خواب ــ تعبيرون ۽ فهيم
فهيم سان منهنجي تعلق جي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ ههڙن مٺن ۽ محبتي ماڻهن سان دوستين جي ماپ سالن ۽ ورهين ۾ ڪرڻ ڏکيو ڪمآهي. بس ڀٽائي جي بيت تي ئي بس ڪرڻ ۾ ڀلو آهي ته:
نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لحم
بنيو هو نه بت ۾ اڃان ڪي آدم
تِهان اڳي سڱ، تو ساڃاهه سپرين
هن جا ۽ پنهنجا ڪافي ڌنڌا ساڳيا آهن، قلم گهلڻ جو ڪم، ٻار پڙهائڻ جو ڪم، ڪتابن تي سر کپائڻ جو ڪم، ساڳي انگريزي شعبي مان ماسٽر ڪرڻ جو ڪم ته اسان اڳي ڪري چڪا هئاسي، باقي فهيم مون کان هڪڙي ڪم ۾ اڳتي پئي نڪريو ويو سو هو ملڪ رلڻ جو ڪم ــ ۽ هن مون کي سدائين اهو ڪم ڪرڻ لاءِ به صلاحون ڏنيون ۽ ٿوري ٿوري شروعات مون به ڪريڏني آهي. باقي هڪ نظم ضبط ۾ رهي تياري ڪري محنت سان اڪيڊمڪ ريسرچ ڪرڻجو ڪم رهجي ويو جنهن ۾ هو مون کان اڳرو ۽ جدا آهي ــ ها! پر هو مون کان ڪٿي به جدا ناهي ــ کرو مڙس آهي ــ مختصر ۽ کري ڳالهه منهن تي چئي ڏيڻ جي سکيا ڪير هن کان وٺي.
هي علم جو ڳولائو ــ مُعلم ــ آمريڪي کاڌي جو کيڙائو ــ کوڙ خبرون کڻي آيو آهي هن ڪتابي شڪل ۾ ــ جنهن کي ان مان لاڀ وٺڻو آهي سو وٺي سگهي ٿو جنهن کي دل وندراڻي آهي ته هي ڪتاب ان کي به مايوس نه ڪندو.
سندس هي ڊائري اسانجي آمريڪا جي موسمن، ندين، سردين، گرمين سان ملاقات ڪرائي ٿي. فهيم سان ته هون به ملاقات ڪرائي ٿي. هن جو پنهنجو به پوٽريٽ اڀري اچي ٿو ۽ ڊائري مان اڻ ڏٺل فهيم نوناري کي پڙهندڙ ڏسي سگهن ٿا. ته ڪيئن هو ست سمنڊ پار سنڌ کي ساري ــ اٻاڻڪو ۽ اڪيلو ٿي وڃي ٿو. هڪ مقصد لاءِ محنت ۾ مگن رهندي هن کي ڪيئن ڪيئن جلاوطني جو احساس وڪوڙي وڃي ٿو ۽ وطن جي سڪ جو فاصلن جو پورائو هو ڄامشوري ۽ ٺل جي ماڻهن، گهر ڀاتين، دوستن سان فونن، اِي ميلن، وڊيو گيم ذريعي ڪيئن ڪندي بنا چوڻ جي ٻڌائي وڃي ٿو ته انسان فاصلن کي مسلسل فتح ڪندو پيو وڃي.
فڪشن جو ماڻهو آهي فهيم ـــ هن تحقيق جي جوڳ، جوڳي بنجي ڪيئن پچائي آهي ان جي شاهدي ته “خوابن جي ڊائري “” آهي ئي اهي پر هي احوال پڙهڻ سان پتوپوي ٿو ته Research جي Quality ڇا هئڻ گهرجي؟ خاص طور اسان جي ملڪ ۾ جڏهن وڏو پڙهيو لکيو انگ Quality Education جي تصور کان به وانجهيل آهي جتي Arts ۽ Humanities جي شعبن ۾ به تحقيق جو مقصد ئي پروموشن، اپ گريڊنگ، وغيره هجن ته پوءِ اها تحقيق سماج جي شعور کي وڌائڻ ۾ ڪيئن ٿي مدد ڏئي سگهي.
هن جي ڊائري جي حسانڪي تڏهن ٿي ذهن جي اک کي وڻي جڏهن فهيم جو قلم يادگيريون چٽڻ کان اڳ ڪنهن شعر کي جهپيو پهرين اچي پني تي سينگاري ٿو.
“خوابن جي ڊائري” ۾ پڙهندڙن لاءِ جيڪا پرڏيهه ۾ تعليم تدريس متعلق ڄاڻ ملي ٿي اها ڏاڍي لاڀائتي آهي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي سماج، رياستون، ملڪ تعليم کي ترجيح بنيادن تي اهم سمجهن ٿا ترقي انهن جو ئي مقدر آهي ۽ ترقي جو حق به انهن کي آهي.
خاص طور اسان جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن کي فهيم سائين جو هي ڪم پڙهڻ گهرجي ۽ جيڪي به شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر ويل آهن انهن کي به منهنجي گذارش آهي ته اهي پنهنجا تحقيقي ۽ تعليمي تجربا پنهنجي ايندڙ نسل سان شيئر ڪن ته جيئن کين خبرپوي دنيا ۾ تعليم ــ تدريس جا ڪهڙا طريقا ۽ اهڃاڻ متعارف ٿي رهيا آهن ۽ اهي لکڻيون يقينن سماج ۾ غير روايتي تعليم کي هٿي ڏئي سماج جي شعوري آبياري ڪندي رهنمائي ڪنديون.
هن جي “خوابن جي ڊائري” هڪ حوالي سان تعبير جي ڊائري هن طرح آهي جو فهيم يقينن پنهنجي زندگي جي ڪنهن گهڙي ۾ پرڏيهه ۾ اعليٰ تعليم جو خواب ڏٺو هوندو ۽ هڪ ڏينهن هن جي خواب کي جيڪا تعبير ملي سا هن لکت ۾ اسان سان شيئر ڪئي آهي. پر پوءِ “خوابن جي ڊائري” ۾ هن جا خواب رهجي ويا آهن ــ اهي خواب آهن اسان جي وطن سنڌ جي خوشحالي جا ۽ ان وطن ۾ ڪنهن اهڙي نئين انسان جي پيدا ٿيڻ جا جنهن لاءِ هي سموري دنيا به هڪ وطن هجي.
فهيم موجب سنڌ ۾ خوشحالي جا باب تڏهن ئي کلندا جڏهن سنڌي ماڻهو World Citizen ٿيڻ جون سڌون ڪندا ۽ عملي طور ڪري ڏيکاريندا هن جي چوڻ مطابق ته جلاوطنيون به انسان کي سکيارين ٿيون .... سفر به انسان کي تعليم ڏين ٿا.
آءٌ هي ٻه اکر لکڻ وقت سوچيان پيو ته وطن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان علم لاءِ، هنر لاءِ اهڙين جلاوطينن جا رستا ڳوليون جيڪي جلاوطنيون اسان کي دنيا ڏيکارين، علم سکيارين، دنيا طرف ويندڙ صاف ۽ سڌا رستا يونيورسٽين کان نڪرن ٿا. ان ڪري ضروري آهي ته اسان پنهنجي يونيورسٽين کي بچايون.
Thanks Fahim, for sharing this account
[b]
ــ پروفيسر حفيظ ڪنڀر
حيدرآباد[/b]