ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

خوابن جي ڊائري

هي ڪتاب محترم فهيم نوناري صاحب جي آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ عرب دنيا جو کليل اکين سان ڏٺل خوابن جو احوال آهي. هو لکي ٿو:”منهنجي لکيل هي ڊائري لنڊن، اسڪاٽ لينڊ، آمريڪا، دبئي (UAE)، سعودي عرب، بيلجم، هالينڊ ۽ سئزرلينڊ ملڪن ۾ مختصر قيام ۽ سالن جا سال پورا چار سال آمريڪا جي گهڻن شهرن ۽ هنڌن تي گهاريل گهڙين دوران جيڪو مانڊاڻ، ماحول، عمارت سازي، سياست جا انداز، شهري خدمتون، سائنس، آرٽ، تعليم، ميوزم، فن، علم وادب، ۽ موسيقي جي دنيا سميت جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ پَسيم، ان کي انهي وقت بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه ۽ چاشني جي اصل صورت ۾ پني تي اُتاري ڇڏيو، گهڻن دوستن بعد ۾ اها صلاح ڏني ته انهي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري لِکُ ۽ کاڌن وغيره جا نالا ڪڍي ڇڏ، پر مان سمجهان ٿو ته اهي عام ۽ ننڍڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ انهن ملڪن وڃڻ وارن لاءِ رهبري (Guide - Line) جو ڪم ڏينديون، خاص طرح نوجوانن لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.“
Title Cover of book خوابن جي ڊائري

سفري گائيڊ

انساني احساس جي اظهار جا ڪيترائي طريقا آهن. جن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ نامناسب ٿيندي. هر طريقو ايترو ئي معتبر ۽ موزون آهي جيترو ڪو ٻيو. مثلاً نثر ۾، نظم ۾، خط ۾ ليڪن مقصد هڪ ئي آهي. ان لاءِ ته هو، اهو پيغام، اندرجو آواز پنهنجي پڙهندڙن سان ڪيئن شيئر ڪري ان لاءِ فهيم نوناري ڊائري جي چونڊ ڪئي آهي.
فهيم نوناري ذهين ۽ جاکوڙي اديب / ليکڪ آهي. هن ڪيتريون ڪهاڻيون، مضمون، ريسرچ آرٽيڪل لکيا آهن، جن کي هر طرح سهڻي موٽ ملي آهي. پاڻ ذاتي طرح مکڻ ۽ ماکي جهڙو مٺو ماڻهو آهي. منافقت مورنه ڄاڻي، جيڪو چوڻو هوندس منهن تي چئي ڏيندو. ڀلي اها ڳالهه دوستن کي وڻي يا نه وڻي. پر جهڙو ٻاهر آهي، اهڙو ئي اندر جو اڇو اجرو انسان آهي اڄ جيڪو به هو آهي، اهو سڀ ڪجهه پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهي بڻيو آهي. ڪنهن ڏاڪڻ يا سيڙهي جو سهارو ڪونه ورتو اٿس. منافقت ۽ مصنوعيت کان چڙ اٿس. اڄ ڪلهه سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ انگريزي (SubjectSpecialist)آهي، جيڪا ڳالهه پڻ سندس ذهانت جو ڏس ڏئي ٿي.
پياري فهيم نوناري جيڪي ڏينهن ۽ راتيون ست سمنڊ پار ۾ گذاريون انهن تجربن، احساسن، ۽ جذبن کي پنن تي تاريخ وار اتاريندو ويو، جنهن اڳتي هلي ڊائري جي شڪل اختيار ڪئي، جيڪو هاڻي ڪتاب جي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿ ۾ آهي. ٻولي ۽ تعليم جو “ادب” سان گهرو سٻنڌ آهي، ڪنهن عالم چواڻي “جتي يونيورسٽين جي تعليم ختم ٿئي ٿي، اتان ادب جي تعليم شروع ٿئي ٿي” ان وانگر فهيم به ادب جي دنيا جو هڪ زيرڪ ۽ ذهين شاگرد آهي. “خوابن جي ڊائري” جي عنوان واري سري هيٺ ڊائري جي شروعات ڪندي فهيم ساڳي ڳالهه ورجائيندي لکي ٿو “اهڙي ريت انساني احساس جي اظهار جا ڪيترائي طريقا آهن، انهن مان ڊائري به هڪ ذريعو آهي.” ان سان گڏ هو، آمريڪي سوسائٽي جي بهتر روايتن ۽ تجربن کي پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ ڪهڙي طرح لاڀائتو بڻائجي ان جو پڻ آرزو مند آهي، خدا ڪري سندس اهو خواب ساڀيان ماڻي، جيڪو اکين ۾ سمايل آهي. سنڌي ادب ۾ نثر نويسي جي حوالي سان “ادبي ڊائري” لکڻ جي روايت ڪا نئين ڳالهه ته بيشڪ ناهي، پر ان ايڏي پراڻي نه وري گهڻي مقبول ليڪن ڪنهن حد تائين منفرد ضرور آهي.
زير نظر ڊائري پڙهڻ سان پڙهندڙ کي ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون جن کان اڳ هو بلڪل اڻڄاڻ / اڻواقف آهي. ان حوالي سان هي ڊائري هڪ ملڪ جي سفري گائيڊ پڻ آهي، ۽ ان سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن سان ڊائري جي معرفت سندن انٽرائڪشن ۽ “Exposure”پڻ ٿيندو ــ اهو سڀ ڪجهه جيڪو ڊائري ۾ آهي، هو پڙهندڙن سان شيئر ڪري ٿو. هونئن به هر لکندڙ جي تحرير / تخليق ان جي ذهني ڪيفيت جو اولڙو هوندي آهي. اها فهيم جي وڏائي آهي ته هن ديار غير ۾ پنهنجي پڙهائي مان ٿورو وقت ڪڍي ادبي حوالي سان به ڪم ڪندو رهيو. هونئن به خالي لفاظي کان خدا فهيم کي بچايو اهي. فهيم ڊائري لکي اهو ثابت ڪيو آهي ته هو هڪ باصلاحيت لکندڙ آهي، هونئن به سٺو ڪتاب لکڻ هڪ اهڙو عمل آهي جنهن جا ڪيترائي مثبت پهلو آهن، خدا شل کيس سدائين خوش رکي.
“جکرا جيئو شال،
مندي نه سڻان تنهنجي!!
ــ انجنيئر الطاف آگرو
سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو
20 نومبر 2010ع