فهيم نوناري کي واڌايون
فهيم نوناريءَ آمريڪا، يورپ ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ رهندي اتي گذاريل گهڙين جو احوال خوابن جي ڊائري ۾ قلمبند ڪري پنهنجي سفر جي يادگيرين کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ساڳئي وقت هن سنڌي پڙهندڙن جي لاءِ معلومات ۽ دلچسپي جو سامان پڻ مهيا ڪيو آهي. هن ڪتاب جي خاص اهميت ان ڪري به آهي ته اهي نوجوان جيڪي آمريڪا ۽ يورپ وڃڻ جا خواهشمند آهن تن جي لاءِ فهيم اتي جي روزمره جي زندگي، طرز معاشرت ۽ تعليمي صورتحال بابت ڄاڻ ۽ معلومات جو ڀنڊار کولي رکيو آهي.
فهيم کي اها به شاباس هجي ته آمريڪا جي رنگين ۽ سهوليتن سان ڀريل ماحول ۾ رهندي به پنهنجي مسڪين ۽ مٺڙي سنڌ ڌرتيءَ کي نه رڳو ياد ڪندو رهي ٿو، پر اهو به چئي ٿو ته “سنڌ هميشه منهنجي جند جان ۽ ذهن جي هر حصي ۾ ساهه سرير جيان ڌڙڪندي رهي آهي...هر گهڙي سنڌ جي باري ۾ سوچيندو رهندو آهيان.”
هو جڏهن آمريڪي زندگيءَ جو عروج ڏسي ٿو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي تعليمي سرشتي ۽ سماج بابت سوچي ٿو ته “ڪهڙي ريت سان اها سربلندي اسان جوماڻهو حاصل ڪري سگهندو جيڪا يونان جي ڏاهن هر انسان جو بنيادي حق ڄاڻايو آهي.”
فهيم آمريڪا ۾ سخت پڙهائي جو ذڪر ڪيو آهي ته شاگردن کي ڪلاس ۾ پڙهائڻ کان پوءِ به استاد ايترو هوم ورڪ (Homework) ڏيندا آهن جو هنن کي ٻي ڪنهن ڳالهه جي لاءِ فرصت ئي ڪانه ملندي آهي. فهيم پنهنجي ذهن ۽ دل سان اهو فيصلوڪري ڇڏيو هو ته ڪڏهن به وقت نه وڃائبو، وقت جو قدر ڪبو ۽ محنت جاري رکبي. هو ايتري سخت پڙهائي واري محنت ڪرڻ کان پوءِ به ڪجهه وقت ڪڍي ڊائري لکندو رهيو ته جيئن سندس هم وطن ۽ خاص طور نوجوان هن جي تجربن ۽ مشاهدن مان فيضاب ٿين. فهيم نوناري کي منهنجي پاران لک لک واڌايون ــ ان لاءِ ته هو نه رڳو پنهنجي تعليم ڪاميابي سان مڪمل ڪري آيو، پر ان سان گڏ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي سفر جو تحفو ڊائري جي صورت ۾ اسان کي ڏنو اٿس.
ــ شوڪت حسين شورو
اڳوڻو ڊائريڪٽر سنڌالاجي
ڄامشورو ــ سنڌ