معصوم حياتين سان ٿيندڙ هاڃا ۽ عورت تنظيمون
اسان ته مرشد سائين لطيف سرڪار جا پيروڪار آهيون، جنهن اسان کي امن ۽ شانتي جو درس ڏنو آهي، جنهن جي هڪ هڪ سٽ ۾ محبت جو پيغام آهي. اسان ته ان سيد جا پيروڪار آهيون جنهن جي واتان جڏهن به دعا نڪرندي هئي ته هُو پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ سان گڏ پوري عالم لاءِ ڌڻي در دعا گهرندو هو.
ته پوءِ ڀٽائي جي ڌرتي تي اهڙي ناانصافي ڇو؟ جو روز ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ معصوم جوانين جي تقدس پائمال ٿي رهيو آهي، مگر ڪير پڇڻ وارو ئي ناهي. ڪنهن سان گينگ ريپ، ڪنهن سان ڏاڍائي، ڪنهن جي بي حرمتي، ڪنهن جي تذليل مطلب ته هر طرف عورت ويچاري سان وحشت برپاءُ آهي. ڄڻ هن ملڪ ۾ جهنگ جو قانون هجي جو ڪا داد فرياد ئي ناهي. بس ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا“ واي ڪار ڏاڍي کي ڪير هٿ لڳائڻ لاءِ به تيار ناهي مگر هيڻو ويچارو سدائين سورن ۾، مطلب جيڪو ظلم ڪري ٿو اهو آزاد گهمندو ٿو وتي ۽ جنهن سان ظلم ۽ ستم ٿئي ٿو، ته اها نياڻي هڪ ته ميڊيائي بريڪنگ نيوز جي لپيٽ ۾ خوار الڳ، ته صحافين جي سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ به پابند ته وري پوليس جي ابتين سبتين ڪارواين جي شڪار به اها ئي معصوم ڌر ٿئي ٿي. اسان جو معاشرو ڀلين پاڻ کي مهذب سڏائيندو وتي پر جڏهن به کين موقعو مليو آهي ته انهي معاشري اهڙي متاثر ڌر لاءِ ڌرتي ٽامون ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. نتيجاً اها متاثر نياڻي يا ته خودڪُشي جو رستو اختيار ڪري ٿي يا وري اها ڌر ڪيس تان ئي هٿ کڻي ٿي ڇڏي يا وري انهي متاثر ڪنٽب کي سڄي حياتي دنيا جا طعنا سهڻ لاءِ دل تي پٿر رکڻا ٿا پون ۽ اهي وجود جيئري ئي لاش بڻجي ٿا پون ۽ سندن زندگي ڪنهن بددعا مثل بڻجي ٿي پوي.
ڀلا ڪير آهي جو انهن چند ماڻهن جي ظلم، جبر ۽ ستم جي اڏيل ديوار کي ڊاهي؟ ڪير انهن معصوم زندگين جي آهُن، سڏڪن ۽ ڪِيڪن کي ٻڌي، جن جي وجود سان روز ڪٿي نه ڪٿي کلواڙ ٿي رهيو آهي، چند وحشي صفت درندا نفسي تسڪين خاطر ڪنهن نه ڪنهن وجود کي داغدار بڻائي ٿا ڇڏائين. چند ڏاڍا مڙس، ظالم ۽ جابر روز معصوم حياتين کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائين ٿا ۽ مڇ وٽي سرعام سينو تاڻي گهمندا ٿا وتن مگر کين ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي، پوليس ۽ قانون کي پنهنجي جيب ۾ رکيو ٿا هلن يا وري چند ڏوڪڙ سندس منهن ۾ ڏيئي هميشه لاءِ ماٺ جي مهر لڳائي ٿا ڇڏين.
هڪ طويل ۽ نه کُٽجندڙ داستان آهي، جيڪو بيان ڪيان ته حساس ۽ محبت پرست ماڻهن جون ته هوند دليون ئي ڏَڪِي پون. هتي ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪيان ان 14 ورهين جي ذليخان لغاري جو، جنهن جي راند ڪرڻ جي عمر ۾ وحشين اجتمائي لڄالٽ ڪري سندس عزت جو تين وال ڪيو يا ذڪر ڪيان بوزدار وڏا شهر جي ان پروين مڱڻهار جو، جا اسڪول ويئي تعليم پرائڻ لاءِ مگر واپس موٽي عزت لٽائي يا ذڪر ڪيان ان معصوم شاگردياڻي عاصمه کنڊ جو جنهن سان سندس ٽن استادن ڏاڍائي ڪري استاد جهڙي عظيم پيشي کي ئي داغدار بڻائي ڇڏيو، يا انهي ڪستوري ڪولهڻ جو جنهن سان بااثر جوابدارن اجتماعي لڄالٽ ڪري سندس عزت نفس جو تارون ڇيهون ڇيهون ڪيون، ان کانسواءِ نسيما لٻاڻو، ڪائنات پروين، پوني ڪولهڻ سميت الائي ڪيتريون ئي روهيڙي جي گلن جهڙيون ڳاڙهيون رَتيون جوانيون انهن وحشي درندن جي ٻاريل حوس جي باهه ۾ سڙي رک ٿي ويون آهن ۽ پنهنجون عصمتون لٽائي جيئري ئي لاش جهڙي زندگي بسر ڪندڙ انهن معصومن جي زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي.
ڪيڏانهن ويون عورتن جي حقن جو اهي دعويدار تنظيمون جن نسيما لٻاڻو کي هر ممڪن مدد ۽ سهوليت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي ۽ ڪٿي گم ٿي ويا آهن اهي وائيٽ ڪالر اڳواڻ جن ميڊيائي ڪيمرائين جي فليشن ۾ وڏا واعدا وچن ڪيا هئا ته ان نياڻي سان انصاف ٿيندو جنهن جي عزت ۽ آبرو کي لڳ ڀڳ ٻه سال پهرين اوٻاڙو ۾وحشي صفت جوابدارن ريزا ريزا ڪيو هو. ساڳئي نموني ڪائنات سومرو جو وجود پڻ هن پٿر جي سماج ۾ انصاف لاءِ ڀٽڪي رهيو آهي، سندس نماڻيون اکيون انصاف کي پسڻ لاءِ ڳولا جي رڃ ۾ رلي رهيون آهن پر کيس ڪهڙي خبر ته انصاف اميرن جي عاليشان محلن ۾ انهن چند ماڻهن وٽ قيد آهي جنهن جي محلن جون ديوارون هماليه جيان اوچيون آهن جنهن تائين رسائي ڪنهن ديواني جي خواب کان گهٽ ناهي.
عورتن کي حراسان ڪرڻ کان روڪٿام ۽ عورتن جي تحفظ وارو قانون ته برابر اسيمبلي مان پاس ٿي ويو، پر سوچڻ جو مقام اهو آهي ته ڇا انهي بل پاس ٿيڻ کان پوءِ انهن ظالمن کان انهي قانون تحت حساب ورتو ويو آهي يا انهن جي اهڙي لاقانونيت کي ٻُنجو آيو آهي يا نه؟ انهي بل تي عملي طور تي ڪيترو عمل درآمد ٿي سگهيو آهي يا عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين انهي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪهڙو تحرڪ ورتو آهي؟ قانون پاس ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جي حساب کي هڪڙي پاسي رکي آئون صرف اڄ جي تاريخ جي اخبارن تي سرسري نظر ڦيرايان ٿو ته اڄ وري ٻين کوڙ سارين ڪائنات سومرو، نسيما لٻاڻو ۽ ڪستوري ڪولهڻ جهڙن معصوم ڪردارن جي زندگين جون خبرون اخبار جي سرخين ۾ قلمبند ٿيل آهن، جن سان ٿيل ظلم کي صرف ٻن ڪالمن جي خبر ۾ سمايو ويو آهي جنهن جو ڪلئنڊر جي تاريخ گذرڻ کان پوءِ سڀاڻي ڪو فالواپ به نه هوندو ۽ ڪجهه حياتين جا هاڃا ته ڪنهن اخبار جي خبر به نٿا بڻجن انهن کي رات جي اونداهي ۾ ئي دفن ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي ڪو ماتم ڪرڻ وارو به نه ٿو هجي پر ٻئي طرف اسان جي سول سوسائٽي ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ جي حام هڻندڙ اسان جون ويل سوٽيڊ عورت اڳواڻ صرف ايئر ڪنڊيشنڊ هالن ۾ آئس ڪريم جي ڪپ تي گپ شپ ڪري ملٽي ميڊيا تي چند سلائيڊس ۾ سموري درد کي سمائي، چند جذباتي بيان ڏيئي، هڪ اڌ ڪالم لکي، فيس بوڪ تي اَپ لوڊ ڪري موٽ ۾ ڪمينٽس وٺي پاڻ کي انهي ذميواري کان آجو محسوس ڪن ٿيون!. بغير ڪنهن کي ذاتي طور ملوث ڪرڻ جي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ انهن عورت اڳواڻن کان آئون صرف ايترو ئي پڇڻ جي همت ڪري سگهان ٿو ته مهانگين گاڏين، ڪاٽن جي ڪپڙن، ايئر ڪنڊيشنڊ هوٽلن، هوائي جهازن جا سفر ڪندڙ توهان انهن پڌري پٽ کليل آسمان هيٺ ٽامي جهڙي تپندڙ گرمي ۾ انصاف جي حاصلات لاءِ ڌڪا کائيندڙ مجبور ۽ لاچار عورتن جي درد کي صرف محسوس ڪري سگهنديون هونديون؟؟ اهو سوال يقيناً جواب جو گهُرجائو آهي.