو جپاني روم ميٽ ماسا، موبو ڪوائن، (Allen) اَلئين ۽ مان گڏ هئاسين، باقي پروفيسر الئين جي ڀيڻ صرف کاڌي دوران شريڪ ٿي. انهي مان مون کي محسوس ٿيو ته شخصي طور آمريڪا ۾ انفرادي نظريي جي وڏي اهميت آهي.
***
مون جڏهن ڪو ڏيو جلايو آ،
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ
دشمن کي به آزمائي ڏسان
دوستن کي ته آزمايو آ
هڪڙو ماڻهو ئي آهي اچڻو پر،
مون سڄو گهر کڻي سجايو آ.
(امداد حسيني)
26.09.2006
WIU. Macomb, USA
سائين م سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
(شاهه)
International Coffee Hour
عالمي ڪافي پيئڻ جو وقت
مون AEA 050 جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ شام جو 2:30 Am Tilman هال ۾ داخل ٿي چوٿين منزل لاءِ لفٽ ذريعي وڃڻ چاهيم ته هڪ قدآور خوبصورت نينگري لفٽ ۾ اڳ موجودهئي. هُن ٽئين نمبر منزل جو بٽڻ لڳائي مسڪرائيندي مون ڏانهن نهاريو ته مون موٽ ۾ چيو ته 4 منزل هن هڪ ڀيرو ٻيهر بٽڻ کي دٻايو لفٽ مٿي پرواز ڪرڻ لڳي ته مون خاموشي جي منزل کي ٽوڙيندي پڇيو ته ڇا اوهان جو ڪلاس آهي؟ هن وراڻيو ته نه 3 منرل تي International Coffee آهي مون دل ۾ سوچيم ته ڪلاس ۾ پهچي هلڻ جو هوڪو ڏيندس سو 4 منزل تي پهچي ڪلاس Teacher کي چيو ته هيٺ 3 منزل تي ڪافي Hour آهي ڇو نه سڀئي هلي ڪافي پيئون؟ پوءِ سڀني هيٺ گُهت هنئي. هال ۾ داخل ٿيندي ئي آمريڪي نوجوان دوست Arrian ۽ عرب دوست حَسن (S.A) جي هڪ آواز چيو Abdul is there بهرحال چانهه پارٽي ۾ ترڪمانستان، پاڪستان (مون) ۽بشري، جارجيا، مڪسيڪو، S.A، ترڪي، بنگال، انڊيا، فرانس، ڪوريا، جپان، چين ۽ ٻين ملڪن جا گهڻا شاگرد موجود هئا، منهنجي Prof. Steve ۽ Director Kevin سان خاص گپ شپ ٿي هڪ نواڻ محسوس ڪيم. رابطن سان اهو فائدو ٿئي ٿو ته هڪٻئي کي سمجهڻ جو وجهه ملي ٿو ۽ اندر ۾ ويٺل خوف جومٿو چٿي اعتماد جو گراف وڌائجي ٿو. اهي خوف جون سرحدون (Borders) انسان ۾ ايتري تائين رهن ٿيون جيستائين هو مطالعي وسيلي يا گهر کان ٻاهر نڪري نون ۽ اوپرن ماڻهن ۽ ماحول ۾ ملي جُلي نٿو وڃي، ۽ جڏهن انسان مطالعو ۽ ميلاپ وڌائي ٿو ته انسان (Man is a Social Animal) جون سماجي شرطون پوريون ڪندي يوناني ڏاهي جي قول کي تهذيبي طور سچو ثابت ڪري ٿو. ويٺي ويٺي ته انسان مٿان غم جي گوندر جون وليون ۽ ڊڀ چڙهيو وڃن ۽ ماڻهو مايوسي جي پاتال ۾ ڪريو پوي. سو فردن، گروهن ۽ قومن جي سر بُلندي، سربختي، آجپو، خوشي، ترقي ۽ سرهائي انهي ۾ آهي ته هو سدا هرڻ ۽ هما وانگر جدوجهد ۾ سرگردان رهي.
***
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.
(شاهه)
يا رب!
هر انسان ۾ پوري انسان ذات آهي، جڏهن به هن کان گناهه سر زد ٿئي ٿو تڏهن اهو پوريءَ انسان ذات کي متاثر ڪري ٿو، پر ڇا تو اها ڄاڻ ڪنهن کي ڏني آهي. (شيخ اياز)
***
29.09.2006
WIU, Macomb, IL, USA
1-315, Lemoine Village
شمعون جو اکيون
گذريل ٻن هفتن کان اکين ۾ مٺو سور ۽ سڙڻ جهڙو عمل ڪڏهن ڪڏهن معلوم ٿئي پيو، فون تي بيگم هزار ناز سان صلاح ڪيم جنهن ڏس ڏنو ته ٿڏي پاڻيءَ سان ڌوئي، سرميداڻي واري سرائي اکين ۾ ڦيراءِ اهو عمل به ڪيم، ڪو فائدو ڪونه رسيو. سو فون ڪري Wal Mart Vision Center جي ڊاڪٽر کان اڄ جي Appointment ورتم 11 وڳي کن پهتم، پهرين ته ڊگهي تاريخ بيمارين بابت لکيائين بعد ۾ Nurse بنا ڪنهن ناغي جي اڌ درجن Test ورتيون. اڌ ڪلاڪ جي Test بعد Tinna Thoms نالي ڊاڪٽرياڻي ٻئي Room ۾ وٺي ويئي، جتي به 40 منٽن تائين مسلسل چڪاس ڪندي. ٻڌايائين ته Glucomma بيماري جو شڪ آهي اوهان سڀاڻي اچو، هڪ ٻيو ڊاڪٽر باٿ (Dr. Bathe) وڌيڪ چڪاس ڪندو، سو ٻئي ڏهاڙي ويم ليڪن گذريل رات مون کي ننڊ نه آئي سڄي رات خوف جي انهيءَ تصور ۾ هئم ته ڇا مان انڌو ٿي ويندم؟ ڇو ته ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته انهيءَ بيماري سان ماڻهو انتهائي جلدي انڌو ٿي ويندو آهي، مون کي انهيءَ تصور سان سن 1977ع يا 1978ع ڌاري رسول بخش پليجي جون اکيون ياد آيون جڏهن هو ضياءُ ڪاڻي واري ڊگهي آمريتواري دور ۾ ضمير جي قيدي طور ڪوٽ لکپت جي شاهي قلعي ۾ قيد هو، ته هن جون به اکيون خراب ٿيون هُيون ته عوامي تحريڪ جي دوستن “ڇا شمعون جيان سنڌ جو ڏاهو انڌو ٿي ويندو” جي عنوان سان پمفليٽ ڇپيو هو سو تصور جي اک سان مون پاڻ کي انڌو ٿيندي ڏٺو ۽ زندگي کي انجواءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ليڪن زندگي جو جوڀن اڌورو نظر آيو. يونان جو Homer به ته انڌو هو جنهن ڊگهي رزميه شاعري IIIiad جي نالي سان لکي دنيا کي نئون نياپو ڏنو. سنڌ جي ڏاتار حاڪم ڄام ننڍي جي پنهنجي ڀيڻ جي شادي ڪنهن انڌي سان ڪرائي ڇڏي هئي ۽ اهڙي ريت اورنگزيب (مغل بادشاهه) پنهنجي ڌي زيب النساءَ کي شادي جي خواهش تي قيد ڪري ڇڏيو.
بهرحال ٻئي ڏينهن Dr. Bathe وري اڌ درجن ٽيسٽون ورتيون ۽ 4 ايڪسري ڪڍيا بعد ۾ مون کي بيماري بابت فيصلي کان آگاهه ڪيائين چيائين اڃا تائين ڪا تصديق نه آهي (Eye Drop) اکين جا ڦڙا وجهون ٿا 8 هفتن بعد وري چڪاس ٿيندي تڏهن ڪجهه چئي سگهبو. هڪ دلبري ڏنائين ته بيماري هوندي به علاج ممڪن آهي. گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي.
ڏونگر ڏکوين کي دم دم دلاسا ڏجن. (شاهه)
***
08.10.2006
WIU, Macomb, II, USA
Quad City Campus
Missispi River and Antique Cars
جمع جي شام جو Professor Robert Hall ڊاڪٽر رابرٽ هال سان ڪار ذريعي Quad City Campus ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويو هئس، 3 بجه Macomb مان روانگي ٿي، 5 وڳي Quad City پهتاسين. مون Excel Inn ۾ رهائش رکي، شام جو Mall ويس جتي نديم پاڪستاني سان گپ شپ ڪئي ۽ Dinner مئڪڊونلڊ مان ورتي رات جو ڪلاس جي Final تياري لاءِ سڄي رات پڙهيو، صبح جو Campus ويس، ميسپسي ندي (Missispi River) پار ڪري (Deven Port) (ڊيون پورٽ) شهر به گهميوسين. ڏاڍو سٺو شهر معلوم ٿيو خاص طور Missispi نديءَ جي ڪناري ٺهيل تفريحي باغ ۽ هيٺ ماڻهن لاءِ بيٺل ٻيڙيون / موٽر لانچون خوبصورت معلوم ٿيون ۽ رهائشي علائقو به خوبصورت لڳو ڄڻ پاڪستان جي شهر ۾ گهمي رهيا هئاسون. شام جو 5:30 pm وڳي Moline واپسي ٿي، ٻئي ڏينهن مون رابرٽ کي Special Dinner هوٽل ۾ کارائي، هُن ڊنر ۾ بيف، بيئر ۽ ريڊ وائٽ خاصي مقدار ۾ ورتو، جيتوڻيڪ هو (Heart) دل جو مريض آهي، ليڪن انجواءِ ڪيائين، همراهه ڏاڍو خوش ٿيو، بعد ۾ Mall سامهون پُراڻيون ڪارون (Antique Cars) جو ميلو (Festival) هو، سو به گهميوسين، پراڻي زماني جون ڪاريون سَون جي تعداد ۾ بيٺل هيون. ڏاڍو لطف اندزو ٿياسين، خاص طور پروفيسر رابرٽ هال هر پراڻي ڪار کي ڏسي ٻڌائي پيو، هي اسان استعمال ڪئي سون، منهنجي ڏاڏي يا والد استعمال ڪئي ڇو ته هي همراهه 64 ورهين جو پوڙهو آهي. بهرحال واپسي هوٽل تي ٿي. ٻئي ڏينهن آخري امتحان (Final Exam) هو، خير خوبيءَ سان پار پيم، واپسي 3 بجه ٿي. Prof. Robert مون کي ليموئن ڳوٺ (Lemoine Village) ڊراپ ڪيو.
نوٽ: Mall هڪ وڏو خريد و فروخت جو سينٽر ٿئي ٿو جنهن اندر Food Market، اليڪٽرڪ دڪان، ڪپڙن، شوز کان سواءِ تفريحي سينٽر ننڍا شراب خانا، هوٽل وغيره موجود هوندا آهن، جتي هڪ ئي هنڌ ڄڻ ننڍو ۽ وڏو شهر ملائي انساني تفريح ۽ ضرورت جو سڀ سامان موجود آهي.
***
16.10.2006
Macomb, IL, USA
”سون سان صرف معمولي ماڻهو خريد ڪري سگهبا آهن“
(شو پنهيار)
Quad City and Monmoth City
ٺيڪ 2 وڳي ڊاڪٽر ڊونا Dr. Mc Donna جي آفيس پهتم ته هوءَ Quad City لاءِ تيار هئي. مون بئگ ۽ ٿيلهو کنيو ۽ پروفيسر ڊونا سان گڏ ڪار ذريعي ڪواڊ سٽي لاءِ روانا ٿياسون. سفر خوشگوار ۽ ناخوشگوار گذريو، 4:30 pm تي Excell Inn ۾ هتي مون روم ۾ سڌو بستري حوالي ٿيس. 2 ڪلاڪ آرام ڪرڻ بعد هيٺ Food Mall وڃي Philly Chese Steak ۽ آئسڪريم کاڌم، ڏاڍو لطف آيو. بعد ۾ ڪمري ۾ واپس آيس، رات جو 3:30 تائين پڙهندو رهيس. صبح جو نئين ڪلاس جي اُڻ تڻ هئي ڇو ته ڪورس ۽ استاد ٻئي نوان هئا، ليڪن پهرين ڏينهن Attend ڪرڻ بعد خبر پيئي ته حساب سولو آهي، مگر محنت مسلسل ڪرڻي پوندي. ٻئي روز ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد پروفيسر ڊونا جي گهر Monmoth City آياسين. جتي هن Big Bible Study & Food پارٽي جو بندوبست ڪيو هو. مون پهرين ڪجهه گهڙيون هيٺ Basemet ۾ (Naps) ورتا بعد م مارڪ (Mark) ڊونا جي مڙس سڏيو ته کاڌو تيار آهي. همراهه ٻاهر باه جو مچ مچايو ۽ ڊونا گهڻائي طعام Potato & Mushroom, Potato Chips, Beans تيار ڪيا هئا ۽ پارٽي ۾ Hot Dog سِجي وانگر پچائي کاڌاسون، ڏاڍو مزو آيو. هيءَ هڪ پرلطف پارٽي هئي جنهن ۾ ڪل 20 ماڻهون شريڪ هئا 4 ٻار 12 عورتون ۽ 4 مرد شريڪ هئا. کاڌي بعد Bible جي هنن Study شروع ڪئي. مون به (Observer) مشاهدي طور حصو ورتو، ٺيڪ 7 وڳي Dona ۽ Mark مون کي Lemoine Village ڇڏڻ لاءِ ڪار ۾ روانا ٿياسون، رستي وارو سفر ڏاڍو پر تڪلف رهيو. زال مڙس کلندي کلندي گهڻيون ڳالهيون ٻڌايون. بهرحال هڪ نئون تجربو ٿيو.
***
26.10.2006
Macomb, II, USA
پنهون سين پريت جو، ڪوجو پيچ پيوم
ڀينر هن ڀنڀور ۾، وهڻ وههُ ٿئوم،
متيون موٽڻ سنديون، سرتيون ڪين ڏيوم،
سرتيون ساهه سندوم، ٿيو حوالي هوت جي.
(شاهه)
ٻئي عيدالفطر آمريڪا ۾
11 بجه رات جو (Togo) ٽوگو ملڪ جي محمد فون ڪري ٻڌايو ته مسجد مان اعلان ڪيو اٿن سڀاڻي صبح جو 8 وڳي عيد نماز پڙهي ويندي.صبح جو افغانستان جي (Full brigh Scholar) فل برائٽ ساٿي نور خان چيو ته اسان توکي کڻڻ لاءِ اچي رهيا آهيون ته مون هن کي چيو ته مون ايوب (ٽوگو) ، محمد (ٽوگو) ۽ نور احمد (تنزانيا)، سان ڪار ۾ اچي رهيو آهيان پاڻ مسجد ۾ ملنداسين. ٺيڪ 8 وڳي پروفيسر صديقي (انڊيا واري) نماز پڙهائي اٽڪل 50 کن مرد ۽ پنج ڇهه عورتون (عورتن جو حصو وچان پردو ڏنل هو) شريڪ ٿيون. نماز بعد ڏاڍي گرمجوشيءَ سان سڀ هڪٻئي سان ملياسون، محسوس ڪيم ته ميلي ۾ مزو نه آهي. تنها تنها محسوس ڪيم. وطن کان دور عيد جومزو به اوپرو ۽ اباڻو نظر آيو.
لکم دينکم ولي الدين (القرآن)
ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مُئي جا نه ٿيا
(شاه)
نماز ۾ انڊيا، پاڪستان، افغانستان، ترڪمانستان، ترڪي، روس، شڪاگو، ٽوگو، مالي، ڪانگو، موزمبيق، اريٽريا، بنگال، ايران، سعودي عرب، فرانس، اٿوپيا ۽ ٻين ملڪن جا دوست شريڪ ٿيا. نماز بعد ڪمري ۾ پهچي گهر ڳالهايم بيگم نازو، قيوم ۽ امان سان گفتگو ٿي. بعد ۾ لئبريري ويم جتي رات جو 9 بجه تائين مصروف رهيم. ڇو ته پريشاني ۽ ڪم جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ۽ مصروفيت ۾ مون پناهه ڳوليندو آهيان ۽ ڪم بعد مون تازگي محسوس ڪندو آهيان.
خاص ڳالهيون:
(1) ڀاءُ نثار ۽ نسيما فون تي عيد مبارڪون ڏنيون. (2) هرڻي جي گوشت ۽ گوبي جو قيمو تيار ڪيم، (3) اودي هندستاني دوست Presentation بابت بحث ڪيو. (4) قيوم ٻڌايو ته پليجي صاحب جو ڪتاب “سنڌ جي تاريخ” پڙهان ٿو. (5) ڊاڪٽر Robert Hall سان اوچتو يونين آفيس ۾ ملاقات ٿي ته هن مسلمانن جي عيد بابت پڇا ڪئي. ساڻن چيائين منهنجي پاران Family کي Happy Eid Mubarak چئجانءِ. مون کي انتهائي سرهائي ۽ عجب به ٿيندو هو ته هي آمريڪن هميشه فيملي ۽ سندس ڏک يا غم کليل دل سان (Share) ونڊيندا آهن. جنهن ۾ عمر يا طبقي جو ڪوبه فرق نه رکندا آهن.
اڇائي اڌ رات ۾، پرين پسايو پاڻ
چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءُ ۾.
(شاهه)
***
28.10.2006
سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾ (شاهه)
پروفيسر ڊونا سان Quad City جو سفر
شام جو 4 وڳي پروفيسر ڊونا سان ڪار ذريعي Quad City ڪلاس لاءِ روانا ٿياسون، سڄي سفر ۾ اوڀاريون لهواريون هڻندي دنيا جون ڳالهيون ڪندي 6 وڳي Excel INN هوٽل ۾ ڊونا مون کي ڇڏيو. رات جو هوٽل ۾ ابتو سبتو ليٽندي گذري صبح جو ڪلاس اٽينڊ ڪيم ڏاڍو سٺو رهيو. Lunch جي وقفي دوران Ms. Stephan سان ملاقات ٿي هن ٻڌايو ته 4:30 تي چاڊ (Chad) ڪمپيوٽر ليب ۾ ملندو، اُن دوران Presentation ۽ Paper فائنل ڪنداسين. سو اڌ ڪلاڪ جي وقفي بعد Chad موڪلائي ويو، بعد ۾ Ms Stephan پنهنجي پبلڪ اسڪول کڻي ويئي، جتي Bob موجود هو جنهن Presentation کي Organized ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 7 بجه ڪم فائنل ڪيوسين. ان بعد Bob سميت Ms. Stephan هڪ Mexican هوٽل ۾ Dinner کارائي. ڏاڍو شاندار کاڌو هو. بعد ۾ ڊيون پورٽ (Deven Port) ۽ (Missipissi) ميسپسي ندي جو سير ڪرايائين. آخر ۾ 10 بجه Excell INN ڇڏيائين، ٻئي ڏينهن پنهنجي Presentation ڏاڍي شاندار ٿي.
Ms. Stephan مسز اسٽيفن 43 سالن جي هڪ سينئر استاد آهي، جيڪا سيڪنڊري استادن جي سينئر ليڊر آهي، بلڪه استادن جي Think Tank جو حصو آهي، جنهن ۾ هن جون صلاحيتون شامل آهن. استاد ليڊر سان گڏوگڏ انتهائي قابل عورت ۽ Social Activist آهي. اهو ئي سبب آهي جڏهن ڪلاس ۾ مون کي ڪو مونجهارو ٿيندو آهي ته Stephan جي مدد وٺندو آهيان. ٻن ڇوڪرين جي ماءُ آهي. چئي ٿي ته وڏي ڇوڪري 18 سالن جي هن سال جي آخر ۾ ٿيندي، سو هو پکيءَ جيان اڏامي وڃي پنهنجو گهر Boy Friend سان گڏ ٺاهيندي. آمريڪن جي ٻارن لاءِ اها سوچ ۽ تربيت هوندي آهي ته هو پنهنجي پيرن تي بيهي زندگي گذارين، تنهنڪري هنن کي ننڍي يا وڏي ڪم ڪرڻ ۾ ڪا به هچ ڪچاهٽ ڪونه ٿيندي آهي، ٻار جوان ٿي، پنهنجي دنيا آباد ڪرڻ واري سوچ هندن، ميمڻن، خواجن، آغائن، بلوچ قبيلن، اُردو آبادي، بگٽي ۽ مري قبيلن سميت ڳچ بلوچ قبيلن ۾ به موجود رسم آهي ته ٻارن جي شادي بعد هنن کي گهر گهاٽ جدا ٺاهي نئين منزل جي شروعات آزادنه نموني اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهن.
پروفيسر Donna Hotel Pearl Contentant, ۾ ترسندي آهي، ساڳئي Practice پروفيسر رابرٽ هال به ڪندو هو، ڇو ته هنن کي يونيورسٽي Lord جهڙو خرچ ڏيندي هئي، پاڻ، شاگرد ماڻهو وچولي ڪلاس جو هوٽل چاهيندا هئاسين.
***
11.05.2006
WIU, USA
Professor Don Murray House
صبح جو اٿي تياري ڪري Laptop Computer تي Surfing ڪيم. پروفيسر ڊان مري شام جو 7 وڳي کڻڻ آيو هن جي پٽ David جي گهر وياسين جتي هن جو وڏو پٽ David, Josho ۽ Methew موجود هئا. پهچڻ تي همراهن جوش وَ خروش سان آجيان ڪئي. کين Coffee ۽ Tea جو پڇيائون مون Coffee لاءِ هاڪار ڪئي، کين گهر ۾ ڪافي جي ٽيسٽ سان Don Murray هارمون تي Bible جا گيت ڳائڻ شروع ڪيا.
Music is the soul of Angles
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي
(شاهه)
هارموني تي Donn ڏاڍا درديلا گيت ٻڌايا، ڪهڙي به قسم جي موسيقي هجي مون ۾ زندگي جو روح ڦوڪي ڇڏيندي آهي، من ڄڻ تروتازه ۽ جواڻ جماڻ ٿي پوندو آهي، اهو ئي سبب هوندو آهي جتي به مون موسيقي جو ٻڌندو آهيان ته ڪو پروگرام آهي ته وڃي حاضر ٿيندو آهيان. بعد ۾ همراهن Bible جي پڙهائي شروع ڪئي. مون Observer جي حيثيت ۾ هنن کي جاچيو ۽ سوال ڪيا. ڪلاڪ بعد ۾ گڏجاڻي پڄاڻي تي پهتي Professor Donn واپس پنهنجي ڊگهي گاڏي ۾ Lemoine Village ڇڏيو.
خاص ڳالهيون:
(1) ڪئناڊا کان سجاد شاهه فون تي ڊگها حال احوال ڪيا، هي همراهه به سنڌ لاءِ ڏاڍو اٻاڻڪو آهي. (2) رات جو نيپالي دوستن Dinner لاءِ سڏيو. Samboo جي ڪمري ۾ بندوسبت رکيائون، ڊگهي ڪچهري ٿي، نيپالي مون کي سٻاجهڙا نظر ايندا آهن.
***
11.08.2006
WIU, USA
خاص (Special) ماڻهن ۾ قيادت پيدا ڪرڻ
EDL 539 جو آخري ڪلاس
هي ڪلاس Disable People for Leadership معذور ماڻهن ۾ قيادت پيدا ڪرڻ جي بنياد تحت آهي، جنهن م اها سکيا ڏني ويندي آهي ته هڪ معذور (ذهني، نفسياتي ۽ جسماني) ٻار کي ڪهڙي ريت تربيت ڏيئي اڳواڻي جي قابل بڻائجي، ته جيئن هو بهتر ماحول ۾ تعيلم ۽ تربيت حاصل ڪري سگهي ۽ پنهنجي گهربل حفاظت ڪري سگهي. اڄ هفتي واري ڏينهن جو آخري ڇنڇر هو، کين Prof. Sasani چيو ته پنهنجي ايندڙ ٻن ڏينهن جا ڪلاس اڄوڪي ڏهاڙي منعقد ڪريون ٿا. ڇو ته ايندڙ هفتي لاءِ موسميات کاتي پيشنگوئي ڪئي آهي ته سخت برفباري (Heavy Snow Fall) ٿيندي، تنهنڪري اهو ممڪن ڪونه آهي ته ڪار ذريعي ماڻهو پهچي سگهي. جنهن ۾ Speech Theory، Language Theory، School Psychologist ۽ Education Diagnostic جي پهلوئن بابت (Discuss) بحث ٿيو. بالآخر شام جو 5 وڳي ڊگهو ٿڪائيندڙ 8 ڪلاڪن جو ڪلاس پڄاڻي تي پهتو.
***
16.12.2006
WIU, USA
وڻ وڻ جي ڪاٺي
Salvation Army طرفان گريجوئيٽ ڊنر
کاڌا: بين، چانور، ڊبل روٽي، بسڪٽ، مُرغي Pie، فروٽ، بيف Beaf، انڊا، سبزي Mix، جوس، ڪافي، ڪيڪ، آئيس ڪريم، Soft Drinks ۽ ٻيا کاڌا. هنڌ: Salvation Army Hall شريڪ ملڪن جا ساٿي: نيپالي: ڪِرن، لاون، هيمالني فيملي سان، شمبو، ٽوگو: مالي، جپاني: آمل ڪار، ماسا، جنڪو، (جپاني) وئن جنگ جي (چائنا) پاڪستان: فهيم، انڊيا، اودي، انڊونيشيا: ٽامي آمريڪي ڪئپٽن اوون ڪئپٽن سوزون، ميجر رِڪ، سندس زال وايوليٽا، ونڊي چائنا ۽ ٻيا گهڻا ساٿي شريڪ هئا.
Salvation Army هڪ اهڙي تنظيم آهي، جيڪا عيسائيت جي تبليغ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جون شاخون دنيا جي ڳچ سارن ملڪن ۾ آهن، جنهن جي تربيت ڊسيپلين تحت آهي. هن وقت 12 ريگيولر جنرل ۽ سندن ڪم چيف ڪمانڊ جي نگراني ۾ هلي رهيا آهن. هت Western University ۾ International Neighbor نالي سان پروگرام هلائي رهيا آهن. جنهن ۾ هفتي وار Dinner، هر طرح جي مدد ۽ رهنمائي ڪندا آهن، جيڪو عمل دنيا جي ڏور ملڪن کان ايندڙ شاگردن لاءِ هڪ وڏو ڏڍ ۽ آٿت آهي. مون شروع کان International Neighbor سان رابطي ۾ آهيان (WESL) ويسل ملاقاتن ۽ هت جي آمريڪي مذهبي ثقافت، ٻولي ۽ ٻين گهڻن علمن جو مشاهدو ٿئي ٿو. اڄ جي ڊنر December ۾ سال جي پڄاڻي تي WIU کان Graduation حاصل ڪندڙن جي Honor ۾ آهي. جنهن ۾ يادگار طور شاگردن کي سوکڙيون ۽ مبارڪون ڏيندا آهن.
***
17.12.2006
WIU Macomb, IL, USA
Room 1-315 Lemoine Village
Christmis Dinner
زندگي آزاد پل جو نانءُ آ
نه آهي هن ۾ ماهه و سال جي ڳڻپ
موت ته ڪائي شيءِ نه آ
ٺيڪ 9:30 وڳي Major Rick Beal دروازو کڙڪايو (Massa) ماسا مون کي سڏيو، مان تيار ويٺو هوس، ٻاهر ميجر رِڪ بيل Rick سان مليس ته هن چيو هيٺ وايوليٽا (Violeta) ڪار ۾ انتظار پئي ڪري. اسين هيٺ اچي ڪار ۾ ويٺاسون Junku ۽ Miss. Vanبه ڪار ۾ موجود هيون. رِڪ ڊرائيونگ سيٽ سنڀالي، ڪار فرڙاٽ ڪرڻ لڳي ٺيڪ 10 منٽن بعد اسين چرچ ۾ هئاسون. جتي 8-7 مرد عورتون موجود هئا. مولانا رڪ بائبل (Bible) جي پڙهائي شروع ڪئي. خطبي بعد همراهن چمڪندڙ سونهري ٿالهي ۾ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته مون کي مولوي ظفرالدين بروهي صاحب جي ڳوٺ شير علي بروهي واري مدرسي جو سفير سانول الدين بروهي ياد آيو، جيڪو سدا هڪڙي ئي ڳالهه دهرائيندو هو. چندي بعد ڪئپٽن اوون (Captain Ovan) ميوزڪ ۽ Electronic بورڊ ذريعي گيت هلايا جيڪي اٿي بيهي سڀني ورجايا، بعد ۾ Captain Ovan ڊگهي تقرير ڪئي، جنهن سوال به پاڻ ڪيا، ته جواب به پاڻ ڏنا. مون کي ڏاڍي کل اچي پئي، ليڪن ضبط ڪيو. بظاهر هن جي تقرير اسان جي مولوي سڳوري واري اسٽائيل واري پئي لڳي. جڏهن اسين 2 بجه منجهند جو ماني کائي رهيا هئاسين ته مون ميجر اورن کان پڇيو ته ماني منجهند جي کائون ٿا ۽ چئون ٿا ته Dinner سو اهو ڪيئن؟ هن وراڻيو ته بس روايتن هن ماني کي Dinner چئون ٿا. تجديد عهد ساڳيو هو. آخري دعا ۾ جيڪي به هيٺ (Dinner) رات جي ماني جو بندوبست هو. جيڪا زبردست قسم جي ڊنر هئي، جنهن ۾ ٻارن جو خاصو تعداد هو، ٻارن لاءِ کائڻ جي انهيءَ ضابطي جو اعلان ڪيائون ته هر هڪ ٻار هڪ هڪ وڏي سان گڏ کاڌو حاصل ڪري جيئن بدنظمي نه ڦهلجي پوءِ قطار ۾ هرهڪ (Mentor) سونهون مرد يا عورت سان هڪ ٻار به گڏ هو.
“جيڪو ماڻهو انتهائي ڏکين شين کي انتهائي بهتر نموني سان منهن ڏئي وڃي ٿو، اهو ڪڏهن به پنهنجي عزت نٿو وڃائي.” (جارج برنارڊشا)
***
18.12.2006
WIU. Macomb
جيءُ خوش ته جهان خوش
Dr. E.Baker جي رپورٽ
ٺيڪ 3 وڳي اسپتال ويم، نرس چيڪ اپ بعد وڃي ڊاڪٽر سان صلاح مشورو ڪيو. جنهن بعد هن چيو ته Abdul You need ECG سو دل جو فوٽو ورتائين جنهن بعد ڊاڪٽر اي. بيڪر Dr.E. Baker چيڪ اپ ڪيو ۽ چيائين ته دل (Heart) ٺيڪ محسوس ٿئي ٿي پر اوهان جي سيني جو سور سبب اسان کي شڪ آهن تنهنڪري توهان جو LIPID File ۽ General Medical Checkup ڪرايو تنهن لاءِ چيائين ته 20 تاريخ تي اچو، بهرحال وسوسا شروع ٿي ويا. مون کي ڊاڪٽر شمس سومرو ۽ حاجي اسرار شدت سان ياد آيا جيڪي دل جي مرض سبب مري ويا هئا.
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو!
(شاهه)
چوندا آهن ته انسان بيٺو آهي ته جبل کان به وڌيڪ مضبوط آهي، ڪا بيماري وچڙي ٿي ته ڀُري ڪمزور ٿي پوي ٿو. هڪ سفر جي اڻانگائي ٻيو بيماريون، وري سيني جي سور سبب دل جو ڌڙڪو ڄڻ وڌيو وڃي ، انهن حالتن ۾ تاريخ جا يگانا ڪردار ۽ شاهه لطيف جي سورمن ۽ سورمين جي ڪردار جي پيرن جي نشانن جي پوئواري مون اندر سگهه ۽ سهپ وڌائي ڇڏينديون آهن.
ناشتو: نارنگيون، چانهه ۽بسڪٽ. مانجهاندو: پٽاٽا، چانور ۽ ڪوڪاڪولا
رات: مڇي، چانور، سلات ۽ چانهه
***
19.12.2006
Macomb, Lemoine Village, II, USA
آمريڪي زندگي ۾ گهڻو پورهيو ڪرڻو پوي ٿو!!
صبح ٿيندي رات ٿي وڃي ٿي. آمريڪي زندگي ۾ جسماني مشقت سان گڏ تمام گهڻو ذهني پورهيو ڪرڻو پوي ٿو. صبح جو Education Departmentوڃي ڊاڪٽر هال سان مليم، جنهن کان ليٽر ورتو ته مان هن ڊپارٽمينٽ جو شاگرد آهيان، ڇاڪاڻ ته پاڪستان وڃڻ لاءِ ڪوشش ڪريان پيو. ليڪن ڊسمبر مهينو انتهائي مصروف (Peak) سيزن آهي، Travel Agency چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ٽيڪنيڪل سبب ڪري نٿو وڃي ته پوءِ اوهان کي Ticket ملندي بهرحال منهنجي بئگ تيار آهي. اڄ سيني ۾ سور Burning محسوس ٿي رهيو هو، هلڪو کاڌو ورتم سڀاڻي اسپتال وڃبو ۽ چيڪ اپ به ڪرائبو.
خاص ڳالهيون: (1) امان ۽ شفيق سان ٺل ڳالهه ٻولهه ٿي. (2) ماسات نظير خيرپور ناٿن شاهه مان ڳالهايو رفيق ڀٽي وٽ آيل هو. رفيق ڀٽي اسانجو پراڻو خانداني دوست آهي. ڏاڍو ڀلوڙ مڙس آهي، راند روند ۽ دوستن سان اُٿڻ ويهڻ ۾ سخي آهي. واپڊا محڪمي ۾ ڊگهي عرصي کان نوڪري ڪري رهيو آهي.
***
7 Feb, 2007
WIU, USA
Andrea and Ammie
هوا جي سامهون هلندا رهياسين
ڀيڙ ٿي ڀڙڪندا جلندا رهياسين.
(امداد حسيني)
رات جو دير سان پڙهائي سبب صبح 11 بجه اٿڻ ٿيو بعد ۾ هاريبن هال Horiban Hall پروفيسر جان سان ملڻ ويم اڌ ڪلاڪ کن EDL 522 ڪلاس بابت بحث ڪيم جنهن Job Model لاءِ سٺيون صلاحون ڏنيون، هي پروفيسر ملٽري جو رٽائر ڪرنل آهي جتي به ايجوڪيشن ڪور ۾ Human Resource Managment بابت 20 سال پڙهائڻ بعد رٽائرمنٽ وٺي يونيورسٽي جوائن ڪئ اٿس. ايجوڪيشن ليڊرشپ ڊپارٽمنٽ ۾ مون اڪيلو عالمي شاگر هئڻ ڪري منهنجو خاص خيال رکندو آهي.
ٺيڪ 2 وڳي اسپيچ ٿراپي جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ويس هي ڏاڍو دلچسپ ڪلاس آهي، کين جنهن ۾ هر ڪم جا ماڻهو سکيا لاءِ ايندا آهن يعني پهرين جماعت جي ٻار کانوٺي پي ايڇ ڊي جا شاگرد به اچن ٿا. منهنجي ريگيولر ٽيچر Andrea آهي کين سپروائيزر Amie آهي. انڊريا اڳتي هلي آريزونا (Arizona) يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي، ڏاڍي محنتي، ايماندار ۽ باوقار استاد هئي. شام جو دستوري ڊگهي واڪ ڪيم.
خاص ڳالهيون: (1) اڄ Dr. Hall طرفان Maria جو ليٽر مليو جيڪو انٽرنشپ بابت آهي. (2) برفباري ٻن هفتن کان وقفي وقفي سان جاري آهي.
ناشتو: صوف، نارنگي ۽ چانهه، مانجهاندو: چانور، گوبي ۽ بروڪلي، رات جي ماني: چڪن سوپ، چانور، نارنگي ۽ چانهه
***
8 Feb, 2007
WIU, USA
آمريڪي پروفيسر
سڄو ڏينهن پڙهندي گذريو، شام جو Caption Rick فون ڪئي جيڪو هميشه ڊگهي گفتگو ڪندو آهي. آءٌ کين گفتگو مان محظوظ ٿيندو آهيان، دستوري طور Bibile Study جي دعوت ڏنائين. آءٌ معذرت ڪيم ڇو ته اڪئڊمڪ ڪم ڪافي آهي، جنهنڪري ڪجهه وقت ٻئي سرگرمي لاءِ نٿو ڪڍي سگهان، آمريڪي پروفيسرن جي سخت رويي سبب هر ڪم مقرر ٽائيم ۾ ڪرڻو پوي ٿو. آمريڪي پروفيسر سخت اصولن جا ڪاربند هئڻ سان گڏ مهربان به ڏاڍا آهن.
خاص ڳالهيون: (1) Rick فون ڪئي.
ناشتو: ڪيلو، صوف ۽ چانهه، مانجهاندو: چانور، سلاد، ڏهي ۽ چڪن سوپ، رات: مڇي، چانور، سلاد ۽ کير
***
9 Feb, 2007
WIU, USA
مينگهه ملهار
اڃا رات آهي، نه آيو سويرو
اڃا دور منزل، اڃا دور ديرو
(گدائي)
اڄ طبيعت بهتر ڀانيان ٿو جيڪا بتدريج (بهتري) ڏينهون ڏينهن اچي رهي آهي. اهو سڄو Diet غذا جو نتيجو آهي. کاڌي ۾ جيڪڏهن وڏو گوشت ۽ گهڻو مصالحو استعمال ڪريان ٿو ته طبيعت ۾ گڙٻڙ ٿئي ٿي. خاص طور ڪنهن به جانور جو گوشت کائجي ٿو ته گڙٻڙ جا امڪان وڌي وڃن ۽ ڊيري منع آهي جنهن ۾ آئيس ڪريم، چاڪليٽ وغيره اچي وڃن ٿا. سو انهن شين کي گهٽائي ڇڏيو آهي.
پڙهائي جي دٻاء سبب ڪڏهن ڪڏهن ڊپريشن ٿئي ٿي. ڊپريشن جا پڙهائي کانسواءِ ٻيا به انيڪ سبب آهن جهڙوڪ گهر کان دوري، اڪيلائي، پنهنجي ٻولي نه ڳالهائڻ، کاڌي پيتي ۽ مقامي ماحول جو نه هجڻ وغيره.
خاص ڳالهيون: (1) ڏاڏا بچل سان آن لائين هڪ ڪلاڪ Chatting ٿي جنهن مون کي فريش ڪري ڇڏيو. (2) قيوم، ڀاڄئه حسينا ۽ بيگم ڄامشوري مان فون ڪئي.
ناشتو: صوف، ڪيلو، نارنگي ۽ چانهه، مانجهاندو: چڪن، چانور، سلاد ڊبل روٽي ۽ ڏهي، رات جي ماني: چانور، بروڪلي،گوبي، گوگڙو ۽ کير
***
نوٽ
۽ جڏهن پيش امام ٽوپي اڇلائي مٿي اگهاڙو نماز پڙهائي، پروفيسر صديقي WIU, Macomb جي مسجد ۾ مغرب جي نماز پڙهائي، بنگالي ڊاڪٽر جي دعوت ۾ ڍڳي جو گوشت ۽ سلاد مليو.
مونکي انهي وقت حيرت ٿي جڏهن پروفيسر صديقي ڪيپ ڀر ۾ اڇلائي اگهاڙو مٿي سان امامت شروع ڪي. هي به آمريڪي ڪلچر جو اثر آهي نه ته پاڪستان ۾ مٿي اگهاڙو امام پٺيان نماز جو تصور به ڪونه آهي.بلڪ اخبارن ۾ شهه سُرخي سان خبر لڳي ها.
***
10 Feb, 2007
WIU, USA
Multi Media Class
ماسو مليو ته پوڄارا پُر ٿيا!
اڄ پروفيسر جان جو ڪلاس صبح جو 8 وڳي شروع ٿيو جيڪو مسلسل شام جو 4 وڳي تائين جاري هو. اهڙي ڪلاس کي سيمينار ڪلاس چئبو آهي. هت (ايجوڪيشن فئڪلٽي) هفتي جا پويان ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر سيمينار ٽائيپ ڪلاس هلائينديون آهن. جيڪي ڊگها ۽ ٿڪائيندڙ ڪلاس آهن. بهرحال گهڻو ڪجهه حاصل ٿئي ٿو، سيمينار ڪلاس ۾ شاگرد Group Discussion ۽ Individual Project ۽ استاد Multi Media وسيلي مختلف شيون سمجهائيندو آهي، مجموعي طور ڪلاس ۾ شاگردن کي ايترو مواد ملندوآهي جو هو سڄو هفتو انهي موضوع (Concept / Topic) کي زير بحث آڻي گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهن ٿا.
ماسو مليو ته پوڄارا پُر ٿيا! (شاهه)
خاص ڳالهيون: (1) خالد يعقوب بليدي ڄامشوري مان فون ڪئي (2) Andrea (Fulbright officer) کي نيويارڪ اسٽيڊي پلان بابت اي ميل موڪليم.
ناشتو: صوف ۽ چانهه، مانجهاندو: پالڪ، مٽرن جي دال، چانهه، ڏهي ڊبل روٽي ۽ پيپسي، رات جي ماني: چڪن سوپ، چانور، دال، سلاد ۽ ڪافي
***
11 Feb, 2007
WIU, USA
Multi Media Class
رات به مون سان چنڊ هو، تارا تارا نيڻ
آءٌ مسافر آهيان، منهنجي مايا اُڃ آ
سپنا سپنا نيڻ، آءٌ مسافر آهيان.
(اياز جاني)
Professor John
اڄ صبح جو Professor John جو ڪلاس وٺڻ لاءِ ويس 10:30 am بعد موڪل وٺي واپس آيم. اچي ڪمري ۾ شام تائين آرام ڪيم. موڪل وٺڻ جو سبب ذهن مٿان ڪافي بار پئي محسوس ڪيم سو آرام ڪرڻ ۾ عافيت سمجهيم.
خاص ڳالهيون: (1) Tommy (Gloria Class fellow) سان فون تي ڳالهه ٿي ۽ اسپرنگ فيلڊ هلڻ لاءِ چيائين مون انڪار ڪيو. (2) قاضي فياض جو ٽيلفون تي نياپو مليو. (3) وليد شڪاگو مان فون ڪئي. (4) نورالله علمي بحث لاءِ آيو. (5) قدير فون ڪئي. (6) دادا جان رات جو 2 وڳي کان 3 وڳي تائين Chatt ڪئي. (7) پروفيسر رفيق ميمڻ جو انگريزي جي اهميت تي مضمون ڪاوش ۾ پڙهيم.
***
14 Feb, 2007
WIU, USA
Prof. J.Q. Adam with his Bi- Cycle
پوپٽ ۽ گل جو، سنگم آهي عجيب
توڙي ٻنهي جو جُدا، لکيل آهي نصيب
ڪيڏو آهي قريب، پوءِ به پوپٽ گل کي.
(محمود سومرو)
صبح جو 10 وڳي اٿڻ سان ڏندڻ پاڻي ڪري، پنهنجي پياري دوست ۽ ڀاءُ غلام محمد نوناري ۽ سندس ان جي فيملي کي مقصود احمد جي شادي جي فون تي مبارڪ ڏنم. همراه ڏاڍو خوش ٿيو. بعد ۾ Hyee store کان خوراڪ خريداري لاءِ بس ۾ ويم جتان واپس ٿي 3 وڳي رائيٽنگ سينٽر ويم کين بعد ۾ لئبريري آيم جتي پڙهائي ڪري مغرب بعد ڪمري تي آيم.
رات جو پروفيسر آدم کي ڪلاس اسائنمنٽ لاءِ ميل موڪليم ته مون سڀاڻ پنهنجي اسائنمنٽ موڪلي ڪونه سگهندم ڇو ته Lorri اڃا تائين مونکي گهربل مواد Chicago Education System بابت ڪونه موڪليو آهي، هُن فوري جواب موڪليو ته ڪا ڳالهه نه آهي اوهان کي هڪ هفتو وڌيڪ مهلت ڏجي ٿي. مون انهي وقت کي غنيمت سمجهيم. پروفيسر آدم African – American اهي، ڏاڍو ڀلوڙ مڙس آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي سائيڪل سميت فئڪلٽي پهچندو آهي، وڏيون وڏيون سيٽيون وڄائيندو ڪلاس ۾ ايندو آهي. (Jolly) خوش مزاج شخص آهي، کين هر وقت شاگردن جي مدد لاءِ تيار.
خاص ڳالهيون: (1) عمران کي خط لکيم (2) Lori ۽ ڊاڪٽر آدم کي ميل موڪليم. (3) مير ڀٽي ٺل مان هيلو ڪئي. (4) شام جو Captian Rick فون تي ڳالهايو.
ناشتو: صوف ۽ چانهه مانجهاندو: پٽاٽا، گجرون، برائون چانور، Cherray ۽ ڪيلو، رات جي ماني: Salmon Fish مڇي، سلاد، ليمون، انگلش رول، بريڊ، سيون اپ ۽ چانهه، نارنگيون.
***
14 Feb, 2007
WIU, USA
هڪ شفيق ڊاڪٽر Dr. E.Baker
محبت پائي من ۾ سنهو ڪتيو جن
تن جو صرافن دڪو ئي داخل نه ڪيو
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻ توريو اگهايو (شاهه)
اڄ برف باري سبب ٿڌ جي لهر شديد هئي، مون اسپتال چيڪ اپ لاءِ ويم، ڊاڪٽر E. Baker تفصيل سان چيڪ ڪيو. فل برائٽ طرفان مون کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ مليل آهي، سو بيورو آف هيلٿ سينٽر وڃي مستقل صحت جي چيڪ ڪرائيندو آهيان. اڄ به ڊاڪٽر بيڪر دستوري 40 -35 منٽ تفصيلي پڇا ڳاڇا ۽ چيڪ اپ ڪيو. ٿيندو ائين آهي جو جڏهن اسپتال پهچبو آهي ته نالو لکرائي پوءِ واسطيدار ڊاڪٽر ڏانهن وڃبو آهي، جتي پهرين نرس ٽمپريچر، بلڊ پريشر ۽ ٻيون گهربل ضروري چيڪ اپ ڪري رکيل چارٽ تي نوٽ ڪري ڇڏينديون آهن ته بعد ۾ ڊاڪٽر اهو نوٽ پڙهي جاچ جوچ ڪندو آهي، هتي اسپتالن ۾ نرس توڙي ڊاڪٽرن جو مشفقانه رويو هوندو آهي، کين بيماري جي سببن ۽ انهي خطرن کان مريض کي مڪمل طور باخبر ڪندا آهن، گڏوگڏ گهربل تعليم ۽ سکيا جا بنيادي نڪتا سمجهائيندا آهن ته جيئن درپيش چئلينجن کي منهن ڏئي سگهي. پاڻ وارا صدورا حڪيم ٽائيپ ڊاڪٽر ٻڪر وانگر دسي چار سُيون هڻي ۽ دٻو دوائن جو ڏيئي وڏا خطرا بيان ڪري ۽ مريض جي جسماني لاڳو مرض ساڻ هڪ ٻيو نفسياتي مرض به مريض کي ڏيئي ڇڏيندا، اهڙو دهمان رکندا مورڳو بيماري جي هنن کي اڳواٽ خبر هئي. انجي ابتڙ آمريڪي ڊاڪٽر شفيق، همدرد ۽ دلاسا ڏيندڙ آهن.
ڏکوين کي دم دم دلاسا ڏجن. (شاه)
***
17 Feb, 2007
WIU, USA
اندر آندريون، ٻڌن ڪيئن سي لٺ ۾
مون تن تيتريون، ته ملبو سڄڻين.
(شاه)
جلاوطن
گهڻو وقت لائبريري ۾ گذريو، اڄ طبيعت ۾ بحالي سمجهان ٿو، موسم اڄ ڏاڍي ٿڌي آهي، ٿڌ جي لهر ۾ ڏينهون ڏينهن شدت ايندي پئي وڃي. گذريل 13 مارچ 2005ع کان سڀ راتيون ۽ ڏينهن مسلسل آمريڪا ۾ گذريا آهن. عجيب تجربا پرايا اٿم، مون کي ياد آهي ته مون جنوري ۾ جڏهن همفري فيلوشپ (Hympray Felowship) جي انٽرويو لاءِ اسلام آباد USEF جي آفيس ويو هئم ته اتي USEF اسلام آباد واري آفيس ۾ ٻڌايائون جيڪي آمريڪا ۾ ماسٽر فل برائٽ پروگرام ۾ ڪرڻ چاهين سي انٽرويو ڏيئي سگهن ٿا. سو مون سوچيو انڌو گهري هڪڙ ي اک هتي ملن ٻه اکيون، سو مون انٽرويو لاءِ هائوڪار ڪئي، ٺيڪ 2 وڳي اندر مون کي سڏ ٿيو ڊاڪٽر گريس ڪلارڪ نالي عورت جي اڳواڻي ۾ ٽيم انٽرويو ٿيو، مون کي اتي ڊاڪٽر گريس ڪلارڪ خوشخبري ڏني ته اسان اوهانکي ماسٽر پروگرام لاءِ آمريڪا موڪلينداسين، ليڪن اوهان کي International GRE ۽ TOEFL امتحان ڏيڻا پوندا، خير سان مون 13 مارچ ٽمپل يونيورسٽي، فلاڊيلفيا انگريزي ڊپلوما لاءِ پهتم جتي ڊسمبر 2005ع تائين ٽي سيمسٽر پڙهيم، بعد ۾ ماسٽر پروگرام لاءِ ويسٽرن اليوناءِ يونيورسٽي آيم جتي 29 ڊسمبر 2007ع تائين رهيم. خير مون 2005ع ۾ سنڌ مان هلڻ کان اڳ عزيزن دوستن کان موڪلائڻ وارن مان پنهنجي محسن حبيب الله صديقي صاحب سان جڏهن ملڻ ويس ته هن کِلي ڪري مون کي چيو ته “فهيم تو پاڻکي پاڻ جلاوطن ڪري ڇڏيو.” واقعي جڏهن ڳچ عرصو گذريو ته مون پاڻ کي آمريڪا ۾ جلاوطن پئي سمجهيو، اها ڪيفيت هر ان اجنبي جي ڏٺم جيڪو پنهنجي وطن کان دور ڊالر ۽ گورين آمريڪي الهڙ جوانڙين جي نشي ۾ چور ٿي هتي پهچن ٿا، ليڪن عرصي بعد هنن ڪيفيت کي اسانجو شاعر آڪاش انصاري هيٺين ريت بيان ڪري ٿو.
جلاون جلاوطن ...
ٻڏان تران، تران ٻڏان....
***
18 Feb, 2007
WIU, USA
اُس جو نڪرڻ
سروم دکم دکم!
اڄ تکي اُس نڪرڻ سبب ڏينهن ڏاڍو پر لطف رهيو، هِتي اُس جو نڪرڻ به نعمت ليکبي باقي گهڻو وقت لائبريري ۾ گذاريم. رات جو 2 وڳي خان نوناري فون ڪئي، ڏاڍي سرهائي ٿي. خان کي اسين فدوي سڏيندا آهيون، ڏاڍو ڀلو مڙس آهي، ننڍي لاءِ جڏهن مان ڪنڌڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ ڪندو هئس ته اسين گڏجي ريڪس سئنيما ۽ دلشاد سئنيما ۾ سوين پنجابي ۽ اردو فلمون گڏجي ڏٺيوسين. هنن جو گهر رئيس لعل محمد بگٽي جي ماڙي لڳ هو، کين ماسات نظير احمد صاحب ۽ حاجي مير احمد صاحب وارن جو گهر به نزديڪ هوندو هو بابو، هنن ساڻ گڏ رهندو هو. جنهن کي ماسات نظير جي دوستي ۾ مسلماني جو رنگ لڳو، اڳتي هلي جيڪو بمبئي هندستان هليو ويو. خان ۽ احمد خان وارن جي گهر سان گڏ جتي ڪوڙي مري جي مائٽن، سيد سڪندر شاه، محمد بخش پٺاڻ ۽ جمالين جا گهر هوندا هئا، مامون غلام نبي ڪنڌڪوٽ جي اعواڻن علاءَ الدين ۽ صدرالدين (جيڪي ٻئي اعواڻ سئوٽ منهنجا ڪلاس فيلو رهيا آهن) وارن جو مُنشي طور ڪنڌڪوٽ جي اردگرد جون زمينون سنڀاليندو هو. مامي غلام نبي جي دوستي (غلام محمد) گامون پنجاپي سان پڪي هوندي هئي. منشگيري کانپوءِ هُن جو گهڻو وقت انجي ڪُتر واري مشين تي ۽ فلمن ڏسڻ ۾ گذرندو هو، ساڻن نماز ۽ قران جو ورد به باقائده ڪندو هو.
***
24 Feb, 2007
WIU, IL, USA
“مان ڄايوئي آهيان ٻرڻ لاءِ،
ٻرڻ لاءِ ۽ ٻاٽ اونداهي ۾ روشني ڪرڻ لاءِ
منهنجو کنڊر يا ڪوئلو ئي منهنجو انعام آهي.”
موسم ۽ ماحول
وري ڪالهه کان سخت برف باري ٿي رهي آهي، ليڪن صبح جو 7 وڳي اٿي تڙ ۽ ناشتو ڪري يونيورسٽي ويم جتي ڪلاس 522 EDL جو آخري هفتو هيو، سڀاڻ جي موسمي پيشنگوئي آهي ته وڌيڪ برف باري ٿيندي، تنهن سبب Prof. John اهو فيصلوڪيو ته Power Presentation پرزينٽيشن ۽ اورل پريزنٽيشن ختم ڪجي ٿي. اوهان صرف پاور پرنٽ ذريعي موڪليو ۽ فائنل ٽيسٽ به اي ميل ڪندم. کين جواب لکي آن لائين موڪلي ڏيو. خيرن سان اڄ جو آخري ڏهاڙو خوشي سان گذريو جو هڪ حصو خير سان پورو ٿيو. آمريڪي اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ موسم جو خاص خيال رکيوويندو آهي، جيڪڏهن سلٽ (Slit) برف باري يا برفباري سان گڏ طوفان اچڻ جو امڪان هوندو آهي ته ريڊيو، انٽرنيٽ ۽ اخبارن جي خبرن وسيلي اڳواٽ موڪل ٿيڻ جو اعلان ٿيندو آهي، يا پروفيسر انفرادي طور پاڻ ڪلاس بابت فيصلو ڪري اسائنمنٽ ۾ تبديلي وسيلي شاگردن کي آگاهي ڏيندا آهن، جهڙي ريت بيان ٿيل پروفيسر جان تبديلي ڪئي، بهرحال موسم ۽ ماحول جو خاص خيال رکيوويندو آهي.
***
25 Feb, 2007
WIU, USA
هڪ نئون انسان!!
Policy Review
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون، پرين
سُتي ساهه جاڳي، وڃي دور دور
(اياز)
اڄ سڄو ڏهاڙو روم تي ڪم تي ڪندي گذريو. ڇو ته مون کي Policy Review ۽ فائنل ٽيسٽ ختم ڪرڻي هئي. انهي لاءِ سڀئي گهربل نوٽ ۽ ڊاڪيومينٽ هڪ ئي اڇاتري نگاه سان نظر مان ڪڍيم ته ذهن ميڪ اپ ٿيو پوءِ ته پاليسي رويو ۽ فائنل ٽيسٽ لاءِ پاڻکي تيار ڪري ورتم، مسئلا، مامرا ۽ شيون جڏهن انساني ذهن مان گذرن ٿيون ته انسان بعد ۾ پاڻکي هڪ نئون انسان محسوس ڪري ٿو، ڇو ته تجربا ۽ مشاهدا انسان کي نواڻ بخشين ٿا.
***
26 Feb, 2007
WIU, IL USA
سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب
صبح جو اٿي لائبريري ويم جتان 2 وڳي اسپيچ ٿراپي جو ڪلاس ورتم. Andrea ۽ Ammy ڏاڍي محنت ڪن ٿيون. جيڪي منهنجون ٽيچر آهن. ڪلاس بعد نيوٽريشن ميٽنگ لاءِ Nobolch Hall ويم جتي Ms. Laurin سان ميٽنگ نه ٿي سگهي شايد پروگرام بابت غلط فهمي ٿي ويئي، واپس اچي اي ميل موڪليم ته جواب موڪليائين ته مهرباني ڪري اوهان سڀاڻ ٻه وڳي اچو.
شام جو اسٽوڊنٽ يونين Grand Ball Room ويم جتي انٽرنيشنل بازار بابت ميٽنگ ٿي. فليگ مارچ ۽ فيشن شو ۾ حصي وٺڻ لاءِ نالا لکرايم. پڻ انگلش پوئٽري پڙهڻ لاءِ به Rifin کي چيم. هي ميلو يونيورسٽي طرفان مارچ ۾ ٿيڻو آهي، منهنجو خيال آهي ته ٽوپي، اجرڪ ۽ سنڌي پوشاڪ ذريعي سنڌ ۽ پاڪستان جي نمائندگي ٿي سگهي ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي ڪهڙيءَ به ريت اجاگر ڪجي، جيڪا پنهنجي اخلاقي، اصولي ۽ قومي ذميواري آهي.
***
27 Feb, 2007
WIU, IL USA
ڪمري ۾ مصروف ترين ڏينهن گذريو. مصروفيت مان منهنجي مراد آهي، ته سي ڊي وسيلي هڪڙي ٽريجگ فلم ڏٺم، انهي بعد ليپ ٽاپ تي انٽرنيٽ وسيلي پوسٽ جانچڻ بعد کين اسائنمنٽ تي ڪم ڪيم. باقي وقت رڌ پچاءُ ۽ آرام ڪندي گذريو.
***
1st March, 2007
WIU, IL, USA
فيلگ مارچ
اندر جنين باهه، سڌ سڀڪا تنکي (شاه)
صبح جو اٿي لئبريري ويم جتان وري Stipes Hall ۾ وڃي Advisor ۽ WESL جا ليٽر اسڪين ڪري اي ميل ساڻ گڏ اٽيج ڪري نيويارڪ فل برائٽ آفيس موڪليم جيڪي انٽرنشپ بابت هئا. بعد ۾ روم تي واپس اچي International Bazar لاءِ پوئٽري لکيم. شام Qadir سان گڏجي 7 بجي فيشن شو ۽ ٻين سرگرمين جي ريسرچ لاءِ ويم جتي Gabby ۽ ٻين سان ملاقات ٿي، جتي سڄي دنيا جي ملڪن جا نمائنده ۽ شاگرد موجود هئا. ويسٽرن اليونائي يونيورسٽي هرسال مارچ ۾ عالمي ميلو يونيورسٽي ۾ منعقد ڪرائيندي آهي، مون هتي 2006ع ۾ اڪيلو پاڪستاني هئم بعد ۾ ٻه شاگرد قدير سرگودائي ۽ اسلام اسلام آبادي + ملتاني آيا، سو 2007ع ۾ مون قدير فليگ مارچ ۽ شاعري واري حصي ۾ شريڪ ٿياسين. مون انگلش ۾ لکيل شاعري “A New World is Possible” پڙهي، جنهن ۾ انڊس تهذيب جو ذڪر به شامل هو.
***
7 March, 2007
WIU, USA
عالمي بازار
International Bazar
اديب ۽ شاعر باهه جا رکوالا ٿيندا آهن (رسول حمزه توف)
اڄ شام جو 7 وڳي WIU جو انٽرنيشنل بازار جو يونيورسٽي جي (وائيس چانسلر) صدر افتتاح ڪيو، مون ۽ قدير پنهنجي قومي ڊريس ۾ فليچ مارچ ۽ فيشن شو ۾ شرڪت ڪئي سون. مون پنهنجي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سميت سنڌي پوشاڪ سان ميلي ۾ سمورو وقت پيش رهيم. اڄ جهنڊو قدير کڻي هليو سڀاڻي منهنجو واروآهي. ميلي ۾ ترڪمانستان، انڊيا، برازيل، نيڌرلينڊ، فلپائن، ڪوريا، چائنا، روس، فرانس، ڪوريا، ٽوگو، سائوٿ آفريڪا، آسٽريليا، تائيوان، سعودي عرب، نيپال ۽ ٻين ملڪن ۾ اسٽال لڳايا هئا جتي انهن جا قومي کاڌا موجود هئا. سڄي پروگرام دوران اسٽيج تان Entertain پروگرام ميوزڪ، ڊانس ۽ شاعري پيش ٿيندي رهي. مون پنهنجي انگريزي نظم (A New World is Possible) “هڪ نئين دنيا ممڪن آهي” جي نانءَ سان پڙهي ماڻهن ڏاڍو داد ڏنو، پروگرام 9 بجي پورو ٿيو. ماڻهن جو هڪ وڏو انگ عالمي بازار ۾ شريڪ هو، خوشبو،رنگ، گل ۽ نوجوانن جي پرشور ٽهڪن ميلو ڄڻ اسان شاگردن لاءِ خوشين جا انبار کڻي آيو هو. غمن ۽ وطن کان دوري (Home Sicknes) گهٽائڻ جو طبعي نسخو هو.
ڪيئن ڪري ٽوليون ٽلن ٿا ناز سان نازڪ بدن؟
هڪ عجيب انداز سان گل ٿا ٿين غنچه دهن!
ڇا ڪري چمڪاٽ ٿا چمڪن سندن در عدن!
ڄڻڪ بجليون عاشقن جي دل مٿان ٿيون راند ڪن!
حُس جو هڪڙو تماشه گاهه آ....!
دامن ڊيزرٽ ۾ واه، واه آ....! (عبدالڪريم گدائي)
ناشتو: صوف، ڪيلا ۽ چانهه، مانجهاندو: داليون مڪس، اسپينش مڇي، چانور، ڪوڪاڪولا، رات جي ماني: مڇي، گوبي ۽ ڊنر رول
***
3 March, 2007
WIU, USA
عالمي بازار
International Bazar
سونهن: جنهنجا سڀ مهانڊا موملن سان
سو ملن جي سرت ڌاري، منهنجي دل جي ڪاڪ تي
ڪونجن جيان، سونهن لهندي آهي سونهن!!
اڄ فليگ مارچ ۾ مون پاڪستان جو جهنڊو کنيو. بعد ۾ 4:40 pm تي پنهنجي انگريزي نظم My Motherland سنڌ جي تاريخ جي تناظر ۾ پڙهيم. ماڻهن تاڙيون وڄائي ڀرپور داد ڏنو. ٺيڪ 7 وڳي فيشن شو ۾ قدير ۽ مون نمائندگي ڪئي، مونکي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پاتل هئا، عورتون توڙي مرد وڏي فخر سان ٽوپي، اجرڪ ۽ سنڌي پوشاڪ سان ڦوٽو ڪڍرائي رهيا هئا. اهو فليگ مارچ ويسٽرن يونيورسٽي طرفان لڳندڙ عالمي بازار (International Bazar) جي موقعي تي ٿيو. اها بازار هر سال مارچ مهيني ۾ منعقد ٿيندي آهي. جنهن ۾ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ سڀني ملڪن جا شاگرد پنهنجي پنهنجي نمائندگي ظاهر ڪرڻ لاءِ فليگ مارچ ۾ حصو وٺندا آهن ۽ پنهنجا ثقافتي اسٽال هڻندا آهن. سندن انهي ميلي جو مقصد مختلف قومن ۽ ثقافتن جو پاڻ ۾ رابطو وڌائڻ ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. ان ميلي ۾ جوان ۽ جوانڙيون استاد، ۽ شاگرد، وڪيل ۽ انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ ملٽري آفيسر، چرچ جا اڳواڻ توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن سميت هزارين عام ماڻهو ڪڙمي ڪاسبي يونيورسٽي جي اردگرد رهندڙ ميلو ڏسڻ لاءِ ڳاهٽ ڏيندا آهن. سو انهي عرصي دوران يونيورسٽي شاگردن جو خوشيون ڏسڻ وٽان هونديون آهن. شاگرد وطن کان دوري وارو ڏک وساري ڄڻڪ عالمي ڌارا جو حصو بنجي ويندو آهي.
نئون دور آيو ڪريو شادمانا
نئين دور آندا خوشيءَ جا ترانا
(عبدالڪريم گدائي)
خاص ڳالهيون: Dr. E. Baker ۽ سندس زال، Kevin, Captian Thomson ۽ زال، پروفيسر شائسته، ڊاڪٽر وئن، Don Murray ۽ ٻيا گهڻا اسڪالر دوست ميلي ۾ مليا.
***
4 March, 2007
WIU, USA
A Man King Martin Luthor
اڄ طبعيت ڏاڍي ڀاري رهي. “تنهنڪري مُسلسل 2 ڪلاڪ Walk ڪندو رهيم بعد ۾ بهتري محسوس ٿي. سمجهه ۾ اهو ٿو اچي ته گهٽ گهمڻ ڪري ۽ Heavy Food کائڻ ڪري تڪليف وڌي ٿي تنهنڪري اڄ کان پوءِ اهو پلان جوڙيو اٿم ته روزانو گهمڻ ۽ هلڪي کاڌي تي توجهه ڏبو. بهرحال الله ڀلي ڪندو.
شام جو لائبريري ويم جتي سول رائٽ مارچ جي هيرو King Martin Luthor جي Montgomry واري پيرڊ لاءِ تحقيق ڪيم جتي 5 ڪلاڪ صرف ڪرڻ بعد واپس آيم. تت نيون ڳالهيون سامهون آيون.
Marton Luther King 1955ع ۾ هڪ مهيني جي دوري تي انڊيا ويو جيڪا وزيراعظم جواهر لعل نهرو طرفان هن کي خاص دعوت هئي جتي هن گانڌي جي جدوجهد جو عملي مطالعو ڪيو، بعد ۾ USA ۾ Civil Right Movement کي Non Violet بنيادن تي منظم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪيائين.
هي بهترين مقرر هو هُن جي “ I have a dream” “مون وٽ هڪ خواب آهي.” تقرير ڏاڍي مقبول ٿي. جنهن ۾ غلامن کي غلامي جون زنجيرون ٽوڙي هڪ شاندار زندگي گذارڻ لاءِ جدوجهد جو سڏ ڏنائين واشنگٽن مارچ هُنکي وڏي شهرت ڏني.
ڪجهه وقت بعد هن کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو. هن جي مرڻ بعد Malcom جدوجهد کي اڳتي وڌايو. هُن جي Non Violence عدم تشدد جدوجهد ۾ به تشدد جو عنصر پيدا ٿي پيو. هُن جي جدوجهد جي موٽ ۾ آمريڪا کي ڪارن جي حقن بابت قانونسازي ڪرڻي پئي، تاريخ اهڙا انسان صدين بعد پيدا ڪندي آهي. ڪارن کي آمريڪي قانون تحت حق ملڻ کان اڳ آمريڪي گورن پنهنجي ۽ سندن پنهنجي ڪتن لاءِ ڪتب خانا، اسڪول، بسون، جهاز، باغ بستان ۽ علائقا مخصوص ڪيا جتي ڪارا آفريڪي نه وڃي سگهندا هئاجيڪي صرف آمريڪي گورن ۽ ڪتن لاءِ مخصوص هئا. ليڪن ڪنگ مارٽن جي ڊگهي جدوجهد بعد آمريڪي آئين مطابق سڀني ڪارن توڙي گورن کي برابري جا حق مليا.
خاص ڳالهيون: بيگم نازو ڄامشورو مان ڳالهايو.
***
5 March, 2007
WIU, USA
پکي اُس ۾ اُڏامن پيا
موسم پاسو بدلايو آهي، برف پگهرڻ لڳي آهي، پکي اُس ۾ اڏامن پيا. ماڻهن ۾ سرهائي ٿي آهي. موسم جي تبديلي منهنجي اندر ۾، نوان رنگ پيدا ڪيا آهن. بهرحال موسم جي بدلڻ سان مون ڪنهن سٺي تبديلي جي اميد رکان ٿو.
يونيورسٽي جي ليموئن ندي سڀ بند ڀڃي پنهنجي پوري جوڀن سان تار وهي رهي آهي، چوگرد ٻيلي ۾ ڄميل برف ٽڙڪا ڏيئي سج جي روشني تي ٽُٽي رهي آهي، پاڻي ڪاٺ جي بُلند پُل کي ڇهي لنگهي رهيو آهي، انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ۽ آمريڪن اسٽوڊنٽ اهڙي منظر مان خوب لطف اندوز ٿي رهيا آهن.
هلوهلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.
(شاه)
***
6 March, 2007
WIU, IL, USA
ڀاءُ يوسف پناه جگر سنڌي جو لاڏاڻو
همدرد، هڏڏوکي ۽ خوشيون ورهائيندڙ!
اڄ ڄامشوري فون تي ڏاڏا ۽ بيگم هزار ناز سان ڳالهه ٻولهه ٿي ڇو ته جڏهن به مُحبن سان ڳالهائجي ٿو ته مَن اندر هزارين خوشين جا جلوا پسجن ٿا، بيگم صاحبه ڊگها احوال ڪيا مگر وچ ۾ اهڙي خبر ٻڌايائين جنهن ڳالهه منهنجا حوصلا ۽ همٿ پست ڪري ڇڏيا. ٻڌايائين ته ڀاءُ يوسف گذاري ويو.!
گهوڙن ۽ گهوٽن جيان ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا!
(شاه)
منهنجي مٿان ته ڄڻ ڪئين بجليون ڪري پيون. چوندا آهن ته لک مري پر لک پال نه مري. ڀاءُ يوسف به لک پال هو! جيڪو سپ اندر بند موتي هو، جنهن جو انت ڪنهن نه سڃاتو! هو ماٺ مٺي ۾ لکن انسانن جي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح مدد ڪندو هو. مُرڪ هُن جو مَرڪ هئي، پاڻ ڏکن ڏاجهن ۾ رهندي به ٻين ۾ سدا خوشيون ورهائيندو هو، اهڙا انسان ورلي جنم وٺندا آهن، سچ ته اها خبر منهنجي لاءِ ماتم آهي، هو عجيب اڙٻنگ انسان هو، جيڪو هميشه ڏيئي جيان ٻين کي روشني ۽ جلا بخشيندو رهيو، جنهن کي مون هميشه سادي زندگي ۽ شاندار انقلابي ڳالهيون ڪندي ڏٺو. هو سچ جو هميسه ساٿي رهيو. هن مڪر، جبر، ڪوڙ ۽ لٻاڙ کي هميشه رد ڪيو. هُن هزارين ڏيئا ٻاريا، لکن ماڻهن کي دلاسو ۽ دلبري ڏنو، “ڏکوين کي دم دم دلاسا ڏجن.” (شاه) هزارين ماڻهن جو سونهون، رهبر، مددگار ۽ ان داتا رهيو، جيڪي انسان اڄ تمام اُتانهين منزلن ۽ منصبن تي فائز آهن، هُنکي آڇيل لالچ، خود غرضي ۽ دٻڙ ڌئونس هُن کي خريد نه ڪري سگهيا، شايد ڪو سِڪو اهڙو ايجاد ئي ڪونه ٿيو هو جيڪو ڀاءُ يوسف کي جهڪائي يا خريد ڪري سگهي.هو سياست، علم، ادب ۽ سماجيات جو ڄاڻو هو.
ناشتو: صوف ۽ چانهه، مانجهاندو: 3 ڊنر رول، مڪس دال، پالڪ ۽ انگور، رات: ڪڪڙ، چڻا، مڪس دال، ڏهي، نارنگي، سلاد ۽ ڪافي
***
9 March, 2007
WIU, USA
Spring 2007 جو مڊٽرم
جمع جو ڏينهن اسپرنگ 2007 سيمسٽر جي مڊٽرم جو آخري ڏهاڙو آهي، جنهن بعد يونيورسٽي 9 ڏهاڙا بند رهندي. مون کي 2 وڳي پروفيسر جان سان EDL,519 ڪلاس بابت ميٽنگ هئي ۽ 3 وڳي رائيٽنگ سينٽر ويم.
پروفيسر جان نرالو رٽائرڊ ملٽري ڪرنل آهي جيڪو ايڊمنسٽريشن جا سبجيڪٽ پڙهائيندو آهي همراه سدا هشاش بشاش ۽ Full kit ۾ رهندو آهي، منهنجو مقصد آهي ته سدا تازو توانو ۽ فل سوٽ ۾ رهندو آهي.
پروفيسر جان کان 2 وڳي لاءِ اپائنمنٽ ورتل هئي کين مون EDL, 519 ڪلاس بابت ڪجهه سوال ۽ مونجهارا هئا جن بابت گفت شنيد ڪئي ته همراه مڪمل رهنمائي فراهم ڪئي ته منهنجو Cocept واضح ٿيو. بعد ۾ رائيٽنگ سينٽر ويم جتي پنهنجو ريسرچ آرٽيڪل گائيڊ کي چڪاس لاءِ ڏنم، جنهن گهربل رهنمائي ۽ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪئي.
***
10 March, 2007
WIU, USA
تکي اُس جو نڪرڻ، آمريڪن جي عيد
اڄ ڊگهي ننڊ بعد اٿڻ ٿيو ته طبيعت ۾ هلڪائي محسوس ڪيم، ٺيڪ 9 وڳي پياري ماسات حاجي مير احمد صاحب، ڳالهايو جيڪو گپن شپن جو ماهر آهي، کين قيوم ۽ بيگم نازو سان به ڳالهه ٻولهه ڪرايائين. ڏاڍي سرهائي ٿي.
11 بجه ناشتو ۽ مانجهاندو گڏيل طور (صوف، نارنگي، ڪيلو، چانهه ، چانور، مڇي جو سوپ) وٺي ڪتاب کڻي ٻاهر ويم. اڄ تکي اُس نڪتل هئي تنهن سبب ڄڻ منهنجي لاءِ خصوصاً (۽ آمريڪن لاءِ پڻ) ٻين انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس لاءِ ممڪنه عموماً عيد جو ڏينهن هو سڄو ڏهاڙو ٻاهر پارڪ ۽ مختلف هنڌن تي گهمي، سمهي ۽ ويهي نظارا پسندي ۽ پڙهندي گذريو. ڏاڍي سرهائي محسوس ڪيم.
پاڪستان جي ڊڪٽيٽر صدر مشرف، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي معطل ڪري کين نظربند ڪري ڇڏيو اهي. جنهن لاءِ سڄو پاڪستان سراپا احتجاج آهي. پنهنجو پيارو پاڪستان به ڪمال جوملڪ آهي جتي بنا ڪنهن سبب جي ملڪ جي اعليٰ عدالت جو جج قيد ٿيو وڃي. جنهن لاءِ هت جڏهن عالمي شاگرد ۽ آمريڪي اسان کان انهيءَ جو سبب پڇن ٿا ته پنهنجو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. ڪهڙو ملڪ آهي جتي انصاف خود قيد آهي ته پوءِ عام شهري جو ڇا حشر هوندو!!؟؟
اڇو پاڻي لڙ ٿيو ڪالو ريو ڪنگن ايندا لڄ مرن،
لڙيل پاڻي مٿي هنجڙا! (شاه)
خاص ڳالهيون: جپاني دوست نوبيل کي ڊنر تي گهرايم. ماسا کي به انوائٽ ڪيم، رات جو دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين.
***
11 March, 2007
WIU, USA
آمر جو غير منصفاڻو قدم
اُس نڪرڻ سبب اڄ به سڄو ڏهاڙو ٻاهر گذاريم، شام جو ڪمپيوٽر وسيلي اسٽوڊنٽ يونين تي اخبارون پڙهيم. رسول بخش پليجي جي هنگامي پريس ڪانفرنس چيف جسٽس کي غير قانوني هٽائڻ واري معاملي تي ٿي هُن جو لاجيڪل سوال ته ڇا سڀاڻي مون خط لکان ته مشرف کي هٽآيو ويندو؟؟ بهرحال سڀ اخبارون چيف جسٽس واري اشو تي بيان بازي سان سٿيل هيون. آهي به ڪمال نه ملڪ جي اعليٰ منصب تي ويٺل منصف کي هٽائي گهر ۾ قيد ڪيو ويو آهي جنهن جون اخبارون، فون ۽ ٽي وي بند ڪيون ويون آهن بلڪ پوليس پهري ۾ ڪو ملاقاتي به نه ٿو ملي سگهي البته ڪالهه رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان هن ساڻ مليو آهي معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن ثالث طور مليو آهي، بهرحال دنيا اندر اسان جي شهشاهيت وارو دماغ رکندڙ جنرلن ملڪ کي خوار ڪيو اهي. آمرن جو ڪردار هيشه غير منصفاڻو رهيو آهي.
هر شاخ پي الو بيڻها هوا هي،
نه جاني چمن کا کيا هوگا.
خاص ڳالهيون: (1) خان ۽ انجي گهرواري ۽ ماما غلام نبي ٺل مان ڳالهايو. (2) جپاني ساٿي نوبي رات جو مونسان گڏ ڊنر کاڌي ۽ دير تائين ڪچهري ڪئي سون.
ناشتو: صوف، گجرون، چانهه ۽ ڪيلو، مانجهاندو: چڪن سوپ، مٽر ۽ چانور، رات: مڇي سوپ، برائون چانور، ڪيڪ، سلاد ۽ ڪافي
نوٽ: اسٽوڊنٽ يونين هڪ وڏي عمارت جو نالوآهي جنهن ۾ تمام وڏي کاڌي پيتي جا هوٽل ۽ ننڍا کائڻ جا شاپ، ننڍي سئنما، راند کيڏڻ جا Indoor هال، تمام وڏو ڪانفرنس ۽ ميلن ملاکڙن وارو هال جنهن ۾ هر قسم جي ايڪٽيوٽي ڪري سگهجي ٿي، ڪانفرنس وغيره.
***
12 March, 2007
WIU, USA
لازم هي هم ڀي ديکينگي
اڄڪلهه هڪ هفتو اسپرنگ بريڪ جي موڪل آهي، کين خوب ننڊون ڪندي ۽ ٻاهر جيڪڏهن سج نڪري ٿو ته ان جا نظارا پسندي وقت گذرندو آهي باقي وقت ۾ دوستن يارن سان گپ شپ ڪندي گذري ٿو ڇو ته مون پڪو ارادو ڪيو آهي ته موڪلن جو هفتو مڪمل ريسٽ ۽ تفريح ۾ گذاربو جيئن (Energy) قوت حاصل ڪري وري ايندڙ سيمسٽر لاءِ مڪمل تازو توانو ٿجي. هت جي پڙهائي شاگردن جا لاهه ڪڍي ڇڏيندي آهي.تنهن لاءِ بريڪ (ساهي) کي بريڪ ڪري گذارجي نه ته ماڻهو پاڻ بريڪ ٿي ويندو.
اخبارون ڪاوش، عبرت، عوامي آواز ۽ ڊان پڙهجن ٿيون. پاڪستان ۾ مشرف حڪومت جي احمقانه فيصلي (چيف جسٽس کي هٽائڻ) خلاف وڪيل، صحافي، سياستدان، سوِل سوسائٽي جا نمائندا ۽ سڄو عوام احتجاج ۾ آهي، جيڪا احتجاج جي چڻنگ وڏو ڀمبٽ بڻجي ڀڙڪي سگهي ٿي بشرطيڪ اسان جا قانوندان ۽ سياستڪار احتجاج کي ڪنهن صحيح رُخ ڏانهن وٺي وڃن. ملڪ جي آپيشاهي آمريت هاڻ پاڻ خوف ۾ ورتل نظر اچي ۽ عوام جو خوف قوت ۾ بدلجي چڪو آهي ۽ عوام جڏهن اٿندو آهي ته وڏن وڏن شاهي ڪوٽن جي بُرجن ۾ زلزلا وجهي ڇڏيندو آهي.
هي طوفان عوامي اٿيو آهي،
اڄ تنهنجي شاهي برجن ۾ زلزلو آهي!
تحريڪ عوامي جو طوفان اٿيو آهي ...
(منڻ شيخ شڪارپوري)
لازم هي هم بهي ديکهين گي.
(فيض احمد فيض)
***
13 March, 2007
WIU, USA
کنوڻ جا تجلا
ڪالهه رات کان برسات کنوڻ جي تجلن سان ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ گاج واري گڙگاٽ سان جاري آهي، جيڪا رڪجڻ جو نالو نٿي وٺي، ملڪ ۾ پکڙيل برف کي ذرو ذرو ڪري Lamoine River ڏانهن لوڙهي رهي آهي، هي برسات منهنجي اندر ۾ عجيب هلچل پيدا ڪري رهي آهي. برسات جا رنگ جيڪا جڳ جي ملوڪ ۽ سهڻن شاعرن کي خليفي جي ڪيڏاري جيان ڪنهن حسين تخليق لاءِ اتساهيندي ۽ للڪاريندي آهي جو اسانجا سهڻا شاعر کنڀي رَتا گيت، غزل، دوها ۽ نظم لکي اسان کي خوشين جو خرزينون آڇيندا آهن.
اسان ۽ پرين ....
مَر پيا مينهن وَسن ...
(شاه)
خاص ڳالهيون: (1) صحت: اڄ طبيعت ۾ بهتري رهي، سيني جو سور ڪونه رهيو. (2) مظهر صديقي صاحب سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
مصروف تون گهڻو ٿو رهين اي پرين مگر،
فرصت ملئي ته ياد انهيءَ شام کي ڪجانءِ!
منهنجي ڪري اُداس نه ڪج پنهنجو پاڻ کي،
لڙڪن کي منهنجي ياد ڪري مسڪرائي جانءِ!
توکي گلاب رنگ رُتن جو قسم صنم،
جشن فراق شمعون جلائي ملهائجانءِ!
(امداد حسيني)
14 March, 2007
WIU, USA
A Desert of Sindh
وڻ ڄڻ ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا!!
برسات بعد اڄ ٻاهر سج جي روشني ۾ سڄو ماحول وڻ، ٽڻ ۽ ٻوٽا جيڪي مسلسل برف باري ڪري سڪي ٺوٺ ٺوڙها ٿي ويا هئا، سي به ڌوپجي سج جي روشني ۾ ڄڻڪ ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا، برف باري سبب وڻن ۽ ٻوٽن جي ويراني ۽ ننگو روپ ڏسي مون کي شيخ اياز واري سنڌ ياد ايندي آهي.
جتي سج ڦلا ٿي نڪري ٿو،
آگ الا ٿي نڪري ٿو،
سو ديس مسافر منهنجوڙي،
منهنجو ڙي!
سنڌ کي Richard Button به پنهنجي ڪتاب جي نالي سان A Desert of Sindh سڏيو آهي، Richard Burton برطانيه جو رهاڪو هو،جيڪو مشهور ڏاهو، عالم ۽ محقق هو. جنهن جي چوڻي هڪ حد تائين صحيح آهي ڇو ته واقعي سنڌ جا ٻهراڙي (Rural Area) وارا علائقا ٻٻرن، ٻيرن، لئن، کجين ڪنڊين کبڙن کانسواءِ ورلي ڪو نم ۽ سرنهن جو وڻ نظر ايندو نه ته ست خير، انهي حساب سان سڄو يورپ ۽ آمريڪا مسلسل برساتن سبب سڄو سبز رهندو آهي، هونئن به يورپ ۽ آمريڪا ۾ فطرت سان ماڻهن کي پيار آهي جانورن جهڙوڪ ڪتن ۽ ٻلين جو به انسانن جيترو خيال رکندا آهن ۽ وڻن ۽ ٻوٽن سان به ايترو پيار ڪندا آهن جهڙوڪ انسانن سان. هي جملا لکندي مون کي ڪالهوڪي فون ذريعي پنهنجي ڀاءُ شفيق احمد سان ٿيل گفتگو ياد اچي ٿي جڏهن مون هن کي چيو ٺل واري گهر پويان نوان وڻ پوکيو ته هُن چيوتوهان نون وڻن جي ٿا ڳالهه ڪريو، گذريل هفتي اسانجي ننڍي ڀاءُ حاجي محمد يحيٰ خان اڳ بيٺل وڏي ٻير کي ڪٽي ڇڙو ٿڙ ڇڏيو اٿس،ته مون کي انهن جملن وڏو شاڪ پهچايو ته مشرق ۽ مغرب جي ماڻهن جي سوچ ۾ ڪيترو فرق آهي.
***
15 March, 2007
Lemoin Village 1-315
WIU, USA
نيپالي دوست ڪَرن جي دعوت
اڄ به اُس تکي ۽ تيز رهي، تنهن سبب ماڻهو اس جا مزا وٺڻ لاءِ “Sun Bath” لاءِ ٻاهرين دنيا جو رخ رکيو. مون به سڄو ڏهاڙو Cherman Hall اڳيان لان تي ويهي ناول پئي پڙهيو، سانجهي جو واپس وريم. اڄوڪو ڏينهن مزاج جي حوالي سان خوشگوار رهيو. هونئن به ماڻهو ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ هوندو آهي.
رات جو نيپالي دوست ڪِرن ڊنر ڪئي هئي ٺيڪ ساڍي اٺين وڳي بلڊنگ 2 ۾ هُن جي اپارٽمنٽ ويم همراه کِلي آڌار ڀاءُ ڪيو. هُن جي Wife ڀاڀي ڪبيتا جيڪا سوشل عورت معلوم ٿيندي آهي مون کي عبدل ڀائي چئي سندس ٻئي هٿ جوڙي نمستي چيو جيڪا هندو مت جي روايت معلوم ٿيندي آهي، اها نمستي سنڌ ۾ ٻئي هٿ ٻڌي آڌار ڀاءُ ڪرڻ ۽ موڪلائڻ وقت گهڻا ماڻهو استعمال ڪندا آهن. دعوت ۾ نيپالي جوڙي ڪئين طعام تيار ڪيا هئا، کين دال، ڇولا، ڏهي صوف، چڪن ڪري، چڪن تڪا، چانور ۽ سيئون انکان پوءِ چانهه جو دور هليو، رات جو 12 وڳي تائين اُتي هئم، ڪِرن هتي ماسٽر ڪيمسٽري ۾ ڪري رهيو آهي، کين فيملي کي نيپال مان گهرايو اٿس، ڀاڀي ڪبيتا ۽ ننڍڙي پٽ سوهو ساڻ رهندو آهي.
***
لڙڪ هجي ته رکي ڇڏيان، ٽشو پيپر منجهه
مُٺ ۾ ڪينءَ پڪڙي سگهان، ڪرڻي جهڙو پل.
(امداد حسيني)
17 March, 2007
WIU, USA
ذوالفقار ۽ سجاد شاهه
ذوالفقار نوناري ٺُل مان فون تي ڳالهايو ۽ ڪئنڊا مان سيد سجاد شاه به فون ڪئي سڄڻن جي گفتگو طبيعت ۾ سرهائي پيدا ڪئي. انساني نفسيات به عجيب ٿئي ٿي، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ماڻهن سان گفتگو به ماڻهو کي عجيب توانائي عطا ڪن ٿيون.
سدا سکي هجين شال!
اڄ وري ٿڌيون هوائون گهلڻ شروع ٿيون آهن تنهن سبب موسم ۾ خشڪي پيدا ٿي آهي ۽ ٿڌ جو ميٽر ڊگري ــ تي پهتل آهي.
***
18 March, 2007
WIU, USA
ٿڌ جو دٻاءُ
خاصي ٿڌ سبب سڄو ڏينهن اپارٽمنٽ ۾ رهيم منهنجو پارٽنر ماسا به ڪمري ۾ رهيو، شام جو ماسا سُٺي مڪس دال تيار ڪئي. مون EDL 519 تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي تنهن سبب ڪم جي پيهه آهي. سيمنار ڪلاس هلڻ سبب خاصو ڪم جو دٻاءُ رهندو آهي، جنهن ۾ هفتي ۾ هڪ پاور پوائنٽ، اسائنمنٽ مقرر ڪتاب جا باب پڙهڻ ۽ انهن جو Review پيش ڪرڻو هوندو آهي.
***
19 March, 2007
WIU, USA
سج جو اُڀرڻ
اڄ وري سج تکن ڪرڻن سان اڀ تي نڪتل آهي، ماحول وڻندڙ حرارت سبب ماڻهو ٻاهر نڪري آيا آهن، ماڻهو ڊگهي سياري کان بيزار ٿيا آهن. مون به لنچ ڪري ٻاهر نڪري ويم، ڳپل ٽائيم لائبريري ۾ رهيم باقي ٽائيم ٻاهر سج هيٺ رهيم. سج جو مزو هت آمريڪا ۾ آهي سنڌ ۾ ته تکي اس کان ماڻهو تنگ هوندا آهن.
***
19 March, 2007
WIU,IL USA
سڄو روم سڙي رهيو هو
صبح جو 9 بجه BEU ڊاڪٽر اي. بيڪر سان ملڻ لاءِ ويم جنهن خوشبخري ٻڌائي ته جملي بُڪين، دل، پتي، رت ۽ پيشاب جون رپورٽون آيون آهن انهيءَ خوشخبري پنهنجو حوصلو وڌايو. انهي بعد واپس اچي ڪجهه آرام ڪيم، ڇو ته رات جو صرف 3 ڪلاڪ ننڊ ڪئي هئم تنهن سبب پنهنجي ننڊ پوري ڪرڻ پئي چاهيم کين هڪ بجه اُٿي لنچ ڪري وري اسپيچ ٿراپي جو ڪلاس وٺڻ ويم، جتي Andrea موجود هئي جيڪا منهنجي ٽيچر آهي.هي ڏاڍو دلچسپ ڪلاس آهي جنهن ۾ انگريزي ڳالهائڻ جا اصولي طريقا سکجن ٿا.
رات جو ڪاوش ۽ عبرت نيٽ تي پڙهيم اخبارون چيف جسٽس جي حق ۾ خبرن سان ڀريل هيون، مشرف سرڪار غلطين مٿان غلطيون دهرائي رهي آهي، مشرف صورتحال کي ايئن پيش ڪري رهيو آهي جهڙي ريت سڄو روم ملڪ سڙي رهيو هو ته نيرو بانسري وڄائي رهيو هو. سو مشرف به چين جي بانسري وڄائي رهيو آهي. جيڪو پاڻ کي عقل ڪُل سمجهي رهيو آهي اهائي مطلق العناني جي نشاني آهي جيڪا جاهليت پاڪستان کي ملوڪيت طرف وٺي وڃي رهي آهي.
خاص ڳالهيون: (1) ڄامشورو بيگم هزار ناز سان ڳالهه ٻولهه ٿي. (2) سجاد شاهه ڪئنڊا مان فون ڪئي.
***
20 March, 2007
WIU, USA
پڙهڻ معنيٰ رڪ جا چڻا چٻاڙڻ
اڄ يونيورسٽي ڪلاس ڪونه آهي، تنهنڪري ڊگهي ننڊ بعد 10 وڳي اٿڻ ٿيو. ڏندڻ پاڻي ڪري ناشتو ماکي، صوف ۽ ڇولن ۽ چانهه سان ڪيم، بعد ۾ شولڊر بئگ کڻي لائبريري آيم جتي Montgomry Movement بابت تحقيق ڪيم، جيڪا 5 ڪلاڪن تائين سلسلو جاري رهيو، انهي بعد 30 منٽ ٻاهر ريسٽ ڪري ڪجهه کاڌو وٺي وري لائبريري واپس آيم ۽ پائلو فراري ۽ Girux جي انٽرويو جو (Review) رويو لکيم، رِويو لکڻ به ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي بهرحال ٻن ڪلاڪن جي محنت بعد هڪ مضمون تيار ٿي ويو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن سنڌي جي چوڻي ياد ايندي آهي ته پڙهڻ معنيٰ رُڪ جا چڻا چٻاڙڻ برابر آهي، سو اها چوڻي هتي آمريڪا ۾ سچ ثابت ٿيندي آهي ڇو ته پڙهائي جي مسلسل مصروفيت سبب ايترو ته مشغول رهڻو پوندوآهي جو ڏينهن رات ۽ صبح شام جو ڪو ڏس پتونه هوندو آهي هڪڙو ڪم (اسائنمٽ) ختم ٿيندي آهي ته ٻيو ڪم (اسائنمنٽ) مٿان بيٺو هوندوآهي، يعني آمريڪي پروفيسر اهڙا اٽڪلي آهن جو اهڙي رٿابندي ڪندا آهن جو ننڍڙيون ننڍڙيون مشغولون لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ڏيندا آهن، شروع ۾ اهو محسوس ٿيندو آهي ته ڪم سولو آهي ليڪن هٿ وجهڻ بعد معلوم ٿيندو آهي ته مصروفيتون کٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن يعني شيطان جي آنڊي جيان وينديون ڊگهيون ٿينديون، پر آهي ڏاڍو دلچسپ مشغلو جو غير محسوس طريقي سان شاگرد زبردست قسم جي معلومات حاصل ڪري وٺندو آهي، پر اهو سڄو عمل جمهوري ماحول ۾ ٿيندو آهي، کين شاگرد ڪا مشڪلات محسوس ڪري ٿو ته آمريڪي پروفيسر مددگار ٿيندا آهن، انهي کانسواءِ هتي جي يونيورسٽين ۾ هر قسم جون سهولتون موجود آهن، جهڙوڪ ڪمپيوٽر، اسڪينر، ٽيپ رڪارڊ، وڊيو، آڊيو، ڪئمرا، پنا، ڪتاب، مطلب ته هر قسم جي مشيني ۽ انساني وسيلن جهڙي سهولت دستياب هوندي آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته پروفيسر پنهنجي اٿارٽي ڪڏهن به شاگرد تي مسلط نه ڪندا آهن جيڪا مشرق جي معاشري ۾ اسان جهڙن پاڪستان، انڊيا ۽ بنگال جهڙن ملڪن ۾ عام آهي ته وقتي مالڪ (باس) ۽ استاد (پروفيسر / ٽيچر) هر لفظ ڳالهه ۾ پنهنجي بيهوده جاهلانه طاقت (اٿارٽي) ٻڌائيندا ۽ محسوس ڪرائيندا آهن. جنهن کي ويهين صدي جي برک تعليمي ماهر پائلو فراري ڊڪٽيٽرشپ ۽ جاهليت جي وڏي وصف سڏيو آهي، پائلو فرائري انساني جمهوري ماحول ۾ سکيا کي لازمي قرار ڏئي ٿو، جنهن جمهوري ماحول ۾ انساني صلاحيتن جو اسرڻ، نسرڻ، تخليقي ۽ تعميري ٿئي ٿو ۽ انسان معاشري جو ڪارگر پرزو بڻجي ٿو.
هلو هلو ڪاڪ تڙين
جتي نينهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل
سڀڪو پسي پرينءَ کي.
(شاه)
خاص ڳالهيون: (1) قدير سان ڪچهري (2) بشير شاهه سان Chat ۽ فون تي ڳالهه ٿي. (3) سجاد شاهه ڪئنڊا مان فون تي ڳالهايو.
***
21 March, 2007
WIU, USA
King Martin Luther Montgomry Movemet
صبح جو ناشتو پاڻي ڪري لائبريري ويم جتي 11 بجي تائين Montgomry ۽ King Martin Luther Movemet بابت ڪجهه ريسرچ آرٽيڪل پڙهيم، انهي بعد am 11-30 تي رائيٽنگ سينٽر ويم جتي هڪ ڪلاڪ جي ميٽنگ رِڪ سان ٿي، کين وري 2 بجي اسپيچ ٿراپي جو ڪلاس Andrea سان ورتم. اڄ Midterm جي رزلٽ آئي جيڪا 90% رهي ڏاڍي سرهائي ٿي. شام جودير تائين وري به لائبريري ۾ وڃڻ ٿيو.
خاص ڳالهيون: ڄامشورو بيگم هزار ناز ۽ عمران سان ڊگهي ڪچهري ڪيم.
***
22 March, 2007
WIU, USA
Hasba Arbia food
ڪالهه کان آسمان تي جهڙ رهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن بوندا باندي سبب موسم اڄڪلهه ڪڏهن ته ڄامشوري جو سڪون لاهي ٿي، موسم جي خوشگوار تبديلي سبب انساني مزاج ۾ به خوشگوار تبديليون اچن ٿيون. آمريڪي ڊگهي سياري يخ پارن ۽ برفباري سبب ههڙي موسم کي ته راه نجات سمجهي ڪپڙن کان ڄڻڪ آجا ٿي گهمن ٿا (يعني بت تي نالي ماتر ڪپڙا پائي) سو پاڻ ايشيائي ته اڃان هڪڙي ڪوٽ يا سوئيٽر ساڻ هلون ٿا پر هنن آمريڪي درويشن کي هي هلڪي سردي ڪجهه به محسوس نه ٿي ٿئي.
شام جو Hasba Arbia food نالي سان انٽرنيشنل آفيس آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي تعاون سان عرب ريجن نالي سان Grand Ball room ۾ 400 ماڻهن لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪيوهو، مون ۽ ماسا جو عبدالغابي سعودي جي دوست ٻه سيٽون رزرو ڪرائي ڇڏيون هيون، ٺيڪ 5:40 pm جو اسين هال ۾ پهتاسين جتي رنگن جي بهار آيل هئي سڄي دنيا جي ملڪن جا ماڻهو / شاگرد وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي گڏ ٿيا هئا، اسان به پنهنجي ٽيبل سنڀاري سون.
(وڌيڪ هن تقريب جو احوال جُدا پني تي لکبو)
ميوزڪ، کاڌا +شاعري + جاگرافي +تاريخ + موراڪو اوائلي عرب ملڪ جا آمريڪا سان لاڳاپا + ٻولي + ا، ب، ت، ث، ج + آداب....
***
23 March, 2007
WIU, USA
سلويشن آرمي جو چرچ
صبح جو لئبريري آيم جتي 7 بجي شام ڪئپٽن رِڪ سلويشن آرمي بائبل اسٽيڊي لاءِ چيو هن ساڻ ويم. Lyne، Shambo، Junko ۽ Violata موجود هيون جتي 2 ڪلاڪن جي بحث بعد کين Walmart وياسين. کين بائبل جي مطالعي دوران Ms. Violeta ڊنر کارائي. ٿيندو ائين آهي جو ڪئپٽن رِڪ پهرين بائبل مان ڪجهه ٽڪرا پڙهندو آهي بعد ۾ واري سان هرهڪ پنهنجا ويچار پيش ڪندو آهي،جيڪڏهن ڪو سوال ڪندو آهي ته ڪئپٽن رڪُ انجو جواب ڏيندو آهي. هي سڄو عمل مئڪومب جي وچ شهر ۾ ٺهيل آرمي جي خوبصورت چرچ ۾ ٿيندو آهي جنهن جا ٻه طبقه آهن هڪ بيسمنٽ (انڊر گرائونڊ) جتي تمام ڊگهوشاندار ڪچن، ويڪرو هال جنهن ۾ بئڊمنٽن ۽ ڪراٽي جي مشقن جو سامان ۽ ڊگهي ڊائنگ ٽيبل سجايل آهي جنهن تي 40 ماڻهو آرام سان ويهي ماني کائي سگهندا آهن، ٻيو مٿي پهريون فلور آهي جتي جي آفيسن جا 3 ڪمرا ۽ وڏو چرچ هال آهي، کين جنهن ۾ ميوزڪ جو سازوسامان موجود آهي.
***
24 March, 2007
WIU, USA
Luthern Church, Year Dinner
ٺيڪ 5:40 pm جو ميجر آرائين ليمئون ڳوٺ جي پارڪنگ لان ۾ اچي بيٺو مون دري کان رڙ ڪري همراه کي چيو ته ٺيڪ 3 منٽن ۾ مون هيٺ اچان پيو. مون ڪپڙا بدلائي هيٺ آيم، ڪار ۾ سڌو بيلي هائوس ويم جتي ڪافي دوست موجود هئا. ٺيڪ 6 وڳي Snack شروع ڪيائون آخر ۾ چڪن ۽ پٽاٽا گرم گرم ڏنائون، ڏاڍي مزيدار ڊنر هئي، هي Luthern Church طرفان سال ۾ هڪ ڀيرو عالمي شاگردن انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ جي Honor ۾ ڊنر ڪندا آهن.
(Luthern شعبو ڪرسچن مذهب جي Protestant شاخ جو حصوآهي. کين سڄي دنيا ۾ 70 ملين آبادي آهي. Angolion ۽ Methodunt ۽ پروٽيسٽنٽ جو حصو آهن.) هِن تقريب ۾ ڪورين، جپاني، بنگلاديشي، برمي، آمريڪي، پاڪستاني، سعودي ۽ ڊينمارڪ جي دوستن شرڪت ڪئي. پارٽي ڏاڍي شاندار رهي، شاگرد نت نوان علمي، تاريخي ۽ ثقافتي تجربا پرائي پنهنجي رهائش ڏانهن واپس وريا.
***
25 March, 2007
WIU, USA
يورپ ۽ آمريڪا ۾ عقيدي پرستي ۽ وهم پرستي
ڪم جي مسلسل دٻاءُ سبب ڪڏهن ڪڏهن ڊائري جا ورق سوڙها رکڻا پون ٿا. ايندڙ ٻنهي هفتن جي پڇاڙڪن ڇنڇر ۽ آچر وارن سيمنارن سبب مسلسل پڙهڻو، لکڻو پوي ٿو. بهرحال ڪم جي دٻاءُ جو به هڪ خوش آئين لطف (Joy) آهي. مون جنهن کي Enjoy ڪندو آهيان. ۽ جيترو مون مٿان دٻاءُ Pressurre هوندو آهي اوترو وڌيڪ خوشدلي ۽ خوبصورتي سان ڪم ڪندو آهيان. سو اڄ وارو ڏينهن به گهڻو تڻو لائبريري ۽ گهر ۾ پڙهندي گذريو.
سي اين اين هڪ اهم واقعي جي خبر ڏني آهي ته ڪيلفورنيا رياست ۾ 14 ماڻهن اجتماعي خودڪشي ڪئي آهي، جن جا سفيد چادر هيٺان ۽ ڪاري ڪمبل ۾ ويڙهيل لاش هڪ ئي عمارت مان مليا آهن، جنهن لاءِ اهڙي گروپ جي زنده ڪارندي سي اين اين کي ٻڌايو ته اسان جو عقيدو آهي ته مرڻ بعد هڪ بهتر زندگي انتظار پئي ڪري، جپان جي هاراڪاري بعد آمريڪا جهڙي 21 هين صدي ۾ رهندڙ ملڪ ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ۾ اهڙي رجحان گهڻن کي ششدر ڪري ڇڏيو آهي. بهرحال 21 صدي ۾ رهندي به يورپ ۽ آمريڪا عقيدي پرستي، وهم پرستي ۽ وسوسن جي ڄار ۾ اڄ به مون کي جَڪڙيل نظر ايندا آهن. انگلينڊ، فرانس سميت سڄي يورپ ۽ آمريڪا جو ادب (لٽريچر) (ڀوتن، جنن، ڏانئڻن (Witches)، ديون، پرين، مسٽر سام، سانتا ڪلاز جهڙن خوابيده ڪردارن، تصور پرستي، وهم پرستي ۽ قديم خيالي ڪاڪ محلن جي تصورن سان ڀريو پيو آهي، ادب سماج جو عڪس هوندو آهي، مٿيان واقعا ظاهر ڪن ٿا ته 21 صدي جي عظيم سائنسي ڪارنامن باوجود هو پُراڻ پرستي وارن تصورن ۾ زنده رهن ٿا.
ٻيو اهم واقعو ورلڊ ڪپ ۾ انضام الحق جي اڳواڻي ۾ هارائيندڙ ٽيم جي ڪوچ باب وولمر جي موت / خودڪشي آهي جنهنجو لاش هوٽل جي ڪمري مان مليو آهي. هڪڙي خبر اها آهي ته هن دل برداشته ٿي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، شايد هن جو ضمير زنده هو. باقي پاڻ واري ملڪ ۾ وڏيرن، چوڌرين، خانن، اميرن، پيرن، بيوروڪريسي ۽ سياستدانن جو ضمير ته صدين کان سُتل آهي.
منهن ڏيئي ٻن، وهه کائي نه مرين،
تو سندي ملير ڄايون سڱ ڪين ڪن.
(شاه لطيف)
***
4 April, 2007
WIU, USA
ارد شير ڪائوسجي
Ardshercowsjoe ارد شير ڪائوسجي انگريزي اخبار ڊان جو لبرل، دلير ۽ جرئتمند ليکڪ آهي، جيڪو مسئلن ۽ واقعن جي دليلن سان نشاندهي ڪندو آهي. اصل ۾ ايران جي ڪنهن حصي سان ماضي ۾ تعلق رهيو اٿس.جو گذريل ڪالم سگهارو لڳو ته آخرڪار فوجي جنتا ڇاٿي چاهي؟؟ جنهن مظلوم انسانن ۽ مظلوم قومن جي حقن تي وطن عزيز پاڪستان جي قائم ٿيڻ سان قائداعظم جي خوابن کي چيڀاٽڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. وطن مٿان ڪاري گهٽا ڇانيل آهي. سڀت پچار پرينءَ جي ملڪ مڙيوئي منصور لڳو پيو آهي. ... پاڪستان ۾ حڪومتي فرشتا روز بروز ڪنهن معصوم کي کنڀي وڃن ٿا.
يه رات اپني ساتهه ستارون کو لائيگي. (احمد فراز)
2 وڳه اسپيچ ٿراپي جو ڪلاس اٽينڊ ڪيم ..... اڄ کان سڄو ڪلاس ريڪارڊ ڪرڻ شروع ڪيو، هاڻ ڪلاس ۾ هڪ قسم جي (Novelty) پيدا ٿي آهي. ڪلاس بعد لائبريري وڃي EIS 607 ڪلاس جي پروجيڪٽ بابت ريسرچ ڪيم، دير سان اپارٽمنٽ آيم جتي ماسا ڀليڪار چيو.
خاص ڳالهيون: (1) قدير حيدر سان گپ شپ ٿي. (2) Uday Kiran سان ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪيم. (3) قيوم ۽ منهنجي دوست سنڌ جي سريلي شاعر سائين عبدالرزاق بروهي صاحب سان فون تي ڳالهه ٿي. (4) عباس، اعجاز ۽ ادي افروز سان فون تي ڳالهه ٿي.
***
5 April, 2007
WIU, USA
Ms. Rossa Park جي هڪڙي “No” دنيا بدلائي ڇڏي!
اڄ جو ڏهاڙو خوبصورت معلوم ٿي رهيو آهي، ڇو ته گذريل سڄو هفتو گرمي رهي اڄ کان موسم مهانڊا بدلايا آهن. ٿڌ وري گهيراءُ ڪيو آهي ليڪن ڏينهن جو هلڪي ٿڌ ۾ سج جي گرمي خوبصورت معلوم ٿي رهي آهي. مون Hall Sharman هال آڏو ڊيسڪ تي ويهي پائلو فراري جو خوبصورت ڪتاب (Pedagogy of Freedom) پئي پڙهيو. سج جي آخري ڪرڻن کي ڏسي لائبريري ۾ آيم جتي رات جو دير تائين King Martin Luther بابت تحقيق پئي ڪيم. ڪنگ مارٽن لوٿر هڪ جادوئي شعله بيان مقرر هو، جنهن منٽگمري ۾ بسن واري هڙتال کي 388 ڏينهن تائين قائم رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جيتوڻيڪ انهي موومنٽ جو مُک ڪردار مسز روزا پارڪ (Mis: Rossa Park) هئي، جيڪا ڪنهن آمريڪي گوري جي گهر ۾ نوڪرياڻي هئي، انهي ڏينهن هُن گهر جو گهڻو ڪم ڪيو هو، سو ڏاڍي ٿڪل هئي، ٻاهر گرجدار گاج ۽ کنوڻين جي تجلن سان برسات زور شور سان جاري هئي هو ٿڪل قدمن سان بغير ڇٽي جي برسات ۾ پاڻ بچائيندي اچي بس اسٽاپ جي ڇپر ۾ اچي بيٺي ته بس اچي ويئي. هن اڄ پڪوپهه ڪيو هو ڇا به ٿي پوي هو اڄ اڳين در کان بس ۾ چڙهي سيٽ تي ويهي رهندي. سو جيئن بس بيٺي هو اڳيان چڙهي بس جي سيٽ تي ويهي رهي، جيڪو آمريڪي قانون جي خلاف هو، ڇو ته انهي دور ۾ ڪارن لاءِ گورن اهو قانون ٺاهيو هو ته غلام ڪارا پوئين در کان بس ۾ چڙهندا ۽ سيٽ تي نه ويهندا، توڙي جو سيٽون خالي هجن، روزا پارڪ ڏاڍي ٿڪل هئي، هوءَ سيٽ تي ويهي رهي. سيٽ تي ويٺل روزا پارڪ کي بس ڪنڊيڪٽر اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن اٿڻ کان نابري واري هن جي ان “نه” “No” جي موٽ ۾ پوليس ۽ قانون حرڪت ۾ اچي ويو، موٽ ۾ آمريڪا جي سڀني ڪارن (Negros) آمريڪا ۾ بنيادي انساني حقن لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي، نينگرو (Negros) عورتون مرد گورن جي گهرن، دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. منٽگمري جون بسون بيٺل رهيون، نيٺ آمريڪي ڪانگريس هڪ بل ذريعي ڪارن شيدين جي بنيادي حقن کي تسليم ڪيو.
خاص ڳالهيون: (1) نثار ۽ نسيما ڳالهايو. (2) شفيق، امان ۽ ادي بشيران سان ڳالهايو. (3) ڪيپٽن رِڪ فون تي دستوري ڊگهي گفتگو ڪئي.
ناشتو: صوف، ٻه ڪيلا، چانهه جو گلاس
***
7 April, 2007
WIU, USA
Cultural Diversity
صبح جو سويري 8 کان شام 4 وڳي تائين ڪلاس اٽينڊ ڪيم. ڊاڪٽر آدم جو Cultural Diversity حوالي سان هي اهم ڪلاس آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ليول جو ڪلاس آهي کين هن ڪلاس ۾ ڪل 22 شاگرد آهن جنهن مان 15 ڇوڪريون / عورتون ۽ 7 مرد / ڇوڪرا آهن. جيڪي سڀئي ڪنهن وڏي عهدي تي سوشل سيڪٽر يا اسڪول ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. يعني ايڊمنسٽريٽر، مئنيجر، ڊائريڪٽر ۽ ڪائونسلر يا ٻئي ڪنهن انتظامي عهدي تي فائزآهن. تنهنڪري هي Cultural Diversity جو ڪلاس وٺي رهيا آهن ڇو ته اداري اندر مختلف قسم جي ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن ۽ نسلن جي ماڻهن سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو، انهي لاءِ عام و خاص جي نفسيات کان بنيادي طور واقفڪار هئڻ لازمي آهي.
ناشتو: صوف، نارنگي ۽ چانهه، مانجهاندو: صوف، رات: گوگڙو، بروڪلي گوبي بوائل، مٽر چانور، کارڪون ۽ چانهه
***
8 April, 2007
WIU, USA
اياز جي نئين سنڌ
اڄ جي ڏينهن ڊگهي آرام ڪرڻ بعد، 40 منٽ واڪ ڪيم، بعد ۾ لائبريري ويم. کين اي ميل ۽ ڪلاس ٽيچر جي اٽيج فائيلن جو پرنٽ ورتم. جتان رات جو 9 بجه واپسي ٿي.
پڻ سنڌي اخبارن جو انٽرنيٽ تي ڊگهو مطالعو ڪيم. شيخ اياز جي هڪ شاهڪار ڪهاڻي عبرت اخبار ۾ پڙهيم. اياز جي عظمت هر لکڻي ۾ نئين نموني سان پڙهندڙ جي سامهون اچي ٿي. جيڪا انفراديت انڪاري کي به هاڪاري طرح سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. اياز جنهن سنڌ جي نئين نسل کي هڪ اُتساهه ڏنو آهي، جيڪا ٻيجل واري تند پوري ڇوه سان هڪ ڊگهي آلاپ جيان فضا تي ڇانيل آهي جنهن جي تنوار تاريخ جي پولار ۾ ٻڌجي ٿي.
موڙ جي تون موڙي سگهين
سڏ کي هڏ ناهي....
خاص ڳالهيون: (1) اڄ ڪجهه لمحا ڪڍي ٻه شاهڪار انگلش فلمون ڏٺم. (2) اڄ ايسٽر جو ڏينهن آهي. (3) فل برائيٽ ڊائريڪٽر کي پي ايڇ ڊي لاءِ درخواست موڪليم.
ناشتو: صوف ۽ چانهه، مانجهاندو: گوگڙو، ماني ۽ چانهه، رات جي ماني: ڊبل روٽي، پٽاٽا، چڪن، سلاد
***
9 April, 2007
WIU, USA
جن کي قابو رکڻ
ڊگهي آرام بعد 12 بجه اٿڻ ٿيو، تڙ پاڻي ڪري 2 بجه اسپيچ ٿراپي ڪلاس لاءِ ويم، ڪلاس خوشگوار ماحول ۾ ٿيو. بعد ۾ پروجيڪٽ بابت لائبريري ويم جتي Civil Rights Movement بابت ريفرنس روم مان مواد حاصل ڪيم ۽ کين انٽرنيٽ تان ڪجهه مضمون ورتم، هڪ بنيادي خاڪو ذهن ۾ Montgomry Movemnet بابت ٺاهيم کين وڌيڪ Aspects بابت مطالعو جاري آهي. ريسرچ هڪ پرلطف بلڪ ڪن حالتن ۾ سخت جانقشاني وارو ڪم آهي، خاص طور پاڻ مرادو اڀرندڙ خيالن جو ڇيد ڪڏهن ڪڏهن مختلف رخن ڏانهن گهلي وٺي ويندو آهي، جنهن سوچ جي جن کي قابو رکڻ وڏو محنت طلب مسئلو هوندو آهي، ڇو ته انسان ۾ يڪطرف سوچ وارو عمل (Bias)رهي ٿو، تنهنڪري غيرجانبدار نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني رُخن تي آزادانه سوچ سان سوچڻ ۽ نتيجا اخذ ڪرڻلاءِ Internal Threat کان بچڻو پوي ٿو.
خاص ڳالهيون: (1) ڄامشوري مان بيگم نازو ڳالهايو. (2) نيپالي دوست ڪِرن ۽ انهيءَ جي گهر واري ۽ پٽ Soho کي ڊنر کارايم.
ناشتو: صوف، نارنگي ۽ چانهه، مانجهاندو: چڪن، ماني ۽ فروٽ، رات جي ماني: چانور، سبزي، چڪن، سلاد ۽ ڪافي.
***
10 April, 2007
WIU, USA
388 ڏينهن جي اڻ ٿڪ جدوجهد
ابراهيم لنڪن جي ديس ۾
ڏينهن ۽ راتيون ستارن جيان ٻرندا اجهامندا، زندگي جي جواني ۾ نت نوان رنگ ۽ تجربا ڇڏيندا سمنڊ جي لهرن جيان هڪ ٻئي پويان اڳتي وڌندا پيا وڃن، اندر جو انسان جيڪو زندگي جا مشاهدا ۽ سڀئي لقاءَ پنهنجي اندر ۾ اوتڻ چاهي ٿو سو ڪڏهن انساني وس ۾ رهي ٿوته ڪڏهن انساني حاصلات کان اڳاهون رهي ٿو.
ابراهيم لنڪن جي ديس ۾ رهندي شعوري ڪوشش هوندي آهي ته هنن جي برق رفتار ترقي جي سڀني رخن جو ممڪنه طور ڀرپور اڀياس ڪجي ته جيئن سي ئي تجربا مارئي جي ديس سنڌ واسين جي ممڪنه بهتري، ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پنهنجي وس آهر ڪتب آڻي سگهجن.
ويهه ويڄن ساڻ ته ٿئين طبيب!
ويٺا جي ويڄن ته سي اگهائي سگها ٿيا!
11 بجه لائبريري ويم جتي پروجيڪٽ بابت ريفرنس هال مان خاص مواد هٿ ڪيم Civil Right Movement جا نوان Aspect هٿ آيا، روزا پارڪ سيٽ تان نه اٿي بيهڻ No تي آمريڪا (ڪارن آفريڪي ماڻهن جي Black/Nigro آدمشماري 388 ڏينهن ڊگهو ۽ اڻ ٿڪ قدم کڻي Civil Right Movement جدوجهد کي هڪ نئين ڪاميابي بخشي جو سندس آمريڪا جي سپريم ڪورٽ ڪارن نينگرو آفريڪي باشندن (جيڪي ڪئين صديون غلام هئا) انهن جا برابري جا حق تسليم ڪيا. هڪڙي نه No جو ملهه گورن کي ادا ڪرڻو پيو.
يه رات ستاري اپني ساتهه لائيگي (احمد فراز)
***
11 April, 2007
WIU, USA
جمهوريت جي نالي ۾ آمريت
خوشيون ۽ ڏک ٻئي انساني زندگي جي مَرڪ آهن. خوشين سواءِ انساني آسودگي نصيب نٿي ٿئي ۽ ڏکن بنا انساني تجربو اڌورو آهي.
ڏکن پٺيان سُک، سگها ٿيندئي سسئي!
ڏورج پاسي ڏک ته ٻاجهه پوي ٻروچ کي.
(شاه)
عظيم انساني حاصلات ڏکن جو ثمر آهي. ڏکن پٺيان سک آهن. قديم روم، يونان، مصر، عراق ۽ موهن جي دڙي واري نرتڪي ناچڻي سمبارا اسٽوپا جون تهذيبون ۽ عظيم شهر پنهنجي اعليٰ ڏيک ۽ مانائتن روايتن جا امين تڏهن بڻيا جڏهن انهن تهذيبن جي رکوالن محنت، پورهئي، فن، سچ ۽ سونهن کي پنهنجي اولين اصول بڻائي جدوجهد ڪئي. فن ۽ شاعري، نقشه نگاري ۽ انجنيئرنگ، امن ۽ جنگ جي ميدان ۾ بي پناه محنت ڪئي. ساڳئي ريت آمريڪا 300 سالن ۾ اهو عروج محنت وسيلي حاصل ڪيو آهي. يعني محنت هنن پنهنجو محرڪ بڻايو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪي پنهنجي لاءِ جمهوريت ۽ دنيا لاءِ جمهوريت جي نالي ۾ آمريت واري زهر وڪڻڻ واري ڌنڌي ۾ چيمپين آهن.
اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندي لڄ مرن، لڙيل پائي مٿي هنجڙا. (شاه)
ناشتو: صوف، ڇولا ۽ ڪافي، مانجهاندو: ماني، مرغي ۽ چانهه ۽ سلاد، رات جي ماني: چانور، مرغي، ميوو، سلاد ۽ ڪافي.
***
12 April, 2007
WIU, USA
دعا ديني سي پهلي هنس ڪي فادر ني فرمايا
قضا عمري نماز عشق کي پڙهني کو آئي هين. (عنايت خان ٽونکي)
Indian Food - Culture Day
زندگي جا ڏهاڙا گذرندا پيا وڃن. ڪڏهن تِک ته ڪڏهن سستي زندگي جو حصو آهن. پنهنجي زندگي به ليموئن ندي (ويسٽرن يونيورسٽي) ڪئمپ ۽ لمئون وليج، گريجوئيٽ رهائشي سوسائٽي جي وچ ۾ وهندڙ ندي جيان ڪڏهن تک ته ڪڏهن سستي سان جاري آهي.
اڄ Uinversity Union Grand Ballroom ۾ ڪلچرل شعبي طرفان انڊين فوڊ ۽ ثقافت جي باري ۾ پروگرام هو، جتي 400 ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ٿيل هو. ڏاڍو شاندار پروگرام هو. 50 منٽن جي هندستان جي تهذيب، تاريخ، جاگرافي، فن، آرٽ، فلم انڊسٽري، تعليم، سياست، واپار ۽ دنيا سان لاڳاپن بابت پاور پوائنٽ پريزنٽيشن نرئڪا نالي ڇوڪري ۽ ڪَرن شاندار نموني پيش ڪئي. سوال جواب ٿيا، آمريڪي هونئين به انڊين کان متاثر ليکبا آهن، آخر ۾ شاندار لنچ جو بندوبست ٿيل هو.
***
21 April, 2007
WIU, USA
Diversity and America
صبح جو سويل اٿي ڏندڻ پاڻي ڪري ٺيڪ ساڍي ستين وڳي جو ڊاڪٽر آدم جي EIS 607 ڪلاس لاءِ Horriban Hall ويم جتي ٺيڪ 8 وڳي پروفيسر آدم ڪلاس جي شروعات ڪئي اڄ ۽ سڀاڻ وارا ڏينهن هن ڪلاس جا آخري ڏهاڙا آهن. ڪلاس هڪ قسم جي ڪانفرنس / سيمينار هوندا آهن. صبح جو 8 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين گروپ ڊسڪس، انفرادي Presentation، موويز ۽ ٻيون گهڻيون سرگرميون شاگردن جي ذهن کي گهربل موضوع تي تياري ۾ مددگار ٿينديون آهن. پروفيسر آدم جي فلاسافي اها هوندي آهي ته هو گهڻو تڻو موضوع کي Unfnished ڇڏيندو آهي ته جيئن شاگرد پاڻ سوچ ويچار ڪري ۽ نت نوان حل (Solution) ڳولي ڪڍن، انکانسواءِ هي پنهنجي گفتگو دوران ڪئين سوال اڀاريندو آهي ته جيئن گهڻي کان گهڻو شاگرد ڳالهائي، انهي سواءِ هنکي شاگرد جي نقطه نظر بابت تمام گهڻو احترام هوندو آهي، جيڪو جمهوري رويو شاگردن کي پنهنجو موقف ظاهر ڪرڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ٿيندو آهي. اها گهڙي شاگرد ۾ هڪ قسم جي تخليقي هلچل پيدا ڪندي آهي ته هو پاڻمرادي سڀني ضروري موضوعن تي بحث ڪري سگهي.
اڄوڪي ڪلاس ۾ استاد محترم 3 فلمون ڏيکاريون جيڪي، قطرينه (سامونڊي طوفان) جي تباهي ۽ Races يعني رنگ ونسل جي رهڻ ڪرڻ جي فرقن بابت هيون، جن مان آمريڪي معاشري اندر Class، Racess، Power ۽ Color جا فرق معلوم ڪري سگهجن ٿا، آمريڪا ۾ جيترا رنگ، نسل، قومون ۽ ٽولن جي سنگم (Diversity) آهي، اهو دنيا جي ٻئي ڪنهن حصي ۾ شايد ڪونه آهي.
***
22 April, 2007
WIU, USA
توکي ڪهڙي ڪل،
جيءَ اچي نه جهل
مون کان سنڌ نه سري!
(اياز)
هئي ڙي! زندگي!!!
هئي ڙي! زندگي!! تنهنجا رتول رنگ، ڪالهه سڄي رات کنوڻ ۽ گاج جي گڙڪاٽن سان سڄي رات طوفاني برسات پئي آهي، سڄو ماحول ڌوپجي ۽ اڇو اجرو ٿي ويو آهي، ٿڌجي لهر البته وڌي ويئي آهي. صبح جو ليموئن وليج ۽ Campus جي وچ ۾ شينهن ليموئن ندي جي ڪاٺ واري شاهي پل گذرندي ڏسڻ ۾ آيو ته ندي جو ميرو سنڌوندي جي واري مٽي جي لٽ جهڙو پاڻي پنهنجي پوري ڇوه ۽ قوت سان ڪاٺ جي بلندوبالا انگريزي پُل سان گسندو هلڪي گجگوڙ ۽ گج سان اڳتي وڌندو پيو وڃي. مون پل ڪراس ڪري Horabin Hall ڊاڪٽر آدم جي ڪلاس لاءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي روانو ٿيم.
اڄوڪو ڪلاس ڏاڍو دلچسپ هو، هن جيڪو ڪلاس لاءِ ماحول جوڙيو هو ان جي برعڪس اڄوڪو ڪلاس انتهائي پرلطف هو، جنهن ۾ هن ٻهه ڊگهيون فلمون ۽ هڪ ننڍي گڏيل اتحاد ۾ مختلف قسم جي طبقن، رنگن ۽ عمرين جي ماڻهن واري فلم ڏيکاري ڪلاس کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
***
28 April, 2007
WIU, USA
خزان جو دور ختم ٿيو، بهار ٿيو آ خيم زن،
روش روش کِلي اُٿي، ٽڙي ويو چمن چمن
ڪلي ڪلي جي لام تي، آ عندليپ نغمه زن،
ويا ٿي دفع ديس مان سڀئي زاغ ۽ زغن
نئين امنگ سان وري هي ديس همڪنار ٿيو
هي انقلاب باعث هزار افتخار ٿيو.
(عبدالڪريم گدائي)
ڀاءُ شفيق جو مڱڻو ۽ ليموئن گريجوئشن پارٽي
صبح جو اٿي NCLB پراجيڪٽ بابت ڪجهه تحقيق ڪيم. بعد ۾ ماسا ۽ نوبيل (جاپاني دوستن) سان گڏجي هيٺ ليموئن گريجوئيشن پارٽي ۾ وياسون، جتي سڀني رهندڙ فيمليز ۽ سنگل رهندڙن کي يونيورسٽي دعوت ڏني هئي کين ٻارن لاءِ پوليس سائرن گاڏي ۽ فائربرگيڊ سميت ۽ پلاسٽڪ جو وڏو گهر ٺاهيو ويو هو، اها پارٽي بلڊنگ 3 جي سامهون تائين ڦهليل سبزه زار ميدان تي ٿي رهي هئي، کين ڏاڍي رنگارنگ تقريب هئي جنهن ۾ ويٽنام، ڪوريا، انڊيا، ترڪي، جپان، برما، فلپائن، ماسڪو، پاڪستان، آمريڪن سميت مختلف ملڪن جا شاگرد شريڪ ٿي رهيا هئا کين فائر برگيڊ جو عملو سائرن وڄائي ۽ پاڻي وارو ڦوهارو هلائي ٻارن کي خوش ڪري رهيو هو، ان ساڻ گڏ پوليس وين، سائرن وڄائي يا پنهنجي پوليس ڪيپ ۽ ڪوٽ ڏيئي ريجهائي رهيو هو. ٻارن لاءِ ڄڻ عيد هئي. کاڌو وڏي تعداد ۾ رکيو ويو هو، ماڻهو خوش گپين ۾ مشغول هئا، اڄ ويتر سج به نڪتل هو، ماڻهو ڏاڍا لطف اندوز ٿي رهيا هئا، آخر ۾ ٽڪيٽ جي نمبرن ذريعي انعام ورهايا ويا مون کي Resume Paper مليا. شام جو مون ۽ ماسا نوبيل جي ڪار ۾ Salvation Army وياسين جتي گريجوئيشن پارٽي رکيل هئي، جنهن ۾ نيپال، ترڪي، جپان، چائنا، ڪوريا، آمريڪا، فلپائن، ميڪسيڪو، انڊونيشا سميت ٻين ملڪن جا شاگرد شريڪ ٿيا، اها تقريب هر سيمسٽر جي گريجوئيشن لاءِ Salvation Army منعقد ڪرائيندي آهي، هن تقريب ۾ گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويندا آهن ۽ شاندار قسم جي کائڻ پيئڻ جي هڪ پارٽي arrange ڪئي ويندي آهي، اڄوڪي تقريب ۾ هرهڪ گريجوئيٽ کي هڪ شاندار قسم جو گلدستو ڏنو ويو، تقريب ۾ مون ٺاهوڪي فوٽو گرافي ڪئي، ڇو ته مون سمجهندو آهيان ته لکڻ کان وڌيڪ تصويرون خود ڳا لهائينديون آهن.
تصوير خود بتا ديتي هي، بتا تيري رضا هي کيا.
رات جو 9 وڳي واپسي ٿي، مون Amilkar لاءِ ڪيڪ آندو، جيڪو هن جو حوالي ڪيم همراه ڏاڍو خوش ٿيو، هي موزمبيق جو دوست آهي، رات جو فون تي امان، قيوم ۽ بيگم نازو سان فون تي ٺل ڳالهايم. شفيق جي پڪي مڱڻي تي مبارڪ ڏنم جيڪو گذريل ڏينهن، 27 اپريل تي ٿيو، مون کي زندگي ۾ ايتري سرهائي ڪڏهن ڪين ٿي، جيتري شفيق جي زندگي جي عمارت جڙڻ واري پهرين مرحلي مڱڻي ٿيڻ تي ٿي، شال زندگي ۾ ڪئين انمول خوشيون ماڻي.
اسان ۽ پرين...
مَرپيا مينهن وسن! (شاه)
ناشتو: ڪيلا، صوف ۽ چانهه، مانجهاندو: پارٽي Lamoine Gradution village طرفان سبزيون چڪن، سلاد، پيپسي ۽ آئسڪريم. رات جي ماني: Salvation Army Party ، سبزي، چڪن، فروٽ، آئسڪريم سلاد...
***
29 April, 2007
WIU, USA
سمهڻ کان اڳ مان هڪ ڪتاب پڙهانٿو،
جيڪو مونکي خواب ۾ جاڳيل رکي ٿو،
اُٿڻ کانپوءِ مان هڪ ٻيو ڪتاب پڙهانٿو ...
(سلمان / ستيه پال)
نوبو هيرو جي سالگرهه ۽ Baptist Church
صبح جو 10 وڳي ڊيوڊ پنهنجي جيپ تي مون کي وٺڻ آيو (هي نوجوان منهنجي پروفيسر Don Murray جو ننڍو پُٽ آهي، جيڪو منهنجو سٺو دوست ٿي ويو آهي، پڻ هن جو ڀاءُ Josha به منهنجو دوست آهي). اسين جيپ ۾ ڊائون ٽائون مان Josha کي کڻي Baptist Church وياسين جتي Sunday Ceremony ۾ حصو ورتوسين، دستوري طور گيت سان شروعات ڪيائون، Seed of Ibrahim گيت ٻڌائڻ بعد ۾ روس کان واپس آيل هڪ پادري کي دعوت ڏنائون، جنهن روس جي ڪميونسٽ دور جا داستان ٻڌايا ته ڪميونسٽ دور ۾ ماسڪو ۾ اسين ڪيئن خفيه نموني عيسائيت جي ڦهلاءُ لاءِ ڪم ڪندا هئاسون، همراه پاڻ کي انهي دور جو هيرو ثابت ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا قصا پيو ٻڌائي، انهي بعد چرچ جي پادري هڪ ڪلاڪ ڄاڙي هنئي ته عيسائيت دنيا ۾ امن لاءِ ڇا ڇا ڪري رهي آهي. مون کي هن جي سڄي تقرير ڪنهن اداڪار طرفان رٿيل ڊائلاگ معلوم ٿي، هال ۾ چاليهارو مرد عورتون ويٺل هئا، جن به ڄڻ وقت پئي ڪَٽيو جيئن هُن جي تقرير پوري ٿي هرهڪ اٿي بيٺو ۽ هُن اتحاد ۽ امن لاءِ دعا گهري بعد ۾سڀ روانا ٿي ويا. مون کي David ۽ Josha واپس اپارٽمنٽ تي ڇڏيو بهرحال اسانجي پاڻ ۾ سٺي گپ شپ ٿي. شام موزمبيقي دوست Amilcar سان ڪافي پيتي سون. رات جو جپاني دوست نوبيل سان هن جي سالگره ملهائي سون. باقي وقت پروجيڪٽ جي تياري ۾ گذري ويو.
ناشتو: صوف، ڇولا ۽ چانهه، مانجهاندو: پٽاٽا، پلاءُ، ڏهي ۽ فروٽ، رات جي ماني: سبزي، چانور، ميوو ۽ ڪافي.
***
30 April, 2007
WIU, USA
اُنداهي گهٽي، چنڊ چڙهيو هوريان
ٿيندي وئي چٽي
(طارق عالم)
A Long Walk
صبح کان پروجيڪٽ جي تياري هئي، 2 بجه اسپيچ ٿراپي جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويم، بعد ۾ Horabin Hall ڪمپيوٽر ليب ويم جتي ڪجهه ريسرچ ڪيم، جتان بعد ۾ اپارٽمنٽ آيم. جتي پروجيڪٽ بابت ڪم جاري رکيم. شام جو نيپالي دوست لاون سان ڊگهي واڪ لاءِ Oslan هال تائين ويم، واڪ دوران، سنڌ، نيپال، پاڪستان ۽ آمريڪي ادب، علم ۽ سياست تي تبصرا ٿيا، اصل ۾ لاون ۽ هن جو پيءُ نيپال جي سوشلسٽ پارٽي جا رڪن رهيا آهن، تنهنڪري هن جي گفتگو جو محور سياست رهندي آهي.
خاص ڳالهيون: (1) ٺل کان ڊاڪٽر سردار سومري فون تي ڳالهايو.
ناشتو: صوف، ڇولا ۽ چانهه، مانجهاندو: سلاد، ڏهي، چانور پلاءُ، رات جي ماني: گوبي، پٽاٽا، چانور، ڪوڪاڪولا، ميوو، چانهه.
سردار سومرو، ڊاڪٽر گل حسن سومري جو سئوٽ آهي، کين ڊاڪٽر گل حسن سان 1975ع ۾ سول اسپتال جيڪب آباد ۾ ملاقات ٿي، پوءِ گل حسن ۽ سردار منهنجا سٺا دوست ۽ پاڙيسري ٿي ويا.
***
1st May, 2007
WIU, USA
دنيا جا مزدور هڪ ٿي وڃو!
ننڊ يا اوجاڳي جي چونڊ جو حق
مونکي ڪونه ڏنو ويو
پر موت يا ڪوڙ جي چونڊ، مونکي ڪرڻي هئي.
(سلمان (ستيه پال)
اڄ جڏهن سڄي دنيا جا مزدور “دنيا جا مزدور هڪ ٿي وڃو” مارڪس ۽ لينن جي نعري هيٺ دنيا ۾ انقلابي پريڊون ڪري رهيا آهن ته مون هت شڪاگو ۾ انهن اڙٻنگ انقلابين کي ياد ڪري رهيو آهيان جن 19 صديءَ ۾ 18 ڪلاڪ مزدوري بجاءِ 8 ڪلاڪن جي گهر تي گوليون کائي پنهنجا اڇا امن وارا جهنڊا پنهنجي سرخ خون ۾ لهو سان ڳاڙها ڪري پنهنجو حق لازوال قرباني سان مڃرايو هو. مئڪومب شهر جي پويلين هال ۾ شڪاگو جي مزدورن جي ياد ۾ ميموريل ڊي ملهايوويو، مون به شرڪت ڪئي ۽ مختلف ماڻهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيم. هڪڙي ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته آمريڪي سرڪار هرڀرو موڪلون اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ ڪين ڪن، سو پهرين مئي مزدورن جي ڏهاڙي تي آمريڪي موڪل ڪونه ڪن.
پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو
اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي، ايندو ساٿي!
(اياز)
منهنجي دل انهن انسانن لاءِ ڌڙڪي رهي آهي جن حق ۽ سچ جي سربلندي لاءِ خون جو نذرانو ڏيئي پورهيت پنهوارن جومنهن مٿي ڪيو.
مون ڏٺاسي ماءُ!
جن ڏٺو پرين کي،
هم محنت کش جڳ والون سي جب مانگين
تو ايک کيت نهين،
ايک ديس نهين
سارا جڳ مانگين گي.
(فيض احمد فيض)
شام جو وقت ويسٽرن يونيورسٽي جي لئبريري ۾ ڳچ وقت مختلف ويب سائيٽس کي جاچيم بعد ۾ اپارٽمنٽ تي اچي کاڌو تيار ڪيم.
***
2 May, 2007
WIU, USA
No Child Left Behind (NCLB)
اڄ اسپيچ ٿراپي جو آخري ڪلاس هو ٽيچر Andrea ۽ سپروائيزر Ammy ٻئي موجود هيون. سندن 6 صفحن تي مون بابت رپورٽ پڙهي ٻڌايائون کين وچ وچ ۾ تفصيل سان روشني وڌائون. سرهائي جي ڳالهه اها هئي ته Improvement 96% آئي. سا زبردست ڳالهه آهي. Ammy هن هفتي Nebaska State يونيورسٽي پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ رواني ٿي ويندي کين هي آخري ملاقات هئي.
شام جو (NCLB) جي ريسرچ لاءِ لائبريري ويم.
خاص ڳالهيون: رات جو بيگم نازو، عمران ۽ دادا جان ڄامشوري کان ڳالهايو، کين Shocking News ٻڌايائون ته امانکي ڪالرا ٿي پئي آهي، مون جلد ٺل ڳالهايو امان سندس ڳالهايو ته تسلي ملي.
ناشتو: ڇولا، صوف ۽ چانهه، مانجهاندو: چانور، ميوو ۽ سلاد ڏهي، رات جي ماني: چڪن، ڇولا، چانور، کير ۽ ڪافي.
***
3 May, 2007
WIU, USA
ڪوٽڙي کان حيدرآباد ....
سڄو ڏهاڙو NCLB پراجيڪٽ بابت ريسرچ ڪندي گذريو، رات جو ٺل فون ڪري امان بابت خيريت معلوم ڪيم قيوم ڳالهايو. رات جو ماسا ۽ نوبيل ساڻ گڏجي ڊنر ڪئي سون. گپ شپ ٿي هي ٻئي جپاني دوست گذريل ٻن سالن کان منهنجا قريب ترين دوست رهيا آهن.
ڪاوش ۾ وفاقي وزير غلام سرور پنجابي جي چيڙائيندڙ خبر ته:
سنڌي مخصوص ذهنيت سبب ڪوٽڙي کان حيدرآباد کي به پرديس سمجهن ٿا! مون کي پاڪستان اندر پنجابي مهاجر سوچ تحت سنڌين خلاف اها به هڪ وڏي زهريلي سازش نظر اچي ٿي، اها زهر ۾ ٻڏل سوچ سنڌين کي به بنگالين وانگر پنجابي ــ پناهگير جي نظر ۾ هڪ ڌار قطار ۾ بيهاري ٿي.
***
4 May, 2007
WIU, USA
Speech Therapy Class – Andrea and Ammy
ڪالهه کان ڪم جو Pressure گهٽ محسوس ڪري رهيو آهيان. ڇو ته اسپيچ ٿراپي ڪلاس جي رزلٽ ڏاڍي سٺي آئي هئي، گذريل اربع واري ميٽنگ ۾ Andrea ۽ Ammy سڄو ڪلاڪ منهنجي رپورٽ ۽ پروجيڪٽ بابت بحث ڪيو. جنهن ۾ 96% رزلٽ آئي جيڪو منهنجي توقع کان وڌيڪ سٺو سنوڻ معلوم ٿئي ٿو.
هي ڪلاس منهنجي لاءِ ڪمپلسري ڪونه آهي. ليڪن مون محسوس ڪيو، ڳالهائڻ ۾ American Style لازمي آهي تنهنڪري سڄو اسپرنگ سيميسٽر دوران هفتي ۾ ٻه ڏينهن سومر ۽ اربع اسپيچ ٿراپي لاءِ ويندو هُيم جتي Andrea نوجوان ٽيچر رهنمائي ڪندي هئي ۽ Ammi سپروائيزر طور جانچيندي هئي، حقيقتاً هن پروگرام آمريڪن ڪلچر بابت منهنجي آڏو نت نوان تجربا ۽ مشاهدا سامهون آندا، جيڪي هڪ انگلش ٽيچر ۽ انگريزي ٻولي ۽ ادب سان جڙيل هجڻ ڪري منهنجي لاءِ انتهائي اهم هو.
باقي ڏينهن EDL 507 ڊاڪٽر Olds جي ڪلاس جي تياري ڪندي گذري ويو. رات جو ڄامشوري مان عمران ۽ بيگم هزار ناز فون ڪئي، گفتگو ڏاڍو خوش ڪيو. ڊاڪٽر Olds جو ڪلاس ڏاڍو دلچسپ ۽ مفيد آهي ڇو ته آمريڪي تعليمي نظام بابت خاطري سان سٺي ڄاڻ ملي ٿي ۽ وڌيڪ ڪميونٽي ۽ اسڪول جي انتظاميه ڪهڙي ريت بهتر تعلقات قائم رکن، انهي بابت پهريون ۽ آخري اصول اهو هجڻ گهرجي ته جهڙي ريت مڇي پاڻي ۾ زنده رهندي آهي، اهڙي ريت هڪ سٺو اسڪول / ڪاليج / ادارو ڪميونٽي جي سهڪار ۽ تعاون سان زنده رهندو آهي.
ناشتو: صوف، ڪيلا، جوس ۽ ڪافي، مانجهاندو: ڏهي، چانور،کنڊ، سلاد ۽ ڪوڪاڪولا، رات جي ماني: مڇي، ڊبل روٽي ۽کير
***
5 May, 2007
WIU, USA
ويندي ويندي سِجُ
تارن جو آڪاس ۾
ٻجُ ڇٽي ويو نِجُ.
(طارق عالم)
Community & School Relationship
اڄ اسپرنگ سيمسٽر جو فائنل ڪلاس هو، مون NCLB بابت پاور پوائنٽ پريزنٽيشن ڏني، ڏاڍي پراعتماد نموني ڏنم. کين سڄي ڪلاس تعريف ڪئي. هي ڪلاس Community & School Relationship بابت آهي، کين سماجي مسئلن ۽ اسڪولن سان لاڳاپيل اسمن تي ڳالهائيندي ڏاڍو لطف محسوس ٿيندو آهي. هي واحد ڪلاس آهي جنهن ۾ سڀئي مرد حضرات آهن ۽ ننڍي سائز جو ڪلاس آهي کين ڪل 10 شاگرد آهن، ننڍي ڪلاس هئڻ ڪري هرهڪ کي بحث مباحثي جو وڏو وجهه ملندو آهي، مون به وڌي چڙهي ڪلاس ۾ پيش ٿيندڙ اسمن ۾ حصو وٺندو آهيان.
ڊاڪٽرOlds هر موقعي تي مونکي پاڪستان جي تناظر ۾ پنهنجا تجربا ٻڌائڻ لاءِ چوندوآهي، جيڪي تجربا آمريڪي شاگرد وڏي دلچسپي سان ٻڌندا آهن. حقيقت ۾ ته مون انهن سڀني تجربن کي پاڪستان جي علمي ۽ سماجي تناظر ۾ جاچيندو آهيان هر سماجي ۽ علمي Gaps ۾ مونکي صدين جا فرق محسوس ٿيندا آهن. جنهن Gaps کي ڀرڻ لاءِ اسان کي عملي طور وڏي محنت جي ضرورت آهي صرف ڳالهيون نه بلڪ هڪ وڏي سخت عمل جي ضرورت آهي، ايئن نه ٿئي جو ايم اي انگلش وارا استاد ڪلاس ۾ انگريزي ادب بابت سنڌي يا اردو ۾ سمجهاڻيون ڏين، اهڙا ڪڙا (Bitter) تجربا مونکي عملن آهن جو منهنجا گهڻا استاد صاحبان ته ڪلاڪ واري پيرڊ ۾ اڌ ڪلاڪ ته سنڌي ۾ جوهر افشاني ڪندا هئا ۽ وري ڪجهه شاگرد باقي وقت سياست حوالي هوندا هئا، جنهنجو نتيجو اهو نڪتو جو فرسٽ ڪلاس ڊگري وٺندڙ شاگردن جي مون هت جڏهن ڀيٽ ڪندو آهيان ته انهن جي ليول آمريڪي نائنٿ گريڊ ڪلاس جي شاگرد جي ذهني سطح جيتري به مس آهي. سو پاڻ کي شاه لطيف جو پوئلڳ ٿيڻو پوندو، ننڊ نه بلڪ سجاڳ رهڻو پوندو ۽ سخت محنت ڪرڻي پوندي.
ستا اٿي جاڳ، ننڊون ڪندي سلطاني سهاڳ نه ملي (شاهه)
***
6 May, 2007
WIU, USA
آمريڪي تعليمي نظام
خير سان اڄ EDL507 ڪلاس ۽ هن سيمسٽر جو آخري ڏهاڙو هو. ڏاڍو بهترين ڪلاس هو. مون آمريڪن ايجوڪيشن سسٽم بابت پريزنٽيشن ڏنم، پروفيسر سميت سڀني آمريڪن Warm Clapping ڪري ساراهيو. ڊاڪٽر اولڊ اهو تبصرو ڪيو “مون کي فهيم توتي فخر آهي جو آمريڪي تعليمي نظام کي تو Social Justice جي تناظر ۾ ڏسين ٿو. تو جيڪي نقطا بيان ڪيا آهن سي اسان آمريڪين جي نظر ۾ نوان آهن، بهرحال تو Different Lenses سان آمريڪي نظام کي ڏسين ٿو، اسان کي خوشي ٿي رهي آهي جو تون آمريڪي تعليمي نظام بابت Extremly Positive آهين.”
سچ ته مونکي اهڙي تبصري سان ڄڻ پنهنجي محنت جي ڍل ملندي محسوس ٿي ۽ سڄي 6 مهينن واري سيمسٽر جو ٿڪ هڪ وڏي خمار ۾ تبديل ٿيندي محسوس ٿيو.
ٿڪيائي ٿرٿيل، چڙهه چڪيائي چوٽئين،
هلندي هوت پنهون ڏانهن ڀؤمڙيئي ڀيل،
اٿي رائو ريل ويٺلن تان واري وري!
(شاه)
ڪلاس بعد لائبريري ويم جتي Q. Hyder سان به ملاقات ٿي، باقي وقت تعليم بابت ڪجهه ويب سائيٽ جاچيم.
خاص ڳالهيون: ٺل مان امان ۽ قيوم صاحب سان فون تي ڳالهايم.
***
7 May, 2007
WIU, USA
هر چيز دائو پي لگاکر مجهي جيتنا هي
اس ليي آئيي سب کچهه دائو پر لگائين
نه کبهي تهکنا هي اور نه هي ستانا ...
(ڪارل مارڪس ــ Karl Marx)
Personal and Professional Development
اسپرنگ سيمسٽر گذريل هفتي آچر تي پورو ٿيو. سڀ گريڊ به ٽيچر ٻڌايا آهن، کين سڀني سبجيڪٽ ۾ “اي” گريڊ مليو آهي. سو ڪم جو دٻاءُ بعد ۾ “اي” گريڊ وڏو رليف آهي، ذهن ۾ هڪ فتح جو سنهڙو سرور آهي ليڪن مون پنهنجي لاءِ آرام ۽ساهي کي حرام سمجهندو آهيان، تنهن لاءِ مختصر آرام بعد وري ڪم جاري رکبو. ڊائري، خط، ترجما ۽ تخليقي ادبي ۽ علمي ڪم کي جاري رکبو جيڪي تمام ضروري آهي کين Personal + Professional Development لاءِ، جهنجو پس و پش فائدو قوم ۽ انسانذات کي ملندو، محنت انسانيت جو ثمر آهي.
رات جو 3 وڳي نوبيل (جپاني دوست) سان مون ۽ ماسا وال مارٽ مان کاڌي پيتي جو سامان خريدڻ لاءِ وياسين. هن (نوبيل) جي ڊگري هن مهيني ڪمپليٽ ٿئي پئي. هي منهنجو سٺو دوست آهي کين سياسي ۽ سماجي موضوعن تي ڳالهائڻ جو شوقين آهي.
رات جو انٽرنيٽ تي بي بي سي، ڪاوش، عوامي آواز، عبرت ۽ ڊان پڙهيم چيف جسٽس افتخار چوڌري جو قافلي جي لاهور پهچڻ جون خبرون اڃا اچي رهيون آهن. جيڪو قافلو 25 ڪلاڪن ۾ اسلام آباد کان لاهور پهتو، حسن مجتبيً موجب جيڪو عمل ڪنهن راڪ اسٽار سان ٿيندو آهي، بحرڪيف اهو تاريخي استقبال آهي، آمريت جي منهن تي جيڪا اگهاڙي چماٽ آهي.
شام جو لائبريري وڃي مختلف ويب سائيٽ کي ڏٺم. Uday لائبريري ۾ مليو.
خاص ڳالهيون: (1) شام جو ماسا ۽ نوبيل کي ڊنر تي انوائيٽ ڪيم، ڇو ته ماسا شڪاگو وڃي رهيو آهي. (2) ٺل امان ۽ ڀاڄئه حسينه سان ڳالهايم. هاڻ امان جي طبيعت بهتر آهي.
ناشتو: ڇولا، صوف ۽ چانهه، مانجهاندو: چانور، سبزي، ميوو، رات جي ماني: مڇي، چانور، سلاد ۽ ڪافي
***
8 May, 2007
WIU, USA
مان اڪيلائپ کان ڀڄي، ماڻهن ڏانهن وڃانٿو
ماڻهو مونکي وڌيڪ اڪيلائپ ڏئي، منهنجا پير ڪٽي ٿا ڇڏين
۽ واپسي جا سڀ رستا، ڊاهي ٿا ڇڏين!
(سلمان / ستيه پال)
Diversity Conference
ڪالهه کان ذهن ۾ هڪ نئين خيال جنم ورتو آهي، کين انٽرنشپ لاءِ ٽيمپل يونيورسٽي فلاڊليفيا Dennis Serge کي اي ميل موڪليم جنهنجو جواب حوصلا افزا آهي. کين سوچيان پيو ته Fall Semester فلاڊيلفيا ۾ گذارجي جتان ئي وطن لاءِ موٽ ڪجي. ساڳئي وقت شڪاگو ۾ به ڪوشش ڪريان پيو جيڪڏهن Acceptance Letter مليو ته Consider ڪبو. بهرڪيف اهو آبداڻي تي مشتمل اهي.
منجهند جو لائبري ويم شام تائين اُتي رهيم. Miscellenous Study جاري رهي، پڻ Dr. Jq. Adam کي مئي 22،21 واري Diversity Conference ۾ شرڪت لاءِ اي ميل موڪليم، جيڪا وڏي ڪانفرنس ٿي رهي آهي. شام جو اپارٽمنٽ جي صفائي ۽ فائلن کي ترتيب سان رکيم. ڇو ته سيمسٽر جي پڄاڻي بعد ڪجهه تخليقي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.
رات جو اخبارون پڙهيم ۽ ٽي وي تي ٻه فلمون ڏٺم، واندڪائي ۾ انگريزي فلمون ڏسڻ، ڪتابن جو مطالعو ۽ ڊگهي واڪ منهنجو پسنديده مشغلو هوندو آهي.
خاص ڳالهيون: (1) رات جو تاج ميمڻ سان ڳالهايم. جنهن ٻڌايو ته نئون چيرمين شمس الدين سولنگي آيوآهي.
***
9 May, 2007
WIU, USA
پکي وطن ڏانهن اُڏرن پيا اڙي شهر دلدار .....
ڏينهن برق رفتاري سان ڊوڙندا پيا وڃن، گهڻآ جوان ۽ جوانڙيون ڏيهه پرڏيهه جا رنگ برنگي ڳاڙها، ڀورا، ڪارا، هئڊا ۽ گڏيل رنگ جا جوان 12 مئي تي گريجوئيشن سند وٺڻ لاءِ مقرر Attire ڪارا ڪوٽ ۽ ڪاراٽوپ پائي يونيورسٽي مان ڊگريون وٺڻ لاءِ آتا پيا نظر اچن. هي گهڙيون عجيب معلوم ٿين ٿيون جو 4 ــ 3 سال ويسٽرن يونيورسٽي جي درن ديوارن ۽ پروفيسرن ۽ دنيا جي شاگردن سان ڊائلاگ يونيورسٽي ڇڏڻ جو تصور سڀني کي اٻاڻڪو ڪري ڇڏي. حليم باغي جي شاعريءَ جيان.
اڙي شهر دلدار تنهنجي دڳن تي،
ڪا سفيد ڪپڙن سان ايندي ته هوندي.
خاص ڳالهيون: 1) رات جو نيپالي دوست لاون طرفان گريجوئيشن جي خوشي ۾ دوستن جي اعزاز ۾ پارٽي هئي، ڏاڍو انجواءِ ڪيوسين. هيمالي، ڪِرن، مادهو، شمبو،پريم، ۽ ٻيا نيپالي ۽ ترڪش دوست شريڪ ٿيا خوب ڳائڻ وڄائڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست، همراهن گريجوئيشن جي خوشي ملهائي، سڀني انگريزي ساڻ پنهنجي پنهنجي ٻولي ۾ڳايو.
***
Vetran
سُتا اُٿي جاڳ، ننڊون ڪندي سلطاني سهاڳ نه ملي! (شاه)
ڪم ۽ عبادت!
آمريڪي عمر جي آخري حصي ۾ به ڪم نه ڪندڙ شخص کي عيب جوڳو سمجهن ٿا.
اِهو سنهڙو سيپڪ جهڙو ٽماٽي وانگر لعل ڳاڙهو بنا ڏندن جي رٻو مڙس اڇي مٿي سان 83 سالن جو پوڙهو آمريڪي، جيڪو Salvation Army جي دفتر ۾ Bible Class دوران مونسان مليو هو، جنهن تعارف ڪرائيندي چيو هو ته مون North Koran جي جنگ جو هيرو Vetran آهيان. کين مون کي رضاڪارانه طور Volunteer ڪم ڪرڻجو جنون جي حد تائين شوق آهي، اهو سبب هو جون مون Korea ۾ 50ع ڏهاڪي واري جنگ وڙهڻ ويو هئس، جڏهن منهنجي عمر 17 ــ 18 سال هئي. (اهو Volunteer طور ڪم ڪرڻ ۽ پڙهڻ لکڻ جو شوق هو جو منهنجون ٻه خوبصورت زالون مون کي جنوني ڪم ڪندڙ Work hard چئي ڇڏي ويون. اڄ مون اڪيلو آهيان، کين گذر سفر لاءِ باغباني جو ۽ ٻيو ڪم ڪرڻو پوي ٿو، ... مون سپاهي، پرائمري استاد ۽ هوٽل بيرو رهيو آهيان. جڏهن هن 93 سالن جي عمر ۾ باغباني جي ڪم لاءِ ٻڌايائين ته مون اندازو لڳايو ته آمريڪي عمر جي ڪهڙي به مرحلي ۾ ڪم ڪرڻ کي ڪا عار نٿا سمجهن، بلڪ جيڪو ڪم نٿو ڪري ان کي ماحول (Society) ۾ عيب جوڳو انسان سمجهن ٿا، آمريڪي معاشري جي ابتڙ پاڻ وٽ ڪاٽن ڪلچر واري ڪامريڊ کان وٺي جڙتو ٺڳ، ديسي دلال ۽ ويڪائو وڏيرو وقتي مخبري جو ماڊل ليکجي ٿو. ڇو ته اِهي سڀ ڪم ۽ محنت کان ڪيٻائين ٿا.
***
Thursday, 10th May 2007
Internship with Intreantional
Office, Wiu, Il, USA
ڪو ٽاڻو ٽهڪن جو، ڪا ويل ولوڙن جي
هي عمر ڪٿا ڀاسي، لمحن جي ڊوڙن جي.
(جعفر جاني)
ڏينهن ڪڏهن سادا ته ڪڏهن وڏي ڌام ڌوم وارا ٿين ٿا، اڄوڪو ڏينهن به زندگي جو هڪ ڀرپور ڏينهن معلوم پئي ٿيو، جڏهن خوب تيار ٿي انٽرنيشنل آفيس، Intrenship program لاءِ کين -Asstt: Director Prof. Diana Loyet سان پروگرام تحت 10 بجه ملڻ ويس هُن جي سيڪريٽري Ms. Christe مون کي هن جي آفيس تائين ڇڏڻ هلي، کين Diana ويهڻ لاءِ چيو Have a Seat Adbul بعد ۾ مختصر طور 280 ڪلاڪن جي انٽرينشپ پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه ڪيائين، کين گفتگو ڏاڍي پُر تڪلف ماحول ۾ ٿيو، اها آمريڪي اڪيڊمڪ ماحول جي انتهائي سٺي خوبي آهي ته هو ڪوبه Pressure يا Stress دٻاءُ پيدا نه ڪندا آهن (جيڪو اسان جي پاڪستاني ڪلچر جو بنيادي نقطو آهي ته پنهنجي پوشاڪ، دولت، ڪار، ڪلاس، علمي رتبو، ڊگهي جاهلانه سينارٽي ۽ اجائي لٻاڙ ۽ يخ هڻي پنهنجي جاهلانه شان بيان ڪندي اڳين شريف انسان کي مرعوب ڪندي داٻي هيٺ رکڻ چاهيندا آهن) بلڪه پاڻ واري ماحول جي اُبتڙ آمريڪا ۾ هرهڪ جو جمهوري آزادانه رويو هوندو آهي، جيترو وڏي ۽ وڌيڪ عهدي وارو ماڻهو هوندو آهي ته اوترو فراخدل ۽ تعاون ڪندڙ پروفيسر ڊيانه به مون کي چيو ته فهيم جهڙي طرح تون ڪم ڪرڻ چاهين، سو تون پاڻ پلاننگ ڪري وٺ ته پوءِ ويهي ڳالهائينداسين! مون کي انهي جملي وڏو حوصلو ڏنو. بهرحال ملاقات بعد ڏاڍي آسودگي محسوس ڪيم.
بعد ۾ لئبريري ۾ Z.A Bhutto ، چرچل، واشنگٽن، هٽلر، جي.ايم.سيد، گانڌي بابت ڪجهه ڏٺم، رسول بخش پليجي بابت Youtube.com تي فلم جانچيم ليڪن جواب ناڪاري مليو ڪابه فلم پليجي صاحب بابت ڪانه هئي. يا ته آءٌ ڳولڻ ۾ ناڪام رهيس.
شام جو نيپالي دوست لاون سان ڪيمسٽري ڊپارٽمنٽ ۾ هن جو تجربو ڏسڻ لاءِ ويم. رات جو جيڪب آباد مان مولانا سعيد بروهي فون ڪئي.
***
Firday 11th May, 2007
WIU, USA
Spring 2007 Graduate Ceremony
هڪ منظم فوج جو نظارو
اڄ صبح جو لائبريري وڃي نيٽ تي ميوزڪ ۽ اخبارون جاچيم، کين يو ٽيوب ڊاٽ ڪام تي ذوالفقار ڀٽو، اندراگانڌي، لينن، مجيب شيخ، علامه خميني، شيڪسپيئر، والٽيئر، چرچل، هٽلر جي زندگي بابت فلمون ڏٺم، جيڪي پنهنجي لحاظ کان مختصر هيون ليڪن هڪ سٺي ٽيسٽ ملي.
شام جو 5 وڳي Westren Hall ۾ Spring 2007, Graduate Ceremony هئي مون يونيورسٽي بس ۾ ويم جتي تقريب جي صدارت، يونيورسٽي جي صدر ڪئي. 2007ع جي گريجوئيٽس ۾ ڊگريون ورهايون، ڏاڍو پروقار پروگرام هو. کين ٺيڪ 5:30 تي بينڊ ۽ باجن جي دلربا ميوزڪ جي ڌنن سان کين گريجوئيٽ شاگرد پنهنجي Edu. Advisor جي اڳواڻي ۾ پريڊ ڪندا هيٺ رٿيل ڪرسين تي ويهندا ويا، اهو منظر ڪنهن منظم فوج جو نظارو پيش ڪري رهيو هو. منهنجي دوستن ۾، موزمبيق جو املڪار، نيپال جا ڪَرن،هيمالي، دِلي، مادهو، ڪَرن ۽ سڀاش هئا، انڊونيشيا جو ٽامي، جپان جو نوبل، ترڪي جو خالد ۽ ٻيا گهڻا دوست هئا، مون فوٽوگرافي ڪئي، تقريب بعد همراهن کي مبارڪون ڏني سون، گريجوئيشن ڪندڙن جا چهرا ٻهڪي رهيا هئا. هُنن لاءِ ڄڻ عيد جو ڏينهن هو.
جن جاڳي ياد ڪيو، تن جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان،
ڪوڙين ڪن اچي سلام، تن آڳڻ.
(شاه)
تقريب بعد نيپالي دوستن سان ليموئن وليج گڏجي آياسون، همراه ٻهڪن پيا ڄڻ منزل ملي ويئي هجن، رات جو ڪمري ۾ آمريڪي دوست ڊيئنل ۽ جپاني ساٿي نوبل هيرو آيا گڏجي ٻاهر وياسين، نوبل Long Drive جو لطف وٺڻ لاءِ گاڏي روڊن تي ڊوڙائيندو هو ۽ ڪار ۾ ئي ڪچهري ڪئي سون، ڪچهري جا موضوع ڦرندا رهيا، ليڪن اڄوڪي گريجوئيشن تقريب ۽ الوداع چوندڙ ڪبتور ۽ ڪبوتريون يعني گڏ گذاريندڙ ساٿي مجلس جو سرس حصو رهيا. آئون سوچيان پيو ته زندگي جا ڪهڙا ڪهڙا رنگ آهن جو ڏينهن، مهينن ۽ سال گذرندي ڪا خبر ئي نٿي پوي.
مولانا سعيد مولوي ظفرالدين بروهي صاحب جو فرزند آهي. منهنجي بابا جي مولوي ظفرالدين صاحب سان ننڍپڻ کان دوستي آهي، جيڪا اڄ تائين قائم آهي.
***
Saturday 12th May, 2007
Lemoine Village WIU, USA
ڪمال جو ماڻهو، ڪئپٽن رڪ ۽
شهيد محمد نواز ڪنراڻي منهنجو ڀاءُ منهنجو دوست
اڄ صبح جو 12:30 تي ٺل مان فون تي ماسات نذير احمد ٻڌايو ته ڪراچي ۾ چيف جسٽس افختار چوڌري جي آمد واري ريلي ۾ محمد نواز ڪنراڻي شهيد ٿي ويو منهنجا ته ڇيهه ئي ڇڄي پيا، ذهن ۾ هڪ زلزلو برپا ٿي ويو! هڪ رڙ نڪري وئي!! يا خدا!! هي ڇا آهي جو منهنجا سڀ دل گهريا ڀائرن جهڙا ڀاءُ غلام رسول گاجاڻي، امان الله ٻپڙ، فتاح عابد لاشاري، محمد شريف قريشي ۽ هاڻ منهنجو ڀاءُ نواز ڪنراڻي به شهيد ٿي ويو.
موڪل جي ڏهاڙي سبب دير تائين ننڊ حوالي هئم ته فون جي گهنٽي جي آواز ننڊ مان ڌُنڌاڙي اٿاريو ته مون هيلو ڪئي ته آواز آيو مان نظير احمد ڳالهائي رهيو آهيان. هو جيڪو منهنجو رشتي ۾ ته مٺڙو ماسات آهي. ليڪن منهنجو ڀائرن جهڙو ڀاءُ، دل گهريو دوست ۽ ساٿي به آهي، تنهن انتهائي دکدائڪ خبر ٻڌائي ته ڪراچي ۾ محمد نواز ڪنراڻي شهيد ٿي ويو. سچ ته جيڪا خبر منهنجي مٿان بجلي بڻجي ڪڙڪي. منهنجون ڪجهه لمحن لاءِ وايون بتال ٿي ويون، ليڪن ماسات نظير چيو ته ابوبڪر صاحب سان ڳالهايو ته مون هن سان محمد نواز جي شهادت تي تعزيت ڪندي ڏک ڀائي ٿيس. مونکي محسوس ٿيو ته ابوبڪر صاحب ڏک جي بادلن جي گهيري ۾ آهي، ليڪن هن پنهنجي لهجي سان محسوس ٿيڻ نه ڏنو چيائين ته شهادت هن جي نصيب ۾ لکيل هئي. شهيد نواز 12 مئي 2007ع دوارن چيف جسٽس جي بحالي واري جدوجهد ۾ شهادت ماڻي.نواز منهنجو نه رڳو نظرياتي دوست ، ساٿي ۽ شاگرد هو بلڪ هونهار، دلبر، سنگتي،ڏاتار، عام انسان جو ڀرجهلو ، وطن دوست، انسان دوست ۽ دلربا انسان هو.
نواز جي ياد منهنجي زندگي جو هڪ اڻ وسرندڙ باب آهي. هو هُما پکي وانگر جدوجهد ۾ رُڌل رهندو هو. هُن جو اِهو يقين هو ته سُک، سهنج برابري، عزت، آجپي ۽ آزادي جو سج ضرور اڀرندو. نواز پنهنجي سوچ ۽ نظرين ۾ مون کي چي گوئيرا ۽ فاضل راهو جيان اڏول لڳندو هو، پنهنجي پوري ڪُڙم گهر واري، پٽن ڌيئرن ۽ ڀائرن سميت قومي ۽ انساني تحريڪ ۾ شامل هو، هُن جي ڏاهي ڌيءَ ائڊووڪيٽ زرينه بلوچ اڄ به علمي، ادبي، ثقافتي ۽ قومي مورچي جي پهرين صف ۾ بيٺل آهي، هن جو پٽ ياسر نواز به ساڳئي راهه جو پانڌيئڙو آهي.
ڏکن پٺيان سُک، سگها ٿيندءِ سسئي،
ڏورج پاسي ڏک ته ٻاجهه پوي ٻروچ کي.
(شاهه)
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي
جو سنڌ جي سينڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.................!
(استادبخاري)
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئن ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا. (شاه)
شام جو Captin Rick پنهنجي ڊگهي Salvation Army واري وين ۾ Salvation Army Dinner Party لاءِ وٺڻ آيو. Rick به ڪمال جو ماڻهو آهي، هميشه مُرڪندڙ چهرو، انتهائي صبر ۽ تحمل رکندڙ ۽ مٺي لهجي ۾ هرحال ۾ ڳالهائڻ هن جو عظيم شيوو آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته هر وقت مدد لاءِ آتو.
ڏکوين کي دم دم دلاسا ڏجن!
اڄوڪي Salvation Dinner پروگرام ۾ Lawan، ويم، سويو ماءُ سميت ڪَبيتا همالي، پريم، آسا، نُو بوجپاني دوست، ڪرسٽن، وئن ليگ Pion، ٽامي، ڪئپٽن اوون، سوزن ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، سلويش آرمي هڪ خدائي خدمتگار تنظيم آهي جيڪي عالمي شاگردن کي پنهنجو ويجهو آڻڻ لاءِ هفتيوار ماني (Dinner) جو بندوبست ڪندي آهي. جيڪو موقعو عالمي شاگردن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻيندو آهي ته ثقافتي طور بلڪه ٻولي، ريتن ۽ رسمن کي سمجهڻ جو موقعو ملندو آهي.
خاص ڳالهيون: Lawan فون ڪئي، شام جو رڪ فون ڪئي.
***
Sunday 13th May 2007
WIU, USA
چوڌري افتخار جي عظمت ۽ جنرل مشرف جي مَڪاري
ڪالهه کان ذهن غم جي ڪوهيڙي ۾ گم سم هو. جڏهن کان (ڪالهه کان) مون پنهنجي ڀائرن جهڙي يار، ڪامريد، ساٿي، ڀاءُ، جگري يار محمد نواز ڪنراڻي جي شهادت جو ٻڌو آهي ته سڄو تن ۽ مَن تڙپي اُٿيو آهي. هو جي جيئرو هو ته لک پال ۽ اهڙو وڻجارو هو جيڪو سوين هزارين پيٽ بکين جو سهارو، نٻن ۽ سهاري کان محروم انسانن جو ڀرجهلوهو، ساڳئي وقت مقامي بنيادن تي قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جو روح روان هو. اڄ هو پنهنجي ساٿ کي اڪيلو اڪيلو ڇڏي تمام ڊگهي سفر تي روانو ٿي چڪو آهي.
ڪوڙين ڪايائون، تنهنجون لکن لک هزار
جيءَ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار
پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!
(شاه)
اڄ منهنجي اپارٽمنٽ ۾ زمباوي جي دوست املڪار جي Brith Date رکيل هئي، کين Joe ڪورين دوست ۽ جپاني ساٿي Noble کي Invite ڪيم. ٺيڪ 2:30 pm جو جو لنچ ڪئي سون، مون املڪار (Amilcar) کي هڪ سنڌي شوپيس تحفي طور ڏنم همراه هن موقعي ملهائڻ جو دل سان شڪريو ادا ڪيو. هن کان اڳ گذريل سال سوڊآني دوست Waled جي سالگره ملهائي هئم.
شام جو ٺيڪ 5:40 جو Prof. Dr. Gloria جيپ ۾ وٺڻ آئي، ڇو ته هن Bar-B-Q جي دعوت ڏني هئي. کين Pick ۽ Drop جي لاءِ هُن Pick ڪيو ته موٽ ۾ هن جو مڙس Chris مون کي Drop ڪيو. پنهنجي گهر جي باغ ۾ هنن Bar-B-Q تيار ڪيا، جيڪي ڊرائنگ هال ۾ سلات ۽ ولايتي شيرين شربت سميت ورتاسين، ڏاڍو پرلطف پروگرام هو، وچ وچ ۾ هُن جي ٻارڙن Leve ۽ Mehva سان ڪهاڻي ٻڌائڻ ۽ کيڏڻ به ٿيو. انهي دوران سنڌ ۽ پاڪستان جا احوال وٺندي رهي ته مون ساٿي شهيد نواز ڪنراڻي جي شهادت جي پس منظر ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي واري جدوجهد ۽ جنرل مشرف جي مڪاري جو داستان ٻڌايو ته پاڪستان کي فوجي جنرلن ڪيئن تباهه ڪيو آهي.
***
Monday 14th May 2007
WIU, USA
يادن جو ڪوهيڙو
هي هفتو منهنجي آفريڪي فل برائٽر ساٿي Amil Car جو آخري هفتو آهي، هي موزمبق کان آيل ڏاڍو پرجوش نوجوان آهي، کين فل برائٽ اسڪالر شپ تي آيل آهي، ڏاڍو ڀلوڙ جوان آهي، اصل ۾ موزميق جي هڪ وڏي بئنڪ ۾ صبح جو آفيسر جا فرائض سرانجام ڏيندو آهي ته شام جو موزميق يونيورسٽي ۾ اڪنامڪس پڙهائيندو آهي، منهنجي ڀر واري اپارٽمينٽ ۾ رهندوآهي، بهترين دوست آهي. مون هن کي درخواست ڪئي آهي ته ڊنر روزانه آخري هفتي ۾ مون سان وٺي، سو ڊنر دوران ملڪي، عالمي، معاشي، سماجي، سياسي ۽ علمي ۽ عالمي طور لئٽن آمريڪا ۽ آفريڪي ملڪن جي آزادي جي تحريڪ ۽ حريت پسند گوريلن جي ڪارنامن، عالمي سامراج جهڙن موضوعن تي بحث ڪندا آهيون. اڄ به رات جو مون هن لاءِ خاص طور Salman Fish تيار ڪيم.
هونئن ته هي هفتو منهنجي لاءِ ڏاڍو ڀاري آهي، شهيد محمد نواز جي شهادت ڪري ذهن مسلسل هن بابت يادن جي ڪوهيڙي ۾ گم سم رهي ٿو، هن جي وڇوڙي منهنجي وجود کي ڀڄي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي، ڪوشش ڪريان ٿو ته وکريل وجود کي سميٽي يڪجا ڪريان ته ڪي سانت جا لمحا نصيب ٿين. صبح جو لائبريري ويم جتي انٽرنيٽ وسيلي ڪجهه ريسرچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ريسرچ به هڪ گورک ڌنڌو آهي جو شيطان جي آنڊي جيان جنهن جو ڪو انت ڪونه آهي، هڪ ڳالهه مان ٻئي ۽ ٻئي مان ٽئين، ايئن ڳالهه منجهان ڳالهه ۽ ڳالهين مان ڳالهوڙو هڪڙو اهڙو نيٽ ورڪ جڙندو ويندو جو ان کي سلجهائڻ (Synthesise) ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو آهي. سو ريسرچ جي سراڻ تي يعني ابتو سبتو ۽ چوڦير ڪري جانچيو ۽ پرکيو، اڳ پوءِ جانچي پوءِ پنهنجي نيڪ نيتي واري راءِ قائم ڪري نتيجا ڪڍڻ گهرجن ــ موضوع جي Internal Validity ۽ External Validity ساڻ گڏ نتيجن تي به غور ڪرڻ گهرجي.
***
Tuesday 15th May 2007
WIU, USA
Dr. Robet Hall
اڄ Horiban Hall وڃي پنهنجي Education Advisor سان تفصيلي ملاقات ڪيم جتي Secretary Carla سان به هيلو هاءِ ٿي. ڊاڪٽر رابرٽ هال 64 ورهين جو جهونو پروفيسر آهي. زندگي جون ڪئين لاهيون چاڙهيون ڏٺيون اٿس، ڪمال جو ماڻهو آهي، مون انٽرنشپ پروگرام لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪيم جنهن چيو ته عبدل تون آزاد آهين آمريڪا جي ڪهڙي به حصي ۾ ڪم ڪرين مون کي اعتراض ڪونه آهي. مون چار ڪريڊٽ ڪلاڪ هتي WESL, International Office ۾ ڪم لاءِ ورتا آهن جنهنجو ڪجهه حصو Macomb School ۾ ڪم ڪرڻو آهي، Total چار ڪريڊر ڪلاڪ برابر Clock 300ڪم ڪرڻو آهي، بهرحال هن ڪچهري ۾ اهو احساس ٿيو ته ڊاڪٽر رابرٽ ڪيڏو نه شاندار ماڻهو آهي جيڪو هر صورت ۾ مون کي ڪامياب ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪا اخلاقي مدد (Support) مون ۾ جيئڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو بي پناهه اتساهه پيدا ڪري ٿي. آمريڪي استادن جو اهو ڪمال آهي جو هو مُئي مٽي ۾ به ساهه وجهي ڇڏيندا آهن ۽ شاگردن کي حوصلو، همٿ، سمجهه، ڄاڻ، پنهنجو ويساهه، .تجربو مشاهدو منتقل (Transfer) ڪرڻ هو پنهنجو فرض سمجهندا آهن.
جکرا جيئو شال، مندي نه سُڻان تنهنجي! (شاه)
شام جو وقت لائبريري ۾ رهيم.
رات جو بيگم نازو ۽ ڏاڏا سائين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
رات جي ڊنر املڪار موزميق دوست سان گڏ ورتي، بحث مباحثو ٿيو،
مون ذهني طور اهو سوچيو ته ٽمپل يونيورسٽي فلاڊيلفيا ۾ انگلش ڊپلوما ورتم. باقي 2 مهينا به واپس وڃي ايڊيوڪيشن ڊپارٽمنٽ فلاڊيلفيا ۾ ڪم ڪيان، جيئن مئڪومب ۽ شڪاگو کانسواءِ پنسلوانيا اسٽيٽ جي تعليمي نظام جو اڀياس ڪري سگهجي. آمريڪي تعليمي توڙي سياسي سماجي نظام جي وفاق يعني واشنگٽن ڊي سي ساڻ گڏ 52 آمريڪي رياستن جا مجموعي طور ساڳيا پر جزوي طور جدا جدا قانون آهن. هڪ رياست واريون سهولتون ٻئي رياست ۾ نه هونديون. جهڙي فلاڊييلفيا جي پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن کي ناشتو ۽ ڪتاب مفت فراهم ڪن ٿا ته شڪاگو جا اسڪول اها سهولت ڪونه ڏين. ساڳئي ريت ميڊيس (Madison) ۽ مئڪومب (Illinois) اسٽيٽ شاگردن لاءِ شهرن ۾ مفت ٽرانسپورٽ فراهم ڪن ٿا. نارٿ ڪيرولينا ۾ قاتل کي قانوني طور ڦاهي ڏني وڃي ٿي. ليڪن ٻين گهڻين رياستن ۾ عمر قيد جي سزا ڀوڳين ٿا. نيوجرسي، پنسلوانيا ۽ هوسٽس ۽ ٻين اسٽيٽس ۾ ڪلب ۽ هوٽلن ۾ سگريٽ نوشي تي منع آهي پر ڪن رياستن ۾ اجازت آهي. يعني واشنگٽن جي مرڪزي آئين ساڻ گڏوگڏ هر رياست جا جزوي طور ڪي قانون به پنهنجا پنهنجا ٺاهيل آهن. بلڪ مرڪزي سپريم ڪورٽ سان گڏ هر رياست جي پنهنجي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به آهي، مزي جي ڳالهه اها آهي ته هر رياست جو پنهنجو جهنڊو ۽ ترانا به جدا جدا آهن. ساڳئي وقت مرڪزي طور آمريڪا جي اتحاد جي نشاني طور هڪ قومي ترانو هڪڙو قومي جهنڊو آهي.
***
Wednesday 16th May 2007
WIU, USA
آکيرن مان پکي اُڏرندا پيا وڃن
آکيرن مان پکين مان ٻچا بالغ ٿيندي پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن اُڏري ويندا آهن سو 11 مئي جي Graduation Ceremony بعد ڏيهان ڏيهه مان آيل رنگ برنگي ايشيائي، آفريڪي، آمريڪي ۽ مڊل ايسٽ جا بالغ ٻچا پنهنجون ڊگريون بغلن ۾ سنڀاري روز پيا موڪلائيندا وڃن، تنهن سبب Lamoine Village ۽ Western University جا رنگ ڦڪا ٿيندا پيا وڃن.
اهڙي گهڙين ۾ مون کي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ياد پئي اچي، جتي 1992ع ۾ مون پنهنجي ويجهن ساٿين ڪرم وساڻ، مختيار کوکر، عالم ٿهيم ، زاهد پيرزادو ، نيڪ محمد سمون، غلام قادر جنڊاڻ، آصف ٽانوري، مختيار سولنگي، ريحانه شاه، مطقالبه، عبدالغني مهر، اظهر سومرو، مجاهد قاضي، ولي الله مهيسر، در محمد سهتو ۽ چاڪراڻي سان گڏ انگريزي ادب ۾ ماسٽر پروگرام مڪمل ڪيم ته آخري ڏينهن مون ۽ مختيار کوکر آرٽس فيڪلٽي کي پورا ست چڪر ڏيئي طواف پورو ڪيو سين جنهن عمل تي گهڻا دوست کليا. اهو عجيب دور هو انهي تي خاص لکبو + ڪبوتري هوٽل + فرزند علي شاهه سان جنڊاڻ ۽ وساڻ جو جهيڙو + ڪرم وساڻ جي VC Rship، غلام قادر جنڊاڻ، اظهر سومرو جو مقابلو + شام جا ڪلاس وغيره.
هاڻي ميلو ڦٽندو پيو وڃي، مٿان وري Summer آهي، اڄ رات به املڪار ڊنر مونسان گڏ ڪئي، هن سنڌ، ڪراچي ۽ حيدرآباد بابت گهڻو پڇيائين همراه پاڪستان اچڻ لاءِ آتو آهي.
خاص ڳالهيون: اڄ ڏاڏا سائين سان Chatt ڪيم ۽ خاصو ڪلام ٿيو، هن به خوبصورت خط ۽ فوٽو موڪليو.
***
Thursday 17th May 2007
WIU, USA
هيمالني، نيپالي دوست جي دعوت
گرم موسم آهستي آهستي گذريل ٻن هفتن کان پنهنجو ڪوئٽه وارو اثر ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو هو، ليڪن راتوڪي سنڌ جي سانوڻ جهڙي ميهوڳي رُت کي وري سياري ۾ ڄڻ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن وري ڪوٽ ۽ هلڪا سوئيٽر پائڻ شروع ڪيا آهن. شڪاگو ۽ مئڪومب جي موسم تي هاڻ ته پنهنجو ڀروسو ئي ڪونه رهيو آهي.
اڄ Down Town جي لائبريري وڃي شام تائين مطالعو ڪيم، ڏاڍي پُرسڪون لائبريري آهي، شام جو واپس ٿيم نيپالي دوست، هيمالي ۽ لاون آيا، کين هيمالي چيو رات جو مون ڊنر جو بندوبست ڪيو آهي، اوهان اچو.
کين شام جو 6 کان 7 وڳي تائين لاون ۽ مون يونيورسٽي پريزيڊنٽ جي بنگلي تائين ساوڪ ئي ساوڪ ۾ ڊگهي صحت مند واڪ ڪئي سون، بعد ۾ هيمالي جي اپارٽمنٽ وياسي همراه جي گهر واري ڀاپي ڪبيتا پٽاٽي وارا پڪوڙا ۽ نيپالي قومي کاڌو ممبي تيار ڪيا، کاڌو ڏاڍو لذيذ هو.
صبح جو مون کي جپاني دوست نوبل ڪار سيکارڻ لاءِ Rec Center جي پارڪنگ لاٽ وٺي ويو جتي ڪار سيکاريائين، کين ڪاميابي سان ڪار جو پهريون ليسن پورو ڪيم. هر نئين ڳالهه سکڻ سان خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
خاص ڳالهيون: شام جو ڪئپٽن رڪ فون تي ڳالهايو. دستوري ڊگهي گفتگو ڪيائين. رِڪ بيل هي آمريڪي مذهبي گورکو آهي جنهن پنهنجي حياتي عيسائيت جي ڀلائي لاءِ وقف ڪئي آهي، ليڪن شدت پسند Extremist قطعي ڪونه آهي. هن جي هر عمل ۾ انسانيت ۽ آزاد خيالي جهلڪندي آهي. قدرت هن کي زمين ۽ پسئو گهڻو ڏنو آهي سو عالمي شاگردن تي خرچ ڪندي خوشي محسوس ڪندوآهي. هفتيوار ڊنر عالمي شاگردن جي مان ۾ ڪندي خوش ٿيندو آهي جنهن ۾ آمريڪن به شريڪ ٿيندا آهن. انکانسواءِ شاگردن کي لٽآ ڪپڙا، ٿانو ٿپا ڏيڻ ۽ ٻئي به هر قسم جي مدد لاءِ آتو هوندو آهي، ڏاڍو ڀلوڙ مڙس آهي.
***
Friday 18th May 2007
WIU, USA
برسات سبب موسم وري هلڪي سياري جهڙي ٿي ويئي آهي. اڄ جو ڏينهن به ٺيڪ گذري ويو. شام جو Lawan سان ڊگهي واڪ Zero Point تائين ڪيم. رات جو گهر ٺل ڳالهايم.
***
Saturday 19th May 2007
WIU, USA
منهنجو پارٽنر ماسا شڪاگو کان هفتي لاءِ واپس آيل آهي، تنهنڪري اپارٽمنٽ آباد آهي. گپ شپ جاري آهي، رات جو Lawan ڊنر تيار ڪئي هُن کين Massa Nobu ۽ مون کي سڏايو هو. هيمالي ۽ پريم به اوچتو آيا، کين گپ شپ ٿي هيمالي سومر تي پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ فلوريڊا ويندو.
رات جو ليٽ سان مولانا عبدالڪريم بروهي ڪراچي مان ڳالهايو. (2) Lawan سان 11 بجه رات جو ڊگهي واڪ ڪئي سون. جيڪو اڄڪلهه معمول آهي، واڪ ڪندي اسين نيپال ۽ پاڪستان جي سياست تي ڳالهه ڪئي سون. هي همراه پاڪستان بابت خوب ڄاڻ رکي ٿو، پنهنجي گفتگو انگريزي ۾ ٿيندي آهي، ڇو ته هي اردو ڪونه ڄاڻي.
***
Sunday 20th May 2007
WIU, USA
هيمالني جو پي ايڇ ڊي لاءِ ملبورن فلوريڊا وڃڻ
اڄ جو ڏينهن ڪمري ۾ رهندي کين شهيد نواز بابت ابوبڪر خان ڪنراڻي، ديدار ڪنراڻي، ياسر ڪنراڻي ڏانهن تعزيتي ليٽر لکندي گذاريم. جيڪو خط ڊگهو ۽ تفصيلي ٿيندو پيو وڃي، ڇو ته هو مُحب مونسان زندگي جو ڊگهو عرصو گڏرهيو جيڪو جواني جو عرصو ڏاڍو رنگين ٿئي ٿو. هن سان گڏ شخصي سياسي، سماجي ۽ ادبي زندگي جو ڊگهوعرصو گڏ رهياسين تنهنڪري هو منهنجي پنبڻين ۾ رهي ٿو.
اڄ شام جو Lawan جي ڪمري ۾ هيمالي سان الوداعي ملاقات ٿي هي همراه صبحاڻ فيملي سميت فلوريڊا جي ملبورن شهر پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ وڃي رهيوآهي. موڪلائڻ وقت وڏي پاٻوهه سان ٻه ٻه دفعا ڀاڪر پائي مليو. ڏاڍو محبت ڪندڙ انسان آهي.
الا جُنگ جيئن،
مندي جن جي نه مَن ۾! (شاهه)
***
21 May 2007
WIU, USA
Cultural Diverstiy Conference
اڄ صبح جو سويري Cultural Diverstiy Conference ۾ شرڪت لاءِ وڏي هال ويس، جتي سڀ کان اول هال کان ٻاهر Reception تي رجسٽريشن ڪرايم بعد ۾ هال ۾ داخل ٿيم، اندازاً 100 جي قريب مختلف گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ علمي ۽ سماجي ادارن جا عالم ۽ اڳواڻ مختلف رنگ، نسل ۽ چمڙي وارا شريڪ هئا، ٺيڪ 8:30 am ڪانفرنس جي شروعات ٿي. ڪانفرنس ۾ ايشا، آفريڪا، آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف رنگن ۽ نسلن جا ماڻهو شريڪ هئا ۽ سڀ کان اول ڪانفرنس ۾ ڪانفرنس جي اغراض و مقاصد تي روشني وڌائون ته دنيا مان صبر ۽ تحمل (Tolerance) جو جذبو آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي، تنهن لاءِ اسان سڀني باشعور ماڻهن کي گهرجي ته معاشري جي سڌار ي لاءِ تعليم ۽ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ مختلف طبقن، نوجوانن ۽ ٻُڍن کي همٿايون جيئن هڪٻئي ۾ سهپ (Tolerance) جو جذبو وڌي ويجهي.
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.
(شاهه)
***
11th May 2007
WIU, USA
ڪلچر ۽ ٻولي بابت ڪانفرنس
صبح جو 6:30 am اٿي تياري شروع ڪيم. 7:40 am واري يونيورسٽي بس ۾ سِيل هال (Seal Hall) ويم جتان Ms. Loyet کان چاٻي وٺي ٽلمن هال ويم جتي 309, 311, 210 ۽ 403 ڪلاس رومن جي Position چيڪ ڪري ليبارٽري 411 ۾ 8:50 am تائين رهيم بعد ۾ Horribn Hall 26 روم ۾ EIS 301 جو ڪلچر ۽ ٻولي بابت ڊاڪٽر گلوريا جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيم. ڏاڍو دلچسپ ڪلا س هو ڇو ته هن ۾ سڀئي Under Grade نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن جيڪي پنهنجا ثقافتي ۽ ٻولي بابت تجربا بيان ڪن ٿا هيءَ ڪلاس نوان تجربا ٻڌائي ٿو ته مون هي ڪلاس (Observer) مشاهداتي طور اٽينڊڪريان ٿو جيئن ٻولي ۽ تهذيب جي مختلف رُخن کي عالمي تناظر ۾ سمجهجي، 12 بجه ڊاڪٽر هال جي آفيس جو ڦيرو پاتم ليڪن رابٽ هال ميٽنگ ۾ هو کين ڪارلا ۽ باربرا سان هيلو هاءِ ٿي.
هڪ بجي واپس Ms. Loyet وٽ آيم، جنهن WESL-Names list فائنل ڪري اي ميل ڪرڻ لاءِ چيو بعد ۾ Tilman هال ۾ نون استادن جون آفيسون سيٽ ڪرڻ لاءِ مون ۽ Ms. Loyet گڏجي سيٽنگ ۽ صفائي ڪئي سون اهو نئون تجربو ٿيو ته هڪ آفيسر ۽ انچارج به فزيڪلي ڪم ڪن ٿا جو ٽرالي ۾ اسين گڏجي ڪتاب ۽ ڪمپيوٽر ٽرالي سيل هال مان ٽلمين هال کڻي وياسون جيڪا هت ڪم جي ڪلچر آهي پاڪستان ۾ آفيسر مٿان آسمان گس ڪري هلندو، فزيڪلي ڪم ڪرڻ ۾ گهٽتائي سمجهندو آهي. ٺيڪ ٽئين وڳي موڪلائي Curren Hall ۾ اسپيشل ڪلاس لاءِ آيم کين Andry جيڪا نئين ٽيچر آهي ان ۽ سندس سپروائيزر گڏجي گفتگو ڪئي.
***
نوبو هيرو جي ڪار ڪٻاڙخاني حوالي
اصل ۾ هُن سڀني ساٿين کي چيو ته جنهن کي ضرورت هجي ته پاڻ رکي ڇو ته هو ٻئي اسٽيٽ وڌيڪ تعليم لاءِ وڃي رهيو هو سو ڪار ڪنهن نه ورتي ته نيٺ هن ڪٻاڙ خاني حوالي ڪئي. جيڪو قصو هت عام آهي.
جپاني دوست نوبل هيرو اڄ ڪار ڪٻاڙ خاني حوالي ڪئي، رات جو 7 وڳي Rain ۽ Danil پنهنجي وڏي پيجارو تي اسان کي وٺڻ آيا، کين Second بي اپارٽمنٽ وياسين جتي Danial ڊنر تيار ڪئي کين رات جو 11 بجه تائين دنيا جهان بابت گفتگو ڪندا رهياسين. رائن آمريڪي ملٽري ۾ ميجر آهي ڊائنيئل ڪيپٽن جي عهدي تي ڪم ڪري پيو هي ٻئي فوجي آفيسر مون ساڻ ايم ايس پروگرام ۾ ايڊيوڪيشنل ليڊرشپ ۾ ڪجهه ڪلاس گڏ وٺي رهيا هئا، اسانجي ايڊيوڪيشن فئڪلٽي ۾ ليڊرشپ (اڳواڻي) جي ڪورس بئنڪ انتطاميه، پوليس، ملٽري ايڊيوڪيشن ڪور ساڻ ٻين شعبن جا آفيسر به تربيت لاءِ تعليم حاصل ڪندا آهن، هي ڪلاس گهڻي ڀاڱي هفتي جي آخري ڏهاڙن ڇنڇر يا آچر تي هلندا آهن.
نوبو هيرو جي ڊگهي ڪار تي مون به ڊرائيونگ سکي پوءِ گهڻو وقت ٻهراڙي جي علائقن جا نوبو هيرو ساڻ گڏ چڪر ڏناسين، ڇو ته پاڻ وٽ ليسن ڪونه هو، ڪڏهن ڪڏهن نيپالي ساٿي لاون ۽جپاني پارٽنر ماسا گڏ هوندا هئا.
ناشتو: ڇولا، نارنگي، ڪيلا ۽ چانهه، مانجهاندو: سبزيون۽ ميوو، ڪوڪا ڪولا ۽ چپس، رات جي ماني: Dinial ڊنر جي دعوت ڏني جنهن ترڪش چڪن پلاءُ ، سبزيون ۽ Drinks جو بندوبست ڪيو.
***
Tuesday 12th June 2007
WIU, USA
اڇو پاڻي لُڙ ٿيو!
انٽرنيشنل آفيس ۾ انٽرنشپ دوران اهو منهنجي انتظامي ڊيوٽي ۾ شامل هوندو هو ته صبح جو شاگردن جي ڪلاس ۽ ڪمپيوٽر ليب جي نگراني ڪيان ته ڪلاس فنگشنل حالت ۾ آهن يا نه اهڙي ريت صبح جو 8 وڳي Sell Hall پهچڻ ٿيو. جتان Christe کان چاٻيون وٺي Tilman Hall ويم جتي ڪلاسن جي چيڪ اپ بعد واپس آيم (صبح ڊائريڪٽر مرالي ۽ ان جي تائيواني زال ۽ ننڍڙي پُٽ سان هيلو هاءِ ٿي ڊائريڪٽر هندستاني نسل جو آمريڪي آهي). ٺيڪ 8:50am تي Ms. Loyet کان موڪلائي Horibon Hall ڊاڪٽر گلوريا جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيم. جتي ڪلاس ۾ Smoke Signals فلم ڏٺي سون. جيڪا ريڊ انڊين بابت هئي. جيڪي ويچارا اڄ آمريڪا ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ آهن ۽ گمنامِ زندگي گذاري رهيا آهن. ڪرسٽوفر ڪولمبس 16 صدي ۾ جڏهن آمريڪا ڳولي لڌو ته انهي وقت آمريڪا جهڙي ڊگهي کنڊ / ملڪ ۾ رڳو اصل رهواسي ريڊ انڊين رهندا هئا. ڪولمبس جي آمريڪا ڳولڻ کان اڳ ماڻهو سمجهندا هئا ته دنيا ۾ صرف ايشيا، آسٽريليا، آفريڪا ۽ يورپ جا کنڊ آهن جتي انساني آبادي آهي، ليڪن ڪولمبس جڏهن پنهنجي ٻيڙي ۾ انڊونيشيا وڃڻ جا سانڀاها ڪري سمنڊ جي سير ۾ گهڙيو ته هو ٻئي رُخ تي هلندي وڃي آمريڪا پهتو جيڪو سفر چار مهينا جاري رهيو هو. بعد ۾ هُن واپس اچي يورپي باشندن کي ٻڌايو ته هڪ ڊگهو کنڊ آمريڪا نالي به آهي پوءِ ته يورپ جڏهن سامونڊي، جيٽ جهاز ٺاهيا ته سفر ۽ گهمڻ جي بهاني لُٽ ڦر لاءِ آمريڪا اچي سهڙيا، بلڪ ٿوري عرصي ۾ اصل ريڊ انڊين لاءِ عطا محمد ڀنڀري جو چوڻ آهي جيڪي (اصل سنڌي آهن) سنڌ سان لاڳاپيل 200 کان وڌيڪ Sites دنيا ۾ آهن. جتي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ جا آثار ملن ٿا. کي ٿورڙائي ۾ تبديل ڪري پاڻ ڌڻي بڻجي ويا، اهو دنيا ۾ ڊگهي عرصي کان ٿي رهيو آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو چواڻي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿيو وڃي، جهڙي ريت عربن جي ڏاڍ ڪري مصر ۽ لبيا به پنهنجي آفريڪي ٻولي ۽ تهذيب وساري عرب بڻجي ويا. ليڪن اها سنڌ ۽ ايران جي تهذيب جي خالص خاصيت آهي جو اُتي ڪئين غاصب آمرن حملا ڪيا ۽ حڪومتون ڪيون ليڪن اُتان جي رهواسين پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ ٻولي کي برقرار رکيائون.
جي تو فارسي سيکو، تون گولو غلام (شاه)
***
Wednsday 13th June 2007
WIU, USA
Michigan Test ۽ عرب ڇوڪرو
صبح جو 7 وڳي اٿي تياري ڪري 7:45 تي يونيورسٽي بس ۾ ٿيئٽر سامهون لهي ست منٽ واڪ ڪندي Oslan Hall کان چڪر ڪاٽي Tilman Hall ۾ ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪري Seal Hall واري Ms. Loyet جي آفس ۾ آيم جيڪا انٽرنشپ دوران منهنجي سپروائيزر آهي، جنهن WESL Almuni جي لسٽ ڏني جيڪا ٽائيپ ڪرڻ لاءِ چيائين، پر ان کان پهريائين ۾مِشي گن Test لاءِ هال وڃي کين 413 روم ۾ VCR ۽ Tape records جو بندوبست ڪيو ڇو ته اتي سعودي عرب جي ڇوڪري جي ٽيسٽ هئي، لنچ بعد مون آيم ته مسز لوئيٽ سان ڇوڪري ساڻ Tilman Hall وڃي ٽيسٽ ورتي سون. هڪ نئون تجربو ٿيو ته 4 ڪلاڪ ٽسٽ وٺندڙ جا ڪيئن گذرن ٿا. ٺيڪ ساڍي ٽين وڳي مسز لوئيٽ کان موڪلائي بس ۾ Currens Hall آيم جتي Andry سان Speech Therapy جو ڪلاس ورتم، هي ڪلا س ڏينهون ڏينهن دلچسپ ٿيندو پيو وڃي ڇو ته منهنجي پروگريس وڌندي پئي وڃي.
خاص ڳالهيون: (1) شام جو قدير حيدر جارجيا مان ڳالهايو. (جارجيا ۾ قدير پنهنجي ڀاءُ وٽ وئڪيشن گذارڻ ويو هو) (2) ڏاڏا آن لائين چيٽ ڪئي. (3) ڪئناڊا مان ساجد شاهه چيٽ ڪئي. (4) ڊاڪٽر هال ميل جو جواب موڪليو. (5) اڄ خط بيگم صاحبه، عمران خان ۽ دادا جان کي اسڪين ڪري ڪمپيوٽر ميل تي موڪليم.
ناشتو: صوف، نارنگي، سيئون ۽ ڪافي، مانجهاندو: ميوو، چپس، ڪوڪا ڪولا ۽ چانهه، رات: چانور، دال پالڪ سلات ۽ چانهه
***
Thursday 14th June 2007
1-315 Lamoine Village
WIU, USA
Stephen سان المناءِ پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه
صبح جو 7 وڳي اٿي برق رفتاري سان شيو، تڙ ۽ ناشتو ڪري بئگ ڪڇ ۾ لٽڪائي هيٺ آيم. بس اسٽاپ تي Kathy ويسل استاد موجود هئي هِن سان Hello Hi ٿي بس آئي، سوار ٿي Theater Hall سامهون لٿاسين مون ستن منٽن واري واڪ کين Oslan هال تائين شارٽ واڪ بعد کين Seal Hall مسز Loyet جي آفيس ۾ آيم جتان هنکان ڏينهن جي ڪمن جون هدايتون وٺي Tilman هال ويم جتي ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪري واپس ٿياسون. Ms. Loyet آئي چيائين ته Sarah اچي ٿي ۽ Bindu ڪِرسٽي سان گڏ ڪم ڪندي. سو اوهان ليب ۾ ترسو. کين ساڍي يارهين وڳي بندو آئي چيائين ته اوهان کي مسز لوئٽ Seal Hal ۾ گهرايو آهي.” مون ويم جتان منزلويئٽ ۽ مون ڪمپيوٽر 412 روم تائين منتقل ڪياسين. لنچ دوران ڊيولپمينٽ آفيسر اسٽيفن سان WESL Alumni Anniversary بابت بحث ٿيو. کين ٻئي ميٽنگ Sarah Teacher سان مسٽر لوئيٽ جي آفيس ۾ ساڍي ٽين وڳي ٿي. جنهن بعد مون لائبريري اچي ڏيڊ ڪلاڪ کن ريسرچ ڪيم. 6 بجي روم تي آيم، ڪم جي رش سبب اڄ ڪافي ٿڪاوٽ محسوس ڪريان پيو.
نوٽ: مسز لوئيٽ جو آئيڊيا آهي ته WESL مان جيڪي شاگرد پڙهي نڪتا آهن، انهن جي عالمي سطح تي هڪ ڪانفرنس گهرائجي، خاص طور WESL مان پڙهي اهم منصبن تي جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ شاگرد آهن، انهن کي دعوت ڏيئي خاص گهرائجي ائين آمريڪي ۽ عالمي شاگردن جي ملڻ سان نواڻ پيدا ٿيندي.
ناشتو: کير جو گلاس، نارنگيون، چانهه، مانجهاندو: انگريزي قورمو، ڊبل روٽي، پٽاٽا، ڇولا، صوف، سلات مڪس، رات: فرينج ڀينڊيون، برائون چانور کنڊ، چانهه، کير، ڪيلو
***
Friday 15th June 2007
WIU, USA
انڊونيشائي دوست ٽامي جو اچڻ
صبح جو دستوري ڏندڻ، پاڻي ۽ ناشتو ڪري 7:40 am واري بس ۾ Seal House ڪم لاءِ ويم، جتان Christe کان چاٻي وٺي Tilman ڪلاس چيڪ ڪرڻ ويم ۽ جتي نوَ بجي تائين ليب ۾ ترسيم جڏهن Bindu آئي ته مون مسز لوئيٽ جي آفيس آيس، هو کين ڪانفرنس روم ۾ وٺي ويئي جتي Five Weeks پروگرام بابت ميٽنگ هئي جنهن ۾ Ms. Loyet, Krist, Kevin, lizi ۽ هڪ ايڊيوڪيشن فئڪلٽي جو پروفيسر شريڪ ٿيو. بعد ۾ مسز لوئيٽ جي آفيس ۾ WESL سان رابطي ۾ رهندڙ شاگردن جي files جو مطالعو سرسري طور ڪندي لسٽ ٺاهيم، شام جو 3:30 pm تي Tilman َ فئڪلٽي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيم جتي سڀ استاد ۽ مسز لوئيٽ هفتي جي ڪاروباري ڪم ۽ شاگردن جي پروگريس بابت ميٽنگ ڪئي، جيڪا چار بجي پڄاڻي تي پهتي. هي ميٽنگ هر هفتي جي آخري ڏهاڙي جي ٿيندي آهي، جتي انتظاميه استادن ۽ شاگردن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺبو آهي. انڊونيشيائي دوست ٽامي آيو، رات مون سان گڏ رهيو، ڏاڍو انجواءِ ڪيوسين.
خاص ڳالهيون: (1) Tommy شڪاگو مان آيو، ڏاڍو خوش هو، ڇو ته هو ورجينا اسٽيٽ نوڪري لاءِ وڃي رهيو آهي. (2) شام جو سلويشن آرمي بائيبل اسٽيڊي لاءِ ڪئپٽن رڪ جنهن ۾ Junko ، نائي، WyLin، ٽامي، وايوليٽا شريڪ ٿا.
ناشتو: صوف، نارنگي ۽ چانهه، مانجهاندو: اُٻريل پٽاٽا، توريون، سلات، ڇهارا، صوف ۽ ڪوڪاڪولا، رات: ميوو (هنداڻو ۽ انگور) چانور، چڪن پلاءُ، ڪيڪ، کير ۽ ڪولڊ ڊرنڪ
***
Saturday 16th June 2007
WIU, USA
Thrift Store
صبح جو Tommy جي سويري اٿڻ ڪري جاڳ ٿي ويئي، ناشتو ڪري همراه مون کي Thrift Store ڇڏيو جتان ٻه اڍائي شيون ورتم Thrift Store اهو شاپ آهي، جتي استعمال ٿيل شيون، جهڙوڪ: ڪپڙا، بوٽ، ٽاءِ، ڪتاب، ريڊيو، ٽي.وي بجلي جو سامان، ڪچن جا ائٽم، ڪمبل، کٽون، سائيڪلون، صفائي جا اوزار، زيور، مشينري ۽ ٻيو گهڻو سامان تمام سٺي حالت ۾ ڪڏهن ته نيون شيون آساني سان ٿورڙي اگهه تي ملنديون آهن، سو گهڻا شاگرد ۽ غريب طبقو اتان خريد ڪندوآهي. بعد ۾ لئبريري اچي تحقيق ڪيم ٺيڪ چار وڳي اتان اچي لنچ ڪري آرام ڪيم. ٽامي شام جو هليوويو.
خاص ڳالهيون: (1) Lawan فون ڪئي. (2) Nobu کي، ميسيج فون تي ڇڏيم (3) Himali سان ڳالهه ٻولهه ٿي (4) پريم ۽ ديپڪ سان ڪچهري ٿي (5) ليا (آمريڪي ڇوڪري) سان ليموئن وليج ۾ ڪچهري ٿي.
ناشتو: ميوو آڙو، نارنگيون، انگور، چانهه، کير، مانجهاندو: انگلش ڪوفتا، ڇولا ۽ ڏهي، رات: چانور، ميوو ۽ کير
***
Sunday 17th June 2007
WIU, USA
چائنيز هوٽل (Great Wall)
صبح جو سوير اٿي ناشتو پاڻي ڪري تيارٿي ويٺس ته 9:40 am تي ڪيپٽن رڪ پنهنجي گهر واري وايوليٽا سميت وٺڻ آيو. اسين Salvation Army Church فادر ڊي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي سون جتي ڪئپٽن اون، ڪئپٽن سوزن، پروفيسر جاگرجان، هڪ ليڊي ۽ ٻيو همراه موجود هئا، کين Tommy به شرڪت ڪئي، بعد ۾ Violeta ۽Rick جي Honor ۾ مون کين چائنيز هوٽل Great Hall ۾ لنچ ڏني، جتي 2 ڪلاڪ گپ شپ ۽ فوٽو گرافي ڪئي سون. بعد ۾ Tommy مون کي لائبريري ڇڏيو جتي مختلف سبجيڪٽ بابت ريسرچ ڪندو رهيم جتان 5 بجي اپارٽمنٽ واپس آيم.
خاص ڳالهيون: (1) Lawan بوسٽن مان فون ڪئي جيڪو وئڪشنون گذارڻ ويل آهي. (2) نوبو بفيلو مان اي ميل ڪئي.
***
Monday 18th June 2007
WIU, USA
اگهائي سگها ٿيا
صبح جو اٿي ڏندڻ پاڻي ڪري 7:45 am تي بس ۾ Tilman هال وڃي ڪلاس ۽ Computer. lab چيڪ ڪري Seal Hall مسز لوئيٽ جي آفيس ويم جنهن سان آفيس جي تبديلي ۾ مدد ڪيم ڇو ته هُن جو ڪمرو هاڻ تبديل ٿيو آهي کين نئين ڊائريڪٽر جي اچڻ جي ڪري وچ ۾ 9:50 am تي Gloria جو ڪلاس وٺڻ لاءِ ويم. لنچ بعد واپس آيم ته بچيل WESL Files جي لسٽ تيار ڪيم. باقي شام جو لائبريري ۾ 5 بجي کان 7:30 تائين سبجيڪٽ ريسرچ ڪندو رهيم. هتي لائبريري ۾ اچڻ سان ماڻهو تازو ٿي ويندو آهي ڇو ته هت هڪ کان وڌيڪ مقصد حاصل ٿين ٿا، هڪ ته ملڪي ۽ عالمي اخبارون جانچيندي ۽ ٻيون نوَن ۽ پراڻن دوستن سان ميلاپ ٿئي ٿو، ٽيون ته سوين شاگردن جي ڪم ڪرڻواري ماحول جو منظر مُڏي ماڻهو کي به ڪم لاءِ اُتساهه بخشي ٿو. اهڙا فريش آڪسيجن جا جهوٽا ماڻهو کي بلندي ڏانهن گهليو وڃن.
اگهائي سگها ٿيا، جي ويٺا ويڄن. (شاه)
خاص ڳالهيون: (1) بيگم نازو ۽ دادا جان ڄامشوري کان فون تي ڳالهايو.
***
Wednsday 20th June 2007
WIU, USA
Global Peace and Culture
صبح جو Tilman هال جي چيڪنگ بعد Seal Hall آيم جتي رهيل فائلز جي لسٽ فائنل ڪري بعد ۾ Christe جي آفيس ۾ ڪمپوز ڪيم. وچ ۾ 11 بجه نون استادن جي آفيس سيٽ ڪرڻ لاءِ Tilman هال مسز لوئيٽ ۽ Christe ساڻ ويم. لنچ بعد مسز لوئيٽ جو برج ڪلاس Observe ڪيم. 2 بجه کان 3:40 تي Nancy بابت Mulpass library ۾ ريسرچ ڪيم جيڪا assignment مسز لوئيٽ ڏني آهي. ٺيڪ 4 وڳي ڊائريڪٽر Mural جي آفيس ويم ڇو ته جتان اسان کي Horn Field Campus وڃڻو هو. کين ٻن ڪارن ۾ اسين 5 انٽرنيشنل شاگرد نيپالي، سنديش هالينڊ جو ميلان، ڪولمبيا جي جولي، ويسٽرن سينٽرل آفريڪا جو املڪار، ۽ مون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر Kivin Tilman ۽ ڊائريڪٽر Mural Vengo سان گڏجي ٻن ڪارن ۾ جهنگ Forest ۾ Horn Field Campus وياسين جتي ڏهاڪو شاگرد آرٽس ۽ سائنس فئڪلٽي جي ڊين جي اڳواڻي ۾ اسانجو انتظار ڪري رهيا هئا. کين شروع ۾ Dean of Faculty نظارو ڪرايو، بعد ۾ ڊائريڪٽر Murali ڳالهايو کين پنهنجو ۽ ويسٽرن يونيورسٽي جي سينٽر آف انٽرنيشنل اسٽديز جو تعارف ڪرايو بعد ۾ اسين عالمي شاگردن پنهنجو، پنهنجي ملڪ ۽ هتي آمريڪا ۾ تعليمي مقصد تي ڳالهايو وچ ۾ ڊنر به جاري هئي، هي بندوبست هڪ وڏي گهاٽي چهچ ٻيلي جي وچ ۾ ڪاٺ جي ٺهيل هڪ ننڍي عمارت ۾ ٿيل هو، جتي انهن شاگردن کي ليڊرشپ بابت سمجهاڻي ڏنائين. هن ميل جول (ميٽنگ) جو اصل مقصد اهو هو ته عالمي شاگرد ۽ آمريڪي شاگرد پنهنجي ڪلچر کان هڪٻئي کي متعارف ڪرائين ۽ کين ويجهڙائپ قائم ڪن ته جيئن Global Culture ۽ Harmony Peace وارو ماحول وڌيڪ پُراثر ۽ ڪارگر بڻائجي.
***
Tuesday 19 June 2007
WIU, USA
انٽرنشپ
پنهنجي انٽرنيشنل آفيس ۾ انٽرنشپ جاري آهي، تنهن لاءِ انتظامي ڪم روز ڪرڻا پون ٿا، سو صبح جو تيار ٿي Ms. Loyet جي آفيس ويم هيٺان ڪم ڪياسين.
مارگن هال ۽ Tilman Hall جا ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪيم.
Christi سان گڏجي Tilman هال ۾ نئون ٽيچرس روم جا ڪمپيوٽر Adjust ڪياسين.
Almunai جا Files ڪٺا ڪري ڊيٽا تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيم.
ڄامشوري خط اي ميل ساڻ اٽيج ڪري موڪليم.
***
Thursday 21 June 2007
WIU, USA
Enjoy Your Holiday
گذريل رات International Delegation سان Bowling لاءِ ٻه ڪلاڪ Excercise ڪرڻ سبب ايترو ٿڪ هو جو صبح آفيس وڃي نه سگهيم کينMs. Loyet کي اي ميل موڪليم ته موڪل ڏي جنهن شرافت جو مظاهرو ڪندي جواب موڪليو ته Enjoy Your Holiday، آرام واري غنيمت مان فائدو وٺندي11 بجي ڊاڪٽر رابرٽ سان Horiban Hall ۾ ميٽنگ ڪيم Fall Semester بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
Friday 22 June 2007
WIU, USA
Faculty, Acadamic and
Aminstrative Meeting
صبح جو تيار ٿي 7:50 واري بس ۾ Seal Hall ويم جتان Christe کان چاٻيون وٺي Tilman هال جا ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪري واپس اچي ڊيٽا تي ڪم شروع ڪيم. 12:30 am تي فئڪلٽي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪيم جيڪو سٺو تجربو ٿئي ٿو ته هي اڪيڊمڪ ۽ ايڊمنسٽريٽر معاملن کي آمريڪي ڪيئن نبيرين ٿا.کين اڀياس جو ڀرپور Exposure ۽ Experience حاصل ٿئي ٿو.
شام جو ننڍڙي واڪ ڪيم.
خاص ڳالهيون: ڄامشوري کان بيگم فون تي ڳالهايو.
***
Saturday 23 June 2007
WIU, USA
Johnson کي الوداعي دعوت
صبح جو Rick Bell عبادت لاءِ Salvation Army Church کڻي ويو، اهو 10 بجه جو ٽائيم هو، کين Salvation Church ۾ Johnson Soldier کي الوداعي دعوت هئي، مون ۽ ٻين هن جي رفيقن ۽ عزيزن شرڪت ڪئي 12 بجه Rick ڪار ۾ واپس پهچايو. جانسن سلويشن آمريڪي چرچ جو پراڻو خادم (Soldier) هو، جيڪو 13 سالن کان مئڪومب سٽي۾ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو هو، مون هن کي هميشه مرڪندڙ چهري ۽ هشاش بشاش روپ ۾ ڏٺو، وڏي ڳالهه ته هو هميشه، هر سطح جي ڪم لاءِ هرهڪ جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪيو تڪيو حاضر هوندو هو.
لله ڪارڻ جي رنڊيون ٿيون. .... (شاه)
***
Thursday 28 June 2007
WIU, USA
5 Weeks, Ganjwin (Korean) Meeting
صبح جو 8 وڳي Margin Hall جا ڪلاس چيڪ ڪري بعد ۾ Tilman Hall وڃي ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪيم، بعد ۾ Ms. Loyet جي آفيس ويم جنهن ڏينهن جي سرگرمين بابت هدايتون ڏنيون، مون کين Christi جي آفيس ۾ 12 وڳي تائين اسٽوڊنٽس ڊيٽا بابت ڪمپيوٽر تي ڪم ڪيو، بعد ۾ لنچ لاءِ ويم لنچ بعد 5 Weeks, Ganjwin Meeting ۾ ويم جتان 2 وڳه Megan Hall Conversation Mentor طور وڃي شرڪت ڪيم جتي، ڏهاڪو آمريڪي مرد ۽ عورتون به آيل هئا. جيڪو هڪ خوشگوار تجربو هو.
خاص ڳالهيون: (1) رسول بخش پليجي صاحب سان فون تي حال احوال ٿيا ڏاڍو خوش ٿيو. اڄڪلهه پليجو صاحب آمريڪا آيل آهي. منور هاليپوٽو گڏ هئس جنهن سان به گفتگو ٿي.
***
Friday 29 June 2007
WIU, USA
صبح جو Seal Hall ويم جتي صبح جو دستوري Morgan Hall ۽ Tilman هال جا ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪرڻ بعد دستوري ڊيٽا تي 11 بجي تائين ڪم ڪيم، کين 11 وڳي American Family Orientation پروگرام لاءِ Angie ، Kevin Timlan ۽ Prof. Steve سان گڏجي Stipes Hall -121 ويم جتي Kivin پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جتي 22 ڪورين شاگرد موجود هئا، جنهن گروپ ۾ 7 ڇوڪريون ۽ 15 ڇوڪرا آهن جيڪي 5 هفتن جي انگلش پروگرام لاءِ آيل آهن. بعد ۾ Seal Hall ۾ ڪم ڪيم، ڪوريا مان 22 شاگردن جو وفد 5 هفتن جي ڪلچرل ۽ انگلش ٽريننگ لاءِ هن سمر ڪئمپ ۾ پهتل آهي، کين انٽرينشپ انٽرنيشنل آفيس ۾ هئڻ ڪري مون Kevin Timlan آمريڪي استاد سان هنن جو Co-guide آهيان، ڪورين وفد ۾ ڪاليج ليول جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شامل آهن.
خاص ڳالهيون: بيگم صاحبه ڄامشوري مان ڳالهايو.
***
Saturday 30 June 2007
WIU, USA
“اهو چٽ نه چِٽِ جنهنکي محسوس ڪرين ٿو، انهي کي چٽِ جيڪو تون آهين.”
(گوئٽي)
هزارين رنگين گُل
11 وڳي سعودي عرب جي دوست بدرالرشيدي جي ڪار تي سٽيزن بئنڪ مان چيڪ بوڪ وٺي بعد ۾ Hyee Store ويم جتان ويسٽرن يونين وسيلي 570 $ ڊالر قيوم لاءِ عمران جي ائڊريس تي موڪليم، شام جو جنهن جو اطلاع بيگم صاحبه، عمران ۽ قيوم کي ڏنم.
اڄ منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه اها آهي جو عمران ۽ ماجد کي سنڌ يونيورسٽي ۾ وفاقي حڪومت طرفان Intrenship جا آرڊر مليا ساڳئي وقت ISI, Assistant Director جي انٽرويو لاءِ Qualify ڪيو اٿن، اميد ته اڳتي به وڌيڪ فتحون ۽ ڪاميابيون حاصل ڪندا.
وڌيڪ گهڻو تـڻو وقت اپارٽمينٽ ۾ گذريو، شام جو ڊگهي واڪ تي Sherman هال تائين ويم کين رُت به اڄڪلهه ڏاڍي سُهاني آهي، کين فضا ۾ چوگرد طرحين طرحين جا رنگين گُل ۽ سيهڙن جي ڊوڙ سائي ڇٻر تي ڏسڻ وٽان آهي، موسم پنهنجو جوڀن ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي، هِت جون مهينو سانوڻ جي موسم ليکبو آهي، سانوڻي جي موسم ۾ چوگرد چهچ ساوا گاهه، گهاٽا ساوا وڻ، صاف روڊ رستن جي چوگرد قدرتي طور ڦٽي آيل طرحين طرحين جا ساوا، نيرا، پيلا، ڳاڙها، هيڊا، نيرا، ڪارا، واڳڻائي، اڇا ۽ مڪس رنگن جا گل ڄڻ گڏجي ڪي سمفوني موسيقي واري ميلاپ سان سچل ۽ لطيف جون ڪي وايون پيا ڳائين.
خاص ڳالهيون: (1) شام جون فون تي بيگم، عمران ۽ قيوم سان ڳالهايم.
***
Sunday 1st July 2007
WIU, IL, USA
ماضي جي جهروڪن جا دلپذير منظر!
اڄ ڊگهو وقت آرام ڪيم، کين 10 بجي سجاڳ ٿيڻ تي ڊگهي واڪ ڪيم باقي وقت مطالعو ڪندي گذاريم.
انسان مٿان هر وقت عجيب ڪيفتون طاري ٿين ٿيون. اڄوڪو ڏهاڙو به منهنجي ذهن تي سنڌ جي يادن جا بادل ڇانيل رهيا، ڳوٺ سوني نوناري کان ڄامشوري جي پهاڙين تائين مَن ڀٽڪندو رهيو. اها حالت Nostalgia ماضي جي جهروڪن مان جهلڪندڙ دلپذير منظر آهن.
***
Monday 2 July 2007
WIU, IL, USA
دستوري طور 6:10 am تي مختصر واڪ ڪري ڏندڻ پاڻي ۽ ناشتو ڪري 7:40 am واري بس ۾ Margan Hall جا ڪلاس چيڪ ڪري Tilman Hall آيم جتي ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪري ميل چيڪ ڪيم ۽ بعد ۾ Seal Hall اچي ڊيٽا تي ڪم شروع ڪيم اهو هڪ وڏو پراجيڪٽ آهي کين 1980ع کانوٺي 2007ع تائين ويسٽرن اليونائي يونيورسٽي جا Associate Almuni جا نالا ۽ تفصيل لکڻا آهن. هي ڪم انٽرينشپ جي ڊيوٽي جو حصو آهن.
***
Tuesday 3 July 2007
WIU, USA
WIU, IL, USA
Stress, Exercise + Health
صبح جو Margn Hall ۽ Tilman Hall جا ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪري Ms. Loyet جي آفيس آيم جتي اڄوڪي ڏينهن جي شيڊيول بابت بحث ڪري بعد ۾ پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيم.
شام جو 7 وڳي Stipes Hall 121 ۾ Prof. Janice Gatu جو اسٽريس(Strees) بابت ڪارائتو ليڪچر ٻڌم. جنهن ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون. هن Walk گهمڻ تي زور ڏيندي چيو ته Walk سوين گهجين توڙي ظاهري بيمارين کي ختم ڪري ٿي ۽ انسان پاڻ کي نئون بنون محسوس ڪري ٿو، ماڻهو کي گهرجي ته گلن، ٻوٽن، ماحول ۽ نين شين سان پيار ڪري ته جيئن طبيعت هلڪي (Light) رهي، اها چُرپُر (Exercise) دٻاءَ (Strees) کي گهٽائي ٿي ۽ پڻ غذا ضرورت کان وڌيڪ هرگز نه وٺڻ گهرجي.
***
Wednesday 4 July 2007
WIU, IL, USA
“I have a Dream …” King Martin Lother
4 جولاءِ آمريڪا جي آزادي جو ڏينهن آهي، اڄ جو ڏينهن آمريڪي آزادي جي نشي ۾ جهمريون پيا هڻن، شام جو يونيورسٽي اسٽيڊيم Prem, Violeta, Wyln,, Rick ۽ دليپ سان گڏجي Concert ميوزڪ ٻڌم ۽ Fire work ڏٺوسين ڏاڍو لطف آيو. ڪنگ مارٽن جي ديس ۾ انساني خواب به اڻ ملها آهن.
***
Thursday 5 July 2007
WIU, IL, USA
دستوري انٽرنشپ جي گڏجاڻي صبح جو 8 وڳي Morgan Hall ۾ ٿي جنهن ۾ Gunjwa University, Koreaجي پروگرام بابت پروگرام تشڪيل ڏنوويو. بعد ۾ Seal Hall وڃي ڊيٽا تي ڪم ڪيم. وچ ۾ Angie سان ريڪريشن سينٽروڃي راند جو سامان واپس ڪيوسين.
اڄ Dr. Hall جي رپورٽ جو خاڪو تيار ڪيم.
***
Friday 6 July 2007
WIU, IL, USA
Korean Studetns Guide
اڄ گنجوا يونيورسٽي جي Koreen Students سان گڏجي وڃي Springfield ۽ ابراهيم لنڪن جي Sell Village جو دورو ڪيوسين. اسين ٻن ويگن ۽ هڪ ڪار ۾ وياسون کن Kevis، Guy، Steve Teacher، روز ميري، نينسي سميت 22 ڪوريا جا شاگرد ساڻ هئا، شام تقريباً 9 بجي واپس ٿياسين. ابراهيم لنڪن جو ڳوٺ Spring Field اسانجي ويسٽرن اليونائي يونيورسٽي، مئڪومب کان هڪ ڪلاڪ جي مسافت (Drive) تي آهي، جيڪو اليوناني اسٽيٽ جو ڪيپيٽل ليکجي ٿو، جيتوڻيڪ اليوناءِ اسٽيٽ جو شڪاگو آمريڪا جو وڏو شهرآهي. جيڪو به ٻن ڪلاڪن جي فاصلي تي آهي، مٿين سفر ۾ مون ڪورين اسٽوڊنٽ جو ڪو گائيڊ (Co-Guide) هئم.
***
Saturday 7 July 2007
WIU, IL, USA
تن ڏکن کي شاباس،جنين مون سين گهاريو!
هڪڙو نه ويو پنهون سان، سڀ رهيا مون پاس
جڏهن پنهون سان ملياس، ته ويچارائي ويا هليا!
(شاه)
ٻڌ ڌرم جي ورلڊ پيس گڏجاڻي
Prof. Alan and Advocate Anu
صبح جو اٿي کين Salvation Army, Thrift store ويم جتان هڪ Shoes جوڙو ۽ ٻه Shorts ورتم ڇو ته اونهارو شروع ٿي ويو آهي، بعد ۾ کين 11 وڳي Nobohuko جپاني ڏاڏي ڪار ۾ وٺڻ آئي اسين کين وڪيلياڻي Anu ۽ پروفيسر Alan جي گهر وياسين، جتي 20 کن مرد عورتون ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل موجود هئا، کين اڄ World Peace بابت گڏجاڻي رٿيل هئي، سو مون کي به دعوت ڏنائون. هنن جي دستوري عبادت بعد کين “امن” بابت بحث شروع ٿيو. جنهن ۾ انفرادي ڪردار کانوٺي دنيا اندر اجتماعي طور سماج ۽ مُلڪ ۾ امن لاءِ هو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. تنهن بابت هرهڪ ڳالهايو آخر ۾ پرفيسر Alan بحث کي سهيڙيو ۽ شڪريو ادا ڪيائين. شام جو ريسرچ واسطي لائبريري ويم.
***
Sunday 8 July 2007
WIU, IL, USA
انٽرينشپ ريفليڪشن پيپر
اڄ جو ڏينهن قدري آرام وارو هو، ڊگهي آرام بعد شام جو لائبريري وڃي انٽرنشپ جو رفليڪشن پيپر جو پهريون ڊرافٽ تيار ڪيم. منهنجي انٽرنشپ جي گائيڊ جو اهو چوڻ آهي ته اوهان گذريل ڏينهن ۾ انتظامي لحاظ کان انٽرنيشنل آفيس ۾ جيڪو ڪم ڪيو آهي، ان بابت پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا بيان ڪر. مون جڏهن کان مس لوئيٽ سان گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته هُن پهرين ڏينهن چيو هو ته منهنجو سايو (Shadow) ٿي ڪم ڪر جتي به مون وڃان اوهان انهن ميٽنگس ۾ مون ساڻ هجو جيئن عملي انتظامي زندگي ۾ اوهانجو (انتطام) ايڊمنسٽريشن بابت اڀياسي مشاهدو وڌي.
***
Monday 9 July 2007
WIU, IL, USA
المناءِ جا انگ اکر
صبح جو Morgan هال آيم ۽ مسز لوئيٽ ۽ Prof. Steeve موجود هئا جن ٻڌايو ته گڏجاڻي 12 بجه بجاءِ کين 8 بجي صبح جو شروع ٿيندي سو مون به اتي گڏجاڻي لاءِ ترسي پيم کين گڏجاڻي ۾ WESL جا سڀئي استاد ۽ Kevin Timlin انٽرنيشنل سينٽر طرفان نمائندگي ڪئي، کين ميٽنگ بعد Seal Hall وڃي Almunni Data بابت ڪم جاري رکيم. شام جو لائبريري ۾ انگريزي گرامر تي ٻه ڪلاڪ ڪم ڪيم.
خاص ڳالهيون: (1) Andry سان Speech Theropy جو 3:50 pm تي Currens Hall ۾ ڪلا س ورتم. (2) ڄامشورو بيگم هزار ناز صاحبه ۽ عمران ۽ ڏاڏا سائين سان ڳالهايم.
***
Tuesday 10 July 2007
WIU, IL, USA
Succesful Dress for a Busines Man
صبح جو 6:38 am تي اٿي ڏندڻ پاڻي بعد ناشتو ڪري 7:40 am واري بس ۾ Morgan Hall ۽ Tilman Hall جا ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪري Seal House ويم جتي Alumni Data تي ڪم جاري رکيم، اڄ مس لوئيٽ جي آفيس ۾ ويهي ڪم جاري رکيم ڇو ته هو واشنگٽن ڊي سي ٻن ڏهاڙن لاءِ آفيس جي ڪم سانگي ويل آهي هوءَ مهربان عورت آهي جيڪا انٽرنشپ دوران پنهنجي آفيس مون کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڏيندي آهي.
منجهند جو هڪ وڳي Morgan Hall ويم جتي Conversation Mentor پروگرام رٿيل هو کين اڄ آمريڪي ۽ ڪوريا جي ڪامياب ڊريسنگ بابت گفتگو رٿيل هو.مون کي آمريڪي دوست Josha ۽ ڪورين Nu-sua ڇوڪري ۽ Kendy (ڇوڪرو) گروپ ۾ مليا اسين آمريڪا + پاڪستان / سنڌي ۽ ڪورين پوشاڪن بابت گفتگو ڪيوسين.
شام جو 7 وڳي Successful Dressing for a Business Man لاءِ Stipes Hall ۾ ليڪچر رکيل هو جتي ڪورين، ميڪسڪن ۽ آمريڪن موجود هئا مون به غور سان ليڪچر ٻڌم ته ڊريس جو پروفيشنل زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترو ضروري ڪردار آهي، کين هن موضوع تي جدا مضمون لکندم بهرحال عورت خواه مرد کي بزنس ڊريس لاءِ خاص مشق لازمي آهي، ڊريس جون Evaluation Chart ۾ 20 مارڪون رکيل آهن.
خاص ڳالهيون: (1) شام جو بيگم هزار ناز، ڏاڏا سائين ۽ عمران خان سان ڳالهايم. (2) لطيف صاحب، شميله، ڪامل خان ۽ عميق سان گفتگو سرگوڌا ٿي. (3) نظير احمد صاحب ۽ ماسي ارباب خاتون سان فون تي ڳالهايم. (4) ڊاڪٽر رابرٽ هال سان Horiban Hall ۾ انٽرنشپ بابت منجهند جو 3:30 pm تي ميٽنگ ڪيم. تفصيلي گفتگو ٿي. (3) رسول بخش پليجي صاحب کي اي ميل موڪليم.
***
Wednsday 11 July 2007
WIU, USA
پيئي جا پرڀات، ساماڪ م ڀانيئو ماڻهئا!
رني ساري رات، ڏسي ڏکوئين کي.
(مخدوم نوح)
وقت جو ڪانٽو
ڏينهن راتيون برق رفتاري سان گذريون، ڪم جي ڀيڙ سبب ايتري مصروفيت رهي ٿي جو رات جو رڌ پچاءُ بعد جڏهن Dinner کائڻ ويهندو آهيان ته تقريباً ڪانٽو 10 ۽ 11 جي وچ ۾ هلندو آهي سوچيندو آهيان ته ماني کائي ڊائري جا ورق لکي پوءِ هي ياهو ڪم لکڻ پڙهڻ جو ڪَبو، ائين خبر ئي نه پوندي آهي جو وقت کٽي ويندو آهي، ليڪن ڪم اڃا ٽنگيل رهندا آهن جو گهڙيال جو ڪانٽو رات جا هڪ يا ٻهه وڄائڻ لڳندو آهي. احساس ٿيندو آهي ته هاڻ سمهڻ گهرجي ڇو ته ٻئي ڏينهن ڪم تي وڃڻ لاءِ سويري اٿڻو پوندو اهي.
سو اڄوڪو ڏهاڙو به دستوري ڪمن سان گذري ويو. Library, Seal Hall, Morgan Hall ۽ Tilman Hall وچ ۾ ڊيوٽي خاطر ڊوڙندو رهيم، منهنجي انتظامي لحاظ سان اها ڊيوٽي هوندي آهي ته ڪلاس ۾ گهربل Multi Media جا سڀ اوزار ٺيڪ حالت ۾ موجود هجن، اسٽوڊنٽ مسٽرول ۽ مارڪ بورڊ تيار حالتن ۾ هجي، وچ ۾ استاد ۽ ڪلاس شاگردن جي حاضري به اڻ سڌي ريت چيڪ ڪري سپروائيزر کي رپورٽ ڪندو آهيان.
اڄ Speech Therapy جو Andry ۽ Ms. Donsel سان آخري ڪلاس ٿيو.
خاص ڳالهيون: (1) ڄامشوري بيگم صاحبه سان ڳالهايم. (2) رائيٽنگ سينٽر ويم.
***
Thursday 12 July 2007
WIU, USA
بُرو هو ڀنڀور، آرياڻي اجاريو (شاه)
St. Lois Trip بهار جو جهوٽو!!
صبح جو اٿي ڏندڻ پاڻي ڪري Morgan Hall ۽ Seal Hall جا ڪلاس چيڪ ڪري Seal Hall اچي مسز لوئيٽ جي آفيس ۾ ڊيٽا تي ڪم پورو ڪيم. جنهن لاءِ تفصيلي بحث Christe سان ڪري کين الفابيٽ جو آرڊر سمجهايومانس.
2:30 pm تي Kevin Timlin (ڊپٽي ڊائريڪٽر) سان گڏجي Morgan هال کين St: Louis جي Trip واري ميٽنگ ۾ ويم، جتي 22 ڪورين شاگرد ۽ سڀ استاد ۽ ڊرائيور موجود هئا، کين صبحاڻ جي پروگرام بابت Kevin تفصيلي Briefing ڏني. جنهن بعد وري Seal Hall واپس ٿياسين. سائوٿ ڪوريا جي Ganjwia يونيورسٽي جا 22 شاگرد ۽ شاگردياڻيون پهتل آهن. جيڪي انگريزي سکڻ لاءِ آيل آهن، ان ساڻ آمريڪي ڪلچر ۽ تاريخ کان واقف ڪجي ٿو.
خاص ڳالهيون: (1) ڄامشوري بيگم هزار ناز، عمران ۽ ڏاڏا سائين سان گفتگو ٿي. (2) رپورٽ Prof. Robert لاءِ تيار ڪيم.
***
Friday 13 July 2007
WIU, USA
سرخ گلابان دي موسم وچ ڦلان دي رنگ ڪالي!! (فريدڻ)
Professor Steve and Korean Students.
St. Louis Trip
صبح جو سويري اٿي ڏندڻ پاڻي ڪري سُپر ناشتو ورتم ڇو ته St. Louis Missori State تائين اٽڪل 5 ڪلاڪ جو سفر ڪرڻو هو. ٿيلهي ۾ رات جوئي برش، سيفٽي، عينڪ، ڊائري، ناول، ڪپڙا، پاسپورٽ ۽ ٻيو ضروري سامان وجهي ڇڏيو هئم، سوٽ پائي ٿيلهو ڪلهي ۾ لٽڪائي ٺيڪ 7:40 am Thomson Hall جي Corridoor Hall ۾ پهتم جتي Prof. Steve پنهنجي ٿيلهي ۽ ٻئي مخصوص کاڌي پيتي ۽ مووي ڪئميرا ساڻ موجود هو، هي پروفيسر خالص پروفيشنل آهي. جهٽ ۾ ڪورين شاگرد به هيٺ هال ۾ ڏسڻ ۾ آيا ۽ وين ڊرائيور Agrrave (ڪولمبين) پنهنجي سهڻي گهر واريءَ ۽ Guy Tailor پنهنجي بدڪ جهڙي ڪورين گهر واري ساڻ گڏ نروار ٿيا، Rosmary اڳ ئي موجود هئي، ٺيڪ 8 وڳي سڀ ٻاهر ويگن ۽ ڪار ۾ سوار ٿياسيون مون ڪولمبيا جي Argrave واري وين ۾ شاگردن سان ويٺم جو هر وين ۾ هڪ سونهون ويٺو ممڪنه طور شاگردن کي ڪنهن قسم جي مدد جي ضرورت ٿئي، رستي ۾ ميوزڪ جي ڌن تي شاگرد مستيون ڪندا هليا، رستي ۾ هڪ ننڍڙو اسٽاپ Restroom لاءِ ورتوسين، کين هڪ وڳي St. Louis Missuri جي وادي Missuri River جي حسين ڪناري تي گاڏيون بيهاري St. Louis Missouri جو وڏو ڊگهو ۽ بلندوبالا حسين ونگ نما بُلند و بالا دروازو Arch ڏسڻ لاءِ اندر داخل ٿياسون کين Ticket ڏيکارڻ بعد اندر لفٽ نما باڪس ۾ 5 ماڻهو ويٺاسون ته باڪس ٽرين بلندي ڏانهن وڌڻ لڳي، مٿان حسين Missouri River ۽ شهر جو نظاروڏاڍو دلپذير معلوم ٿيو، انهي سَمي مونکي سکر وارو معصوم شاه جو منارو ياد اچڻ لڳو جنهن تاريخي مقام سان اسين ويڌن ڪري تباهي ڪناري پهچايو آهي ۽ هي آمريڪي انگريز صدين کان پنهنجي تاريخ جي حفاظت ڪندا پيا اچن.
Arch جي ٽوئر بعد هيٺ ميوزم وارو حصو گهمي بعد ۾ Gift Shop جو چڪر لڳائي ٻاهر اچي Missouri River جي خوبصورت ڪناري سان گهمندا کين اچي Resturant Bar ۾ Lemoine پيتي سون ڇو ته اڄ جو ڏهاڙو پنهنجون گرم اکيون ڏيکاري پيو. ٺيڪ 5 وڳي قافلو شاپنگ مال لاءِ روانو ٿيو جتي سڀني مانجهاندو ڪندي کين وڏي پئماني تي خريداري ڪئي. بعد ۾ Holiday Inn هوٽل آياسين اهو 7:40 pm جو وقت هو، منهنجي رهائش Prof. Steve سان گڏ ساڳي ڪمري ۾ هئي، اهو خوبصورت ۽ مهانگو ترين هوٽل آهي، مون فوري طور هڪ ڪلاڪ آرام ڪري بعد ۾ گرم پاڻيءَ سان غسل ڪري ٻاهر آيم هيٺ هوٽل جي پسار ڪري ٻاهر اچي Denny ۾ Dinner ڪيم، Denny جي کاڌي جي Test ئي نرالي آهي، بعد ۾ Gas Station تان بسڪٽ ۽ کير وٺي هوٽل واپس آيم ته رات جا 12:00 am ٿي رهيا هئا، شاگرد نشي ۾ جهومي ۽ نچي رهيا هئا، ڇو ته هو آزادي سان پي رهيا هئا، جيڪي قانوني طور منع هو، ليڪن هنن جو گائيڊ پوڙهو پروفيسر اسٽيو (Steve) ننڊ جا کونگهرا هڻي رهيو هو، ٻئي تي هُنن جي اک ئي ڪونه پئي ٻڏي. وري به شابس هجين جو Holiday Inn جي تهه خاني واري (Bar) بار ۾ وڃن پيا.
***
Saturday 14 July 2007
WIU, USA
پيار ڦهلاءِ، قرب ڪماءِ، ويندو گذري، نينهن نڀاءِ. (ايوب جوڻيجو)
Six Flags of St. Louis
ڪالهه کان اسين گانجو (سائوٿ ڪوريا) يونيورسٽي جي 22 شاگردن سميت Kevin ۽ Prof. Steve سميت هاليڊي اِن هوٽل سينٽ لوئس سٽي (ميزوري اسٽيٽ) ۾ رهيل آهيون، صبح جو ٻه ڀيرا Prof. Steve پڪاريو..... Abdul ته مون سجاڳ ٿي پيس، هي همراه تياري ڪري هيٺ ناشتي لاءِ وڃي رهيو هو ته مون اٿي Bath ڪيم ۽ سڀ وکريل ٽپڙ ٿيلهي ۾ وجهي ناشتي طور صوف، بسڪٽ ۽ کير جا چار گلاس ورتم بعد ۾ اسين ٿيلها کڻي هيٺ Enterence Hall ۾ آياسين ته جتي سڀ شاگرد ۽ ڊرائيور موجود هئا. ٺيڪ 8 وڳي ٻاهر ويگنن ۾ ويٺاسين ته گاڏيون Six Flags ڏانهن فرڙاٽ ڪنديون روانيون ٿيون، 30 منٽن جي سفر بعد اسين Six Flags پهتاسين ته جتي ويسٽرن اليونئي يونيورسٽي جا Mexican Students اڳ ۾ ئي وڏي بس ۾ پهتل هئا جن ڀليڪار چيو، کين Prof. Ros Marry سڀني کي ٽڪيٽ ڏني ۽ چيائين ته ٺيڪ 4:30 pm شام جو اسين هت گيٽ تي وري ملنداسين، پوءِ ته هرهڪ آزاد پکي وانگر اندر وڃڻ لاءِ اڏرڻ لڳو. مون Jacky, Ross Marry ۽ Ong سان گروپ ۾ شروع ۾ گڏ هئم کين Roal Rock Train جو سفر ڪيوسين، بعد ۾ Thunder River جو سفر به گڏ ڪيوسين بعد ۾ مون اڪيلي گهمڻ جو فيصلو ڪيو، ٿورڙي وقت ۾ سڄي پارڪ جو سير مڪمل ڪيم. آمريڪن جهنگل ۾ منگل جوڙيو آهي. سندس تفريح جا سڀئي گر، رانديون، ٿيٽر ۽ ميدان موجود آهن. اسين خوب لطف اندوز ٿياسون، Six Flags سڪس فليگ آمريڪين هڪ اهڙي جنت جوڙي آهي،جتي ڏيهه پرڏيهه جا ماڻهو اچي طرحين طرحين جي تفريح جا دستياب اوزار (سامان) جهڙوڪ وڏا وڏا جهولا، ريل، درياهي سفر، سوئمنگ پول، ملٽري پريڊ، جانورن ۽ پکين سان سنگتي پنهنجي دل وندرائڻ، دل ۽ دماغ کي لڀائيندڙ آرٽ، فن، ميوزڪ، ٿيٽر، مختلف ٽيلر، مشڪريون، جادوئي ائڪٽ، رنگين گل ۽ ٻوٽا، تا حد نظر ايندڙ چهچ ساوا سبزهه زار، عجوبا، دل کي ڌڙڪائيندڙ نظارا، فن ۽ اڻ ڳڻيا دلپذير من موهڻا نظارا ۽ ٻارڙن لاءِ فن لينڊ جو هڪ وڏو جهان موجزن آهي. اسين سڀ محظوظ ۽ لطف اندوز ٿياسين.
مانجهاندو چڪن، فرينچ فرائي ۽ ڪوڪا ڪولا سان ڪيو.
شام جو 5 وڳي واپسي رکي سون، موٽ تي Spring field ۾ Dinner ڪئي، رستي ۾ فوٽو گرافي به ڪيم، ٺيڪ 10 وڳي اسين Thomson Hall, WIU, Macomb, USA پهتاسين.
خاص ڳالهيون: (1) بيگم هزار ناز صاحبه، ڏاڏا ۽ عمران ڳالهايو.
***
Sunday 15 July 2007
WIU, USA
No Problem, See You Tommorow
آمريڪي استادن جون مهربانيون
تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن
تندون جي طلب جون، وحدت سُر وڄن
وحده لاشريڪ له اهو راز رڳن
سي سُتائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي
(شاه)
ٻن ڏهاڙن واري ٿڪ سبب ڊگهو آرام ڪيم، مانجهاندو ڪري ٿورو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيم، شام جو ڄامشوري بيگم صاحبه سان گفتگو ڪيم تازگي محسوس ٿي، St. Louis ۽ Six Flags بابت مختصر احوال ڏنم، ٿڪ اڃا ذهن مٿان غالب هو تنهن سبب سويري بستر حوالي ٿيم.
***
Monday 16 July 2007
WIU, USA
آمريڪي پروفيسر ۽ آفيسرن جو صبر،
تحمل ۽ همدردي
ٿڪ سبب صبح جو مسز لوئيٽ کي اڄ جي موڪل لاءِ اي ميل ڪيم جنهن جهٽ ۾ جواب موڪليو ته “No Problem, see you tomorrow” آمريڪي انهي ڳالهين ۾ ڏاڍا تڪڙا آهن، کين همدردي مسئلن جي تُرت حل جو ڏاڍو سٺو ڏانءُ اٿن. بلڪ آمريڪي استاد ۽ عام آمريڪي پنهنجي روين ۾ مهربان هوندا آهن، شائستگي (Politeness) لاءِ هُنن جو چوڻ آهي ته هڪ ڀيرو نه بلڪ ماڻهوءَ کي هميشه صبر، تحمل سان رهڻ گهرجي. هو هر وقت ننڍي وڏي ڳالهه تي شڪريو ادا ڪندا، پروفيسر توڙي آمريڪي آفيسر پاڻ کي عوام ڏانهن جوابدار سمجهن ٿا ۽ پيش ايندڙ مسئلي جو حل ڳولي وٺن ٿا، کين جيڪڏهن پنهنجي هٿ وس (Mandate) ۾ نه اٿن ته به ڪوشش ڪري ڪو حل ڳولي ڪڍندا ۽ پڻ پنهنجي خاص (Exclusive) مشاورت ۽ مدد شامل هوندي ۽ انجي ابتڙ پاڻ واري اڪيڊمڪ توڙي انتطامي (بيوروڪريسي) دروازا بند ڪيون ويٺا هوندا، هوند جيڪڏهن ڪو ملي ته به بڇڙي شڪل ٺاهي، هوند مسئلي جو حل هٿ ۾ هوندن به اهڙو مسئلي کي منجهائيندا جو اڳيون همراه ڊپريشن جهڙي بيماري جو شڪار ٿيو وڃي ۽ پاڻ واري بيورو ڪريسي پاڻ کي خادم بجاءِ حرامي وڏيري جيان سدا حاڪم پيا سمجهندا، مرڪڻ ۽ Thanks چوڻ ۾ اسان جا عملدار پنهنجي بيعزتي سمجهندا، انجي ابتڙ يورپ ۽ آمريڪا جا پروفيسر توڙي عملدار منهن تي فرشتن واري مُرڪ سجايون ويٺا هوندا ۽ اهڙو مٺڙو جمهوري رويو هوندو جو ملڻ وارو ماڻهو خوش ٿيو وڃي ۽ هر ڳالهه تي مهرباني چوندا ۽ گفتگو جي هميشه ابتدا ائين ڪندا ته ڇا آءٌ توهانجي مدد ڪري سگهان ٿو.
باقي پاڻ واري صدوري سنڌ ۽ پاڪستان جا اعليٰ عملدار ته لک لهڻا آهن جو ڪنهن قانوني ۽ جائز مسئلي جو جواب به سالن بعد جواب ندارد اهڙا گونگا ۽ ٻوڙا جهڙا ڀت، خدا سڌارين نه ته وڏيون وڏيون پگهارون کڻڻ باوجود ڄاڻ ۽ ذميواري جو ٽَڪو به محسوس نٿا ڪن. هاڻ اهڙن حالتن ۾ ادارن جي ترقيءَ جا ڪهڙا خواب پسي سگهجن ٿا؟؟!!... اهو حال ته سرڪاري آفيسرن سان آهي، باقي عام لوڪ سان سنڌ پاڪستان جي بيورو ڪريسي ڪهڙيون شانائتيون مهربانيون ڪنديون هوندي!!؟؟ ... اهو ته سڀ ڄاڻون ٿا.
***
Tuesday 17 July 2007
WIU, USA
اسان جا خواب!!
جان کُهي کنيائون،
تنهن وک اڃا ويجهي ڪئي.
(شاه)
صبح جو سنڀري ٺهي Morgan Hall ۽ Tilman Hall جا ڪلاس ۽ ليب چيڪ ڪري Ms. Loyt seal جي آفيس Seal Hall ويم، جنهن کان اڄوڪي ڏينهن جي ڪم جي فهرست سمجهڻ بعد Christe جي آفيس ۾ اچي WESL, Alumni ڊيٽا تي ڪم ڪيم، لنچ بعد Conversation Mentor پروگرام ۾ ويم جتي “Successful Dream” تي گفتگو ٿي، ڏاڍو دلچسپ تجربو ٿيو جڏهن هرهڪ پنهنجا پنهنجا خواب ٻڌايا، ڪنهن چيو ته مون سِنگر ٿيڻ چاهيو ٿي ته ڪنهن چيو مون پوليس آفيسر ٿيڻ چاهيو ٿي مون ٻڌايو ته منهنجو ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب اڌورو ۽ مڪمل ٻنهي صورتن ۾ رهيو ليڪن گهڻن خوابن جي تعبير ناگهاني طور مون کي ملندي ويئي. جنرلي منهنجي زندگي Positive ۽ ڪامياب رهي آهي. هي ڊگهو گفتگو جو ڪلاس اصل آمريڪي سماجي ورڪر عالمي شاگردن سان ڪندا آهن، جيئن هنن ۾ آمريڪي ٻولي، ڪلچر ۽ تاريخ جو اڀياس وڌي، مون کي گريجوئيٽ شاگرد هئڻ جي حيثيت ۾ اهو اعزاز مليل آهي.
خاص ڳالهيون: (1) حيدرآباد STBB انيس ميمڻ سان ڳالهايم. (2) Nobu نيويارڪ مان فون ڪئي. (3) سعودي عرب مان عرب دوست بدر الرشيدي فون ڪئي.
***
Wensday 18 July 2007
WIU, USA
منهنجو ساهه سمنڊ ۽ لهر لهر ۾ تون،
ڪڏهن نه ڀائيو مون پري توکي پاڻ کان!
(قاسم ملڪ)
Evaluation Paper
صبح جو ڪم لاءِ Seal Hall ويم، جتي سڄو ڏهاڙو Evaluation Paper تي ڪم ڪندو رهيم، اهو هڪ نئون تجربو ٿيو ته Evaluation کي هڪ ائڊمنسٽريٽر طور ڪيئن مختصر طور سهڙجي ٿو.
3 بجي Gaungwa Program لاءِ مارگن هال ۾ تفصيلي ميٽنگ ٿي، جنهن بعد مون لائبريري وڃي ريسرچ ڪيم. شام جو اپارٽمينٽ تي اولڊ بوڪس رويو (Review) تي ڪم ڪيم.
***
Thursday 19 July 2007
WIU, USA
دستوري انٽرنشپ پروگرام جي ڊيوٽي لاءِ Seal Hall ويم، جتي UP Evaluation تي ڪم ڪيم. شام جو President House تائين ڊگهي واڪ ڪيم.
خاص ڳالهيون: (1) ڄامشوري امان ۽ بيگم هزار ناز سان گفتگو ٿي.
***
Friday 20 July 2007
WIU,IL, USA
David Murray
صبح جو Morgan Hall + Tillman Hall جا ڪلاس ۽ ليبارٽري چيڪ ڪري Seal House اچي ڏينهن جي ڪمن بابت مس لوئيٽ سان ميٽنگ ٿي. بعد ۾ Evaluation رپورٽ واري پروجيڪٽ تي ڪم جاري رکيم. ليب ۾ مس بندو ۽ ڊان مُري سان ميٽنگ ٿي.
خاص ڳالهيون: David Murray اي ميل مُڪي ته اڱاري تي Dinner لاءِ ايندس. (2) Writing Center ويم. (3) پاڪستان جو Chief Justiceسپريم ڪورٽ بحال ڪيو.
***
Saturday 21 July 2007
WIU, USA
ڀاءُ شفيق ڏانهن خط
اڄ اپارٽمينٽ ۾ رهي پراڻن فائلن ۽ ڪتابن کي ترتيب ڏيڻ بعد، شفيق ڏي تفصيلي خط لکيم جيڪو 13 صفحن تي مشتمل آهي. شام جو گالف ڪلب تائين ڊگهي صحت مند واڪ ڪيم.
خاص ڳالهيون: (1) Lawan نيپالي دوست بوسٽن کان ڳالهايو. (2) Nobu Hero نيويارڪ مان فون ڪئي. (3) شفيق جو خط مڪمل ڪيم. (4) شام جو Cap. Rick سلويشن ڊنر وٺڻ لاءِ آيو ليڪن مون معذرت ڪئي.
***
Sunday 22 July 2007
WIU, USA
Salvation Army
صبح جو 9:30 am تي Cap Rick ۽ Violeta مون کي کڻڻ آيا، S. Army جي دفتر وياسين جتي تقريب بعد Cap. Owan ۽ Cap. Suzan سان ملاقات ٿي هُن چيو ته اوهانجي شڪاگو رهائش جو مسئلو حل ڪريان ٿو.
خاص ڳالهيون: (1) لاون بوسٽن کان ڳالهايو. (2) مير ڀٽي ۽ سميع نوناري ٺُل مان Chatt ڪئي.
***
Monday 23 July 2007
WIU, USA
Exit Wesl
صبح جو ٺيڪ 8 وڳي Stipes Hall 121 ويم جتي WESL جي شاگردن جي Exit test هئي، کين Ms. Dinna loyet Linda, ۽ ٻيا ڪُل استاد موجود هئا، جيڪا 11:30 am تائين جاري رهي. بعد ۾ لنچ ڪيم ۽ سيل هال ويم جتي رزلٽ تي ڪم ڪيم.
خاص ڳالهيون: (1) 3 وڳي Writing Class ويم. (2) فون تي قيوم، گل ۽ ٻين دوستن سان ڪراچي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
Tuseday 24 July 2007
WIU, USA
دستوري طور صبح جو سوير اٿي Seal Hall ويم، جتي مس لوئيٽ سان ميٽنگ بعد refwork.com تي ڪم لاءِ Abbey جي Seat تي ويهي سڄو ڏينهن ڪم ڪيم. شام جو اپارٽمينٽ تي ريسرچ جو ڪم جاري رکيم.
خاص ڳالهيون: (1) Kirn واشنگٽن ڊي سي مان فون ڪئي. (2) تحقيقي مضمون کي فائنل ڪرڻ لاءِ Writing Center ، 3وڳي ويم.
***
Wednsday 25 July 2007
WIU, USA
جهڙ ڦڙ جهور جهڪور، سج سرلي ڍڪيو
قاسم اُتر پار ڏي ڪڪر ڪاريءَ ڪور
اڀي سارنگ سامهان ڪن ٽهوڪا مور
اُٿو آب اتور، ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪيا
(خليفو نبي بخش)
جو آيو، سو اگهيو!
دستوري طور تي Seal Hall وڃي صبح جو مس لوئيٽ سان ميٽنگ بعد Tilman Hall ويم refwork.com تي WESL, Alumni Data جو ڪم جاري رکيم. اڄڪلهه WESLجي exit ٿيڻ ۽ ڪوريائي ۽ ميڪسڪن اسٽوڊنٽ جي وڃڻ جا آخري ڏينهن آهن ۽ سندن منهنجي انٽرنشپ جا به پڇاڙڪا ڏينهن آهن تنهنڪري ماحول ٿڌو آهي.
شام جو 3 وڳي Ceremony هُئي، وڏي گرم جوشي ڏسڻ ۾ آئي، شاگردن جا هوڪرا، ٽهڪڙا، خوشبوءَ جا جهوٽا، ڪئمرائن جا چمڪاٽ ۽ وڏا وڏا زندگي سان ڀرپور ٽهڪ ٻڌڻ لاءِ مليا، کين خيرن سان هڪ ڪلاڪ ۾ سڄو پروگرام پورو (Wrap up) ٿيو.
بعد ۾ مون ڪجهه گهڙيون اپارٽمنٽ تي آرام ڪرڻ لاءِ آيم جتان 5 وڳي Prof. Don Murry مون کي Pick ڪيو اسين Great Wall Buffett ۾ وياسين جتي پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام هو، کين ٽيبل تي مون Kevin Timlin ۽ Prof. Rosmarry ويٺاسون، ڏاڍو شاندار پروگرام هو بعد ۾ Prof. Don مونکي گهر ڇڏيو هت جا سڀ پروگرام زندگيءَ جي جوڀن سان ڀرپور هوندا آهن، ڇو ته آمريڪي زندگي جي هر گهڙي کي انجواءِ ڪري ڄاڻن ٿا، خاص طور يونيورسٽي جا مست الست جوان ۽ جوانڙيون مينهوڳي کانپوءِ رنگ برنگي انڊلٺ جيان زندگي جي سڀني رنگن سان ٽمٽار هوندا آهن.
جو آيو، سو اگهيو! (شاه)
***
Thursday 26 July 2007
WIU, USA
Capital Room + Graduate Ceremony
صبح جو Seal Hall ويم، جتي مس لوئيٽ سان ملڻ بعد Tilman هال وڃي ڊيٽا تي ڪم ڪيم، کين 11:50 am تي Capital Room هال ويم جتي گريجوئيشن WESL تقريب هئي، جنهن ۾ گهڻن شخصيتن سان وائيس پريذيڊنٽ آف يونيورسٽي به هئي، جنهن تقرير ڪئي، ڏاڍو سٺو پروگرام ٿيو. عرب ۽ آمريڪي دوستن ساڻ رهاڻ ٿي.
هي WESL گريجوئيشن انگريزي ۾ Exit Test پاس ڪرڻ بعد ملندي آهي، جيڪا گريجوئيشن هت ويسٽرن يونيورسٽي ۾ مون به شروعات ۾ ڪئي هئي، هي هڪ قسم جي Bridge Term آهي، جنهن دوران استاد آمريڪي ڪلچر، انگريزي ٻولي، عام آمريڪي زندگي جي وهنوار بابت، روزمره جي زندگي جا اصول ۽ هڪ شاگرد يونيورسٽي زندگي ۾ ڇاٿو محسوس ڪري ۽ ڪهڙا مسئلا درپيش آهن تنهن کان آگاهي ڏيندا آهن، ڏاڍو پرجوش ۽ رنگين ڪورس آهي. مون خوب انجواءِ ڪيو.
***
Friday 27 July 2007
WIU, USA
WESL-Interenship 300 Hours
انساني زندگي جي هر گهڙي ڏاڍي قيمتي ٿئي ٿي پر ڪي لمحا هميشه لاءِ يادگار هوندا آهن، اڄ هن (ICS) انٽرنيشنل اسٽڊي سينٽر ۾ WESL سان انٽرينشپ جو آخري ڏهاڙو آهي، گذريل 10 هفتن کان انٽرينشپ مينٽر طور ڪُل 300 ڪلاڪ مون کي WESL پروگرام سان ڪم ڪرڻو پيو، کين منهنجي سپر وائيزر مئڊم ڊيانا لوئيٽ Ms. Dianna loyet هئي، جيڪا پنهنجي سڀاءُ ۾ انتهائي سادي ۽ ڪنهن به قسم جو Face expression ڪنهن به موقعي تي ڪونه ڏيندي آهي، شايد مسڪرائڻ به مونکان سکي، ليڪن مجموعي طور رويي ۾ سادي، مِٺي ۽ سمجهه ڀري آهي، هڪ ايڊمنسٽريٽر طور آمريڪا ۾ ته فٽ آهي ڇو ته هت هر شخص کي پنهنجي ذميواري جو احساس آهي، تنهنڪري ڪم هلائي وڃي ٿي باقي پاڻ جهڙن ملڪن ۾ ايڊمنسٽريٽر کي انتهائي aggressive رهڻو پوي ٿو. بهرحال اها منهنجي خوشنصيبي هئي جو انتهائي سادو سود و مزاج رکندڙ انتهائي قابل، پروفيشنل ۽ پنهنجي انتظامي شعبي ۾ ڀڙ عورت سان ڪم جو موقعو مليو ان سان انٽرنيشنل سينٽر جا 19 ماڻهو جنهن ۾ 14 عورتون ۽ 5 مرد شامل آهن، انهن کان به سکيا جو خاصو موقعو مليو. انتظامي لحاظ سان آمريڪي منتظم بيٺي بيٺي ماڻهن جا ڪم اُڪلائي ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن پنهنجي گهربل اختيار ۽ وس ۾ ڪونه اٿن ته پنهنجي مدد (Self Help) ڪتب آڻي اڳين جو مسئلو سولو بڻائيندا. پاڪستاني اداڪار نما رشوتخور آفيسرن وانگر تيلي مان ٿنڀو بڻائي مشڪلاتن جا پهاڙ ڪونه ٺاهيندا بلڪ هر رستو سولو ۽ احسن بڻائيندا.
***
Saturday 28 July 2007
WIU, USA
11 وڳي اٿي تڙ (Bath) ڪري هيٺ ڪرسٽينا (آمريڪي شاگردياڻي) جي ڪمري ۾ آيم جيڪا زبردست قسم جي (Volunteer Activist) آهي، تازو 300 ميل سائيڪل تي ٽن رياستن جو دورو ڪري واپس وري آهي، هن جو چوڻ آهي ته انهي دوران مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ والنٽيئر طور سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ حصو ورتائين.
***
Sunday 29 July 2007
WIU, USA
چاچا محمد حسن ۽ اُن جي پٽن ڏانهن خط
صبح جو ارشاد احمد، ديدار، عابد ۽ چاچا محمد حسن ڏي مشترڪه خط لکي پوءِ سمهي پيم. دير سان اٿي ميل چيڪ ڪيم. شام جو Long Walk يونيورسٽي صدر جي بنگلي تائين ڪيم .
***
Monday 30 July 2007
WIU, USA
Mexican Hotel + Don Murray
صبح جو Prof. Don Murray فون ڪئي ته عبدل هلو ته ٻاهر ناشتو ڪريون، چيم ته مونکي 20 منٽ ڏي ته تڙ پاڻي ڪري تيار ٿي وٺان، هو ٺيڪ 11:30 تي پنهنجي پيجارو ۾ کڻڻ آيو، کين Mexican Hotel تي وڃي بيٺو، جتي مون مذاق ڪندي چيومانس اوهان آمريڪي به عجيب آهيو هي الي ڪهڙي قسم جو ناشتو آهي؟ منجهند جو 12وڳي ڪريون ٿا. هي همراه ناشتي ۾ Bear پيئي پيو، مون سادي Diet Cocacola ناشتي ساڻ ورتم کلي وراڻي ڏنائين عبدل سو پاڻ Brunch ڪريون ٿا. بعد ۾ Community Resturant ڪافي پيئڻ وياسين. بعد ۾ مون کي ليموئن ڳوٺ ڇڏيائين، شام جو مون فل برائٽ نيويارڪ جي آفيسر انڊريا کي Appointment Terms اسڪين ڪري ميل ڪيم.
***
Tuesday 31 July 2007
WIU, USA
Prof. Bill Thomson + Library Incharge
معمول موجب ناشتو پاڻي ڪري لئبريري ويم. جتي Bill Thomson سان احوال ٿيا، بل ٿامسن 40 ورهين جي عمر ۾ به اڪيلو آهي،کين گهر ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ڪتاب موجود اٿس، ان سان گڏ 100 ٻليون ۽ 10 ڪتا پالي رکيا اٿس هن جي اپارٽمنٽ پارٽنر مس شيلا به ساڳيو شوق رکي ٿي. جنهن کي درخواست ڪيم ته انٽرنيٽ لائبريري سسٽم بابت ڪجهه معلومات ڏي. هُن چيو جهڙي وقت اوهان کي ضرورت هجي هليا اچو. بعد ۾ 3 ڪلاڪ تائين مختلف اسمن بابت ريسرچ ڪندو رهيم.
خاص ڳالهيون: (1) گهر بيگم هزار ناز صاحبه سان ڳالهه ٻولهه ٿي. (2) شام جو ڊگهي واڪ ڪيم (3) لاون بوسٽن مان ڳالهايو. (4) فل برائيٽ اسڪالر ڊاڪٽر رضوانه نيويارڪ مان واشنگٽن پروگرام لاءِ معلوم ڪيو. (5) ماسا شام واري ٽرين ۾ شڪاگو ويو جتان هي اربع ڏينهن جپان لاءِ فلائٽ وٺندو.
***
Wednesday 1st August 2007
WIU, USA
خالد ۽ حاجي يعقوب بليدي
اڄ صبح جو اٿي ڪري تيار ٿي پوسٽ آفيس ويم جتان انڊريا کي نيويارڪ ليٽر روانو ڪيم، بعد ۾ Down Town جو چڪر هڻندو اپارٽمنٽ تي واپس آيم. جتي آرام بعد Mathew I فلم ڏٺم. جيڪا (Christ) جي زندگي ۽ تعليم بابت آهي. Histrocical فلم ذهن ۾ تاريخ جو تصور چٽو ڪري ڇڏيو.
خاص ڳالهيون: (1) خالد بليدي ولد حاجي محمد يعقوب بليدي صبح جو 5 وڳي ڄامشورو مان ڳالهايو.
***
Thursday 2 August 2007
WIU, USA
دستور موجب اٿي ڏندڻ پاڻي ڪري لائبريري ويم، جتي ڳپل وقت ريسرچ کي ڏنم.
خاص ڳالهيون: شام جو ڪيپٽن رڪ فون ڪئي.
***
Friday 3 August 2007
WIU, USA
صبح جو لائبريري ويم جتي ابراهيم لنڪن بابت مواد حاصل ڪيم ڇو ته سڀاڻي Spring field جو Trip آهي سپرنگ فيلڊ ابراهيم لنڪن جي جنم ڀومي آهي.
***
Saturday 4 August 2007
WIU, USA
هيومن ڊسپوزل
صبح جو 8:40 am تي Rick ۽ Violata سلويشن آرمي ڊگهي / وڏي گاڏي ۾، ليموئن وليج کان اسان کي کڻڻ آيا، منهنجو دروازو 8:40 تي پريم نيپالي کڙڪايو ۽ چيائين ته هلو ته هيٺ هلون وين اچي ويئي آهي، جتي اسان کان اڳ ۾ يوڪي (جپاني) ياسڪا (جپاني) جُنڪو (جپاني ڇوڪري)، سوزڪي (چيني ڇوڪرو) اسين مذاق ۾ هن کي هيومن ڊسپوزل سڏيندا آهيون هو به خوش ٿيندو آهي.) هيومن ڊسپوزل هن کي انهي ڪري سڏيندا آهن جو هي 23 سالن جي عمر ۾ 12 يا 14 ماڻهن جو کاڌو هڪ وقت کائي ويندو هو ۽ پوءِ سڄو ڏينهن سائڪلنگ ڪندو وتندوآهي، هنکي پنهنجي چيني ماءَ گهر وڪڻي ميوزڪ جي تعليم وٺڻ لاءِ آمريڪا موڪليو آهي. بعد ۾ Christiy (آمريڪي ڇوڪري) کي کنيوسين پوءِ سڌو اسپرنگ فيلڊ جو رخ رکيوسين 2 ڪلاڪن جي مسافت بعد اسپرنگ فيلڊ پهتاسون.
***
WIS, USA
1-315 Lamoine Village
شام سے سوچ رہا ہوں ناصر
چاند کس شھر میں اُترا ہوگا
دائم آباد رہیگی دنیا
ہم نہ ہونگی کوئی ہم سا ہوگا۔ (ناصر)
Hey! You take our Photo!??
مون در کولي ڪمري کان ٻاهر موسم ڏسڻ لاءِ جهاتي پاتي ته ڀر واري ڪمري جي ٻاهران اڌڙوٽ خوبصورت آمريڪي جوڙو بيٺو هو ته مرد رڙ ڪري چيو ته Hey! You take our Photo? مون چيو هڪڙو منٽ ترسو، آئون اندر پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي کين ٻرندڙ چلهو بند ڪيم ڇو ته مون چانهه پئي ڪاڙهي، سو مون بعد ۾ هنن جي ڪمري ۾ داخل ٿيس کين ٽي ڇوڪريون هڪ ڪارو آفريڪي ڇوڪرو ۽ جوڙو قطار ٺاهيون بيٺا هئا، هو کين فوٽو لاءِ Setting ڪري رهيا هئا ته عورت مرڪندي مون کي ڪئمرا ڏيندي گذارش ڪئي ته فوٽو ڪڍو، مون هُنن جا ٻه Shorts ورتا، بعد ۾ هرهڪ هٿ ملائيندي پنهنجو تعارف ڪرايو مرد حضرات ٻڌايو ته هي منهنجي ڌي Anny آهي جيڪا هن ڪمري ۾ رهندي، اسين هن کي ڇڏڻ آيا آهيون، باقي ٻه نوجوان ڇوڪريون به هنن جون ڌيئرون هيون ۽ عورت هُن جي زال هئي ۽ ڪاري آفريڪي ڇوڪري جو تعارف وڏي شان مان سان ڪرائيندي ٻڌايائين ته هي Anny جو Boy Friend آهي. هن کي ڏسي مون کي هُن جي ڀاڳ تي رشڪ ٿيو جو Anny انتهائي حسين خوبرو گوري ڇوڪري هئي ۽ هي ڪنگلو ڪارڙو هو، بهرحال وڏي ڳالهه مون کي Cultural Differences جي معلوم ٿي ته هي پنهنجي ڌيئرن جي Boyfriends جو تعارف فخر سان ڪرائين ٿا، اسان وٽ انهي ڳالهه جو تصور نه آهي، بلڪ شڪ جي بنياد تي ڪافي خوبصورت جوڙا اسانوٽ ڪاروڪاري بڻجي ڪهاڙين جو بک بڻجي وڃن ٿا. جيڪو هڪ وڏو ثقافتي فرق آهي.
***
آمريڪي ماني کائڻ وقت دروازو ڪونه کوليندا آهن.
اسان کي ڪلاس ۾ ٽمپل يونيورسٽي فلاڊيلفيا جي هڪڙي آمريڪي پروفيسر ٻڌايو ته آمريڪي جيڪڏهن ماني کائي رهيا هجن ۽ گهر جو دروازو کڙڪندو يا گهنٽي وڄندي ته آمريڪي دروازو ڪونه کوليندا آهن. اِها پراڻي روايت آهي، مونکي ته عجيب ڏند ڪٿا لڳي.
***
11th, August 2007
WIU, USA
I know only one thing that I know nothing – Socrate
‘مان صرف هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿو، اُها اها ڳالهه ته مان ڪجهه نٿو ڄاڻان. (سقراط)
ڪي ڪي ماڻهو عهدن لاءِ قوم ڪمائي ويندا آهن
ڪي ڪي ماڻهو قوم جيارڻ لاءِ پاڻ وڃائي ويندا آهن.
(جُمن دربدر)
Sago Mine ۽ نواب اڪبر بگٽي جو غار ۾ موت
ٻه هفتا اڳ Sago Mine ۾ ڌرتي جي لڏڻ سبب هڪ سئو ميل ڊگهي ڪوئلي جي سُرنگ پٽ پئجي ويئي، جنهن ۾ ڪئين مزدور اندر ڦاسي پيا، 9 ڏينهن جي ڊگهي ڳولا ۽ کوٽائي وسيلي ڄڻڪ ڳولا ڪندڙ ۽ عزيز قريب ٿڪجي پيا هنن جي اها ڪوشش هئي ته فوري طور جيڪڏهن سڌو سنئون اندر نٿو پهچي سگهجي ته کين ممڪنه طور سوراخ ڪري اندر آڪسيجن، کاڌ خوراڪ اڇلائي پهچائي سگهجي، جيڪا سرنگ اندر مزدورن جي زندگي جي ڏيئي کي سگهه واري تيل جو ڪم ڏيئي سگهي. آخرڪار 9 ڏينهن بعد سڀ مايوس ٿي ويا، ليڪن اوچتو يارهين ڏينهن هُنن ڇهه ڪارڪن کي زنده ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويا، ان گهڙي انهن ڪارڪنن جا مٽ مائٽ چرچ ۾ هُنن جي موت تي مذهبي دعائون پڙهي رهيا هئا ــ جڏهن اوچتو! چرچ ۾ Cell Phone تي انهن جي حيات هجڻ جي خبر ٻڌائي وئي ته سڀ رُئندي هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا، اهو آهي آمريڪي ادارن جو سچائي سان ڳولا جو نتيجو.
ان گهڙي منهنجي ذهن ۾ اڪبر بگٽي جي غار جو تصور Imagination اچي ٿو، جنهن کي بي دردي سان قتل ڪري، هڪ لوهه جي صندوق ۾ بند ڪري وڏو تالو هڻي، ڊيره بگٽي پهچايوويو ــ جتي جنرل، مُشي جي سِول سرونٽ منشي، نواب بگٽي جي واچ ۽ چشمو ڏيکاري کِلي کِلي صحافين تي تحمت آميز ٿرڊ گريڊ لهجي ۾ هنجي موت جو قصو ٻڌائي رهيو هو ــ انهي مهل يقينن چلتن ۽ بولان جا پهاڙ ۽ ماران جي وادي شهباز خان جي شهادت تي بي اختيار ڳوڙها ڳاڙيا هوندا. شهباز خان جيڪو شاهن جيان زنده رهيو ۽ عقاب واري اڏام زندگي جي آخري گهڙين تائين جاري رکي، اسي سالن ۾ ماڻهو شڪست خوره ٿي بيمارين ۽ زندگي جي ٿڪائيندڙ سَفر ۾ ٿج ٿي موٽ کائيندو آهي ليڪن هُن پنهنجي سانتاڪلاز جهڙي اڇي ڏاڙهي ۽ ڳاڙها ڳٽول ڳٽا خون سان رنگي، مُٺ ۾ پٿريلا ڪنڪر ڀڪوڙي .... اُٺ تي چڙهي رات جي پيٽ ۾ هڙڪ هلو ڌيما هلو واري ٽور سان مري قبيلي جي علائقي ۾ غار اندر رهائش اختيار ڪئي. جنهن ماڻهو شهنشاهن واري زندگي گذاري تنهن پنهنجي بي پناهه انا Super Ego ... اصولن تي ڪنهن سوديبازي ڪرڻ بجاءِ رياستي ڏاڍ سان مهاڏو اٽڪائڻ بهتر سمجهيو ۽ هن ڄاتو پئي ته “حق پني نه وٺبا پر ڇني وٺبا.” ڏسو 80 سالن ۾ هُن بولوويا جي جڳ مشهور گوريلي اڳواڻ چي گويرا وارو رستو چونڊيو.
***
29 آگسٽ 2007ع
WIU, USA
ڊائري جو ورق
صبح جو اسلام الدين سان بس ۾ (Down Town) مُک شهر وياسون، جتي Citizen bank سٽيزن بئنڪ ۾ Chase بئنڪ وارو اڪائونٽ ٽرانسفر ڪرايم، بعد ۾ اسلام الدين کي شهر گهمايم ڇو ته هي همراه هفتو اڳ هتي آيو آهي، جنهن لاءِ يونيورسٽي ۾ چوندا آهيون، يار ڍڳو آهي. سو هن کي جڳهين، هنڌن ۽ ضروري شين بابت شهر ۾ Guideline ڏنم. جنهن بعد بس تي واپس Lamoine Village اپارٽمينٽ تي آياسين، جتي اسلام الدين چيو ته مون شاهي بورچي آهيان اڄ توکي ڪڪڙ تيار ڪري کارائيندس جنهن بعد ۾ شام جو Research لاءِ 8 کان 10 بجه تائين لئبريري ويم، اسلام گڏ هو رات جي ماني: مڪس ڀاڄيون، دال، کير، ماني
خاص ڳالهيون: (1) ٺل کان بشير گولي فون ڪئي. هي درويش ننڍي لاءِ جو دوست آهي، بيحد سچو ۽ محنتي ماڻهو آهي. (2) مون امان، قيوم ۽ گهر وارن سان گفتگو ڪيم، (3) شام جو 5 کان 8 بجه تائين Prof. Gloria جو ڪلاس ورتم.
***
30 آگسٽ 2007ع
WIU, USA
صبح جو سوير Horibrun Hall وڃي Online مان ڪتاب ورتم. 20 منٽ بعد جانچ ڪيم، جن چيو، Malpass library وارن توهان تي Fine لکيو آهي. سو مک لئبريري جي Mrs. Peggy سان ملاقات ڪيم. جنهن سان خوب جهيڙو ٿيو مون چيو ته انصاف ڪونه آهي جو اوهان هيڏو سارو ڏنڊ رکي ڇڏيو آهي، جنهن جي جواب ۾ هُن چيو ته “اها اسانجي پاليسي آهي.” مون چيومانس ته پاليسي ماڻهو ئي ٺاهيندا آهن، ان ۾ بهتري ماڻهو ئي آڻيندا آهن ته هن چيو ته اوهان اهڙو ليٽر لکو اسين سوچينداسين.”
بعد ۾ مسٽر Mrs. Dinal… کي واشنگٽن ڊي.سي ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس بابت ميل مُڪم ته فنڊ ڏيارڻ ۾ مدد ڪري، باقي وقت لئبريري ۾ ريسرچ ڪندو رهيم شام جو 9 بجه تائين.
***
ڇنڇر، 1 سيپٽمبر 2007ع
WIU, USA
صبح جو فون جي گهنٽي جاڳايو 10 بجه اسلام الدين فون ڪئي ته اک کلي يار کي چيم ته مون اڃا ننڊ جي خمارن ۾ آهيان، پنهنجي ملاقات لئبريري ۾ ٿيندي. بعد ۾ اسين گڏجي عليءَ عرب جا فليٽ گهمندي واپس Research لاءِ لئبريري آياسين، جتي Online ڪريڪيولم ڪلاس لاءِ Websites سرچ ڪيم ۽ دوران Prof. Don Murraryسان Live Chatt ڪيم جنهن ساڻ صبحاڻ جو پروگرام سيٽ ڪيم.
بعد ۾ اپارٽمنٽ اچي ڪجهه گهڙيون آرام ڪيم.
خاص ڳالهيون: (1) ڏاڏا سائين ۽ بيگم هزار ناز سان ڄامشوري ڳالهايم. (2) اسلام الدين مُرغي پچائي. (3) يڪ، سوزڪي ۽ وليد سان ڳالهه ٻولهه ٿي.
WIU, Macomb, USA
هڪ ملاقات
رائن (آمريڪي 25 ساله فوجي جوان)، ڊائن (آمريڪي گريجوئيٽ، نوبو هيرو (جپاني گريجويئٽ) ۽ مون (فهيم نوناري)
هنڌ: رائن جو فليٽ ڊائرا. ٽائيم رات جو 7 کان 11 بجه تائين!
اصل ۾ (Daien) نوبوهيرو جي Honor ۾ الوداعي پارٽي ڪرڻ پئي چاهي، سڀني رائن جو گهر مناسب سمجهيو ڇو ته اتي رڌ پچاءُ جو سامان سڀڪجهه موجود هو انهيءَ کانسواءِ هي هڪ شاهي بنگلي نما فليٽ هو. همراه ترڪش پلاءُ Reciepi کي فالو ڪندي پچايو، کيس شروع ۾: (1) ساوا مرچ (2) مرغي (3) ٿوم (4)ڏهي (5) برائون چانور (6) ادرڪ (7) ريڊ سنبهو (8) پالڪ اٻاريل Drinks ۽ ٻيو سلاد جو سامان.
Dinner بعد ٽيبل تي ٺاهوڪا Dialogue ٿيا، ڪچهري ۾ هڪڙا فرضي ڪردار تيار ڪندي Diaen کي آمريڪي صدر بڻايو، سو انهيءَ بعد همراه يعني مسٽر بش پنهنجي پوري تقرير ۾ فرضي آمريڪي پاليسي بيان ڪئي. هن چيو ته سڀ کان اول مون پنهنجي دوست ڊائن کي ڊڪ چيني جي جڳهه نائب صدر مقرر ڪريان ٿو. Nobo Hero کي جپان لاءِ Ambassoder ۽ فهيم نوناري کي پاڪستان لاءِ آمريڪي سفير مقرر ڪريان ٿو. کين عراق ۽ افغانستان ۾ اسانجون فوجون مستقل رهنديون. ۽ عراق جو 80 سيڪڙو تيل آمريڪا کي ملندو ڇو ته آمريڪا تمام گهڻيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستان اسانجو ساٿاري آهي انهي جي مدد جاري رهندي. عالمي پاليسي کي ساڳي ڌارا ۾ وڌايو ويندو. .... ڏکڻ ڪوريا جي ڪم سنگ کي ساٿي بنائڻ لاءِ FBI کي حڪم ڪريان ٿو، سعودي ۾ مڪمل انصاف آهي تنهنڪري ان جي پٺڀرائي ڪئي ويندي. پاڻ کي انهيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي ته دنيا ۾ انصاف بحال ڪندي شينهن ٻڪري کي گڏ چرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. لمبي تقرير بعد همراه اسان ڏانهن نهاريو، سو ڪچهري جو ٻيو دور شروع ٿيو، گلاس کڙکيا ۽ راز نيار جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، ليڪن مون رڙ ڪئي ته ڪلام کان اڳ ۾ طعام لازمي آهي، سو ولايتي ۽ ديسي طريقي جي وچ مان رستو ٺاهي ماني به ميز تي لڳائي ڇڏي سون، جنهن کي وڻي ته اڳ کائي يا پوءِ کائي.
***
2 September 2007
WIU, USA
کوڙ کٽن تي کرڙيون هڻندي ماڻهو پنهنجي مدت مري ويا...
ڪي ته هئا سُرهاڻ جا جهوٽا،
ڄڻ ته وڄٺ جا ٺاٺ ٺري ويا!
(حليم باغي)
پروفيسر ڊان مُري جو شاعرانه ڳالهيون
صبح جو ساڍي 9 وڳي پروفيسر ڊان مُري جي فون اٿاريو، همراه چيو ته مون مک گيٽ وٽ 3 منٽ ۾ پجيرو ۾ پهچان ٿو، مون هن کي چيو ته مون کي 6منٽ تياري لاءِ گهرجن ٿا، همراه هائوڪار ڪئي، ڪجهه گهڙين ۾ هن جي پيجارو ليموئن ندي جي ڪناري واري روڊ تي فرڙاٽ ڪندي اڳتي وڌي رهي هئي، هو پنهنجي شاعرانه مزاج سان موسم سج، گلن ۽ پَن ڇَڻ جي رنگن بابت بي ساخته ڳالهائڻ لڳو، مون مُرڪي هُن کي ڏسي رهيو هئس ته هن جي سڀاڳي چهري تي انڊلٺ جهڙا رنگ ڦهلجي ويا، هو ڪڏهن ڀر واري شيشي مان وڻن ۽ گلن ڏانهن ڏسي چئي رهيو هو ته “فهيم! هو ڏس سج جي هلڪي هلڪي روشني وڻن جي پنن تي عجيب رنگ ٺاهي رهي آهي، ڏس ته ڪالهه جو چهچ سائو وڻ اڄ نيرو، پيلو، ڳاڙهو ۽ ناسي رنگن سان ڀرجي ويو آهي ۽ سڀاڻ اهي وڻ الف اگهاڙا ٿي ويندا. مون کي اڄ ته موسم جا اهي سڀ رنگ حسين محسوس ٿي رهيا آهن، ليڪن ويچارا وڻ يخ سردي ۽ برفباري ۾ جڏهن اگهاڙا ٿي ويندا ته مونکي انهن جي يتيمي تي روئڻ ايندو آهي.” هو مسلسل ڳالهائي رهيو هو ڄڻ ته خود ڪلامي (Monologue)ڪري رهيوهو. چئي پيو ته “فهيم! ڏس ته ڪيفيت ۾ ڪيڏو فرق آهي هڪ حالت موهيندڙ (حسين آهي) ٻئي حالت ڏکوئيندڙ ۽ غمگين آهي.” مون هن جي خيالن جي تسلسل کي ٽوڙڻ جي لاءِ بي اختيار کِلڻ لڳم ته هو حيران ٿي وراڻيوته ڇا ٿيو! مون مون چيو ته Don Murry اڄ ته تون مون کي چرچ ۾ پنهنجي ميوزڪ ٻڌائڻ لاءِ وٺي وڃي رهيوآهين پر ميوزڪ کان اڳ تون لفظن جي شاعرانه مصوري شروع ڪري ڏني آهي، هن چيو ڏِسُ چرچ سامهون آهي.” جهٽ ۾ هُن گاڏي کي ڊگهي پارڪنگ لان ۾ پارڪ ڪيو اسين اندر گهڙياسين ته مک دروازي تي 6 کان 8 ڄڻن جو خوبصورت پوشاڪ (فل سوٽ) ۾ چرچ جا Paster خوش آمديد ڪرڻ لاءِ بيٺا هئا ۽ کين مُرڪي مُرڪي کيڪاري رهيا هئا. ۽ سندن اڄ جي پروگرام جي ڪاپي ڏيئي رهيا هئا، اسين ڪاپي وٺي هيٺ Basement جي ڪچن ۾ وياسين جتي عورتون، ٻار ۽ مرد ڪافي وٺي رهيا هئا، اسان ٻه خالي ڪپ کڻي گرم ڪافي تيار ڪري ورتي سون، انهي دوران ڊان مُري منهنجو ماڻهن سان تعارف ڪرايو، جنهن Roger جيڪو ويسٽرن يونيورسٽي جي براڊ ڪاسٽنگ جو ڊائريڪٽرهو تنهن سان تفصيلي تعارف ڪرايائين، جنهن سان خوب گپ شپ ٿي، ڪجهه گهڙين ۾ Basement ۾ پاسٽرس جي ميٽنگ ۾ ڊان مون کي به وٺي ويو، جتي هُنن رسمي دعا بعد خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مون پنهنجو تعارف اهڙي ريت ڪرايو ته مون مسلم مذهب سان تعلق رکان ٿو. سنڌ، پاڪستان منهنجو ملڪ آهي، واري واري سان سڀني ڳالهايو، کين ميٽنگ ۾ 10 عورتون ۽ 6 مرد شامل هئا، جيڪي سڀئي چرچ کي هلائيندڙ هئا،بعد ۾ مٿي چرچ ۾ وياسين، جتي تقريب جي شروعات ٿي چڪي هئي، ميوزڪ تي ڊان ۽ چار ٻيا فرد جن ۾ 2 عورتون شامل هيون کين ڌن تي گيت ڳائي رهيا هئا. بعد ۾ پادري ڊگهي تقرير ڪئي جيڪا سڄو ورجاءُ هئي، يعني مون کي محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ مون اڳ به ڪٿي ٻڌي آهي بعد ۾ ياد آيو ته پاڻ وارا مولانا به ائين ماڻهن کي هدايتون ڪندا آهن. تقريب بعد ٻاهر هال ۾ آياسين ته گهڻن مردن ۽ عورتن اچي مون سان هٿ ملايو، هڪڙي عورت هٿ ملائيندي چيو ته ڪنهن مونکي ٻڌايو آهي ته “اوهان پروفيسر آهيو ته مون هن کي چيو ته مون Don Murry جو شاگرد آهيان، ڊان مُري فلسفي جو پروفيسر آهي، بعد ۾، 1 وڳي ڊان مون کي اپارٽمنٽ واپس اچي ڇڏيو. چرچ ۾ سينگاپور کان ماسٽر پروگرام لاءِ آيل Ms. Wlyn ڏاڍي پرجوش طريقي سان ملي. شام جو 7 وڳي اسلام الدين ساڻ ڊگهي واڪ تي ويم جنهن دوران علي فلسطيني جي هائوس تي به وياسين هُن ساڻ اسلام الدين رهائش بابت ڳالهايو.
ناشتو: نارنگي، صوف ۽ چانهه، مانجهاندو: ٻه Whole Whet جون تازيون مانيون، مرغي، سلات ۽ لسي جا ٻه گلاس، رات جي ماني: دال، ماني، کير، چانهه
***
Monday 3 Sep: 2007
WIU, USA
صبح جو ڊپارٽمنٽ وڃي Dr. R. Hall سان ملاقات ڪري کين Illinois.Laws بابت بحث ڪيم ۽ ريسرچ پيپر لاءِهن ڪجهه ويب سائيٽ تجويز ڪيون، مون IL.state آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعليمي قانوني ڪوڊ Law تي تحقيقي پيپر لکي رهيو آهيان. هي وڏي مٿاڪٽ وارو ڪم هو، چيلينج سمجهي قبول ڪيو آهي. بعد ۾ Malpass Library ۾ شام تائين ڪم ڪندو رهيم.
خاص ڳالهيون: ٺل کان ڀاءُ خادم نوناري، شفيع محمد سرڪي صاحب ۽ حبيب الله بجاراڻي صاحب سان ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
Tuesday 4 Sep: 2007
WIU, USA
Calli – Clinical Class
11 وڳي ويسٽرن سينٽر وڃي Miss. Errin سان Strike تي بحث ڪري Dr. Lora Wolff وارو پيپر فائنل ڪيم، مس اِرن ڪلاس ۾ اسائنمنٽ پارٽنر آهي، 12 وڳي ڪرسٽل هال وڃي اسپيچ ٿراپي جو پهريون ڪلاس اٽيڊ ڪيم کين Calli - Clinical نالي گريجوئيٽ ڇوڪري آهي، جيڪا ٽيچر آهي ۽ کين سپروائيزر طور Dr. Bob Qizal سان ابتدائي بحث ٿيو ڪلاس ڏاڍو دلچسپ رهيو.
شام جو اسلام الدين سان ڊگهي واڪ اوسن هال تائين ڪئي سون ۽ رات جي ماني پڻ گڏ کاڌي سون.
خاص ڳالهيون: امان، يحيٰ ۽ٻين گهر ڀاتين سان ڳالهايم.
***
Wedensday 5 Sep: 2007
WIU, USA
اڄ شام جو ڊاڪٽر گلوريا جو ڪلاس 5 بجي کان 8 تائين اٽينڊ ڪيم ڏاڍو سٺو لڳو کين ESL/EFL جي مختلف پهلوئن تي بحث ٿيو.
***
Monday 7 Sep: 2007
WIU, USA
“No pain, No Gain”
Sophomore Student
صبح جو اٿي ڏندڻ پاڻي ڪري، ميل چيڪ ڪري، 10 بجه ڊاڪٽر E. Baker وٽ ويم جتي نرس ۽ ڊاڪٽر ڊگهو انٽرويو ۽ چڪاس ڪئي چڪاس جو عمل هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو، هن اڳ Lipid Profile ۽ ٻيون CG جيري سميت سڀ ٽيسٽ بهتر آيون آهن، کان هاڻ ڊاڪٽر سڀڪجهه کائڻ جي اجازت ڏني آهي، اڄ هڪ Sophomore ائٿليٽ جي شاگردياڻي کي ڊاڪٽر منهنجي اجازت بعد وٺي آيو جنهن به ڪجهه سوال پڇا ڪيا. بهرحال 12:20 pm تي همراه اجازت ڏني بعد ۾ لائبريري اچي گلوريا جي ڪلاس لاءِ ليسن پلان تي ڪم ڪيم ۽ کين گلوريا کي اي ميل موڪليم ته ڪهڙي مجبوري سبب پهچي نه سگهيم. ڇو ته ڊاڪٽر سان 11 وڳي ملاقات هئي پر ڊاڪٽر E. Baker جي ڊگهي چڪاس سبب ڪونه وڃي سگهيم، کين گلوريا سڀاڻي لاءِ چيو ته اچو ته مسئلو حل ڪري وٺنداسين.
شام جو Wall Mart وڃي کائڻ پيئڻ جو سامان وٺي آيم آرام ڪري شام جو اسلام الدين سان گڏجي ڊنر ڪيم ۽ Math هن کان سکيم.
خاص ڳالهيون: (1) John سان بس ۾ ڪچهري ٿي. (2) شڪاگو مان هلال ڪڪڙ قدير وٺي آيو (3) Dr. Hall کي واشنگٽن ڪانفرنس لاءِ اي ميل موڪليم.
***
11 Sep: 2007
WIU, USA
صبح جو اٿي گلوريا جي سڀاڻ واري ESL/EFL واري ڪلاس جي تياري لاءِ Freeman ڪتاب جا پنج باب پڙهي پورا ڪيم. بعد ۾ ميل چيڪ ڪري اڄ جون اخبارون ۽ بي بي سي کي جانچيم. سڄي جهان ۾ لڙ آهي، ٺيڪ هڪ وڳي ڪرنس هال ڪالي ۽ بوب ڪوئزل سان اسپيچ ٿراپي ڪلاس ورتم بعد ۾ رات جو 9 وڳي تائين ڪريڪيولم جي ڪلاس واسطي آن لائين ريسرچ ڪندو رهيم.
***
12 Sep 2007
WIU, USA
سڀ ڏينهن جهڙي ريت مصروف گذرن ٿا اهڙي ريت اڄ به مصروف رهيم. شام جو 5 وڳي گلوريا جو ڪلاس ورتم. شام جو اسلام الدين سان ڊنر ڪيم هن ديسي ڪڪڙ تيار ڪيو.
خاص ڳالهيون: (1) ڄامشوري مان بيگم هزار ناز ۽ دادا جان ڳالهايو. (2) نيويارڪ مان فل برائٽ اسڪالر ڊاڪٽر رضوانه فون ڪئي. (3) اُنڙ واهه کان ماسٽر عبدالنبي جعفري فون ڪئي.
***
13 Sep: 2007
WIU, USA
اڄ 1 وڳي اسپيچ ٿراپي جو ڪلاس Calli سان ورتم. بعد ۾ لائبريري ويم.
خاص ڳالهيون: (1) ڀاءُ خادم نوناري ٺل مان فون ڪئي.
***
14 Sep: 2007
WIU, USA
$ 600 ڊالر انعام مليو
صبح جو 9 بجي اٿي ناشتو وٺي لائبريري ويم جتي واشنگٽن ڊي سي فل برائيٽ المناءِ ڪانفرنس جو پروگرام معلوم ڪري بعد ۾ ايجوڪيشن ليڊرشپ ڊپارٽمنٽ وڃي Dr. R. Hall سان مليم. جنهن اها خوشخبري ٻڌائي ته “فهيم اسان 600 ڊالر توکي انعام طور ڏينداسين تون ڪانفرنس اٽينڊ ڪَر. بعد ۾ لائبريري وڃي Law Class بابت ريسرچ جاري رکيم.
خاص ڳالهيون: (1) رات جو حيدرآباد انور ۽ انجي سڄي فيملي سان ڳالهايم. (2) ٺل امان وارن سان به ڳالهايم.
***
15 Sep: 2007
WIU, USA
Western Union
صبح جو اسلام الدين سان گڏجي Salvation Army وياسين جتان ڊائون ٽائون کان بس ذريعي Hayee اسٽور وياسين جتان 666 ڊالر عمران کي ويسٽرن يونين ذريعي سنڌ موڪليم بعد ۾ ڊالر شاپ تان خريداري ڪري واپس آياسين.
خاص ڳالهيون: رات جو بيگم نازو کي فون ڪري پئسن بابت آگاهي ڏنم.
***
16 Sep: 2007
WIU, USA
اڄ Dr. Lora جي ڪريڪيولم ڪلاس بابت تياري ڪندي گذريو، سڄو ڏهاڙو پاڻ کي بند ڪري 200 صفحن جو ڪتاب پڙهي پورو ڪيم، رات جو اسلام الدين مون وٽ آيو کين مرغي ۽ ماني تيار ڪري کاڌي سون.
خاص ڳالهيون: واشنگٽن يونيورسٽي کي پي ايڇ ڊي لاءِ خط روانو ڪيم. (2) ڊاڪٽر گلوريا کي ليسن پلان لاءِ اي ميل ڪيم.
***
17 Sep: 2007
WIU, USA
Organic Food Festival
اڄ 10 وڳي لائبريري ۾ Inter Loan Books ۾ Extend ورتم، جنهن بعد ICS طرفان Orgnic Food ڪيفي ۾ مون ۽ ماسا وياسين جتي Tomni, Ali, Johan, Kivi, Angiee روسي Diana، Christin، مهندر ۽ ٻين ڪافي دوستن سان ملاقات ٿي، کين Orgnic food کائيندي ڏاڍو مزو آيو، Free food عالمي شاگرد مِس نه ڪندا آهن. ڇو ته اڪيلن جو الهو تلهو الله تي ڀروسي وارو هوندو آهي.
خاص ڳالهيون: (1) وڪٽر گل کي فلاڊيلفا فون ڪيم کين ماءُ جي مرڻ تي تعزيت ڪيم. (2) وال مارٽ مان خريداري ڪري آيم.
***
30, Sept 2007
WIU.USA
باز اُڏامي ويو آ سائين،
قسمت آ ڦاسائي جهرڪي.
(منصور ملڪ)
Hey You!
اڄ سڄو ڏهاڙو پروفيسر گلوريا ۽ پروفيسر لورا جي ڪلاسن بابت assignment کي رف اسڪيچ ۾ Final ڪندو رهيم 6 وڳه اسلام الدين آيو ته پرويز سان گڏجي ڪار ۾ مسجد وياسين جتي عرب ۽ عجم گڏ هئا، دنيا جي مختلف مسلم ملڪن جا نوجوان افطاري وقت هڪٻئي سان مرڪي مرڪي تعارف ڪرائي رهياهئا، ڊگهي عرصي بعد اهڙو ماحول مليو آهي نه ته هتي مسلم ڪميونٽي پنهنجي جهان ۾ گم هوندي آهي.
بعد ۾ لئبريري وياسين جتان Curriculum Development جي 1 باب ۽ ڪتاب بابت Review مون Dr. Lorra کي نيٽ وسيلي پوسٽ ڪيم، انهي دوران Maddona جو مشهور عالمي نغمو نيٽ تي “Hey! you” ٻڌم جنهن ۾ سڄي دنيا جي ٻارن جي مستقبل بابت حسين خواب چٽيل آهن ۽ هڪ وڏي اميد Hope جا تصور پيش ڪيل آهن. اميد جيڪا انسان لاءِ وڏو ڏڍ ۽ آٿت هوندي آهي ــ ڪيڏي به رات طويل ۽ ڊگهي هجي پر صبح ضرور ٿيندي ــ لازمي ٿيندي ــ نااميدي ۾ مايوسي ۽ اونداهي جا برفيلا ڳرا جبل دهڙام سان ڊذ ڊز ڪري ذرو ذرو ٿي فضا ۾ اڏامي ويندا ۽ نيري آسمان جي گگن تي امن جا اڇا ڪبوتر اڏرندا ۽ هوائن ۾ بلبل ۽ ڪوئل جي مٺي لات ٻڌڻ ۾ ايندي. اها اميد آهي، ميڊونا جي هن نغمي جو مرڪزي خيال (Central Thought) اهو ئي آهي. اڄ STBB فون ڪري چيئرمين شمس الدين سولنگي صاحب کي رهيل پگهار ن لاءِ گذارش ڪيم جنهن تمام سهڻي موٽ ڏني. هن چيو انهيءَ تي غور ڪريون ٿا ــ انهيءَ کان اڳ ۾ سيڪريٽري قادر بخش رند سان به ڳالهه ڪيم ته هن کليل Favour ڪئي،چيائين ته بلڪل Support ڪندم ــ سٺي موٽ تي من ۾ ننڍڙي خوشي جو تصور پيدا ٿيو ــ ٻيو ته اڄ گهر وارن سان ڳالهه ٿي امان، قيوم، طفيل، شفيق، يحيٰ ڀاڄئه حسينا ۽ ڀاڄئه آمنه سان گفتگو ٿي، امڙ سانئڻ جون دعائون منهنجي لاءِ وڏو جهان آهن خدا جنهن کي چنڊ جيڏي حياتي ڏي.
جکرا جيئو شال، مندي نه سُڻان تنهنجي! (شاه)
ناشتو: ڪيلو، ماکي ۽ چانهه، منجهند: ماني ڪڪڙ، لسي ۽ ڪافي، رات: قدير، احسان، علي ۽ صابر طرفان مسجد ۾ افطاري
***
30 Sep:2007
WIU, USA
BZ its Change which bring new things. We fear from new things (Weldon Haliay)
آگميو آهي لڳهه پس لطيف چئي
وٺا مينهن وڏ ڦڙا ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇن ڇڏي، پٽ پئو، سمر سنڀاهي
وهوم لاهي آسرو الله مان
(شاهه)
اسين خاموش آهيون.
ڳالهيون پيٽ وَرن وڌي وڻ ٿيون وانگر هت به رات ڏينهن دماغ ۾ اهڙيون سوچون سرجن ٿيون جو جن جو سنڌ جي حالات سان تقابلي جائزو وٺندو آهيان ته ڇرڪ نڪري ويندا آهن، اڄ Dr. Gloria جي ڪلاس ۾ Helea آمريڪي شاگردياڻي Unequal Funding تي بحث ڇيڙيندي چيو ته ساليانو هڪ ايڊمنسٽريٽر پرنسپال کي هڪ سئو 100,000 هزار ڊالر ڏئي ٿو ۽ هڪ استاد کي 80,000 ان جي ڀيٽ ۾ ائڊمنسٽريٽر 60,000 ۽ 48,000 استاد لاءِ اسان وٽ آخر ۾ بحث کي ترقي پذير ملڪن ڏانهن وٺي ويندي هُنن کي مون اهو ٻڌايو پاڪستان ۾ ته گهڻن اسڪولن ۾ Restrooms حاجت پوري ڪرڻ لاءِ جڳهه ڪونه آهي، لئبريرين ليبارٽريون ٻين بنيادي سهولتن جو فقدان آهي ۽ کين استاد جو پگهار ته ايترو گهٽ آهي جو هو بنيادي زندگي جون سهولتون به ماڻي نه ٿو سگهي ته هنن آمريڪن جا وات گودو ٿي ويا ته ڇا اسڪولن ۾ Restrooms ڪونه آهن؟؟ مون چيو ته انهيءَ ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اها حقيقت آهي صرف اوهان پنهنجي جڙيل جنت جي دري کولي ڏسو ته دوزخ جا نظارا اوهان کي نظر اچي ويندا. ترقي پزير ملڪن جا ماڻهو خاموش ظلم سهندڙ جبل آهن نيٺ هڪ ڏينهن سڀ ڦاٽندا. پر سنڌ ۾ ٿورو ٿر واري پاسي هلي ڏسو ته تعليم نالي ڪا اعليٰ قسم جي سهولت ڪونه آهي. جنهن جي ڀيٽ آمريڪا ۽ يورپ سان ڪري سگهجي.
هون ڏونگر رو موريو، ڪانگر چوڻ ڪران،
گاج گڙوڪي نه پولان، هنيون ڦاٽ مران.
(ٿري شاعر)
***
ٻرندڙ جبل خاموش هوندا آهن
پر اندر ئي اندر سندن نسن ۾،
تتل ڌاتو چپ چاپ ائين گردش ڪندو رهندو آهي،
جيئن ماڻهو جي بدن ۾ گرم رت
ائين گردش ڪندي ڪندي
آخر ڪنهن ڏينهن اوچتو وٺي ڦاٽ کائيندو آهي،
۽ آسمان شعلا شعلا ٿي ويندو آهي.
اسين خاموش آهيون
(ارنيسٽ جولسن (انگلينڊ)
Posters
شام لئبريري وڃي EDL, 511 ڪلاس ۾ Online ڪلاس فيلوز جون Posters پڙهيم ۽ کين هڪ پراجيڪٽ بابت ريسرچ ڪيم کين لئبريري کان رات جو 9:30 وڳه اسلام الدين سان گڏ ليموئين گهمندا آياسين گپ شپ به ٿي.
خاص: (1) STBB جي سيڪريٽري قادربخش رند ۽ چيئرمين شمس الدين سان ڳالهه ٻولهه ڪيم.
(2) ٺل شفيق سان ڳالهايم (3) شفيق کان اول محمد عالم ٿهيم سان جيڪب آباد فون تي ڳالهايم جيڪو ڏاڍو سرهو ٿيو.
***
3 Oct: 2007
1-315 WIU, USA
Education Law Class
سڄو ڏهاڙو Law Class ۽ Education Philosophy ڪلاس جي assignment بابت تياري ڪندو رهيم. شام جو 5:30 تي پروفيسر گلوريا جو ڪلاس وٺڻ ويم. ڏاڍو دلچسپ رهيو. اڄ جي ڪلاس ۾ ٻوليءَ جي سکيا جي مختلف طريقن بابت Dr. Gloria ڳالهايو.
***
Thursday 4th Oct: 2007
WIU, USA
مور نه تن جو مَٽُ
سهڻيون منهنجيون سنڌڻيون ...
(اياز)
Come, vesta to live in this beautiful come with warm feelings of friendship. Bring your intellingence.
Your energy and your passion
To join with your good work.
Burn always in my soul
You are welcome here
I remember you.
Homeric Hynn (Translated by Francis Bernstein)
مٿيون اقتباس “A Day book of comfort joy” تان ورتم، مون کي ڪو خاص مقصد ته ڪونه سُجهيو ليڪن سِٽون سُٺيون لڳيون تنهنڪري لکيم، زندگي ۾ هونئين به گهڻيون شيون سڌو سنئون مقصد بيان نه ڪنديون آهن، ليڪن انهن شين، ادائن، لفظن ۽ رنگن ۾ ڪي اڻ ڏٺيون خوشين يا غم جي موسيقي جا ڪي پڙاڏا سمايل هوندا آهن تنهنڪري اهي مظهر انساني دل ۽ دماغ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندا آهن.
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري! (شاه)
هڪ وڳي Speech Therapy ڪلاس وٺڻ لاءِ بس ۾ Currens Hall ويم جتي Dr. Bob Quizil ۽ Calli سان Debate ٿي، بعد ۾ 2 وڳه Writing Center ويم جتي Ritta سان ريسرچ آرٽيڪل تي ڳالهه ٻولهه ٿي، بعد ۾ هڪ ڪلاس لاءِ لائبريري ۾ مختلف اسمن بابت Navigate ڪندو رهيم، ٺيڪ 4 بجه ڊاڪٽر آدم جي فلاسافي ڪلاس لاءِ Horribon Hall ويم. جتي هن پائلو فراري جي فلاسافي جي روشني ۾ ڪجهه حصا بحث هيٺ آندا ڪلاس ۾ 36 شاگرد ۽ شاگردياڻيون موجود هئا، Full Session ٿيو. آخر ۾ Law Philosophyسمجهايائين. مون کي مذهب ۽ معاشيات بابت نقطن متاثر ڪيو.
خاص ڳالهيون: (1) اسلام الدين کي Florida University ۾ Ph.d ۾ داخلا ملي هُن اها خوشبخري ٻڌائي.
***
5th Oct: 2007
WIU, USA
International Students Gathering
مُنهڙا گل گلاب جا، ڳل ڳچيون سڀ پٽ
چِتِ ٿئي چَوَ پَٽ، تن مهڪ ملير جي
(اياز)
ٺيڪ 12 وڳي Writing Center ويم Tugmi جپاني Tutor کان Article جو گرامر درست ڪرايم بعد ۾ لئبريري آيم جتي شام تائين! Research ڪندو رهيم. لئبريري ۾ History جي شاگرد ۽ پنهنجي دوست Mark سان Indegenous group بابت بحث ٿيو. هي نوجوان تاريخ ۾ خاصي دسترس رکي ٿو، اسان جا کليل بحث ٿيندا آهن.
شام جو Library کان ليموئن وليج تائين Christen سان سير ڪندو آيم جيڪا تازو بولويا جو Peace Corp طور 15 ڏهاڙن جو دورو ڪري واپس آئي آهي، کين پنهنجا تجربا بيان ڪيائين جيڪي دلچسپ معلوم ٿين پيا.
اڄ رات Lamoine Village انتظاميه طرفان مفت فلم ۽ کاڌي جو ٻاهر باغ ۾ بندوبست ڪيو هو کين ڪرسيون به مهيا ڪيائون، هرڪو پنهنجو ڪوٽ ۽ ڪمبل ساڻ کڻي آيو هو، ڇو ته هلڪي سردي معلوم ٿئي پئي. هي Socialize ٿيڻ لاءِ گڏجاڻي Gathering رکيل هئي. هي هڪ سُٺو تجربو آهي، ڇو ته وڻ وڻ جي ڪاٺي (International Students) جڏهن گڏجن ٿا ته نت نوان تجربا سامهون اچن ٿا.
رات جو Danial ٻڌايو ته Rain (رائن) اڄ پنهنجي گرل فرينڊ سميت عراق فوجي مهم تي روانو ٿي ويو، هي همراه منهنجو ڪلاس فيلو رهيو آهي ڇو ته Leadership جي ڪلاس ۾ پوليس ۽ فوج جا ڪافي آفيسر Administration ۽ Leadership جي اهميت ۽ اصول سمجهڻ لاءِ ڪجهه ڪورس (Class) کڻندا آهن.
***
6th Oct: 2007
WIU, USA
زندگي آزاد پل جو نانءَ آ (اياز)
ڏينهن ۽ راتيون پنهنجي جوڀن رفتار سان وقت جي ڦيٿي کي اڳتي ڌڪيندا پيا وڃن، اڄ شام جو Rick Bell مونکي لئبريري مان Pick ڪيو، کين Salvation Army جي ڊنر ۾ شرڪت ڪيم، جتي ڪمبوڊيا، سائوٿ آفريڪا، هانگ ڪانگ، چائنا، جپان، اٽلي، سعودي عرب، بنگلاديش، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا شاگرد شريڪ هئا، هي Exercise سوشيالائيز ٿيڻ لاءِ هڪ سُٺي مشق آهي، ماڻهو مختلف ملڪن جي شاگردن سان ملي نوان مشاهدا ۽ تجربا حاصل ڪري ٿو، رات جو بيگم هزار ناز سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
Sunady, 7th Oct: 2007
WIU . USA
Prof. Gloria
اڄ شام جو 7 وڳي Prof. Gloria پنهنجي مڙس Chirs ۽ ٻارن Mehva ۽ Leavf سان گڏجي منهنجي اپارٽمنٽ تي Dinner لاءِ آئي، هڪ استاد جو ڪٽمب ساڻ مون وٽ هلي اچڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، کين اسلام الدين رڌ پچاءُ ۾ مدد ڪئي، کين Chicken, Mutton ڇولا ۽ چانور تيار ڪيائين. جيڪي اٽڪل3 ڪلاڪ گڏ رهيا تمام ڊگهي ڪچهري ٿي. آمريڪين حوالن جا ڏاڍا ڀڙ آهن.
***
Monday, 8th Oct: 2007
بهار جي جهوٽيءَ جيان ڏينهن گذري ويو
سُپت ڀريا سُپرين ڪُپت ڪيم ڪريو،
ٿورين گهڻين ڏينهن ماڻهو وڃن مريو
تيسين قرب ڪريو، جيسين جيئرا آهيون جهان ۾. (شاه)
***
Tuesday, 9 Oct: 2007
WIU, USA
هڪ وڳي Speech Therapy Class لاءِ ڪَرن هال ويم. Calli سان Syntax، Morphology ۽ Phonitics تي بحث ٿيو.
جنهن بعد Library وڃي Educational Laws تي ريسرچ ڪيم. رات جو 9 وڳي اپارٽمينٽ تي آيم ته ترڪش دوست Zafar جو ليٽر مليو جيڪو Washigton D.C ڪانفرنس بابت هيو.
***
Wed: 10th Oct: 2007
WIU, USA
محبت جي دفتر جو ورق نه آهي ميرو. (منصور ملڪ)
صبح جو لئبريري ويم جتي Philosophy جي ڪلاس بابت ريسرچ ڪندو رهيم، شام جو 5:30 تي گلوريا جي ڪلاس لاءِ ويم جتي 8 وڳي تائين Amenda, Tomny، Fommar، Morian ۽ Grag ليسن پلان پيش ڪيا. ڏاڍا دلچسپ ۽ معلوماتي ليسن هُيا.
خاص ڳالهيون: رات جو عمران ۽ بيگم سان ڳالهايم جيڪي اڄ ٺل لاءِ روانا ٿي ويا. Macomb جي موسم اڄ شاندار رهي، سج جي آب تاب سان نڪرڻ جو ڏاڍو مزو آيو.
***
Thursday: 11th Oct: 2007
WIU, USA
منجهند جو Prof. Bobquizal ۽ Calli سان Speech Therapy جو ڪلاس Attend ڪيم بعد ۾ لئبريري ويم ۽ شام جو 4 وڳي Dr. J.Q Adam جو ايڊيوڪيشن فلاسافي جو ڪلاس اٽينڊ ڪيم.
***
Friday 12 Oct: 2007
WIU, USA
اڄوڪو ڏهاڙو Law ڪلاس بابت ريسرچ ڪندي لئبريري ۾ گذريو. شام جو اسلام الدين کان Maths سکيم.
خاص ڳالهيون: ٺل مان امان فون تي عيد مبارڪ ڏني.
***
Sat: 13 Oct: 2007
WIU, USA
منجهند هڪ وڳي اسلام الدين شاهه سان گڏجي Library ويم جتي 3 ڪلاڪ مٿاڪٽ واري ريسرچ ڪري واپس آياسين. صبح جو مسجد وڃي عيد پڙهي سون، احسان، زاهد علي، پرويز ۽ قدير گڏ هئا. ماني ۽ ڪڪڙ اسلام پچايا ته گڏجي کاڌي سون Wy lyin ۽ Massa سان Share ڪيوسين.
***
Sunday 14 oct: 2007
WIU, USA
Eid in USA
پاڪستان ۾ اڄ عيد ملهائي وئي، صبح جو بيگم هزار ناز، عمران ۽ ڏاڏا عيد مبارڪون ڏنيون بعد ۾ قيوم، شفيق، طفيل، مهرالنساءُ، طيب، آمنه، ادي بشيران ۽ امان سان عيد مبارڪن جي ڏي وٺ ٿي، شام جو ماسات نظير، ادي سڪينا، صبحان ۽ سلما سان ڳالهه ٿي، انهي بعد عباس ۽ جاويد فون ڪئي. اهو خوشين ورهائڻ جو سلسلو جاري رهيو.
***
Monday 07th Oct: 2007
WIU, USA
سومر هفتي جي مهڙ وارو ڏينهن هئڻ ڪري سَرپور گذرندو آهي ڇو ته آچر تي ڪجهه لمحا سڪون جا ملندا آهن ته پاڻکي سميٽي وٺبو آهي. نتيجي ۾ بدن ۽ دماغ ۾ آرام سبب قوت محسوس ڪبي آهي، سو اڄ پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪريان پيو ٻئي وڏي Tonic اها ملي جو عيد تي سوني نوناري، کان وٺي ٺل ، حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين، سڀني سڄڻن فونتي ڳالهايو.
***
Tuesday 16th Oct: 2007
WIU, USA
صبح جو 9 وڳي Writing Center ويم جتي Lesson Plan درست ڪرايم. هڪ وڳي Currens Hall ۾ Speech Theropy ڪلاس لاءِ ويم کين Calli ۽ نئين Mentor سان ڳالهه ٻولهه ٿي.
شام جو Library وڃي ريسرچ ڪيم جتان رات جو 9 وڳي واپسي ٿي.
***
Wed: 17th Oct: 2007
WIU, USA
“ورجاءُ کان نواڻ بهتر آهي.” (T.S ايليٽ)
صبح جو 9 وڳي Writing Center ويم جتي Lesson Plan تي Final Discus ڪيم بعد ۾ لائبريري ۾ اچي درستيون ڪيم ۽ کين ڪجهه ضروري صفحا Scan ڪرڻ بعد اپارٽمينٽ تي اچي آرام ڪيم، شام جو 5 وڳي Gloria جي ڪلاس لاءِ Horibon Hall ويم، جتي اول ڪئنڊا ميوزڪ بابت Lesson هلايو بعد ۾ Hellen هالوون بابت ليسن هلايو ٻئي ليسن دلچسپ هئا.بعد ۾ مون Keeping Good Heath تي ليسن هلايو جنهن کي ڪلاس ڏاڍو پسند ڪيو رات جو 9 وڳي روم تي آيم ته اسلام الدين آيو گڏجي Dinner ڪئي سون.
***
Thursday: 18 Oct: 2007
WIU, USA
Victor Gill
صبح جو Writing Center ويم جتي Ritta منهنجي مضمون کي ايڊيٽ ڪيو. منجهند جو هڪ وڳي Calli ۽ Prof. Bob Quzil اسپيچ ٿيراپي جو ڪلاس ورتو، شام جو 4 وڳي Prof. J.Q جو فلاسافي ڪلاس اٽينڊ ڪيم.
خاص ڳالهيون: (1) Kentnchy کان Nobo Hero فون ڪئي. (2) Philadelphia مان Victor فون ڪري 4 نومبر وارو پروگرام ڪنفرم ڪيو.
***
Friday, 19th Oct: 2007
WIU, USA
اڄ جو ڏهاڙو لائبريري ۾ ريسرچ ڪندي گذريو. کين STB، ڊپارٽمينٽ مان Karla ذريعي GP. Fund لاءِ فيڪس ذريعي درخواست موڪليم ڇو ته ڪالهه شمس الدين سولنگي صاحب (چيئرمين) سان فون تي ڪراچي ڳالهه ٿي پڪ ڪيم. شام جو اسلام الدين کان Maths سکيم.
***
Saturday: 20th Oct: 2007
WIU, USA
صبح جو اسلام الدين جي ڪمري ۾ ناشتو ڪري Driving Licence office عياش سان گڏ نڪري وياسين ڇو ته اسلام الدين کي ليسن گهربل هو جيڪي فارم ڀرڻ بعد اسلام پهرين 2 ٽيسٽن ۾ فيل ٿيو ليڪن ٽئين پيپر ۾ ڪامياب ويو، بعد ۾ Practical Driving لاءِ ٽرينر عورت سان ٻاهر ويو جنهن ۾ پاس نه ٿي سگهيو. سلمان عرب سان منجهند لائبريري وياسين. شام جو عرب عياش Dinner لاءِ دعوت ڏني جتي اسلام پلاءُ ۽ ماني پچائي، پنهنجو ديسي کاڌو کائي ڏاڍا خوش ٿياسين.
رات جو ڄامشوري بيگم نازو، دادا جان ۽ عمران خان سان گفتگو ٿي، ڏاڍي خوشي ٿي گفتگو پاڻ کي گلاب وانگر ڄڻ تازو رکي ٿو.
خاص ڳالهيون: (1) شام جو هڪ ڇرڪائيندڙ اي ميل ملي (2) Washigton D.C ڪانفرنس لاءِ Round Table لاءِ پاڻ کي رجسٽر ڪيم.
***
Sunday: 21 Oct: 2007
1-315 Lamoine Vill: WIU, USA
گورکا + نيپالي
ناهي ماهه و سال جي ان ۾ ڳڻپ
موت ڪائي شيءِ نه آ
(اياز)
ٺيڪ هڪ وڳي مارٽن (ٽوگو) واري ڪال ڪئي، انهي بعد هوائي اسٽيٽ (USA) مان نيپالي يار وڪيل ديرگا فون ڪئي، کين پنهنجي Law Studies بابت تفصيل ٻڌائيندي دعوت ڏنائين ته هوائي ضرور گهمو ليڪن مون وقت جي تنگي جو ذڪر ڪيو. ڇو ته اڄڪلهه پنهنجا ٽپڙ ويڙهڻ ۾ پورو آهيان 16 ڊسمبر تي وطن واپس وڃبو.
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري
حيف تنين تي هوءِ، وطن جنين وساريو!
(شاه)
بعد ۾ لائبريري ويم جتي رات جو 8 وڳي تائين Law بابت ريسرچ ڪندو رهيم منهنجو سڄو ڌيان هاڻ قانون ڏانهن آهي ممڪن آهي پي.ايڇ ڊي به Law ۾ ڪريان، مون پاڻ ۾ Tendency محسوس ڪريان ٿو. بهرحال اهو سڄو منحصر Funds تي آهي.
رات جو اسلام جي روم ۾ ڊنر ڪيم جتي نيپالي دوست Sorag سان خاصي خلاصي ڪچهري ٿي، جيڪو همراه گورکا، ڪارگل ۽ نيپالي ماڻهن جو پئسن تي انڊيا جي فوج ۾ وڙهڻ تي کلي پيو. بهرحال انٽرنيشنل ڪميونٽي ۾ نت نوان تجربا ٿين ٿا، آمريڪي سماج ته ڪڏهن ڪڏهن بيٺل پاڻي وانگر محسوس ٿيندوآهي.
ناشتو: ڪيلا، ياسمين چانهه، مانجهاندو: ڪڪڙ، ماني، لسي ۽ چانهه (اسلام سان گڏ)، رات: پٽاٽا دال، ماني، ماکي ۽ چانهه (اسلام سان گڏ)
***
22nd: Oct: 2007
1-315 Lamoine Vill: WIU, USA
گورکا، ڪارگل ۾ پئسن خاطر نيپالين جو فرنٽ محاذ تي انڊيا لاءِ جان جو نذرانو ڏيڻ ــ (سوراج جون ڳالهيون:) هي نيپالي شاگرد آهي جنهن ٻڌايو ته فوجي مهم ۾ نيپالي گورکا هندستاني فوج لاءِ فرنٽ لائين ۾ وڙهندا آهن.
***
Monday: 22nd. Oct: 2007
WIU, USA
اڄ اچانڪ ٿڌ جي لهر وڌي ويئي تنهنڪري زندگي معمول کان هٽيل پئي نظر اچي، جوان ۽ جوانڙيون گرم ڪپڙن ۾ پئي نظر آيا. مون صبح جو E$.L. Deptt وڃي Carla کان Fax ڪرايم کين STBB جي ائڊريس تي بعد ۾ Down Town وڃي Mid America Bank ۾ اڪائونٽ کولرايو ڇو ته مونکي شڪ پئي نظر آيو ته منهنجو Citzen Bank۾ اڪائونٽ ڪو Trace ڪري رهيو آهي.
کين شام جو Library وڃي Law ڪلاس لاءِ اسٽيڊي ريسرچ ڪيم رات جو 9 وڳي يونيورسٽي بس تي واپس آيم.
رات جو اسلام الدين مون وٽ Dinner ڪئي، کين Maths Practic ڪيم.بس شروعاتي مرحلو آهي.
ناشتو: 5 قسمن جا سيريل، بسڪٽ، کير ۽ چانهه، مانجهاندو: دال، ماني، ڪافي ۽ فروٽ، رات: مرغي، گجرون، ماني، چانهه
***
Tuesday 23, Oct: 2007
WIU, USA
گذرندي ويئي برسات، گذري ويئي برسات
توبن گذري ويئي برسات،
بادل گرجيو، بجلي ڪڙڪي، مينهوڳي جا جهلڪا آيا.
ڪجهه اک ڦڙڪي، ڪجه دل ڌڙڪي... گذري ويئي برسات
(اياز)
Kazakistan
دستور زندگي تحت صبح جو ڪمپيوٽر تي ميل چيڪ ڪري، ڪاوش، عبرت، عوامي آواز، ڊان، جنگ ۽ بي بي سي، جانچي پورو ڪيم، اهو سڄو ڪم ڪلاڪ ۾ پورو ڪري وٺندو آهيان، بعد ۾ تڙ پاڻي ڪري ــ اسلام الدين سان Down Town وڃي وار ٺهرايم جتان واپس اچي فريش ٿي Heritage Room وياسين جتي Kazakistan بابت Diana پريزنٽيشن ڏني جنهن پنهنجي ملڪ بابت گهڻو ڪجهه ڳالهايو ته ڪنوار ڪيئن اغوا ٿيندي آهي، ماڻهو مذهب کان ڪيترو دور آهن، ڇو ته ماضي ۾ ڪازڪستان ڪميونسٽ Russia جو حصو رهيوآهي، تقريب ۾ Kevin, Wayn ڪرسٽينا ۽ ٻين عرب ۽ ترڪش دوست کان سواءِ ڪافي دوست مليا.
بعد ۾ هڪ وڳي Currens Hall وڃي Miss Calli، ۽ Prof. Bob سان Speech Therapy بابت ڳالهه ٻولهه ڪيم ڏاڍو سٺو سيشن رهيو.
ٺيڪ 3 وڳي Union Room ۾ WESL جي Conversation Mentor پروگرام ۾ شريڪ ٿيم اڄ Mrik (جپان)Martina (جپان) طلال ۽ صالح (سعودي عرب) جا گروپ هئا، اسين Heallthy Food بابت بحث مباحثو ڪيوسين. اهو 70 منٽن جو سيشن رهيو بعد ۾ لائبريري ۾ ايڊيوڪيشن فلاسافي ڪلاس بابت تحقيق ڪيم.
خاص ڳالهيون: (1) رات جو بيگم هزار ناز ۽ ڏاڏا سان ڳالهايم. (2) ظفر (ترڪش) کي اي ميل ڪيم.
***
Wed: 24 Oct: 2007
WIU, USA
آس به ٽمڪي ...........
ڪاري رات ڪاري رات
توبن گذري ويئي برسات ....
(اياز)
ڏينهن پنهنجي جوڀن سان گذرن پيا، هاڻ پاڻ کي End of Tunnel سرنگ جي آخري ڇيڙي ۾ روشني نظر پئي اچي ڇو ته ڊسمبر ۾ وطن وربو اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي. وطن ورڻ جو تصور لونءَ لونءَ ۾ خوشيءَ جي تنوار ڀري ڇڏي ٿو.
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري
حيف تنين تي هوءِ، وطن جنين وساريو.
(شاه)
منجهند جو Bank ويم. جتان موٽي لائبريري آيم جتي شام جو 4 وڳي تائين ڪم ڪندو رهيم، جنهن بعد 5 وڳي ELS 457 گلوريا جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ويم. جتي Tammra، Sarahi ۽ Jeti کين Discussion Topic هلايا، رات جو 8:15 pm اپارٽمينٽ تي آيم. کين اسلام کي فون ڪري گهرايم ماني گڏجي کاڌي سون.
خاص ڳالهيون: (1) گهر وارن فوٽو موڪليا (2) ظفر (ترڪش) email جو جواب موڪليو. (3) مون Resume فائنل ڪيم.
***
Thursday. 25 Oct: 2007
WIU, USA
روبرو سيلاب جذبن جو ۽ مان
پلِ صراڀي ليڪ تي لرزان، لڏان،
ظلط جي جنت ۾ تڙپان پيو، اڏي،
شوق جي دوزخ جا شعلا ويا لڳي،
زندگي، هئه ڙي زندگي!
(استاد بخاري)
Gulliver Travels
لِلي پٽ ۾ گليور ٿيڻ جهڙي ٻي ڪائي بدبختي نه آهي (شيخ اياز)
صبح جو لائبريري اچي Law ڪلاس لاءِ Outline فائنل ڪيم بعد ۾ منجهند جو 1 وڳي Curens Hall ۾ Prof. Quiz Bob ۽ Miss Calli سان Speech Therapy ڪلاس ورتم. ڪلاس ختم ٿيڻ بعد Prof. Bob چيئرپرسن Lady Mori سان ملايو جنهن کي چيم ته Speech Therapy Method Class جي Observation جي اجازت ڏيو ته جيئن ڪلاس جومشاهدو ڪري سگهان، هُن چيو ته ايندڙ اڱاري تي اوهان کي Schedule ٻڌائيندم ــ بعد ۾ لائبريري وڃي Philosophy ڪلاس لاءِ به Chapters ختم ڪري آئوٽ لائين تشڪيل ڏنم.
رات جو Dinner اسلام مون وٽ ڪئي.
خاص ڳالهيون: (1) Kevin کي پاڪستاني جواب موڪليم. (2) Dr. J Q. Adam اي ميل جو جواب موڪليو ته ايندڙ اڱاري تي 2 بجه ملاقات ڪبي ته هُن آفريڪا جي قومن جي اشوز بابت چيو ته آمريڪا ۽ يورپ جي ڀيٽ آفريڪا سان ائين آهي جيئن گليورٽريول جي ڀيٽ هيرو جي لِلي ٻيٽ جي رهواسين سان ڪجي.
***
25 Oct: 2007
WIU, USA
فن ذريعي ٻولي سکڻ
ڊگهي آرام بعد اٿي هڪ وڳه Gali ۽ Bob جي Speech واري ڪلاس لاءِ ويم. ڏاڍو دلچسپ بحث ٿيو. Phoenitics جي مختلف جُزن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ته English: Proverb بابت گيم کيڏي سون، فن ذريعي صوتياتي ٻولي سکڻ ڏاڍي سٺي لڳي.
شام جو Library ۾ رات جو 10 وڳه تائين ريسرچ ڪندو رهيم (Lawڪلاس بابت)
خاص ڳالهيون: (1) رات جو 11 وڳه شفيق سان فون تي ڳالهائي عالم ٿهيم جا حوال ڏنم. (2) Johh Pell جي خط جو جواب مُڪم. Chad (0 جي اي ميل جو جواب موڪليم (3) Greg’ Nell جا email تي ٿورا مڃيم.
ناشتو: انگور ۽ چانهه، منجهند: ماني، ڪڪڙ جو ٻوڙ، ڇولا، لسي ۽ ڪافي، رات: ماني، ڪڪڙ، ميوو ۽ چانهه
نوٽ: گريگ نيل، آمريڪا جو رهواسي آهي. هي همراه گلوريا جي ڪلاس ۾ منهنجو بهترين دوست بڻيو.
***
Firday: 26, Oct: 200
WIU, USA
منهنجو ڀاءُ فتاح نوناري
اڄ هوا ۾ خُنڪي سبب فضا ٿڌي رهي، 11 وڳي لائبريري وڃي فلاسافي جي ڪلاس بابت تحقيق ڪندو رهيم رات 8 وڳي روم تي واپس ٿيم.
خاص ڳالهيون: (1) Kevin کي Pakistan: Café Culture لاءِ فون ڪيم. (2) Dr. J.Q جواب موڪليو. (3) ٺيڪ 2 وڳي Dr. Hall سان Law ڪلاس بابت Content تي بحث ٿيو جنهن رهنمائي ڪئي، کين Content List پاڻ وٽ رکيائين چيائين ته مون وڌيڪ غور ڪندم. (3) رات جو ڀاءُ عبدالفتاح نوناري ۽ ڊاڪٽر شاهه محمد ڪراچي مان ڳالهايو.
نوٽ: هي پروف چيڪ ڪندي فتاح نوناري جو نالو سامهون آيو ته ــ فتاح مرڪندڙ چهري سان هوبهو مون سامهون اچي بيٺو، چئي پيو ته فهيم مون بهاول پور مان زندگي جي ڊگهي سفر تي اُڏرڻ کان اڳ اوهان سان ڪچهرين جا منڊل مچايا هئا ۽ اوهان واعدو ڪيو هو ته اڳين ڀيري جڏهن به لاهور يا اسلام آباد ويندس ته واپسي تي بهاولپور اچي ڪچهري ڪبي. ليڪن يار! هاڻي اها تڪليف نه ڪريو!! مون هميشه هميشه لاءِ اوهانکان موڪلائي ويو آهيان. باقي خوابن ۽ خيالن ۾ اوهان وٽ ايندس. فتاح جهڙو صورت جو سهڻو، کلڻو، رلڻو مِلڻو، يارويس، همدرد، هڏڏوکي ۽ محبتي ماڻهو هو اهڙو دل جو ڪشادو ۽ دسترخوان جو سخي ۽ ڏاتار مڙس هو. هو نه رڳو پنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي بلڪ سنڌ ۽ پاڪستان جي ماڻهن جو خيرخواه ۽ ڀرجهلو هو. اسين جڏهن ڪراچي ۽ شهيد فاضل راهو جي چاليهي تي گڏ سفر ڪيوسين ته مون هنکي ڏٺو هو قومي هيرن ۽ قوم جي سرفروشي، سربلندي ۽ آزادي لاءِ جاکوڙيندڙ ن لاءِ انتهائي عقيدت ۽ محبت رکي ٿو. هو اهڙو جکرو ۽ جَس کرو، اڙٻنگ ۽ اڻانگو محبتي ۽ ماکيءَ جهڙو مٺو ماڻهو هو. فتاح نوناري جهڙا انسان سنڌ جون مائرون ڪڏهن ڪڏهن قسمتي جنم ڏينديون آهن. اڄ تاريخ 27 سيپٽمبر 2014ع آهي
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.
(شاه)
***
Saturday, 27 Oct: 2007
WIU, USA
منجهند جي Lunch ڪري اسلام ۽ مون Thirift اسٽور وياسين جتان واپسي تي 2 ڪلاڪ لائبريري ۾ گذارياسين.
خاص ڳالهيون: (1) بيگم هزار ناز ڄامشوري مان ڳالهايو. (2) ڏاڏا سائين جا ٻه خط مليا. (3) انڊريا نيويارڪ مان ميل ڪئي ۽ ڪاغذ موڪليائين.
***
Sunday, 28 Oct: 2007
WIU, USA
اڄ طبيعت ناساز هئي، شايد کاڌي جي تبديلي سبب ڇو ته ڪالهه مون انڊا کاڌم، رات جو قدير ۽ اسلام مون وٽ Dinner ڪئي. کين دال ۽ ماني کاڌي سون.
***
13 Nov: 2007
WIU, USA
Grand Ball Room Presentation
اڄ Grand Ball Room ۾ منهنجي پاڪستان بابت پريزنٽيشن رکيل هئي، ٺيڪ 9:30 بجه انٽرنيشنل آفيس جي ڊائريڪٽر Kevin Timlin کي فون ڪيم ته همراه کي چيم هاڻ جيڪڏهن 9:40 تي نه ملون پر ٺيڪ 11 بجي ملنداسين پوءِ مون ۽ اسلام گڏجي يونين وياسين جتي اڄ Pakistan Cultural Cafe رٿيل هو، Kevin پهرين پهتو جنهن سان Persentation بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ماڻهو آهسته آهسته گڏجڻ شروع ٿي ويا، سڄو هال 12 بجي تائين ڀرجي ويو. 600 کان وڌيڪ ماڻهن جي ويهڻ ۽ کاڌي جو بندوبست ٿيل هو، مون 8 مهينا اڳ انٽرنيشنل آفيس جي ڊائريڪٽر کي Presentation لاءِ گذارش ڪئي هئي. جنهن ۾ پاڪستان، سنڌ ۽ ايشيا بابت مون ڳالهايو. ٺيڪ 12:30 تي مون Presentation شروع ڪئي، انهي کان اڳ Kevin Timlin Director منهنجو تعارف Ful Bright Scholar جي حيثيت ۾ ڪرايو. مون ٺيڪ 35 منٽ سوالن جوابن سميت ڳالهايو. پروگرام ٺيڪ رهيو، ليڪن آخر ۾ نيپالي دوست Samboo ڪجهه اڻ ڍنگا سوال اٿاري بدمزگي ڦهلائي . بهرحال اسين صورتحال تي ڪنٽرول ڪيوسين.
گهڻن عربن ۽ آمريڪي دوستن سميت ٻين ملڪن جي دوستن مبارڪون ڏنيون.
ناشتو: صوف، ڪيلا ۽ ڪافي، مانجهاندو: Pakistan Cultural Cafe، ۾ تيار ٿيل پاڪستاني + انڊين ۽ ٻيا گهڻا طعام، رات جي ماني: دال ماني، فروٽ ۽ کير.
***
14 Nov: 2007
WIU, USA
Interational Dinner
جهڙي ريت سڀ ڏينهن اڀري ۽ لهي وڃن ٿا، تهڙي ريت اڄ جو ڏينهن، اڀريو ۽ لٿو. صبح جو لائبريري ويم. منجهند جو 1 وڳي Curren Hall ۾ Calli جو Speech Theropy ڪلاس اٽينڊ ڪيم بعد ۾S. Theropy شعبي جي چيئرمين سان ڪلاس بابت ميٽنگ ڪيم. جنهن بعد 3:30 pm تي لائبريري ۾ اچي Border Crossing بابت Presentation اٽينڊ ڪيم. بعد ۾ اسلام ۽ فهد سان گڏ سٽي وياسين. شام جو 6:30 pm تي International Dinner ۾ وياسين جتي انڊيا، نيپال، ٽوگو، آمريڪي، جپاني، چائنا سميت گهڻن ملڪن جا شاگرد موجود هئا.
***
17 Nov: 2007
1-315 Lamoine Village
WIU, USA
صبح جو لائبريري ريسرچ خاطر ويم اسلام الدين گڏ هو کين شام 5 وڳي تائين اُتي رهياسين ـــ اڄ موسم ۾ ڪجهه خشڪي هئي. ٿڌ جو اثر ڏينهن به ڏينهن وڌي رهيو آهي.
رات جو لطيف سان سرگوڌا عمران ۽ ماجد بابت ڳالهايم. انهيءَ کانسواءِ شميلا سان به هيلو هاءِ ٿي.
***
Sunday 18 Nov: 2007
WIU, Madison Fort, Ivoa USA
Madison, Missuri, Missisip and Ivoa state
صبح جو ڏندڻ پاڻي ڪري هلڪو ناشو ڪيم ته ٺيڪ 9:30 اسلام شاهه جي فون آئي ته هيٺ فوجون Madison Fort هلڻ لاءِ تيار آهن. مون هيٺ احسان (انڊين) جي ڪمري ۾ پهتم ته علي زاهد، قدير، اسلام ۽ پرويز موجود هئا. احسان سڀني دوستن کي پنهنجو دبئي وارو عطر آفر ڪيو ته ٻاهر نڪتاسون. پرويز جي ڪار احسان ڊرائيو ڪندي هڪ ڪلاڪ اندر Mississpi درياهه ڪراس ڪري Madison Fort ۾ داخل ٿياسين ته احسان Cell Phone تي نديم شاهه سان ڳالهايو هُن چيو ته اوهان Hyee Store وٽ بيهو ته مون ۽ منهنجو پٽ اچون پيا. (Macomb کان Madison وارو سفر ٽهڪن، چرچن ۽ ميوزڪ جي ڌن ۾ گذري ويو). ٺيڪ 5 منٽن ۾ نديم پٽ سميت پهتو. همراه دستوري مُرڪ سان سڀني ساڻ مليو. پوءِ گاڏين جو قافلو نديم جي گهر Well Inn پهتو. جتي گهر اندر وٺي هليو ۽ گهر واري ڌي ۽ پٽ سان تعارف ڪرائي فوري ناشتي (ملتاني) جو بندوبست ڪرڻ لڳو. کين ناشتي ۾ ملتاني پُڙيون، اڦراٽا، ڇيلي جو گوشت ڇولا ۽ چانهه موجود هئي (Breakfast) حقيقت ۾ جيڪا lunch کان به وزندار هئي بهرحال بعد ۾ Museum, Madison Fort۽ Missipi River گهمڻ لاءِ ٻاهر وياسين. Missisipi جو ڏاڍو خوبصورت نظارو هيو. جنهن جي ڀيٽ سنڌونديءَ سان ڳالهين ڳالهين ۾ نديم ڪئي. ان کانسواءِ 1817ع جو ڪاٺ جو قلعو اڄ به سلامت هو. (مون کي حيدرآباد قلعي جي زبون حالي ياد آئي). انهي دوران احسان ۽ نديم فوٽو گرافي ڪندا رهيا، بعد ۾ شهر وڃي گرم گرم ڪافي ورتي سون جتان Madison Lake گُهمڻ وياسون. جيڪو ڏاڍو خوبصورت طريقي سان گهاٽن وڻن جي قطارن ۾ وچ ۾ هو. جتي نديم باهه جو مچ ٻاري ٿڌ جي اثر کي گهٽ ڪرڻ چاهيو. انهي دوران شهر مان ورتل ڊگهن پلاسٽڪ مڳن ۾ ورتل ڪافيءَ جا چسڪا ڏاڍا لذيذ محسوس ٿي رهيا هئا. ڍنڍ تمام ڊگهي هئي. کين باهه جي مچ تي ڪچهري کانپوءِ اٿي فوٽوگرافي ڪئي سون ۽ ڊگهي شڪاري جيپ ۾ ڍنڍ کي چوگرد گهمي ڏٺوسين. جنهن بعد Madison شهر جو Industry Zone گهمندا واپس گهرآياسين. جتي باجماعت نماز پڙهي Dinner ڪئي سون. Dinner ۾ هُن سڄو ٻڪرو پچايو هو ۽ کين، کنڀيون، چلم، نهاري ۽ تازه ڍنڍ مان ورتل مڇي فرائي ٿيل هئي، سڀني سير ڪري کاڌو، کاڌو نديم جي گهرواري جو پڪايل هو، پنهنجي لاءِ گهر جو کاڌو سفر ۾ جنت جي جهوٽي کان گهٽ ڪونهي. (Dinner کان اڳ نديم جي اوطاق ۾ ٻه ڪلاڪ ڊگهي ڪچهري ٿي ۽ چانهه بسڪيٽ جو دور هليو ــ بحث جا موضوع انڊيا ۽ پاڪستان هئا، کاڌي بعد Keankark شهر جي Five Star هوٽل ۾ وڃي Christmis ميلو ڏٺوسين جيڪو نديم جي هڪ هندستاني دوست سنديپ طرفان هو.هي همراه شاعر مزاج هو. جيڪو هر ٻئي جملي ۾ ڪو اردو جو شعر پڙهي بي اختيار ٽهڪ ڏئي رهيو هو. ٻڌايائين ته جڏهن 20 سال اڳ يو ايس اي آيم ته کيسي ۾ $10 هوندا هئا ته نعمت سمجهندو هئس، سو محنت ڪري هي فائيو اسٽار هوٽل جوڙيو اٿم. ٻيون به گهڻيون ڳالهيون ڪيائين.
بعد ۾ Ivoa اسٽيٽ ڪراس ڪري Missuri اسٽيٽ ۾ وياسين جتي يادگار طور فوٽوگرافي ڪري واپس ٿياسين. رات جا ٻه وڄي رهيا هئا.
***
Monday 19 Nov: 2007
Madison – Macomb USA
Madison Fort ۽ Well Inn+Nadim
واءُ وڌايون ڏنيون ۽ شام سرگوشيون ڪيون،
ڪپ تنهنجي تي ڪراڙ اڄ نئون ڪنول آ جاڳيو!
(احمد سولنگي)
اي اياز شاعري!
مور ڄڻ ته موهه ۾
ڊيل جي پٺيان ڊڪي
عشق ناچ ناچ ٿئي
انگ انگ مان اُڏي
انگ انگ ٿي جُهڪي
(حسن درس)
ڏينهن واچوڙن وانگر گذريو وڃن، رات دير سان سمهڻ ڪري صبح جو دير سان اک کُلي. ٺيڪ 9:30 وڳي اسلام جاڳايو تڙ پاڻي ڪري هيٺ لهي آياسون کين Pool ۽ باغ جي وچ ۾ نديم ڀائي پورٽيبل آفيس ٺاهي ويٺو هو، چوگرد گورن White نوڪرن جي فوج بيٺي هئي جن کي اڄوڪي ڏينهن لاءِ هدايتون ڏيئي رهيو، هي همراه اصل ۾ ملتان پنجاب جو آهي، 33 سالن کان آمريڪا ۾ سيٽ آهي، کين آمريڪي ملٽري ۾ ليفٽيننٽ جي عهدي تان رٽائرمنٽ وٺي هتي Madison Fort ۾ Well Inn نالي هوٽل هلائي ٿو، جنهن ۾ 160 ڪمرا موجود آهن هڪ وڏو پراجيڪٽ آهي، جنهن ۾ هن جي زال، ڌي ۽ پٽ مددگار آهن. اسان ناشتو ڪري هن کان موڪلايو. ٺيڪ 12 وڳي Macomb پهتاسين. جتي آرام ڪري شام جو لائبريري ويم ۽ ريسرچ جاري رکيم. ساڳئي وقت نيٽ تي سنڌي شاعري ڇاڇوليم ته مٿيون شعر احمد سولنگي جو ڏاڍو وڻيو ۽ انهي ساڻ گڏ حسن درس جو شعر وڻيو.
خاص ڳالهيون: (1) شام جو USEF هارون کي اي ميل ڪيم، (2) بيگم هزار ناز سان گفتگو ڪيم. (3) لطيف سان سرگوڌا ڳالهه ٿي.
***
Tuesday 20 Nov: 2007
WIU, USA
اڄوڪو ڏهاڙو به روائتي انداز ۾ گذريو، اسلام سان گڏجي لئبريري ويم.جتي Law Research بابت 2 ڪلاڪ ڪم ڪيم بعد ۾ واپس اچي گڏجي Dinner ڪئي سون.
خاص ڳالهيون: اڄ بيگم هزار ناز سان ڳالهه ٻولهه ٿي. (2) USEF سان ٽڪيٽ بابت لکپڙهه ٿي.
***
Thursday 21 Nov: 2007
WIU, USA
اسلام ۽ قدير کي PIA 13ڊسمبر جي ٽڪيٽ ڏني آهي، همراه پاڪستان وڃڻ لاءِ ڏاڍا جذباتي نظر اچن ٿا. پنهنجي ٽڪيٽ لاءِ USEF وارن سان لکپڙهه جاري آهي. اميد ته ٻه ٽن ڏينهن ۾ ملي ويندي.
شام جو Down Town وڃڻ ٿيو.
***
Saturday 24, Nov: 2007
WIU, USA
Thanks Giving Day
حورون بهشت واريون، آيون لهي زمين تي
صد ناز سان ٽلي ٿو، نازڪ فگن زمين تي
(گدائي)
اڄ سڄو آمريڪا Thanks Giving Day جو ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي. هي آمريڪي چون ٿا ته اهو ڏينهن آمريڪا جي اصل رهواسين Red Indian جي ياد ۾ ملهائجي ٿو. ڇو ته جڏهن يورپ کان پهريان رولاڪ / ڀاڄوڪڙ (Gypsy) لڏپلاڻ ڪري هتي آيا ته (Red Indian اصل قبائلي رهواسين) Turkey نالي پکي پچائي هنن جي مهماني ڪئي هئي. اڳتي هلي انهن يورپي خانه بدوشن (Gypsy) ريڊ انڊين کي تترن وانگر ماري سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور اهڙو سوڙهو ڪيو جو اڄ ريڊ انڊين رهاڪن جي ڳولا بعد ڪو هڪ اڌ ماڻهو ملي ٿو، باقي هاڻ اڄ آيل اوپرن يورپي ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان آيل گورن ۽ ڪارن جو راڄ آهي. سو اڄ صرف نشاني طور اصل رهواسين جو شڪريو ادا ڪرڻ خاطر آمريڪي ڪنهن مذهبي عيد واري ڏهاڙي جيان Thanks Giving Day ڌام ڌوم سان ملهائن ٿا.
مون کي Prof. Bill Thomson پنهنجي گهر سڏايو هو، جيڪو مون ۽ Massa کي 2:30 pm ڪار ۾ کڻڻ آيو، پهرين اسان هُن جي گهر وياسين جتي هن جي 4 ڪتن ۽ 21 رنگ برنگي ٻلين سان گڏ هنجي Room Mate لِزا (Lissa) ۽ ڪئلوفورنيا کان آيل هنجي آرٽسٽ پروفيسر مهمان Hillary اسان جو استقبال ڪيو. هن ڪار ۾ ئي مون کي ٻڌايو ته ڪتا ۽ ٻليون منهنجي گهر ۾ آرام سان گهمندا ڦرندا آهن ته مون هن کي چيو ته مان ڪتن کان خائف آهيان ته هن چيو ته ڪتن کي ٻاهرين لائونج ۾ محدود ڪري ڇڏيندم. تنهن هوندي به اسانجي پهچڻ تي هن جي شيفرڊ ڪاري ڪتي زور زور سان ڀونڪي آيلن جو آڌر ڀاءَ ڪيو. خير ويهارو منٽ اتي رهياسين جنهن دوران هن پنهنجي لئبريري ڏيکاري، هن کي مان Philosopher سڏيندو آهيان ڇو ته هي سدا خيالن جي گهوڙي تي سوار هوندو آهي عام آمريڪي عجيب هوندا آهن. پاڪستان اچڻ نه چاهيندا آهن پر هي پاڪستان ۽ سنڌ ڏسڻ لاءِ آتو آهي. سو اسين بل ٿامسن جي گهر واري لائبريري ۾ ئي گفتگو ڪري رهيا هئاسين ته Prof. Myer انگريزي جو پروفيسر ۽ هن جو دوست Larry اندر آيا ۽ پوءِ اسين گڏجي ٻه بلاڪ پرڀرو Prof. Brain ۽ Moll جي گهر وياسين جتي ٽي ٻيون استاد عورتون موجود هيون. جيڪي ڪچن ۾ رڌ پچاءُ ڪري رهيون هيون. اتي Prof. Bill اعلان ڪيو ته هي Vegetarian Party آهي.
ايئن گپ شپ شروع ٿي (تعارف ساڻ دنيا جا موضوع اوڀاريون لهواريون پاڪستان ــ مذهب ــ Turks پکي Thanks giving، اصل Red Indian کاڌي جي ميز ۽ ڊرائنگ روم ۾ اهي بحث جاري رهيا. آمريڪي ڳالهين ۽ ٺڪائن ۾ ائين ئي ڀڙ آهن جيئن سنڌي حال احوالن ۾ تڪڙا آهن پر سنڌ جهڙي مهمان نوازي واري خوشبو هنن ۾ ڪونهي. البته ڪنهن کي گهرائيندا آهن ته وڏو مان شان ڏيندا آهن. اوچتو ڪو لنگهي وڃي ته ذري گهٽ سڃاڻڻ کان به انڪاري هوندا آهن. پارٽي ختم ٿيڻ بعد ٺيڪ 9 وڳي Prof. Bill مون ۽ ماسا کي واپس Lamoine Village ڪار ذريعي پهچايو.
***
Sunday 25 Nov: 2007
WIU, USA
اسان وٽ آچر به عجيب ٿئي ٿو، هونئن ته تصور اهو هوندو آهي ته ڊگهي ننڊ ڪجي ليڪن هت سيمسٽر جي آخري ڏينهن ڪم جي ايتري ته ڀيڙ هوندي آهي جو ننڊ، ڪپڙن، کاڌي جو خيال به گهٽ رهندو آهي بس ڪم ۽ ڪم. اڄوڪو آچر به لائبريري حوالي ريسرچ ڪندي گذاريو. جنون اهو آهي ته اڱاري تائين Education Laws وارو Research Paper مڪمل ڪري پروفيسر رابرٽ هال حوالي ڪجي.
خاص ڳالهيون: (1) رات جي ماني اسلام ۽ فهد مون وٽ کاڌي (2) ڄامشوري بيگم سان ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
Monday 26 Nov: 2007
WIU, USA
ماجد قيوم جي 18 گريڊ ۾ آمد!
ٺُل مان قيوم فون ڪري ماجد جي 18 گريڊ ۾ سليڪشن جي مبارڪباد ڏني. ڀاڄئه حسينا، امان ۽ ادي بشيران به ڳالهايو. مون کي ته ايڏي خوشي ٿي جنهن جو ڪو انت ڪونه هو. خدا هن جو مستقبل روشن رکندو. بعد ۾ مون ڄامشوري فون ڪري بيگم هزار ناز صاحبه کي ماجد لاءِ مبارڪ ڏني. ماجد سان ڳالهائڻ لاءِ چيم ته هُن ٻڌايو ته ننڊ پيو آهي. شام جو عمران ڳالهايو جيڪو پوري اعتماد ۾ هيو. کين هن کي ماجد لاءِ مبارڪ ڏنم. بعد ۾ مون فون ڪري ماجد ۽ نتاشا کي مبارڪون ڏنم.
خاص ڳالهيون: (1) Ticket لاءِ USEF هارون کي اي ميل ڪيم. (2) Shirly کي سانتياگو جواب موڪليم. (3) مون پنهنجي LIPID چيڪ اپ رپورٽن لاءِ Dr. E. Baker وٽ ويم جنهن مون کي صحت مند قرار ڏنو.
***
Tuesday 27, Nov: 2007
WIU, USA
ڊاڪٽر رابرٽ هال جي سالگرهه
بهارو پهول برسائو، ميرا محبوب آني والا هي....!
اڄ اسان Dr R.F Hall جي سالگرهه ملهائي سون. مون ڇولا ۽ چڪن فراءِ ڪيو. کين 11 بجي Rob ڪارلا جي گاڏي ۾ کڻڻ آيو. Carla Barbra, ۽ Jerry به جدا جدا ڊش ٺاهي آيون هيون. مون ڪيڪ ۽ خاص Birth Day Card ڊاڪٽر هال کي ڏنم. همراهه ڏاڍو خوش ٿيو. ٺيڪ 12 بجي ڪيڪ ڪاٽيوسين. ڊنر ۾ Dr. Gloria Carla, Jerry, Rob, ۽ ڪجهه ٻيا مهمان شريڪ هئا. تقريب ڏاڍي سٺي ٿي. ٺيڪ 1 بجي مون Speech Therapy جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ Currens Hall ويم جتي Calli ۽ Dr. Bob Quizal سان ڳالهه ٻولهه ٿي.
***
Thursday 28 Nov: 2007
WIU, USA
سنا هي وه بات کري تو پهول جهڙتي هين
اگر يه سچ هي، تو چلو بات ڪرڪي ديکهتي هين.
صبح جو Barb کي Edu. Leadership کاتي فون ڪري Washington – DC ٽرپ لاءِ Reminbursement پئسن لاءِ فون ڪيم ته هُن ٻڌايو ته Busines Deptt بل موڪليو آهي اميد ته سومر تائين پئسه اوهان کي ملندا.
رات جو بيگم هزار ناز صاحبه سان Ticket لاءِ مشورو ڪيم.
***
Thursday 29 Nov: 2007
WIU, USA
ڪئناڊا کان سجاد شاهه جو فون
حُسن ڇا، ناز ڇا، انداز ۽ اعجاز ڇا
عشق وارن کان پڇو هي هڪ عجائب راز آهي
(گدائي)
صبح جو اکين جي Checkup لاءِ Vision Center وال مارٽ ويم ڊاڪٽر خاص مشين ذريعي ليزر فوٽو ڪڍي چيڪ اپ بابت Fit هئڻ جو اعلان ڪيو. مون کي انتهائي خوشي ٿي. ڇو ته صحت بنيادي ڳالهه آهي.
بعد ۾ بس ذريعي سڌو Heritage Hall, Union ويم جتي Saudi Arabia جو Cultural Cafe ۾ منهنجي دوست علي سلمان جي Presentation هئي. وڏي تعداد ۾ ماڻهو آيل هئا. علي سلمان منهنجو شرڪت لاءِ ٿورو ادا ڪيو.
شام جو 5:30 am تي Gloria جو ڪلاس اٽينڊ ڪيم جنهن بعد 7 وڳي Grand Ball Room Union ۾ ڊاڪٽر مرلي جو Running Water تي فلم ڏسڻ ويم جنهن ۾ هن پاڻيءَ جي ذيان تي سائوٿ آفريڪا، آمريڪا، يورپ، چين ۽ انڊيا سميت دنيا جي مختلف حصن ۾پاڻي جي ذيان بابت فلم ڀري آهي. مون کي انهي تناظر ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بابت سنڌي عوام جون دانهون نظر آيون.
رات جي ماني اسلام وٽ کاڌم.
خاص ڳالهيون: (1) ڪئناڊا مان سجاد شاهه ڊگهي گفتگو ڪئي.
***
Thursday 30 Nov: 2007
WIU, USA
هڪ وڳي S. Therapy ڪلاس جي Observation لاءِ ويم. بوب ۽ ڪالي گڏ هئا. شام جو لائبريري ۾ فلاسافي بابت ريسرچ ڪندو رهيم.
رات جو بيگم هزار ناز ۽ ڏاڏا سائين سان ڳالهائڻ بعد مون اهو فيصلو ڪيو ته 29 ڊسمبر USEFP واري ٽڪيٽ قبول ڪجي سو اسلام آباد Ritta سان ڳالهائي مون هن کي اوڪي جو سنگنل ڏنو ته پنهنجي مٿان بار لهندي محسوس ٿيو. جيتوڻيڪ 29 ڊسمبر جو پروگرام Ideal معلوم نٿو ٿئي، ڇو ته عيد گذري چُڪي هوندي. بهرحال وطن ويندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
***
Friday 1 Dec: 2007
WIU, USA
قدير جي روم تي نديم ساڻ ڪچهري!
صبح جو لائبريري وڃي فلاسافي جي ڪلاس بابت ريسرچ ڪندو رهيم. شام جو 4 بجي واپس آيم ته اسلام الدين فون ڪئي ته هيٺ قدير جي روم ۾ اچو ته نديم سان ڪچهري ڪريون. هي همراه Madison Fort کان جمع نماز پڙهڻ هت ايندو آهي. کين قدير Big Dinner جو بندوبست ڪيو. کاڌي بعد نديم شاعري ۽ پاڻ شاهه لطيف ٻڌائڻ جي شروعات ڪئي ته سڀني حصو ورتو. جيڪا ڪچهري رات 9 بجي تائين جاري رهي.
***
Saturday 2 Dec: 2007
WIU, USA
سخت برف باري
رات کان برف باري جاري آهي. صبح جو Captain Rick فون ڪري ٻڌايو ته اڄ جي ڊنر جو پروگرام Cancell ڪيو آهي ڇو ته انديشو آهي ته برف باري ڪري ممڪن آهي Power fail، بجلي غائب ٿي وڃي. سو ايندڙ ڊنر 14 ڊسمبر تي رکي آهي، سڄو ڏهاڙو ڪمري ۾ گذاريم. شام جو اسلام الدين وٽ ڊنر ڪيم.
خاص ڳالهيون: (1) بيگم هزار ناز سان ڄامشوري گفتگو ٿي.
***
Monday 3 Dec: 2007
WIU, USA
صبح جو تياري ڪري لائبريري وڃي ريسرچ جاري رکيم. موسم اڄ خاصي ٿڌي آهي. هوا تيزچاڪو وارا وڍ وجهي ٿي.
***
Tuesday 4 Dec: 2007
WIU, USA
Cresent Hall
Dr. Quizal – Miss Calli
ٺيڪ هڪ وڳي Currens Hall اڄ Speech Theorpy جو ڪلاس Observe ڪرڻ لاءِ ويم Calli ۽ Dr. Bob Quizal ساڻن گڏ هئا. اڄ جو ڪلاس Video record ڪيو ويو. بعد ۾ Dr. J Q سان Horribn Hall ملڻ ويم، هي اعليٰ قسم جو ماڻهو آهي. پنهنجي فقيري ڍنگ ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي.
شام جو اسلام سان گڏجي پهرين بئنڪ پوءِ Hyee store وياسين جتان Imran کي 340$ ڊالر روانه ڪيم.
***
Wednsday: 12 Dec: 2007
WIU, USA
قدير سرگودائي جي دعوت
اڄ قدير منهنجي ۽ اسلام جي الوداعي دعوت ڪئي جنهن ۾ زاهد علي، صابر، پرويز، فهد ۽ ميجر نديم شاهه شريڪ ٿيا، ڏاڍي مزيدار ۽ وڏي ڊنر جو همراهه احتمام ڪيو هو. آخري گپ شپ رات جو 2 بجه تائين جاري رهي. انهيءَ وچ ۾ Wal Mart وڃي اسلام، قدير ۽ مون خريداري ڪئي سون. اسلام ۽ قدير اڄ ڏاڍا هشاش بشاش هئا ڇو ته صبحاڻي هنن جي پاڪستان لاءِ فلائٽ آهي.
***
Thursday 13 Dec: 2007
ٽرين اسٽيشن تي قدير ۽ اسلام کي الوداع!
صبح جو 6:30 بجي ڪار تي قدير ۽ اسلام کي ٽرين اسٽيشن تي الوداع چئي آياسين. بعد ۾ واپس اچي ڪجهه آرام ڪيم ته 10 وڳي رضوان جي فون آئي ته شام جو Dinner اسان وٽ ڪريو. مون همراه کي چيو ته جمع ۽ ڇنڇر مان Book آهيان. آچر ٺيڪ رهندو. بعد ۾ Sherman Hall ويم جتي رجسٽرار آفيس ۾ ڊپلومه لاءِ apply ڪيم. اُتان کان سڌو Wal Mart وار ٺهرائڻ لاءِ ويم.
رات جو فهد، علي ۽ پرويز سان گپ شپ ٿي ۽ “خدا ڪي ليئي” فلم جا ڪجهه حصا ڏٺاسين.
***
Saturday 15 Dec 2007
WIU. USA
خوشين جو ڏينهن
Our Gradute Ceremony
صبح جو 9 بجه اٿي ڏندڻ پاڻي ڪري صوف، انگورن ۽ چانهه سان ناشتو ڪيم. ٻاهر ريشمي ڪپهه جهڙو برف جو طوفان ڪالهه رات کان جاري آهي. اڄ سڄي مڊويسٽ آمريڪا برف جي طوفان جي زد ۾ آهي، گهڻن حصن جي ڪالهه کان بجلي غائب آهي. شڪاگو ايئرپورٽ 200 کان وڌيڪ فلائٽ ڪينسل ڪيون آهن. 14 ماڻهو مئا آهن.
مون ٺيڪ ٻارهين وڳي Berry Taxi کي گهرايم ڇو ته ٻاهر برف باري سب Graduate Ceremony ۾ پنڌ نه وڃڻ پئي چاهيم. بهرحال 12:40 pm تي Westren Hall پهتم ته هال ڀريل هو، مون سڌو Back Desk تي وڃي Gruduate Batch ورتم گائون ۽ Cap اڳ ئي پائي ڇڏي هئي، ڊيسڪ تي Sue ٻڌايو ته اوهان BI لائين وڃي بيهو جتي ڊاڪٽر هال ۽ پروفيسر مڪ ڊونا کيڪاريو ۽ ٻين ساٿين به آڌر ڀاءُ ڪيو. ٿوري دير ۾ Volunteer جي اڳواڻي ۾ انتهائي Dicipline سان هال ۾ داخل ٿياسين سڀ ائين مختلف وقتن تي هال ۾ داخل ٿيندا ويا، اسٽيج تان موسيقي جون خوبصورت ڌُنون وڄي رهيون هيون، سندس اسٽيج تي يونيورسٽي President، رجسٽرار ۽ ٻيا معززين ويٺل هئا. ٿورين گهڙين ۾ آمريڪي تراني سان تقريب جو باقاعده آغاز ٿيو. ائين واري واري سان سڀ اسٽيج تي ويا. نالي جو اعلان ٿيو اڳتي وڌيا ته هڪ عورت ۽ مرد ڪلهن تي احترام سان Hood Graduate رکيو، اڳتي وڌيا رجسٽرار ۽ صدر آف يونيورسٽي سان هٿ ملائڻ بعد ائڊوائيزر پروفيسر سان هٿ ملائي ڊگري سميت فوٽو سيشن بعد هيٺ اچي ويٺا هئا ائين عمل تڪميل تي پهتو. تقريب ختم ٿيڻ بعد علي، سالم عربي ۽ پرويز سان گڏجي فوٽو ڪڍياسين بعد ۾ سالم ۽ حسن جي فليٽ تي وڃي چانهه پيتي سون.
***
23.12.2007
WIU, USA
Rick & Violeta جي گهر دعوت
منهنجي ئي تجويز تحت هنن پنهنجي ڳوٺ واري گهر ۾ اسان يعني Ya چائنا، Junko جپاني، Massa جپاني، ٽامي (Indonisa) ۽ منهنجي Honor ۾ ڊنر ڪئي هئي، ليڪن مون Chest Pain محسوس ڪريان پيو سو شام جو 2:30 وڳي Rick ڪار ۾ وٺڻ آيو. پر طبيعت جي ناسازي سبب معافي ورتي.
***
24.12.2007
Lemoine Village
Macomb, IL USA
اڄ طبعيت ۾ بهتري آهي، تنهن هوندي به رات (Chest Pain) سيني جي سور جون ڳچ گوريون ورتم تڏهن آرام آيو پر سڄو ڏينهن ڊاڪٽر جي انهيءَ جملي ته Adbul Fahim هاڻ توکي پنهنجي صحت ۽ کاڌي تي سخت ڌيان ڏيڻ گهرجي تي سوچيندو رهيس، ڇو ته ڊاڪٽر جو خيال آهي ته منهنجي Blood Glucose Sugar ليول جو ڪڏهن ڪڏهن دٻاءُ وڌي وڃي ٿو تنهنڪري مونکي کي هر صورت ۾ پنهنجي صحت جو خيال رکڻ گهرجي. صحت جي حوالي سان ڪڏهن ڪڏهن وهم ۽ وسوسا وڌي ويندا آهن. پر هميشه همت کان ڪم وٺندي پاڻ کي تسلي ڏيندو آهيان ۽ شاهه جو بيت جهونگاريندو آهيان.
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين!
(شاهه)
***
25.12.2007
1-315 Lemoine Village
WIU, Mecomb
I respect you, I miss you, I love you
Glad you relize it
ڪرسمس
Prof. Donna جي گهر Monomouth ۾
Mark ۽ Mocobo جپاني پوڙهي عورت جيڪا Donna جي ماءُ آهي ۽ Mark سندس Donna جومڙس آهي، سي صبح جو 10 بجه مون کي ۽ Massa کي کڻڻ آيا. 30 منٽن جي Drive بعد اسان Monmouth شهر ڊونا جي گهر پهتاسين، جتي ڊونا جي ڌيءَ سان سارا ۽ ان جومڙس لاري ۽ ڪتو بزوڪلي، شڪاگو مان آيل ليڊي ڊيانا ۽ هن جي ننڍڙي ڌيءَ Ashley، سانتاڪلاز My Friend ۽ ان جي زال ۽ هڪ ٻيو جوڙو جيڪو Washington State کان آيل هو ٻين سڀني Merry Christmis سان ڀليڪار چيو. اسين به مُرڪي Merry Christmis ورجايو. Basement ۾ اسين وڃي ٽي.وي ڏسڻ لڳاسين جتي ولايتي شربت ۽ Pepsi ورتي سون، هڪ ڪلاڪ بعد Lunch لاءِ سڏ ٿيو. ٽيبل تي سڄي دنيا جا طعام موجود هئا، يعني Chiken, Beaf, Boil Potato, Salad, Eggs, Vegetable, Bread and every kind of Drink کاڌو کائڻ بعد ۾ Drawing Room ۾ سڀني کي سڏ ٿيو. جتي Donna طرفان سڀني کي سارا (Sarah) هن جي ڌيءَ نالو وٺي گفٽ ڏنا. تنهن گهڙي مون کي سنڌي شادي جي رسمن تحت ڪنوار جو ڏاج ڪنواريتا هڪ هڪ ڪري ڏيکاريندا آهن. هي رسم به ساڳي طرح محسوس ٿي. اهو عمل هنن جي Christmas جو حصو معلوم ٿيو.
مون کي Sequence Game, Coffee Maker ۽ هڪ سٺو سوئيٽر مليا. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، مون کي چار گفٽ مليا، بلڪه سڀني شريڪ مهمانن کي گفٽ ڏنائون. بعد ۾ هيٺ اسين Sequence Game ڪئي سون. آخر ۾ اسان سڀني کان موڪلايو ۽ Gale جي ڊگهي ڪار ۾ Macomb واپس آياسون.
خاص ڳالهيون:
(1) ٺل کان عباس، ادي افروز، محمد مراد (منو) ۽ پروفيسر جاويد ڳالهايو.
(2) Lawan نيپالي دوست ڪمري ۾ آيو۽ گپ شپ ٿي.
(The Power of Three Little Word)
I Suppose, Go for it
I understand you Let me help,
Count on me, Please forgive me,
May be you are right,
I respect you, I miss you, I love you
Glad you realize it
نوٽ: محمد مراد عُرف مَنو خان منهنجو مامو هو، جنهن پنهنجي زندگي غربت هوندي به شاهاڻي ٺٺ ٺانگر سان گذاري، هَن جا تعلقات ڪنڌڪوٽ، ٺل ۽ جيڪب آباد جي وڏن ذميندارن ۽ سردارن سان هوندا هئا. گفتگو هميشه برابري جي بنياد تي ڪندو هو، بدن جوڙيل، تلوار جهڙو سڌو بدن، عقاب جهڙيون اکيون رکندڙ ۽ چهري تي سدا مرڪ سجائي رکندڙ، ڪڏهن ڪڏهن وڏا ٽهڪ ڏيندڙ، پوشاڪ بوسڪي جي قميص، ڪاٽن جي شلوار ۽ مٿي تي ٽوپي يا بوسڪي جو شانائتو پٽڪو ٻڌندو هو، هلندو هو ته نوجوان وارو ڏيک ڏيندو هو. جانورن، گلن ٻوٽن توڙي انسانن سان بي پناه پيار ڪندڙ هو.
***
21-04-2005
Temple University: PA. USA
زندگي جا پيچرا
ڏٺي ڏينهن ٿيامَ، ڪُهه ڄاڻان ته پرين ڪهڙا ! (شاهه)
زندگي جي پيچرن ۾ انسان عجيب ڪيفيتن ۽ حالتن سان منهن ميل ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهي ڪيفيتون انسان کي سوچڻ جي دعوت ڏينديون آهن. ماڻهو انهن پلڪن ۾ مرندو ۽جيئندو آهي.منهنجي لاءِ به آمريڪا ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون گهڙيون وارد ٿينديون آهن سوچيندو آهيان ته اسان سنڌي دنيا جا سک، سواد ۽ سائنسي ترقي ڪڏهن ماڻينداسون. جڏهن آمريڪي حالتن جو جائزو وٺجي ٿو ته هي همراه آسمان سان گس ڪري هلن ٿا. اسين اڃا الائي ڪهڙي جهان ۾ آهيون؟ اهي سڀ حالتون اسان سڀني کي سوچڻ جي دعوت ڏين ٿيون ته اسين ٿامس جيفرس، ابراهيم لنڪن ۽ بنجامن فرئنڪلن ٿيڻ لاءِ سِرَ جون سَٽون ڏيون تڏهن ترقي جي هن معراج تي پهچنداسين. قومون ترقي جو معراج محنت سان ماڻينديون آهن. هنن آمريڪن اوجاڳا ۽ محنتون به ڪيون آهن.دنيا کي فتح ڪرڻ لاءِ جوکا ۽ اڻانگا سفر به ڪيا آهن. جيتوڻيڪ اسان جي نقطه نظر کان اهي سڀئي ڳالهيون منفي آهن ليڪن آمريڪي نقطه نظر کان ترقي جو حد نشان سمجهيون وڃن ٿيون.
سنڌ ۽ سنڌين کي به ڊگهو سفر، اوجاڳا، علمي ۽ ادبي ميدان ۾ محنتون ۽ سائنسي کوجنائون ڪرڻيون پونديون. تڏهن دنيا سان ڪلهي گس ڪري سگهجي ٿو.
***
20-11-2005
Philly, USA- Glenside Railway Station
آمريڪي تجربو ۽ سنڌ
آمريڪا ۾ مونکي اهو بهترين تجربو ٿيو ته انسان انتهائي ٿڌ ۽ برف واري ماحول ۾ (USA, Southern Part) ڪيئن رهي. اڳ ته ائين ٿيندو هو جو حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ته سادي ڪوٽ ۽ سوئٽر ۾ رهندي به ماڻهو ڪافي گرمي محسوس ڪندو هو. ليڪن Philadelphia (Philly) پهچڻ شرط Airport تي ئي ڇٺي جو کير ياد اچي ويو جنهن روسي ڊرائيور سان شيري جي گهر پهتم. هاڻ ته 10 مهينا اهڙي ماحول ۾ ڳاري چڪو آهيان ڄڻ عادي بڻجي ويو آهيان. تڏهن به ٻه ڳالهيون مون کي هميشه مايوسي (Depression) جو شڪار ڪري وجهنديون آهن ته مسلسل برفباري / برسات / ٿڌ ۽ ٻيو سنڌي مادري زبان نه ڳالهائڻ وارو جيڪو يقينن اهڙين ڪيفيتن ۾ ماڻهو مسلسل نفسياتي جنگ واري حالت ۾ رهي ٿو. انهن حالتن ۾ آئون لطيف جو رسالو پڙهندو آهيان يا شاعري جهونگاريندو آهيان ته ڪجهه تسلي ملندي آهي، سفر هونئين به بابا (منهنجي والد حافظ محمد ڪامل صاحب) چواڻي ته هڪ هڪ ميل سڪرات مثل هوندو آهي. انجو احساس مون کي وطن کان دور رهندڙ کي ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي گهٽ ٻوسٽ واري فضا دماغ ۾ پيدا ٿيندي آهي ته انسان پل ۾ جيئندو آهي ته پل ۾ مرندو آهي.
مارُن منجهه مُياس نه ته ماڙين ماريس ڪينڪي (شاهه)
هي ورق لبرٽي پيلس (Liberty Palace) مان لکي رهيو آهيان فلاڊيليفا ۾ اڄڪلهه پڇاڙڪا ڏينهن آهن. جنوري 2006ع جي پهرين هفتي ۾ WIU Macob شڪاگو پهچڻو آهي. جتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪبي، منهنجي منشا ته ڪونه هئي ليڪن Full Bright Programme وارن شڪاگو موڪليو آهي. سو Prof. Kathy چواڻي هڪ نئون تجربو ٿيندو.
تجربا ۽ مشاهدا ئي ته انسانن جو ثمر هوندا آهن. هت لبرٽي پئلس ۾ هڪ وڏو Chritopher نالي ڪتاب گهر آهي، جتي Sex کان وٺي Science، مزاح کان وٺي جاگرافي ۽ تاريخ جهڙن سڀني موضوعن تي ڪتاب رکيل آهن. مون کي Maya Angella جي The Peace Poem جون ٻه سٽون نظر آيون.
The peace is powerful.
Its explosion is more powerful than atombomb
واقعي اهو سچ آهي ته امن وڌيڪ طاقتور آهي جنهن لاءِ سڄي دنيا جي حق پرستن ۽ امن جي پانڌيئڙن کي جاکوڙڻو آهي، مرشد لطيف سچ چيو آهي،
هو جهيڙين تون جهڪو ٿي پاند ڳچي ڳل پاءِ!
پاڻ ئي پرچاءِ، متان رٺوئي رهجي وڃين.
(شاهه)
ٻيو ڪتاب، Visit Hundred Places رکيل هو جنهنجي قيمت منهنجي وصيت کان وڌيڪ هئي، صرف ورق گرداني ڪندي فهرست ۽ ڪجهه شڪليون ڏسي سگهيم سو فلاڊليفيا کي الوداع چوندي اهم جڳهن گهمڻ جو اڄ پروگرام رٿيم، مرڻ کان اڳ سئو اهم جهڳيون گهمڻ ڄڻ منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه داخل ڪئي ته زندگي ۾ موقعا ڪڏهن ڪڏهن ميسر ٿين ٿا. سو انهن کي نه وڃائجي بلڪ ڪجهه حاصل ڪجي.
***
March 2002
International Visitor as Educationist
اهو مارچ جو مهينو هو، جو مسز منوره آمريڪن ڪائونسلٽ مان، چيئرمين STB جي آفيس ۾ فون ڪئي، مون کي تاج ميمڻ ٻڌايو ته ڪالهه ۽ اڄ ٻه ڀيرا اوهان جو آمريڪن ڪائونسلٽ مان فون آيو آهي،مون کي هزارين قسم جا وسوسا ته آمريڪن ڪائونسليٽ مان منهنجو پڇاڻو ڇو ٿيو!!!؟؟؟ ڇو ته 2001ع يارهين سيپٽمبر جو نيويارڪ Twin-Tower ۽ پيٽناگون وارا واقعا ٿي چڪا هئا، مسلم ورلڊ Hot Water ۾ هُئي، مون انهي فون کي نيڪ شَگون ڪونه ڄاتو. ليڪن ٻئي ڏينهن صبح جو تيار ٿي مون ڄامشوري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڪالوني واري گهر مان آفيس لاءِ نڪرڻ جي تياري ڪريان پيو ته فون جي گهنٽي زوردار آواز سان وڄڻ لڳي ته مون فون کنئي، ٻئي طرف کان آواز آيو ته آمريڪن ڪائونسلٽ مان ڪلچر افيئر آفيسر مسٽر لوني Mr. Loni اوهان سان ڳالهائڻ گهري ٿو ته هُن IVELP دوري لاءِ مبارڪباد ڏيندي هڪ ساهي ۾ اهو ٻڌايو ته جون 2002ع ۾ انٽرنيسنل ايڊيوڪيشن جي وفد ۾ 30 ڏهاڙن لاءِ اوهان آمريڪا وڃي رهيا آهيو، روزانو اوهان کي 170 ڊالر الائونس ڏنو ويندو رهائش، ٽوئر گائيڊ ۽ ٻيون سهولتون آمريڪن اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ اوهان کي فراهم ڪندو ۽ اوهان آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ / حڪومت جا مهمان هوندا. سو اوهان جڏهن به چاهيو مون سان ڪراچي ڪائونسليٽ ۾ اچي ملاقات ڪريو. بهرحال مون ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ آفيس اچي پنهنجي دوست ۽ ساٿي مسعود قريشي سان ڳالهه ڪيم. هن چيو ته: انڌي کي گهرجي هڪڙي اک، توکي مِلن ٿيون ٻه اکيون، سو فهيم هاڻ ئي Mr. Loni سان ڳالهاءِ ۽ سڀاڻي وڃي انهيءَ ساڻ ملاقات ڪر بعد ۾ مون تاج ميمڻ وٽان آمريڪن ڪائونسلٽ ڳالهايو ۽ ٻئي ڏينهن جو پروگرام رکيو. سو ٻئي ڏينهن ويم ته پهرين آمريڪن ڪائونسليٽ جي لئبريري وڃي حافظ صابر سان مليم بعد ۾ مسز منورهه اسسٽنٽ ڪلچر افيئر آفيسر سان ملاقات ٿي، انهي ٻڌايو ته اوهانجو نالو حافظ صابر علي منتخب ڪيو (مون کي ياد اچي ٿو ته 2000ع ۾ جڏهن STB چيئرمين خالد سومري صاحب انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ڊولپمينٽ (IED) آغا خان يونيورسٽي ساڻ Text Book Review ڪرائڻ جو 9 مهينن جو معاهدو ڪيو هو ته انهي دوران IED-Library ۾ روزانو ڪنهن به نموني مون لئبريري ضرور ويندو هئم ۽ اُتي حافظ صابر سان ملاقات ٿي، جيڪو بعد ۾ آمريڪن ڪائونسليٽ ۾ لئبريرين مقرر ٿيو ته انهيءَ کي منهنجي علمي حيثيت بابت ڄاڻ هئي ته هُن منهنجو نالو پيش ڪيو).
بعد ۾ حافظ صابر ۽ مسز منورهه سان جاويد صادق ساڻ ملاقات ڪرائي. جنهن مبارڪباد سان گهربل معلومات ۽ لٽريچر ڏنو. اڌ ڪلاڪ بعد مسٽر لوني جي آفيس ۾ آياسين ته همراهه گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندي آمريڪي دوري لاءِ مبارڪباد دهرايائين. Refreshment گڏجي ڪئي سون، گپ شپ ٿي، ٻڌايائين جلد اوهانجي گروپ جي ميٽنگ سڏائينداسين ۽ ٽائيم کان آگاهه ڪنداسين.
***
March, 2002
Karachi
ڪراچي ڪائونسليٽ ۾ ڌماڪو ۽ ميٽنگ
ڪراچي ۽ حيدرآباد ساڻ تعلق رکندڙ IVELP ميمبرن جي ميرٽ هوٽل لڳ آمريڪن ڪائونسليٽ واري آفيس ۾ ڪلچرل آفيسر مسٽر لوني آمريڪا وڃڻ کان اڳ Orientation ميٽنگ رکي هئي. سڀني کي صبح جو 11 وڳي پهچڻو هو مون کي ڄامشوري کان هلندي دير ٿي ويئي. ڪوچ مان لهي مون ڪائونسلٽ لاءِ ٽئڪسي ڪار ورتي. ٽئڪسي ميئرٽ سامهون هئي ته زوردار ڌماڪو ٿيو. ايڏو ڌماڪو هو جو ٽئڪسي جو هڪ پاسو مٿي اُٿي وري پٽ تي آيو. بارود سان ڀريل ٽرڪ ڪائونسليٽ اندر گهڙي سندس ٽڪرائجي ويئي، نتيجن ڌماڪن جا آواز سڄي ڪراچي ۾ ٻڌا ويا، ميرئٽ هوٽل جا سڀئي شيشي جا در دريون ذرا ذرا ٿي ويا. آئون پريشان ٿي ميرئٽ هوٽل اندر گهڙي ويم. فوج اندر پهتل هئي. مونکي سمجهه ۾ آيو ته هتان فوري نڪرڻ گهرجي، ٻاهر نڪري مون ٽئڪسي وٺي سڌو ڊاڪٽر شمس سومري وٽ لياري آيم. جنهن دم دلاسو ڏنو، هُن صلاح ڏني ته ڪائونسلٽ واسطيدار آفيسر سان فون تي ڳالهايو، مون جاويد صادق سان فون تي ڳالهايو ته هُن تسلي ڏني. چيائين اوهان ٻن ڏينهن بعد پي سي هوٽل مان اچي پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ وٺو.
نوٽ: ڊاڪٽر شمس پيارو ڀاءُ يار جاني هو.. هن سان ملاقات منهنجي لاءِ خوشين جا دروازا کولي ڇڏيندي هُئي.
***
ابراهيم لنڪن جي ديس جو خون ۾ ٻُڏل سِج!
اسين Seal village ۽ ابراهيم لنڪن جي شهر Spring field جو دم ڀري ديدار ڪري ڪار ۽ ويگنن جي قافلي جي صورت ۾ واپس ٿي رهيا هئاسون ته منهنجي نظر خون ۾ ٻُڏل ڳاڙهي رتول سورج تي پئي ته هڪ پل (Jiffy) ۾ مون کي غم ۽ ڏک جي پاڇن ۾ اگهور ڄامشوري جي پهاڙين پٺيان غروب ٿيندڙ آفتاب جو تصور ذهن ۾ اڀريو جيڪو سج لهڻ جو نظارو مون ڪوشش ڪري روز ڏسندو هئس پڻ جيڪو سج مون شمس سومري سان گڏجي جڏهن جڏهن ڏسندو هئس هو سج جي لالڻ بعد هڪ ڀرپور تبصرو ڪندو هو چوندو هو ته ڌارين جي سنڌ تي يلغار سببب سنڌ جو غروب ٿيندڙ سج هُنن تي ڏمريل آهي.