تُـون چـئو مَ ڪـڇـان. ..
روز صبح جو ناشتي دوران اخبار پڙهڻ منهنجي ڪمزوري آهي. صبح ويلي اخبار ۾ رت هاڻيون تصويرون، ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏمر ۽ زيادتين جون خبرون پڙهي هاڻي ته ڇِرڪ به نه ٿو نڪري. شايد اسان جي حواسن اسان جي سماج جي ڪُريتن تي اِمپريشن ڏيکارڻ به هاڻي ڇڏي ڏنو اٿن. عام طرح ٿيندو ئي ائين آهي، جو هر ماڻهو اڌ ڪلاڪ کن بعد سمورن واقعن ۽ حادثن کي وساري پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ٿو وڃي. پر اهو ڪڏهن ڪنهن شايد ئي سوچيو هجي ته جنهن سان ۽ جتي اهي حادثا ۽ واقعا پيش اچن ٿا، اُتي جي ماڻهن جي ڪيفيت ڇا هوندي؟ متاثر خاندان، اوڙي پاڙي ۽ شهر جي صورتحال ڇا هوندي؟ ڇو جو انهي هڪ فرد جي حياتي ۽ ان سان سلهاڙيل اهي سموريون حياتيون هونديون آهن، جن جو دارو مدار ئي انهي حادثي جي شڪار ٿيل فرد تي هجي ٿو. هر روز اهڙا ڪيترا ڀيانڪ واقعا پيش اچن ٿا، جن جو شڪار معاشري جا اهي فرد ٿين ٿا، جن جي وڃڻ کان پوءِ ڪيترين ئي سهاڳڻين جي سينڌن جا سندور بي رنگ ٿي وڃن ٿا. چوٽيءَ جا ڦل اڦانگا ٿي وڃن ٿا. ڪيترا معصوم ۽ ابهم ٻارڙا يتيم ٿي وڃن ٿا، ڪيترين ڀينرن جا ڀائر ۽ ٻڍڙن والدين جي حياتيءَ جا سهارا به اهڙن حادثن جي ور چڙهي ٿا وڃن.
انسان ته آهي ئي عقل ڪُل، جو کيس اشرف المخلوقات جو درجو عطا ٿيل آهي. کيس سجدو نه ڪرڻ تي الله تعاليٰ پنهنجي فرشتي کي به تڙي ڇڏيائين، جنهن کي هيڏو سارو مرتبو مليل هو. انسان لاءِ چيو ويندو آهي ته هو محبت جو درس ڏيندڙ آهي. پر اڄ جو انسان اهڙو ڪٺور ۽ ظالم ڇو ٿي پيو آهي، جو هڪ انسان ٻئي جون خوشيون ضبط ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان آهي. هڪ انسان کان ٻئي جي خوشي ۽ ڪاميابي برداشت الائي ڇو نٿي ٿئي. هُو مُرڪن تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ هر وقت سازشن جا محل جوڙيندو ٿو وتي. پوءِ ڪڏهن ڪاروڪاريءَ جي ڪُڌي رسم جي آڙ ۾، ته ڪڏهن وري مال ملڪيت يا زمينون پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ عزت نفس جو بهانو بڻائي، انساني جسمن کي ڳڀا ڳڀا ٿو ڪري، ته ڪڏهن وري معصوم حياتيون محبت ڪرڻ جي جرم ۾، ته ڪڏهن وري معصوم ڀيڻون پنهنجي پيار جي وک وڌائيندي، اناپرست ڀائرن هٿان تيز ڪهاڙين کي پنهنجي رت جو ريج ڏين ٿيون. سنڌ ۾ انهن سڀني رسمن کي جرڳا ڪوٺائي، هلڪي ڦلڪي ڏوهه ڏنڊ عيوض خون معاف ٿي وڃن ٿا. پر اهي جرڳا ڪندڙ، سڱ چٽيون هڻندڙ وڏيرا ڀوتار، پنهنجي سياست کي چمڪائيندڙ ۽ کيسا گرم ڪندڙ به ان ٿيندڙ ظلمن ۾ برابر جا شريڪ هوندا آهن، جن جو گذر سفر ۽ عيش عشرت جا خرچ اهڙن ڪمن عيوض پورا ٿين ٿا.
ڪڏهن ٻڌون ٿا ته فلاڻي واپاريءَ کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، ڪڏهن ٻڌون ٿا ته معصوم نياڻيون بي رحم ۽ وحشي درندن جي حوس جو شڪار ٿيون. ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ڀُنگ جا پئسا نه ملڻ تي رت هاڻا لاش مليا، ته ڪڏهن ٻڌون ٿا ڏينهن ڏٺي جو مسافرن سان ڀريل بسون ڦرجن ٿيون، ته ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ڪراچيءَ مان امن جو پکي اڏامي ويو، يا ڦٿڪائي ڦٿڪائي ماريو ويو. روزانو ڪيترا معصوم انسان بي رحم درندن جي گولين جو بَک بڻجن ٿا. بيحسيءَ جي حد ته اها آهي جو سرعام ٿيندڙ اغوا، قتل، ڦرون، ڌاڙا اڄ به پنهنجي عروج تي آهن، پر اسان جي وزيرن ۽ مشيرن جا اهي بيان ته، سنڌ سڄي امن لڳي پئي آهي. شينهن ٻڪري هڪڙي ئي گهاٽ تي پاڻي پي رهيا آهن. اهڙي واويلا حڪومت ۽ سندس اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ئي چئبي. هاڻي ڪنهن زيادتيءَ تي چپ چورڻ تي به جيڪر انصاف جي بدلي اهي تهمتون لڳن ته غربت ۽ ظلم جو ماريل عوام وڃي ته ڪيڏانهن؟ بس انهيءَ سڄي صورتحال تي ننڍي کنڊ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون اهي سٽون ئي اظهار لاءِ همٿائين ٿيون:
تون چئو نه ڪڇان، تون چئو نه َ لُڇان، پر تو کان هڪڙي ڳالهه پُڇان،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.
هڪ طرف پنجاب جو وڏو وزير آهي، جنهن جي مرڪز ۾ حڪومت به ناهي، پر اتي جي عوام کي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڏنو اٿائين. هو باقاعدگيءَ سان مختلف ادارن جا اوچتا دورا ڪري، وزيرن ۽ ڪامورن جي ڪارڪردگي ڏسي ٿو. ٿورڙي ڪوتاهي يا نااهلي به برداشت نٿو ڪري. ٽي وي تي ڏسندا آهيون ته پنجاب جي مختلف مسئلن تي هُو اتي جي عوام سان گڏ بيٺو هوندو آهي. پوءِ اهو پاڻيءَ جو مئسلو هجي، اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ هجي، بجليءَ جو بحران هجي يا اين ايف سي اوارڊ هجي. پنجاب پنهنجي مؤقف تي سختيءَ سان عمل پيرا پئي رهيو آهي ۽ پنهنجي مؤقف تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو آهي. ٻئي پاسي اسان جي سنڌ حڪومت آهي، جنهن پاران پاڻي کوٽ تي بيان ڏنو وڃي ٿو ته هن ڀيري پاڻيءَ جي ڏاڍي کوٽ هئي، پر الله سائين مهرباني ڪئي، جو برساتون جام وسي پيون. غريب ملازمن جي پگهارن تي حڪومت چوي ٿي ته اسان وٽ پئسا ناهن، جو اسان پگهارون وڌايون، پر هن ڀيري جي بجيٽ ۾ وزيرن ۽ مشيرن لاءِ ڪروڙن روپين جي نين گاڏين لاءِ پئسا رکيا ويا آهن. صرف ٿرپارڪر ضلعي لاءِ گاڏين جي خريداريءَ لاءِ ڪروڙين روپيا مختص ڪيا ويا آهن.
پنجاب صوبي ۾ سستي مانيءَ جي مقابلي ۾ هتي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ته ڪروڙين روپيا رکيا ويا، پر عوام کي صرف لٺيون مليون. کيسا وري به فلور ملز مالڪن جا ئي ڀراڻا ۽ عوام، جيڪو اڳي ئي سُورن جو ستايل آهي، تنهن سان وري اٽي جي معاملي تي هڪ نئين جٺ ڪئي وئي.
18 فبروريءَ جي چونڊن کانپوءِ ماڻهن ۾ اها اميد جاڳي هئي ته هاڻي طويل آمريت کان پوءِ عوامي حڪومت ٺهي آهي. هاڻي اسان جي زخمن تي مرهم رکندي. اسان سان ٿيل ناانصافين جو حساب ٿيندو. اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻندڙ هي عوامي حڪومت غريبن جا اهنج گهٽائڻ لاءِ ضرور ڪي جوڳا اُپاءَ وٺندي. هاڻي نوڪريون ملنديون، بک ۽ بيروزگاري گهٽبي. روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪيا ويندا. اٽي ۽ اجهي جو بندوبست ٿيندو وغيره وغيره، پر گذريل ٽن سالن جي هن حڪومتي ڪارڪردگي ته اڳين حڪومت جي به رهي سهي ڪسر پوري ڪري ڇڏي. عوامي حڪومت جي وزيرن جو غريب عوام سان غير منصفاڻو رويو ۽ ورتاءُ هاڻي آزاد ميڊيا جي ڪري ڪنهن کان ڳجهو ڪين رهيو آهي. جتي اٽي جي بدلي مار ملي، پيرسن ۽ ٻار اٽي جي لپ لاءِ لڇندا وتن، کين ڌڪيليو وڃي، عوام سان ظلمن جو ڪوبه تدارڪ نه ٿئي ته ماڻهن جا جذبا ۽ همدردي جمهوريت طرف ڪيئن ٿي ٿي سگهي، اهو هن جمهوري حڪومت کان عوام جو سوال آهي.