سفر جي ڊائري ۽ معلومات
Belgim
عجيب اتفاق!!!
بيلجم
منهنجو ذهن آمريڪا کان اڏرڻ وقت ئي شڪ ۽ گمان جي ڪڪرن سان ڀريل هو ته (French Air Line) فرينچ ايئرلائين جو جهاز جڏهن بيلجم پهچندو ته ممڪن آهي ته عالمي زميني قائدن موجب مون کي بيلجم کان سئزرلينڊ وڃڻ ڪين ڏين. انهي سوچ جي واچوڙن ۾ گم هئس ته جهاز جي ڪپتان اعلان ڪيو ته اسين ٿورڙين گهڙين ۾ بيلجم جي ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون. مسافرن ۾ چرپر پيدا ٿي ويئي، سڄي رات جي ڊگهي سفر ٿڪائي ڇڏيو هو. مختصر عرصي ۾ جهاز ڌرتي کي ڇُهيو ته مسافر اٿي بيٺا. سڄو جهاز يورپ جي ماڻهن سان سٿيل هو. منهنجو يورپ جي هِن پاسي جو پهريون دفعو اچڻ ٿيو ته هونئن ته وايا دبئي کان لنڊن ٿيندو آمريڪا 8 ڀيرا آيو هئم. هيڏانهن هِن رخ جو نئون تجربو ٿيو. جو سڀ گورا گوريون پر مختلف يورپ جون ٻوليون ڳالهائيندڙ موجود هئا. اهو هڪ رنگين تجربو هو. خير آهستي آهستي مسافر جهاز مان لهڻ لڳا. آءُ به شولڊر بئگ ۽ ننڍڙي هئنڊ بيگ هٿ ۾ کڻي هيٺ آيم. جهاز تمام وڏو هو، سڄو مسافرن سان سٿيل هو، تنهنڪري مسافرن جي هڪ ڊگهي قطار ٺهي ويئي، ڪيولي واري رفتار سان مسافر اڳتي وڌڻ لڳا، ڪجهه گهڙين بعد (Connected Flights) اڳئين فلائيٽ وٺڻ وارا مسافر اندر لائونج ۾ اچي ويا. مون هيٺ اچي ڪجهه وقت لاءِ آرام ڪري پوءِ اڳين فلائيٽ لاءِ ڪائونٽر تي ويم ته عورت ڀڳل ٽٽل انگريزي ۾ ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ بعد اوهان اچو. (نوٽ: بيلجم جا ماڻهو پنهنجي ٻولي ڳالهائن ٿا تنهنڪري هو انگريزي ۾ ڪمزور آهن.) عورت جي انتظار چوڻ واري جملي مونکي وڌيڪ وهم گمان ۾ وجهي ڇڏيو، ڇو ته آمريڪا کان هلڻ وقت مون کي دوست ٻڌايو ته اوهان لنڊن کانسواءِ يورپ جي ٻئي ايئرپورٽ کي ڇهندا ته اوهان کي اڳتي وڃڻ لاءِ نئين سر ويزا وٺڻو پوندو. بهرحال سڀني گمانن کي رد ڪندي مون ايئرپورٽ کي چڱي طرح گهمڻ لڳس. بلڪ آخري ڇيڙي تائين ٻاهرين دروازي وٽ وڃي سامهوڻ روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ ۽ عمارتن کي ڏسڻ لڳم. بيلجم جي عمارتن جو نظارو ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته بيلجم به يورپ جي غريب ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، ايئرپورٽ کان ٻاهر واري عمارت سازي ڪراچي جي ڊفينس علائقي جهڙي آهي، ايئرپورٽ جي اندر صفائي سٿرائي ۽ ويهڻ لاءِ سيٽن جو بندوبست به ڪراچي ايئرپورٽ جهڙو لڳو، بيلجم منهنجي پروگرام شيڊيول ۾ ڪونه هو ليڪن اتفاق الاهي اهو ٿيو جو شڪاگو ۾ نيويارڪ + لنڊن واري Connected فلائيٽ جي گُسي وڃڻ ڪري، مون کي آمريڪي ايئرلائنس وارن بيلجم + سئزرلينڊ + دبئي واري رستي سان موڪليو ته مون کي مختصر قيام دوران هنن ايئرپورٽ بلڊنگ، آرڪيٽيڪٽ ماڻهن ۽ انهن جي روين کي جاچڻ ۽ پرکڻ جو مختصر موقعو مليو. 2 ڪلاڪ جو وقت مون چاڪليٽ ڪافي پيئندي ۽ ايئرپورٽ جا مختلف حصا گهمندي گذاريو، جنهن دوران مون گهڻيون شيون پسيون ٺيڪ ٻن ڪلاڪن بعد اسين وڃي Swiss جهاز ۾ ويٺاسين، سئيز جهاز انتهائي سمارٽ ۽ حسين لڳو، ماڻهن جي مُرڪ به دلپذير هئي، جهاز ۾ سوار هر ماڻهو چاڪ و چوبند ۽ جاندار محسوس ٿيو. هونئن به سڄي جڳ ۾ سئزلينڊ جو حُسن ۽ شانائتا رويا مشهور مقبول آهن
***