سوشل بيوروڪريٽ: اين او زي لارڊز
بئروڪريسي جو نالو ڀلا ڪنهن نه ٻڌو هوندو، ملڪ جو طاقتور حلقو. جيڪو ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي ڪري اڄ ڏينهن تائين سدائين گيهه جي ندي ۾ ئي سفر ڪندو رهيو آهي. حڪومت عوامي هجي يا فوجي، ڀلين سياستدان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ڪامياب ٿي آيا هجن يا کڻي مارشل لا جي انتهائي سخت حڪومت هجي پر بئروڪريسي سدائين سڀني جي ساٿاري رهي آهي ۽ هميشه موجن ۾ رهي آهي. ايئن به ڪونهي ته ڪو سڀ جا سڀ بئروڪريٽ ائين هجن مگر اڪثريت ايئن ئي رهي آهي. خير اها ته آهي ملڪ جي بئروڪريسي جيڪا جيئن مرضي پئي تيئن هلي، جيڪو وڻي سي قانون ٺاهي، پاڻ انهي تي بحث ڪونه ٿا ڪيون. پاڻ جنهن جو ذڪر هتي ڪنداسين اها آهي ”سوشل بئروڪريسي“. توهان کي اهو لفظ ٻڌي عجب لڳو هوندو ته ڀلا سوشل بئروڪريسي وري ڇاهي؟ اهو ئي پاڻ وارا سوٽيڊ بوٽيڊ، فرينچ ڪٽ اين جي اوزي لارڊز.
بلڪل اهي اين جي اوزي لارڊز به ڪنهن بئروڪريٽ کان گهٽ ٿورو ئي آهن، اهي به ڪنهن تعارف جا قطعي طور محتاج ناهن. کين به ساڳيو ئي پروٽوڪول مهيسر هجي ٿو، سندس رهڻ ڪهڻ، اٿڻ ويهڻ، ڪم ڪار جو انداز به ساڳيو اهو ئي بئروڪريسي جهڙو. جتي به ويندا ته وفد جي صورت ۾ دورو ڪندا، سندس وفد ۾ شامل ماڻهن جي لسٽ به ڪنهن سياستدانن سان گڏ دورا ڪندڙن کان مختلف نه هوندي. قافلن جي صورت ۾ سفر ڪندا. انگريزي گورن کي اگر ڪنهن پروجيڪٽ جي وزٽ ڪرائڻي هوندي ته باقاعده وڏو اهتمام ڪيو ويندو. ريجنل آفيسن کي باقاعده آرڊر پاس ٿي ويندا، پوءِ ريجنل آفيسر ويچارا ڏينهن رات هڪ ڪري ڏيندا ته لارڊ صاحب هن دفعي گوري سان گڏ پيو اچي، کيس ڪنهن به حال ۾ خوش ڪري موڪلڻو آهي ته متان ڪو پروموشن جو آسرو ٿي پئي. پروجيڪٽ ايريا ۾ ايندڙ ڳوٺ جي چونڊ گهرن کي باقاعده ٿري رلين سان سينگاريو ويندو، پنج ڏهه ڳالهائڻ جهڙن مرد ۽ عورتن کي اڳواٽ ئي سمجهائي ڇڏبو پوءِ اهي ويچارا اٻوجهڙا سائين جن جي شان ۽ سندس اين جي اوز جي ڪم جي واکاڻ ڪندا، پوءِ لارڊ جي وفد ۾ شامل انٽرپريٽر (ترجمي نگار) وري اها واکاڻ گوري کي ٽرانسليٽ ڪري ٻڌائيندو ۽ لارڊ وٽ پنهنجون مارڪون پڪيون ڪندو ۽ لارڊز وٽ گوري جي واتان ”وائو ويري ويئل ڊن“ جا لفظ ٻڌي پيو خوش ٿيندو.
لينڊ ڪروزر ۽ پيجرو جهڙين اي.سي گاڏين ۾ قافلن جي صورت ۾ فيلڊ جو وزٽ ڪري موٽندڙ لارڊ صاحب جي آرام ۽ رهائش لاءِ ريسٽ هائوس بوڪ ڪيا ويندا آهن، اي سي ڪمرن ۾ مخملي بسترن تي سائين آرام ڪري اٿندا ته وري ڪي ڪڪڙ ڪسبا ۽ ڪي ٻڪر ڪهبا ۽ طعام تيار ٿيندا. جيڪڏهن انهي سموري وزٽ مان لارڊ صاحب خوش ٿي ويو ته پوءِ وائسراءِ وانگي پروموشن جا ڦول به لڳائيندو ته وري پگهارن وڌائڻ جي پيڪيجن جا اعلان به ڪندو. بس پوءِ جن کي جيتري جيءَ حضوري ڪرڻ اچي ۽ جيترو صاحب کي خوش ڪري سگهن اوتري پروموشن. ڪن ويچارن کي مون سالن کان وٺي هڪڙي ئي پوسٽ تي ڪم ڪندي ڏٺو جيڪي بس پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ آهن پر ڪي رنگ روٽ جوڌا جوان به راتون رات ترقين جا ڏاڪا سر ڪندي منزلن تي وڃي پهتا. بس جن کي جيترو ڪمال اچي اهو اڳتي وڌي به سگهندو ۽ جيب به گرم ڪري سگهندو.
غريبن جي مفلسي ۽ سڏڪن کي انگريزي جي لفظن ۾ اهڙو ته پروئيندا جو وڃي ٿيا خير، مسڪين ماروئڙن جي اٻوجهه پڻي کي لفظن جي جادوگري ۽ پاور پوائنٽ پرزنٽيشن جي ٽيڪنڪ جي ذريعي اهڙي ته ڪمال سان پيش ڪندا، جو ويچارو عام ماڻهو ته دنگ رهجيو وڃي ته غريبن جو ڪيڏو نه درد رکندڙ انسان آهن. پر حقيقت ۾ اهي لارڊز عام پبلڪ کي ڪڏهن ڳولهي به نه لڀندا آهن، جو سائين سدائين غريبن جي سهائتا جي لاءِ پرڏيهي دورن ۾ هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٿر تي لڙي آيل ڪڪرن وانگي اچي ڪري ڪنهن مرشد جيان غريب خلق کي ديدار ڪرائيندا آهن، اهو به ڪنهن پير جيان گاڏي جو شيشو هيٺ ڪري ڪنهن ڳوٺ مان گذر ڪري منهن مبارڪ ڏيکاريندا ڇو جو تتل واري تي هيٺ هلڻ سان انهن جا ٿري پيس سوٽ ميرا ٿي ٿا پون، جو هڪڙو هڪڙو سوٽ هزارين روپين جو ۽ ڌلائي وري الڳ خرچ ٿئي سو اڻپڙهيل خلق کي انهن ڳالهين جي ڪهڙي ڪل، پر سائين جن کي ته سڀ خيال رکڻو ٿو پوي.
جيئن بئروڪريسي ۾ لابيون ٿينديون آهن تيئن وري انهن سوشل بئروڪريٽن (اين جي اوزي لارڊز) ۾ به گروپ بنديون هونديون آهن. سڀ کان وڏو سوشل بئروڪريٽ اهو آهي جيڪو ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ وڏين اين جي اوز جو سي اي او هجي، سندس رهڻي ڪهڻي ۽ اسٽائل بلڪل مغربي هجي مطلب ٿري پيس سوٽ، فرينچ ڪٽ ڏاڙهي، ڳالهه ڪندي انگريزي جا جملا ڳالهائي، غريب مسڪين ماڻهن کي ڄٽ، اڻ پڙهيل سمجهي، پاڻ کي ڪل عقل سمجهندو هجي، سندس شان ۾ گهڻي کان گهڻا ڪسيده گوهي ڪندڙ هجن، کيس عظيم تر خدمتن عيوض ڪي سرڪاري ۽ ڪي غير سرڪاري ايوارڊز وغيره مليل هجن، سندس شان ۾ ڪتاب ڇپيل هجن، مختلف ضلعن جون ننڍيون تنظيمون سندس پاران ڏنل پروجيڪٽس تي پلنديون هجن، سائين جن جنهن به ضلعي مان گذر ڪن ته باقاعده تاريخي آڌرڀاءُ ٿيندو هجي اهو آهي سڀ کان وڏو سوشل بئروڪريٽ يعني مهان اين جي اوزي لارڊ.
(روزانو عبرت حيدرآباد،
آچر 15، مئي 2011)