ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

پيار، پناهون، ڇانورا. . .

پيار، پناهون، ڇانورا. . .

پيار ۽ محبت جا لفظ ڪنهن لاءِ به اوپرا نه آهن، جو کڻي ان تي بحث ڪري سمجهائجي، ازل کان وٺي انسان حُسن پرست ۽ محبت پرست رهيو آهي ۽ هونئن به ڪنهن خوبصورت ۽ نفيس شيءَ کي خالق ڪائنات جو اَمُلهه نمونو سمجهي، چاهڻ هڪ فطري عمل آهي. اسان وٽ هتي هر ڪنهن کي ننڍي هوندي کان ئي ليليٰ مجنون، سهڻي ميهار، سسئي پنهون، هير رانجهي جا عشقيه داستان ڪنهن نه ڪنهن جي واتان ڪنهن ڪچهري يا ڪنهن ڳالهه جي مثال ڏيڻ تان ٻڌڻ ۾ ملي ٿا وڃن، جن پنهنجي پيار کي پوري پاڪيزگي ۽ سچائي سان نڀائڻ جا جتن ڪيا ۽ عشق جي تاريخ ۾ پيار جا اَمُلهه ڪردار بڻجي اَمر ٿي ويا. پيار ۽ محبت هڪ اهڙو نفيس، حساس ۽ پاڪ رشتو آهي، جنهن جي جيتري عبادت ڪجي اوتري گهٽ آهي، پنهنجي محبوب جي محبت ۽ عشق جي سِڪ جي ڇِڪ توهان کي هنن سٽن مان ئي ملي سگهي ٿي.
میرے دل کی مسجد میں جب تیرے پیار کی اذان ہوتی ہے،
میں اپنے ہی آنسوؤں سے وضو کرکے، تیری عبادت کرتا ہوں۔
انهي ڳالهه کان ته ڪو انڪار ئي ناهي، ته محبت ڪيڏي مقدس ۽ پاڪ آهي، جيئن پوڄا جي ٿالهي ۾ رکيل ڪنهن گُل مثل يا ڪارونجهر جي مور پکي جهڙي يا ماڪ ڦڙن جهڙي پويتر. ها اها محبت ئي ته آهي جيڪا ماڻهو کي انسان ٿي ٺاهي ۽ هن جي اندر ۾ نفيس پڻو پيدا ٿي ڪري ۽ ٻين لاءِ پيار، پريت جا پيچرا ٿي ٺاهي.

پر جيڪا ڳالهه مون کي لکڻ تي مجبور ڪري رهي آهي اها آهي اڄ جي نوجوانن جي محبت، جيڪا دائمي ناهي، جيڪي پيار جي پيچري تي سينو تاڻي سفر ته ڪن ٿا، پر وچ رستي ۾ ئي ٿڪجي ٿا وڃن يا بغير منزل پائڻ جي ئي ڀٽڪي ٿا پون. اڄ جو نوجوان جنهن جي محبت موبائل تي رانگ نمبر کان شروع ٿي فلرٽ کان ٿيندي رات دير تائين جي ڊگهين ڪچهرين تي دنگ ڪري ٿي. اڄ جو نوجوان پوءِ اهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري بس موبائل فون تي هڪ ٻئي کي اڻ ڏٺي ئي پيار جو پروپوز (اظهار) ڪري راتين جو دير تائين فون تي ڪنهن اجنبي پريمي سان پيار جون لاتون لوندي، اسر ويلي ننڊ جي آغوش ۾ گُم ٿي وڃن ٿا ۽ صبح جو ننڊاکڙيل نيڻن سان جاڳن ٿا ته ڪجهه دير کان پوءِ وري ايس ايم ايس جي دنيا ۾ گُم ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪارڻ سندس پڙهائي، پئسو، صحت ۽ مستقبل برباد ٿي رهيو هوندو آهي، پر انهي سڄي صورتحال کان بي نياز جذبابي جوان پنهنجي مستي ۾ مست رهن ٿا. اڄ جو پڙهيل نوجوان جنهن جي ڪلهن تي ملڪ جي مستقبل جو بار آهي، اهو موبائل فون ذريعي هڪ ٻئي جي هٿان غلطي ۽ دوکي جو شڪار ڪيئن ٿو ٿي وڃي، اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي.
مختلف ڪمپين طرفان سستن ايس ايم ايس پيڪيجن ۽ گهٽ ريٽ تي ٿيندڙ ڪالز اڄ جي نوجوانن ۾ گندگي جي جيڪا آبياري ڪئي آهي، سا انتهائي ناقابل برداشت ٿيندي پيئي وڃي. سستوايس ايم ايس ته اڄ جي شاگرد ۽ بي روزگار نوجوان لاءِ ڄڻ ڪنهن نعمت برابر آهي، اهي ڪجهه پسئي جي سستي ايس ايم ايس تي مختلف رانگ نمبرن تي ڪوشش ڪن ٿا، جنهن مان ڪنهن نه ڪنهن نمبر تي سندس لاءِ تفريح ۽ ٽائيم پاس جوسامان مهيا ٿي وڃي ٿو، پوءِ اها ڪوشش صرف ڇوڪرا نٿا ڪن ڇوڪريون به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهي ڊوڙ ۾ برابر جون شريڪ هجن ٿيون. هڪ ٻئي کي چِيٽ ڪرڻ جي غرض سان شروع ٿيل انهي مشغلي ۾ بغير ڏٺي وائٺي ڪو ڪنهن سان دل اٽڪائي ٿو ويهي ته ڪو ڪنهن تي فدا ٿي ٿو وڃي ۽ پوءِ شروع ٿئي ٿي اصل ڪٿا. جيڪا حال احوالن کان شروع ٿي، واعدن، وچنن کان ٿيندي ملاقاتن تائين پهچي ٿي ۽ پوءِ اهي ملاقاتون مصنوعي پيار جي پيچرن تان ٿينديون گهر جي چائنٺ اورانگهڻ تي دڳ ڪن ٿيون. ڪجهه ڏينهن جي ڏيکا سيکي، اخبارن جي پبليسِٽي ۽ هٿرادو پيار جي حاصلات اسان جي نوجوانن جي اکين تي انڌڪار جي پٽي ٻڌي ٿي ڇڏي، جنهن ڪارڻ نه هُو رشتن جي لڄ رکن ٿا ۽ نه ئي مائٽن جي عزت جو خيال ڪن ٿا، هُو نه معاشري جي اصولن جي پاسداري ڪن ٿا ۽ نه وري ماڻهپي جو دڳ وٺن ٿا. بس هُو صرف چار ڏينهن جي شروع ٿيل پيار کي ماڻڻ لاءِ جوش ۾ اچي سڀ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي ساڳيا ئي نوجوان جوڙا پيار جا جذبات ماٺا ٿيڻ کان پوءِ نفرتن جا ٻج ڇٽيندي نظر اچن ٿا ۽ انهن جون چار ڏينهن جو چاهتون طلاقن تي اچي دڳ ڪن ٿيون.
آئون انهي ڳالهه کان به انڪاري ناهيان ته انسان کي پيار ئي نه ڪرڻ گهرجي، پيار کان بغير ته انسان ڪنهن پٿر مثل هجي ٿو، پيار ته انسان ۾ احساس ۽ نفيس پڻو پيدا ڪري ٿو، جيئڻ جا گس ڏيکاري ٿو، ماڻهپو پيدا ڪري ٿو، پيار ته هڪ انسان جي دل ۾ ٻيءَ انسان لاءِ پيدا ٿيندڙ احساس جو نالو آهي جيڪو ماڪ ڦڙن کان به شفاف ۽ پويتر آهي، جنهن کي وجود جي نه پر آتما جي ضرورت هجي ٿي. پيار ته پنهنجي محبوب کي من جي مندر ۾ سمائي ان جي پوجا ڪرڻ جو نالو آهي، پيار ته ٿر جي سڪل واري تي پوندڙ برسات جي هڪ هڪ بوند جو نالو آهي، جنهن جي پوڻ سان وشال ٿر جي ڌرتي تي مرڪن جا رابيل ٽڙن ٿا، پيار ته انهي پوجا جي ٿالهي مثل آهي جنهن کي پوڄارڻ انتهائي عقيدت سان سينگاريندي آهي، ها پيار ته انهي سڪ ۽ ڇڪ جو نالو آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي سائين فرمايو آهي.
ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان، شال مَ ملان هوت،
مـــــن انــدر جي لـــــوچ، ملـــڻ سـان مــاٺي ٿئي.
پر اڄ ڪلهه جي نوجوانن جي انهي طريقي جي پيار ڪرڻ جو گهٽ ۾ گهٽ آئون حامي ناهيان، جنهن سان معصوم نياڻين کي خوبصورت شاعري ۽ لفاظي سان حوس خاطر پيار جي حسين دنيا جا ڪوڙا سپنا ڏيکاري پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي، کيس چاهت جا ڪوڙا دلاسا ڏيئي، زندگي ڀر ساٿ نڀائڻ جا ڪوڙا وعدا وچن ڪري سندس زندگيون برباد ڪرڻ جي اهڙي روش مون سميت هر انهي اهل دل انسان لاءِ قابل قبول ناهي، جيڪو سيني ۾ ڌڙڪندڙ نفيس دل ٿو رکي ۽ جنهن وٽ پيار جا اعليٰ قدر آهن، جيڪو پيار کي ٻن جسمن جي ميلاپ کان گهڻو بالاتر ٿو سمجهي. حقيقي سڪ ۽ محبت جيڪا پنهنجي پيار ۽ پريت کي ماڻڻ لاءِ هجڻ گهرجي نه ڪي هوس ۽ جسمن جي حاصلات لاءِ!
(روزانه مقدمو، ڪراچي،
2 سيپٽمبر 2009)