ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

ٿر نه اڃا ٿانيڪو

ٿر نه اڃا ٿانيڪو

ٿر ۾ هيل ٿوهرن جون ٽاريون سُڪي رهيون آهن، ڏڪارن جو واسو ماروئڙن جي زندگين کانپوءِ وڻن ۽ جهرن جهنگن کي به ويران ڪري چڪو آهي. سکن جو سج اڀرڻ ڄڻ ڪنهن غريب جو خواب بڻجي ويو آهي. هڪ اهڙو خطو جتي جا رهواسي ڏکن کي ڀٽائي جي چواڻي ”ڏک سکن جي سونهن“ تي عمل ڪندي برداشت ڪن ٿا ۽ ٻاڦ به ٻاهر نٿا آڻين. هميشه رکي سکي اڻڀي سڻڀي کائي وقت گذاريندڙ ٿري ماروئڙن جي اها خوشي به خبر ناهي ڇو قدرت کان برداشت نٿي ٿئي! جو ڪڏهن ڏڪار جي ڏکن جي ڪري انهن جي زندگي دربدر ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري زلزلي جهڙي وحشي آفت اجها اکوڙجي بي يارو مددگار کلي آسمان هيٺ تتل واري تي رهڻ تي مجبور ڪيو آهي.
حڪومتي عدم دلچسپيءَ جي ڪري ٿر، ترقي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، پر بنيادي سهولتن کان به محروم آهي. تعليم جي نالي تي ٺاهيل برانچ اسڪولَ وڏيرن جا اوطاق بڻيل آهن. ماستر رشوت وٺي گهر ويٺي پگهارون کڻڻ جا عادي آهن. هتي ڊي او ايجوڪيشن وٽ سرڪاري اسڪولن، ماسترن ۽ داخل ٻارن جي فِگر (انگ اکر) هڪڙي آهي ته ڊي اي او ايجوڪيشن وٽ ٻي آهي. هتي صحت کاتي جي مد ۾ ٺاهيل ڊسپينسريون ويران بڻيل آهن. ڳوٺن ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر ڊيوٽي تي اچڻ بجاءِ بالا آفيسرن جا جيب گرم ڪري ڪم هلائي ٿا وٺن ۽ مسڪين ماروئڙن جي صحت سيکڙاٽ ڪمپائونڊرن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهي. هتي حمل دوران سوين عورتون موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿيون. مگر صحت کاتي کي ان جو ڪو به فڪر ناهي ۽ نه ئي انهن کي انهن بابت ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻ جو اونو آهي. ڳوٺن ڏانهن روڊ رستن جي سهولت نه هئڻ پڻ مسڪين ٿري ماروئڙن جي ڏکن ۽ تڪيليفن جو سبب بڻيل آهي. مسڪين ٿري روڊ رستا نه هئڻ ڪري اٺن ۽ ڍورن کي ايمبولينس طور قطب آڻين ٿا ته اڪثر ايمرجنسي دوران دير ٿي وڃڻ ڪري لٽڪيل لاش اٺن تي کڻي واپس ورن ٿا ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. جو ضلعي جي واحد هيڊ ڪوارٽر اسپتال مٺي ۾ ڪو به اسپيشلسٽ ڊاڪٽر موجود ناهي ۽ باقي ڊاڪٽرن جو مريضن ڏانهن رويو اسپتال جي صفائي ۽ دوائن جي کوٽ پڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي.
اهڙا کوڙ سارا مسئلا آهن، جيڪي حل جا گهرجائو آهن. پر وقت جا حڪمران سدائين اهو چئي ٽاري ٿا ڇڏين ته اها پوئين حڪومتن جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي. جنهن ملڪ کي لٽيو، عوام کي تڪليفون ڏنيون، مگر هاڻي اسان جي حڪومت جي Progress جاري آهي. ڪجهه وقت لڳندو. مگر ٿيو سدائين ائين آهي ته اها حڪومت به ڳالهيون ڪري هلي ٿي وڃي ۽ ٿري مسڪين اتي جو اتي آهن. هاڻي جڏهن حڪومت مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ته غير سرڪاري تنظيمون (NGOS) ماروئڙن جا مسئلا حل ڪرڻ جي حام ڀري اچي ميدان ۾ لٿيون آهن ۽ انهن جيڪو ٿر لاءِ ڪم ڪيو آهي، تنهن سان ڍاٽڪيءَ ۾ هڪڙي چوڻي بلڪل ٺهڪي ٿي اچي ته:
”ڪاڪو- ٻاپُو رو ڀائي“
پاڻ ٿوري نظر جيڪڏهن ٿر جي هڪ مقامي امير اين جي او تي وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته ان جو مقامي ڊائريڪٽر صرف پنهنجي ڪميونٽيءَ جي نوجوانن کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهي. تنظيم جي مجموعي ملازمن ۾ 50 سيڪڙو سندس ڪميونٽيءَ سان واسطو رکن ٿا. ٿر جي نالي تي سڀ کان گهڻي امداد به ان ئي ڪميونٽيءَ ۾ تقسيم ٿئي ٿي. پوءِ ان ۾ ننڍڙا قرض هجن، کاڌ خوراڪ جون شيون هجن، هئنڊ پمپ هجن، نلڪا هجن، زميني ٽئنڪ هجن، هنگامي حالتن لاءِ امدادي سامان هجي، خيما هجن، زلزلي کان متاثر ٿيندڙ ڳوٺن ۾ ٺاهيا ويندڙ چونئرا هجن، مطلب ته هر امداد ۾ هر ترقياتي ڪم ۾ توهان کي ان مخصوص ڪميونٽيءَ کي ڏنل حصو ٿر جي باقي عوام کان وڌيڪ نظر ايندو. ڇا ٿر ۾ صرف هڪڙي ڪميونٽي ٿي رهي، جيڪا ئي بس ڪمزور ۽ پٺتي پيل، حقدار ڪميونٽي آهي. پوءِ ته غير جانبدار ۽ غير سياسي پليٽ فارم واري دعويٰ ئي اجائي آهي. مٿيون ڳالهيون تنظيم جي ڊائريڪٽر کان هڪ حوالي کان سوال آهن. جيڪي جوابن جا گهرجائو آهن. ايئرڪنڊيشنڊ ۽ ڊيڪوريٽيڊ ڪمرن ۽ گاڏين ۾ گهمندڙ ان جا آفيسر چون ٿا ته اسين ٿر جي ترقيءَ لاءِ ٿا ڪم ڪيون، ٿر جي مسڪين ماروئڙن جي نالي تي ملندڙ امداد تي جاوا ڪندڙ اهي اصل ۾ واپاري آهن، جيڪي چون ٿا ته اهي ٿر جي تقدير بدلائي ڇڏيندا.
هڪڙو ماڻهو پنهنجو نوڪر ساڻ کڻيو مسافري تي پئي ويو ۽ اهو مسافر مسافريءَ ۾ کارڪون کائيندو ۽ ککڙيون پويان اڇلائيندو ٿي ويو، پويان ايندڙ نوڪر اهي اڇلايل ککڙيون کڻي کائيندو ٿي ويو. اوچتو جڏهن ماڻهوءَ جي نظر پنهنجي نوڪر تي پئي ته چيائين: ”تون ته صفا ڪو بکيو آهين، جو اڇلايل ککڙيون ٿو کائين؟“ نوڪر وراڻيو: ”سائين بکيا ته توهان آهيو، جو سموري کارڪ پاڻ ٿا کائي وڃو، ٿوري به نٿا بچايو، جو پويان ايندڙ ڪجهه کائي سگهي.”
سو ٿر جي ماڻهن کي غربت ۽ بکيو سمجهي، پرڏيهي ڊونر ادارن کان ڊالر ميڙي، پنهنجا ڀڀ ڀريندڙ اهي صاحب ايترو به نٿا ڇڏين، جو ڪجهه حصو ٿر جي غريب ۽ مستحق ماروئڙن جي زندگين تي به خرچ ٿي سگهي. صرف من پسند ماڻهن کي نوازي، پنهنجا کيسا ڀريندڙ اهي صاحب خدمت چون ٿا ته ٿر بکيو آهي، ٿر ۽ ٿرين کان وڌيڪ بکيا توهان آهيو، جو ٿر جي نالي توهان جي گهر جي چلهه ٿي ٻري.

روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد
سومر _ 26 مئي، 2003