اُميد جو ڪرڻو : دي رَي آف هوپ
بلڪل مايوسي ڪُفر آهي ۽ سڄي دنيا اميد تي ئي قائم آهي. هر انسان کي پنهنجون پنهنجون اميدون آهن ۽ اهو انهي اميد جي سهاري پنهنجي زندگي گذاري ٿو. مگر اهي سموريون اميدون اسان خدا جي ذات مان رکون ٿا. پر جنهن اميد جو آئون هتي ذڪر رهيو آهيان، اهو هڪڙي صاحب موصوف جنهن پنهنجي واکاڻ ۾ تازو هڪڙو ڪتاب لکايو آهي انهي جو عنوان آهي. ڪتاب جي ٽائٽل، پيپر، مواد ۽ ليکڪن کي ڏسي ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته صاحب پنهنجي واکاڻ ۾ چڱو خاصو خرچ ڪيو آهي. انهي سڄي ڪتاب کي پڙهي ڪري بنان ڪنهن تبصري جي صرف هڪڙي ئي نقطي تي متفق ٿي سگهجي ٿو ته جيءَ حضوري جا شوقين صرف بادشاهه ۽ سياست دان ئي ڪونهن انهي صف ۾ ٻيون به عظيم شخيصتون شامل ٿي چڪيون آهن. منهنجي ذهن ۾ اهو هو ته درباري تقريرون، جي حضوري ۽ پنهنجي واکاڻ ۾ ڳايل راڳ ۽ ڪن رس چسڪي جي بيماري صرف سياستدانن ۽ چڱن مڙسن کي آهي. پر نه اهو مرض هاڻي ٿر تي احسان ڪري ڄايل هڪ شخص جيڪو هڪڙي نه پر ٻن اين جي اوز جو واڳ ڌڻي آهي، جيڪو پاڻ کي مسڪين، غريبن جو ڏک ڏوکي، ماروئڙن لاءِ تڙپ رکندڙ شخص ٿو سڏائي ان کي به لڳي چڪو آهي.
کيس عظيم تر صلاحيتن ۽ خدمتن جي عيوض صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ڇا ويو، هر طرف بلي بلي ٿي ويئي، اڪبر جي درٻار ۾ درٻارين جي کوٽ نه هئي تيئن سائين هن همراهه جي واهه واهه ۾ ڪسيده گوهي شروع ٿي ويئي، ته سائين ته ڪو معجزو آهي، هن جون خدمتون تاريخ جي سنهري اکرن ۾ لکيون وينديون، اڇوت جي گهر ۾ جنم وٺي هن سڄي ٿر کي ئي نهال ڪر ڇڏيو. ٻيو ته ٺهيو کيس ٿر جي عظيم انسان مسڪين جهان خان کوسي سان ڀيٽ ڏيئي سندس تعريفن جا اهڙا محل اڏي اهو تاثر ڏنو ويو ته جهڙوڪر هي ماڻهو اگر پيدا نه ٿئي ها ته ٿر جو ته الائي ڇا ٿي وڃي ها. هڪڙي دوست لکيو ته سائين وڏيون تڪليفون، دشواريون سهي ڪري هن منزل تي پهتو آهي ۽ هن ٿر کي هڪڙو انقلابي جامع پروگرام ڏنو ۽ اڄ ٿر ترقي جي راهه تي گامزن آهي ته بس سائين جي وسيع النظر ۽ پلاننگ جي ڪري آهي. هن ٿر جي ڳوٺن ۾ کوهه، نلڪا ۽ هينڊپمپ ڏنا، ترقي جون پاليسيون متعارف ڪرايون، مائڪرو ڪريڊٽ جي نظام جي ذريعي ٿر جي ماڻهن کي پاڻ ڀرو ڪيو ۽ قالينن جي کڏين مان ٻارن کي آزاد ڪري اسڪولن ۾ موڪليو. هن کان وڌ ٻيو هي ڇا ڪري؟ اهڙين عظيم خدمتن تي کيس نوبل انعام ملڻ کپي. مون کي پوءِ خبر پيئي ادو سائين جي ئي اداري ۾ ڪم ٿو ڪري سو سندس لاءِ اهي لفظ لکي پنهنجي نوڪري پڪي لاءِ ضروري هئا.
سو ڳالهه پئي ڪئي سين ڪتاب ”اميد جي ڪرڻي“ جي، جيڪو ٿر جي عظيم سوشل ورڪر صاحب پنهنجي مهانتا ۾ صدارتي ايوارڊ ملڻ کان پوءِ اهو ڇپايو آهي، اهو ڪتاب تازو نظر مان گذريو. واقعي ئي اڃان شاهه کان وڌ شاهه جي وفادارن جو ڏڪار ناهي آيو. ڪتاب جي ڪجهه غير متنازه ليکڪن کي ڇڏي ڪري باقي سمورا ويچارا پنهنجو مارڪون پڪيون ڪرڻ ۾ پورا لڳا. هڪڙي صاحب ته سائين تي اخبارن ۾ ٿيل تنقيد تي اهڙي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جو سندس لکڻي پڙهندي ئي ماڻهو کي ڊپ پيو ٿئي، پوءِ خبر پئي ته صاحب جا ٻه ڀائر انهي اداري ۾ ڪم ٿا ڪن سو سندس اها لکڻي جائز لڳي. هڪڙي ٻئي ادي ميمڻ صاحب به سائين سان گڏ اداري ۾ گذاريل وقت جو ذڪر ڪندي سائين کي ٿر لاءِ معجزو قرار ڏنو، هڪڙي ٻيءَ صاحب ته پاڻ تي ڪيل سائين جي مهربانين جا گڻ ڳايا، هڪڙي ڪنهن دوست جو اخباري ڪالم به انهي ڪتاب جي اسڪرپٽ جي پورائي لاءِ شامل ڪيو ويو هو جو اهو ڪالم انهي صحافي تي ڪڍيل سموري ڪاوڙ تي مبني هو، جنهن صحافي سائين جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ جي غلطي ڪئي سو اهو ڪالم شامل ڪرڻ ضروري هو. برحال سموري ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سائين جي شان ۾ واڌارو ته ضرور ٿيو ئي ٿيو هوندو ۽ سائين به ڏاڍو خوش ٿيو هوندو پر سائين جي شان ۾ ڪسيده گوهي ڪندڙ ڪافي همراهه وائکا ضرور ٿي پيا آهن، جن جي شخصيت پهرين غير جانبدار تصور ڪئي ويندي هئي، پر ڇا ڪجي وقت جي ستم ظريفي آهي پيٽ به الائي ڇا ڇا ڪرايو ڇڏي. تنقيد ڪرڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن اداري جي عهدي تي ڪم ڪري ٿو، جنهن جي عمل جو سڌو سنئون اثر اتان جي ماڻهن جي عام زندگي تي ٿيندو هجي ته ان جي ڪم تي تنقيد به ٿيندي آهي ۽ تعريف به جائز آهي، پر جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي درٻارين جي تعريف پنهنجي ڪن رس لاءِ مٺي لڳي ٿي ۽ ٻڌڻ ۾ مزو اچي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ جائز تنقيد به صبر ۽ تحمل سان ٻڌڻ کپي. پر جن ماڻهن کي اسان وڏائي جا بت بڻائي پوڄا ڪندا آهيون، ويجهڙائي کان اهڙن ماڻهن کي ڏسبو ته اهي اندر ۾ بلڪل خالي ۽ کوکلا ٿي چڪا هوندا آهن، سندس برداشت جي سگهه ختم ٿي چڪي هوندي آهي، بس جيءَ حضوري ۽ ييس سر جا لفظ ئي کين پسند ايندا آهن. ڪير سندس ڪم تي ڪا ٿوري به تنقيد ڪري کائنس برداشت نه ٿيندي آهي. ايئن ڪنهن صحافي سندس مليل ايوارڊ تي ڪا تنقيد ڇا ڪئي، شاهه کان وڌ شاهه جا وفادار لهي پيا ميدان ۾، الله کين حياتي ڏي، سائين کي ڀٽائي جي سورمين سان ڀيٽا ڏيئي، ايڪويهين صدي جو مسڪين جهان کوسو ٺاهي پيش ڪيائون. مارڪون ٺاهڻ به ڀلا ڪوئي انهن کان ئي سکي.
چوندا آهن ته هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڪهڙي؟ جي انسان پاڻ اعليٰ شخصيت جو مالڪ آهي ۽ هن جي دل ۾ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو جذبو آهي، ته پوءِ ڀلين سندس شان ۾ ڪسيده گوهي ٿئي يا نه پر دنيا پوري ايمانداري سان کيس ياد ڪندي رهندي. مسڪين جهان خان کوسي جو نالو ڀلا ڪير ٿو وساري سگهي جنهن پنهنجي هڙان توڙي وڙان وڃائي خلق خدا جي خدمت ڪئي ۽ غريب مسڪين انسانيت جي مدد ڪندي پنهنجي حياتي ارپي ڇڏي. جنهن سدائين بنان ڪنهن فرق ۽ ذات پات جي هر درد مند جو ڀرجهلو ٿيڻ پنهنجي پهرين ترجيح سمجهي. انهي شخص پنهنجي واکاڻ ۾ نه ڪي ڪتاب ڇپرايا نه ئي ڪسيده گوهي جا ڪالم لکرايا. هن انهي سڄي هٿ ٺوڪي چمڪ جي بدران عملي طور ڪم ڪيو، غريبن جي مدد ڪئي، پاڻ بکون ڪاٽي به ٿر جي مسڪين ماروئڙن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيو ته اڄ هر ماڻهو ان جي ڪيل خدمتن کي ساري کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿو. سو نالو ڪمائڻ لاءِ هروڀرو ڪتاب ڇپائي، ڊيڪوريٽيڊ ۽ اي سي هال ۾ ڪنهن اعليٰ شخصيت کان مهورت ڪري ڊگهيون تقريرون ڪري واهه واهه ڪرڻ ضروري ناهي.
سائين جن جنهن کي صدارتي ايوارڊ به مليو، سندس شان ۾ ليک به ڇپيا، ڪتاب به ڇپيا، وڏيون مهورتي تقريبون به ڪوٺايون ويون، ان صاحب جي عملي ڪمن بابت ٿوري سرسري نگاهه ڦيرينداسين، ته معلوم ڪري سگهجي ٿو ته پاڻ سٺا بزنس مين ۽ وئيل ايڊمنسٽريٽر ته ضرور آهن پر سوشل ورڪر ته هرگز نه! پاڻ هڪ ئي وقت ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ اين جي اوز جي ڊائريڪٽر طور ڪم ته ڏاڍي سهڻي نموني سان سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، پر سوشل ورڪ جي عملي ڪم ۾ اسان کي سندس راءِ ابتڙ ملندي. جنهن جي زندگي اي سي ۽ ڊيڪوريٽيڊ ڪمرن، هوائي سفرن ۽ پيجرو گاڏين ۾ گذرندي هجي ته ان کي ٿر جي ڀٽن جي تتل واري تي پڌري پٽ انگ اگهاڙن ٻارن جي حالت جي ڪهڙي خبر؟ جيڪي ٿر جي حالتن، اتان جي ماروئڙن جي سڏڪن، آهن ۽ لڙڪن کي پاور پوائنٽ پرزنٽيشن ۾ سمائي وديشي گورن کان پروجيڪٽ وٺي واپس ڏانهس لڙي به نه نهارين ته اهڙن ماڻهن کي سوشل ورڪر سڏائڻ جو حق به آهي يا نه؟ اهو فيصلو پاڻ ڇڏيون ٿا خلق خدا تي.
(روزانو عبرت حيدرآباد،
آچر 24، اپريل 2011)