منهنجي مِٺي . . .
عنوان پڙهي ڪير سوچيندو هوندو ته هي مضمون ڪنهن رومانوي موضوع تي لکيل آهي. پر نه، ان سوچ جي ابتڙ آهي. اڄ آءٌ جنهن مِٺيءَ جو ذڪر ڪرڻ ويٺو آهيان، سا اُها مِٺي ناهي، جيڪو لفظ پنهنجي محبوبه لاءِ ڪتب آڻبو آهي ۽ نه اِها اُها مِٺي آهي، جنهن کي چُمي يا Kiss چئبو آهي، پر آئون جنهن مٺيءَ جو ذڪر ڪرڻ ويٺو آهيان، اِها ته ٿر جي وشال ڀٽ گڍيءَ جي گود ۾ خوبصورت ڪنوار جيان سجيل شهر مٺي آهي، جنهن تي بي پناهه محبت ۽ پنهنجائپ جو واءُ پنهنجو واسو ڪيو ويٺو آهي. پنهنجو اباڻو شهر به پنهنجي وطن جيان روح کي شهه رڳ جيان پيارو ئي هوندو آهي. محبوبه واري مٺيءَ کان به پنهنجي وطن جو اباڻو شهر مٺي بيشڪ وڌيڪ عزيز آهي، جنهن ۾ ٻاروتڻ، نوخيز جواني ۽ نينهن جا نذرانا اسان جي زندگيءَ جو سرموڙ سرمايو رهيا آهن.
بهرحال، هيءُ منهنجو مٺيءَ جو محبوب شهر، جنهن کي هڪ اندازي موجب اڄ کان ٽي صديون اڳ مائي مٺان نالي عورت، هڪ کوهه کوٽائي، آباد ڪيو هو، پوءِ آبادي وڌندي وئي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ هي باقاعدي شهر جي صورت ۾ آباد ٿيو. ان منهنجي تصور واري آڳاٽي شهر مِٺيءَ جا ماڻهو ڏاڍا مِٺا هوندا هئا. هڪ ٻئي سان قرب هوندو هئن، پيار ۽ پريت جو رشتو هوندو هئن. اهي هڪ ٻئي جي ڏک، سک، شادي، غمِي ۾ دل سان شريڪ ٿيندا هئا. تنهن زماني ۾ وڏڙن جي ڊپ کان پاڙي ۽ محلي جي نياڻين جو خيال رکندي ڪنڌ جهڪائي هلبو هو. متان ڪو پاڙيوارو ڪا شڪايت نه ڪري وجهي. گهٽي ۽ محلن ۾ ڪچهريون هونديون هيون. جتي شهر جا مسئلا ۽ معاملا زير بحث ايندا هئا. ماڻهن ۾ ٻڌي ۽ ايڪتا هوندي هئي. شهر ۾ مُکي لکميچند جهڙي اعليٰ شخصيت هوندي هئي ۽ اَمر جڳديش ملاڻيءَ جهڙو باصلاحيت نوجوان اڳواڻ هوندو هو. جيڪي هر وقت شهر جي معاملن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪوشان هوندا هئا. گهٽ اُپت هوندي هئي، پر زندگي خوشحال هئي. صبح ساجهر ٿڌڙيءَ هير ۾ مٺي شهر جي زندگي ڪنهن شاعر جي غزل جيان پرلطف هوندي هئي. گهرن مان ڏڌ ولوڙڻ جا آواز، مال جي چنگ چڙن جي گونج، پاڻهيارين جون قطارون ۽ سندن چيلهه تي دلن جو ڇلڪڻ، کوهن جي آسپاس نمن جون ڇانو ۾ مورن جا ولر، سندس ٽهوڪا، وڻن تي پکين جون مٺڙيون ٻوليون، موهن ڀڳت جي مڌر آواز ۾ لطيف سائين جون وايون سچ پچ زندگي کي هڪ نئون اُتساهه بخشينديون هيون ۽ زندگيءَ ۾ هڪ نئين تازدگي، آس ۽ اُمنگ جي لهر سمائجي ويندي هئي. سياست، ڪامريڊپائي، ڪوڙ، ٺڳي، جلسن جلوسن ۽ اجاين ڌنڌن کان پاڪ اڳوڻي شهر مِٺيءَ جا ماڻهو پنهنجي هڪ پرامن زندگي ۾ ڪيڏا نه خوش هئا.
وقت جا ڪيترائي لاها چاڙها ڏسندڙ هيءَ شهر، جيڪو هن وقت ضلعي ٿرپارڪر جو هيڊڪوارٽر پڻ آهي. جنهن کي اڄ جي ترقي جي قدرن ۾ تورجي ته هن شهر گذريل ڏهن سالن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. ڪجهه ڏهاڪا اڳ هڪ ڳوٺڙي جو ڏيک ڏيندڙ هن شهر ۾ اڄ ڪشادا ۽ پڪا روڊ رستا ٺهي چڪا آهن. مٺي جي ماڻهن کي درياهه جي مٺي پاڻيءَ جي سهوليت به ميسر آهي. سرڪاري ۽ غير سرڪاري عاليشان بلڊنگون، انگلش ميڊيم اسڪول ۽ ڊگري ڪاليجز به موجود آهن، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ موبائيل، سي.ڊي پليئر، ايئر ڪنڊيشنر ۽ موٽر سائيڪل به هن شهر جي ماڻهن جي ضرورتن ۾ شامل ٿي ويا آهن ته وري ٽي.وي، ڊش، ڪيبل ۽ ايف ايم ريڊيو جون سهوليتون به هن شهر جي رهواسين کي مهيسر آهن.
هن شهر جو نوجوان طبقو انگريزي روانيءَ سان ڳالهائي ٿو وڃي. هر سال هن شهر جا ڪافي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنهنجي محنت ۽ هوشياري سان ڊاڪٽر ۽ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ پڻ چونڊجي وڃن ٿا. مِٺيءَ ۾ توهان کي تمام سٺا ليکڪ، شاعر، فنڪار، اديب ۽ اهل قلم پڻ ملي ويندا، جن جو ڳاڻيٽو سنڌ جي ناليوارن شخصيتن ۾ ٿئي ٿو.
پر سرڪاري بي ڌڻيائپ ۽ لاتعلقي جي ڪري هن شهر سان جيڪا ويڌن ٿي رهي آهي سا هڪ الڳ درد ڪٿا آهي. اڄ جي مٺي جو سرسري نگاهه سان ٿورو جائزو وٺجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته بي ترتيب ترقي سان گڏ جيڪي گندگيون هن شهر کي ناسور وانگي پلئه پيون آهن ان ۾ نشيءَ جي وڪري ۾ تيزي، چورين جو آزار، بدامني جو وڌندڙ رجحان سرفهرست آهن. تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏجي ٿو ته اتي ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن، سياسي بنيادن تي مقرر ڪيل ڪامورا هن شعبي کي ڪنهن واڻيي جي دڪان وانگي هلائي رهيا آهن. شهر ۾ ڪافي سرڪاري پرائمري ۽ هاءِ اسڪول آهن، جنهن جون عاليشان بلنڊنگس، تدريسي عملو ۽ لکين روپين جا فنڊ به آهن، پر سرڪار جي عدم دلچسپي چئجي يا پڙهائي جي اڻهوند، هتان جا رهواسي ڳاٽي ٽوڙ فيون ڀري پنهنجي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ تي مجبور آهن. ٻئي طرف ٽائون انتظاميه طرفان مٺي پاڻي جي فراهمي جا حالت اها آهي ته شهر واسين کان مهيني ۾ ٽي ڏينهن پاڻي جي فراهمي جي بدلي ٽي سئو روپيه ۽ صفائي ٽئڪس جي نالي تي ٽيهه روپيه الڳ وصول ڪيا وڃن ٿا. پر شهر جي گهٽين ۾ گندگي جي حالت اها آهي جو توهان کي گهٽي گهٽي ۾ ڪچرن جا ڍير نظر ايندا، گٽرن جا منهن کليل جيڪي ڪيترن ئي حادثن جي سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ معياري صفائيءَ جي نه هئڻ ڪري شهري مڇرن جي عذاب هيٺ آيل آهن، جنهنڪري ڪيترا ماڻهو مليريا ۾ وٺجن ٿا.
هوڏانهن وري سرڪاري اسپتال جي حالت اها آهي، جتي مريضن کي وارڊن ۾ جانورن وانگي واڙيو وڃي ٿو، سرڪاري دوائن جي اسپتال مان گمشدگي مال پاڻي جي صورت ۾ ڪرتاڌرتائن جي جيب جي زينت بڻجي ٿي. ڊاڪٽرن جو مريضن ڏانهن رويو انتهائي افسوس ناڪ ۽ او.پي.ڊي ۾ ڊيوٽي ٽائيم تي مريضن جون ڊگهيون قطارون هئڻ باوجود ڊاڪٽرن جون چانهه جي ڪپ تي ڪچهريون هتان جو معمول بڻيل آهن. اسي کان نوي فيصد سرڪاري ڊاڪٽر پنهنجون پرائيويٽ ڪلنيڪس هلائين ٿا. شهر جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال هئڻ باوجود به ڪيتريون ئي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جو پوسٽون خالي پيون آهي ۽ ليڊي ڊاڪٽرن جي کوٽ پڻ شهر واسين لاءِ ايمرجنسي ۾ باعث درد بڻيل آهي. شهر ۾ ڪافي سالن کان مڇرن جو ڦوهارو نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مليريا جي بيمارين ۾ اسپتال ڀيڙا ٿين ٿا، پر مليريا جي فنڊ ۾ ايندڙ دوا ۽ پسئه خبر ناهي ڪهڙي هنڌ خرچ ڪيا وڃن ٿا ٻئي طرف سرڪار طرفان ملندڙ مڇردانيون اسپتال ۽ هيلٿ کاتي جي ڪلارڪن وٽ سستي اگهه تي پهرين اچو پهرين وٺو جي بنياد تي دستياب آهن.
ٿر مان چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي اعلان تي قائم ٿيل ريڊيو پاڪستان مٺي جي حالت اها آهي، جو اها اسٽيشن ٿر ۾ قائم هجڻ باوجود اتي سنڌي ۽ ڊاٽڪي کان وڌ اردو پروگرام هلن ٿا. انائونسرن ۽ ڪمپيئررن جي غير شفاف نموني چونڊ ۽ يارين ڀاشين تي پروڊيوسرن پاران تقسيم ٿيندڙ پروگرامن جي ڪري اها اسٽيشن ٿر واسين لاءِ ڪو خاطر خواهه تفريح جو سامان مهيا ڪري نه سگهي آهي. ٻئي طرف وسيع رينج نه هئڻ ڪري ٿر جي آبادي جو صرف ٽيهه سيڪڙو ماڻهو ئي ريڊيو مٺي کي ٻڌي سگهن ٿا اهو به لائيٽ وڃڻ جي صورت ۾ آٽو ميٽڪ جنريٽر سسٽم نه هئڻ ڪري ڏينهن ۾ ڪيترائي ئي ڀيرا نشريات معطل ٿيندي رهي ٿي.
ان کان علاوه ٿر جي اٻوجهه ماڻهن جي دردن ۽ لڙڪن تي ڪاروبار ڪندڙ نام نهاد اين جي اوز جي ظلمن جو داستان به پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ تاريخ رکي ٿو. ٿر جي ماڻهن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ جي آڙ ۾ مائڪروڪريڊٽ جو شڪاري وارو ڄار وڇائي غريبن جي جسم تان ماس ڇنڻ جي جيڪا روش جاري آهي، جنهن تي لکندي به لونءَ ڪانڊارجي ٿا وڃن. غريبن جي پيڙاهه، ڏک، تڪليفن، سور صدمن، آهن ۽ لڙڪن کي پرڏيهي گورن ڊونرن وٽ وڪرو ڪري پنهنجا ڀَڀ ڀريندڙ انهن پيٽو ۽ مها بکين سوشل وڏيرن ۽ اين جي اوزي ڀوتارن جي ظلمن جي الڳ ڪٿا آهي، جيڪي واڳون جهڙا ڳوڙها ڳاڙهي غريب عوام جي دردن تي پنهنجو دڪان هلائي رهيا آهن. بس هرڪو پنهنجي پر ۾ لڳو پيو آهي پنهنجي انفرادي فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾، ڪنهن کي به شهر جي اجتمائي فائدي جي فڪر ناهي. هرڪو پنهنجي پيٽ جي فڪر ۾ ورتل آهي، ٻئي ڪنهن جي درد تي ٻه لڙڪ به هارڻ لاءِ ڪو تيار ناهي، انهي سڄي صورتحال کي ڏسندي مون کي ڪبير جو هڪ شعر ياد ٿو اچي ته:
سکيا سب سنسار هي، کائي اور سوئي،
دکيا داس ڪبير هي، جاگي اور روئي.
(روزانو عبرت حيدرآباد،
جمع 14، مئي 2010 )