ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

درد ونديءَ جو ديس وسي پيو. ..

درد ونديءَ جو ديس وسي پيو. ..

ٿر، جتي جا ماڻهو مسلسل ڏڪار جا ڏڍ سهي رهيا هئا، پلر اوتڻ لاءِ سڪي رهيا هئا. بک ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ سندن سرير مجبور بڻيل هئا. ڏڪار سبب مال ختم ٿي ويو هو. پيٽ خاطر هو پنهنجا گهر پڊ ڇڏي بئراجي علائقن ۾ رهڻ لڳا هئا. پنهنجا اباڻا پکڙا ڇڏي دربدر ٿيڻ جو درد هڪ ٿري مارو ئي بهتر سمجهي سگهي ٿو.
سالن کان سانوڻيءَ سينگار نه ڪيا هئا. مندائتين برساتن ساڻن وفا نه ڪئي هئي. ڪڪر ٿر کان رسي چڪا هئا. زمينون غيرآباد ۽ مال ڍور، زيور، ڏوڪڙ سڀ کپائي اُڀ ۾ اکيون کُپائي، انتظار جي زندگي جِي رهيا هئا.
پر اوچتو قدرت ڪرم ڪندي، مندائتي مينهن جي نعمت عطا ڪئي آهي. تازين پيل برساتن سبب جتي مارو ماڻهو خوش آهن ته اتي پکي پکڻ، مال ڍور ۽ ٿر جون سڪل ڀٽون پڻ ڄڻ ٻهڪي رهيون هجن. اهي ڀٽون، جيڪي برساتن نه پوڻ ڪري ويران ٿي ويون هيون. اتي ڪونڀٽن ۽ ٻين ٻوٽن مان گوئنچن ڪَر موڙيا آهن، هوڏانهن گورين جوانڙين جون قطارون، محبتي چهرا، ٿري نارين جو پنهنجين سهيلين سان ڪچهريون، ڪئمرائن جي فليشن جا چمڪاٽ، ٿڌڙي واريءَ تي نوجوانن جا لوڪ گيتن ڳائڻ جا مقابلا ۽ ڪشمير جو ڏيک ڏيندڙ ٿر جو حسين منظر ڏسڻ وٽان آهي.
ٿر وٺا بروٺا، وٺا ڪڇ ڪنار،
ڀون ساري ڀٽن تي، ڏس نيائون نار،
سٻاجهي ستار، لاٿا ڏرت ڏيهه تان.
پنج سالن جي مسلسل ڏڪاري حالتن دوران ڏک ڏولاوا سهڻ کانپوءِ پلر پيئندڙ ٿري مارن ۾ ڄڻ زندگيءَ جي خوشبوءِ موٽي آ ئي هجي. سندن چهرن تي خوشيءَ جا آثار واضح آهن. هنن برساتن کانپوءِ مارن کان ڄڻ پراڻا ڏک وسري ويا آهن ۽ جو بئراجي پٽن ڏانهن ويل مارو به واپس اباڻا پٽ ۽ ڪک ڏسڻ لاءِ ساهت ساري رهيا آهن ته ڪي وري پنجن سالن جي ڏڪارن سبب زمينون پوکي نه سگهجڻ ڪري هارپي جي اوزارن تي به زنگ (ڪَٽ) چڙهي ويل هر، ڏاٽا، ڪهاڙيون صاف ڪري تيار ڪري رهيا آهن ته هوڏانهن ولوڙا وايون، ۽ هاري هر، پاڃاريون، ناڙا ۽ ڪهاڙيون تيار ڪري رهيا آهن. هي مارو، جيڪي هيترن سالن کان کنڀين، مريڙي، پپن، ڪونڍير، ۽ ڳاڱين لاءِ سڪي رهيا هئا، هيل سانوڻيءَ ۾ سمورا ڏک، سُکن جي سائي چادر اوڍي نروار ٿيا آهن.
الو اوهيڙا ڪري، عاشق مٿي اڄ،
ڏور ڏڪاريا ڀڄ، مينهن منهن ڏيکاريو.
جتي مارو برساتن سبب خوش آهن، اتي پوکيءَ لاءِ ٻج سندن لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي، جو سيٺين ٻجن جا اگهه ڳرا ڪري ڇڏيا آهن. مجبور مارو پنهنجا سونا ڳهه گروي رکي، ڳري اگهه تي ٻج خريدڻ تي مجبور آهن.
ٿر جي هڪ شاهوڪار اين جي او اگر چاهي ته هو سستي اگهه ۽ نرم شرطن تي ٻج فراهم ڪري پئي سگهي، پر هو ائين ڪو نه ڪندا، ڇاڪاڻ جو اين جي اوز جون قانون آهي ته ڪا آفت اچي، توهان جا گهر ڊهي پون، توهان کلي آسمان هيٺ لنگهڻ سمهو ته پوءِ اهي ادارا اوهان جي ڏکن جو درمان ڪرڻ لاءِ اوهان کي ٻه پنج سئو روپيه خيرات ڏيندا. خير ڳالهه پئي ڪئي سين برسات جي، جنهن ٿري ماڻهن ۾ ساهه ڦوڪي ڇڏيو آهي.
هن دفعي ٿري مارو پراميد آهن ته مولا کين تي راضي ٿي مندائتو مينهن ڏنو آهي ته هاڻ سندن ڏک دور ٿي ويندا ۽ هو به ٻين وانگر کلي خوش ٿي آرام واري زندگي بسر ڪري سگهندا. الله سندن آس پوري ڪري.

روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد
ڇنڇر _ 26 جولاءِ، 2003