ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

ڏُکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا

ڏُکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا

سنڌ صوبي جو وارياسو خطو ٿر، جيڪو قدرت جي شاندار حسناڪيت سان مالا مال آهي ۽ هڪ اهڙو ريگستان، جتي جي ماڻهن جو جياپو يا گذر سفر ئي برسات تي آهي. تڏهن ته چوندا آهي ته وٺو ته ٿر نه ته بر. ٿر جو مارُو ماڻهو بادلن جي آمد جو انتظار محبوبه جي ديدار جيان ڪندا آهن ۽ بادل ڪنهن دلربا محبوبه جيان ڪڏهن رسي ڪري ٿري ماروئڙن جي چهرن تي اداسي ڇڏي ويندا آهن پر جڏهن پرچي پوندا آهن ته رب جي وسايل امرت ڌارا سان ٿر جي حسن ۾ نکار اچي ويندو آهي. پر برسات بابت ٿر ۾ هڪ عام چوڻي آهي ته ”مالڪ مينهن پاڻي سک جا وسائي“. خدا جي به ته قدرت ڏسو جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي پهرين ڏهاڙن ۾ ٿري مارو ماڻهن جي چهرن تي پريشاني هئي، نااميدي هئي ته هيل وقت تي برساتون نه پيون بس ڪارو ڏڪار اجهو پنهنجا پر پکيڙڻ وارو آهي. پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته رب جي رضا ٻي. برسات جي آس لڳائي ويٺل ماروئڙن کي ڪهڙي خبر هئي ته سندن التجاءِ ايتري گهرائي سان پوري ٿيندي جو برسات ڇا وسي ڏسندي ڏسندي سڀ ڪجهه لوڙهي وئي ۽ ٿر سميت سنڌ جي ستن ضلعن کي تباهه ڪري ويئي ۽ هن واري سنڌ جي ستن ضلعن لاءِ برسات رحمت بجاءِ زحمت بڻجي وسي ۽ غريبن جو اله تله پاڻي جي نظر ٿي ويو.
اسان جيڪڏهن سنڌ جي انهن ستن ضلعن جهڙوڪ ٿرپارڪر، بدين، ٽنڊومحمد خان، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو اللهيار ۽ ٺٽي ضلعن ۾ پيل تازين برساتي تباهه ڪارين جو جائزو وٺنداسين ته هڪ رپورٽ موجب بدين ضلعي ۾ 15 لک، ٽنڊو محمد خان ۾ 6 لک، ميرپورخاص ۾ 2 لک، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 30 هزار متاثرين سميت ستين ضلعن ۾ مجموعي طور 24 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو متاثر، 35 ماڻهو موت ۽ 3 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. هڪ کرب کان وڌيڪ ماليت جو پوکيل ڪپهه، ڪمنڊ، مرچ، ٽماٽا ۽ ڀاڄين جو فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. قدرتي برسات جي تباهي ته پنهنجي جاءِ پر آبپاشي کاتي جي بدانتظامي جي باعث سم نالن/ ايل.بي.او.ڊي کي لڳل گهارن به ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ جي انهن ضلعن ۾ رهندڙ خوشحال ماڻهن کي خيما بستين ۾ پنهنجي ئي ڌرتي تي ڪنهن پناهه گيرن واري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. آبپاشي کاتي جي ڪامورن اڳئين سال به پنهنجو فرض نڀائيندي اڌ سنڌ واسين کي ٻوڙي دربدر ڪيو هو ۽ باقي بچيل سنڌ واسين کي هيل سال ٻوڙي پنهنجو قومي فرض نڀائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪيائون.
گذريل سال به اگر دربدر ٿيا ته وادي مهراڻ جا اهي معصوم ماڻهو ۽ هيل به اگر تڪليف ۾ آهن ته اهي ڌرتي ڌڻي، ڪير سندس سار لهڻ وارو به ناهي بس پڌري پٽ کليل آسمان هيٺ بي يار مددگار ننڌڻڪن واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف اگر نصيب کليا ته هڪ آبپاشي کاتي جي ڪامورن جا، جو انهن کي گهارن کي بند ڪرڻ، واهن جي ڪپرن کي پڪا ڪرڻ لاءِ وري ڪروڙين روپين جا فنڊ ملندا ايئن اڳئين سال جيان هن سال به انهن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ ۽ ٻيا وري ٺٺ ٿيندا نام نهاد سماجي ڪمن جي ٺيڪدار اين جي اوزي بابوئن جا، جن اڳئين سال به انهن مسڪينن جي مفلسي کي انتهائي سهڻي نموني ڪيش ڪري جيب ڀريائون ۽ هيل سال به سندن نيت اها ئي آهي ته ڪهڙي نموني انهن مظلومن جي ڳوڙهن، نياڻين جي ڦاٽل پوتين، جهور پوڙهن جي سِسڪين، امڙين جي آهُن کي پاور پوائنٽ پِرزنٽيشن جي جادوگري سان وديشي گورن وٽ وڏي اگهه وڪڻي جيب گرم ڪجن. ڇاڪاڻ جو تازو ٿر جي هڪڙي متاثر ڳوٺ ۾ انهن اين جي اوزي بابوئن جي ڪاريگري ڏسي اسان حيران ئي رهجي وياسين، جو اهي بجاءِ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ جي سندس فوٽو گرافي ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ڊجيٽل ڪيمرائن سان ليس هڪڙو اين جي اوزي جوان هڪڙي ڪراڙي کي چئي رهيو هو ته پوڙهي ڪپڙن جي ڀري کڻي تون پاڻي منجهه بيهه ته تنهنجو فوٽو ڪڍان ۽ هڪڙي ٻي عورت کي چئي رهيو هو ته ادي تون هن وڻ جي هيٺيان ويهي ماني پچاءُ ته تنهنجو فوٽو ڪڍان، اهڙي ڪٺور عمل تي اها عورت جواب ڏيندي روئي ويٺي ته ابا سر بچائي اچي هتي پهتا آهيون اهڙي حالت ۾ مون وٽ ته کائڻ لاءِ لولي لوڻ به ناهي، ماني ڇا مان پچايان. پر مجال آهي جو انهي اين جي اوزي جوان کي ڪا حياءُ شرم آئي هجي، وري نڪ جي پڪائي سان ٻئي پاسي مصروف ٿي ويو جو کين وڌ کان وڌ متاثر ٿيل، اجڙيل ماروئڙن جا بهترين ماڊلنگ سان فوٽو ڪڍي اچڻ جو ٽاسڪ مليل هو ته جيئن وڌ کان وڌ پروجيڪٽ هٿ وس ڪري سگهجن.
هونئن ته متاثر ٿيل انهن سمورن ضلعن ۾ ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ وٽس ڪير لڙي اچڻ لاءِ به تيار ناهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ميڊيا خاص ڪري سنڌي ميڊيا سندس سورن کي وس وارن اڳيان پيش ته ڪري رهي آهي. پر ٿر جا اهڙا ڳوٺ به آهن، جتي نه ڪو حڪومت، نه ڪا اين جي او ۽ نه وري ميڊيا پهتي آهي جو انهن مسڪينن جي ڪا واهر ٿي سگهي. صورتحال انتهائي خراب آهي، امداد، کاڌو خوراڪ ته پري رهيو ڪير کين پاڻي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ به نه پهتو. خدا جي اشرف المخلوقات انسان جانورن کان به بدتر حالتن ۾ اتي ڦاٿل آهي. هڪڙو سفيد پوش ٿريو ويچارو انتهائي گنڀيرتا مان پنهنجو درد ٻڌائيندي اکيون آليون ڪري ويٺو ته پيٽ جو پورائو ته ڪري وٺبو پر نوجوان نياڻين کي ڪٿي وٺي وڃون جيڏانهن ٿا نظر ڦيرايون رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي، اهڙي حالت ۾ ٻارن ٻچن کي ڪنهن جي در تي وٺي وڃون. سرڪاري ڪئمپن ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو هئڻ، صاف سٿرو کاڌو ۽ صاف پاڻي نه ملڻ جي ڪري ڪيترن ئي بيمارين اچي منهن ڪڍيو آهي ۽ اتي صحت جون سهوليتون پڻ نه هئڻ جي برابر آهن، انهي سڄي صورتحال ۾ زندگي هڪ ڪرڀ ناڪ درد کان گهٽ ڪين آهي.
وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ پڻ تازو ئي دورو ڪري ويا آهن ۽ پنهنجي دوري دوران وزيراعظم طرفان ڇهن ضلعن ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊوالهيار، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي ۽ انهن ضلعن ۾ ڍل، آبيانو معاف ڪرڻ سان گڏ امداد ۽ زرعي قرض ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. سرڪار پاران انهن سمورن ضلعن ۾ خيما بستيون قائم ڪرڻ سان گڏ کاڌ خوراڪ، صحت جي سهوليتن لاءِ ڊاڪٽرن جون ڪئمپون ۽ پاڻي جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي. پر اڃان تائين متاثرين جو هڪ تمام وڏو انگ امداد ۽ سهوليتن جو منتظر آهي. متاثرين جي مدد جي ڳالهه ڪجي ٿي ته انهي ڏِس ۾ مخدوم شڪيل الزمان ڊي سي او ٿرپارڪر ۽ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ايم اين اي پاران سرڪاري مدد کان علاوه ذاتي طور تي پڻ تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون ويون آهن جيڪي قابل ستائش آهن ۽ ڊي سي او ٿرپارڪر پاران مٺيءَ شهر جي واپاري برادري کي ڪيل اپيل جي موٽ ۾ واپارين پاران پڻ دل کولي مدد ڪئي ويئي آهي. پر اڃان به وڌ کان وڌ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ کان وڌ اسان جي ڀائرن جي مدد ڪري سگهجي، جيڪا ذميواري وقت جي حڪومت تي عائد ٿئي ٿي، ته اها وڌ کان وڌ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻي خلق خدا جي دردن جو درمان ڪري.

(روزانو عبرت حيدرآباد،
آچر 04،سيپٽمبر 2011)