ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان

دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان

اڄ دل ڳوٺ وڃڻ لاءِ چئي رهي آهي. ڳوٺ، جتي محبتون آهن، پيار ۽ پريت آهي، جتي جي هوائن ۾ خلوص آهي، جتي تعصب ۽ فرقيواريت کان آجي فضا آهي. جتي امن ۽ آشتيءَ ۾ جيئندي، ڳوٺاڻا ڏک سک جا ساٿي بڻجي رهندا آهن. هڪٻئي سان همدردي ۽ ڀائيچاري رکن. پر ان جي برعڪس شهر جي فريبي هوائن ۾ دوکي ۽ دغا جي بوءِ اچي ٿي. بارود جي ڌپ آهي. زندگيءَ نالي ڪا شيءِ ناهي، آهن ته رڳو دشمنيون، جهيڙا ۽ فساد. اسان جا وڏا شهر، جتي ته هڪ ٻئي کي ٽارگيٽ ڪلنگ عيوض لاشن جا تحفا اماڻيا وڃن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان مصنوعي مرڪن سان کلي ملي، سيني ۾ خنجر هنيا وڃن ٿا. جتي دوستن جي روپ ۾ دشمن ملن ٿا، جتي همدردين جا چهرا ڏيکاري، وحشي درندا انسان ڪوڙيون محبتون وکيرين ۽ عوام جي ڏک ۽ فڪر ۾ واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙين ٿا. هر طرف پنهنجي انفرادي نفعي ۽ منافعي جي بازار لڳايون ويٺا آهن، جيڪو به سندن راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته کيس انهي دڳ تان ئي هٽايو ٿو وڃي.
ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ڪراچي ۾ فلاڻي محلي ۾ هيترا معصوم ٽارگيٽ ڪلنگ جي بَک بڻجي ويا ته ڪڏهن ٻڌون ٿا لاهور ۾ خودڪُش حملي ۾ معصوم شهري عبادت ڪندي ابدي ننڊ سمهي پيا. ڪڏهن ٻڌون ٿا ته فلاڻي پٽ غيرت ۾ اچي ڪري پنهنجي ڀيڻ کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ موت جي سيج تي سمهاري ڇڏيو ته ڪڏهن ٻڌون ٿا ته پنهنجي ئي مڙس جي ظلم ۽ تشدد کان تنگ ٿي ناري اگهاڙين پيرين اچي ٿاڻي تي پناهه ورتي. ڪڏهن ٻڌون ٿا ته نوجوان پٽ پنهنجي شهري پڙهيل لکيل زال جي شڪايت تي پنهنجي ماءُ تي هٿ کنيا ته ڪٿي وري پڙهيل لکيل اولاد پنهنجي پوڙهي ماءُ، پيءُ کان تنگ اچي کين گهر مان ئي ڪڍي ڇڏيو. ڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته نابالغ نياڻي کي ڪنهن پوڙهي سان شادي ڪرائي ويئي، ته ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ڪنهن والدين اوڌر جا پئسا نه ڀري سگهڻ ڪري پنهنجي معصوم ڇوڪري کي قرض عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو. ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتل عورتن سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ٿي، ته ڪڏهن ٻڌون ٿا درالامان ۾ پهتل درد جي ماريل عورتن کي وڪرو ڪيو ٿو وڃي.
اَٽي، لٽي ۽ اجهي جهڙن بنيادي مسئلن کي ڇڏي ڪري صرف هڪ ئي نقطي ”دهشتگردي“ تي ويهي سوچجي ٿو ته ڏندين آڱريون ٿيون اچي وڃن ته اهو سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو آهي جو هر طرف ظلم، دهشت، انارڪي ۽ خوف جي فضا ڇانيل آهي، ڪنهن کي به اها خبر ناهي ته هُو گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ته واپس به صحيح سلامت پهچندو. هلندي رستي تي ڏينهن ڏٺي جو ڪنهن کي به دل چاهي ٿي تنهن کي گولين سان پروڻ ڪري هليا ٿا وڃن ۽ حڪومت بس ڪاميٽيون ٺاهي ڳالهه کي لئه مٽي ڪري ٿي ڇڏي. ڳالهه اها ناهي ته کين خبر ناهي ته هي سڀ ڪير ڪري رهيو آهي، پر کين ڪهڙو لاچار آهي جو ويهي نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهن پاڻ ته فول پروف سيڪيورٽي ۾ گهمندا ٿا وتن باقي عام خلق خدا مري ٿي ته خير آهي، سندن صحت تي ڪهڙو ٿو اثر پوي. بس هر ڪوئي پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي، ڪراچي ۾ ووٽ بئنڪ رکندڙ ڪوليشن ڌر اين.آر.او مسئلي تي ته اسٽينڊ وٺي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيئي ٿي ۽ حيدرآباد ضلعي متعلق وزيراعظم جي بيان تي زمين آسمان هڪ ٿي ٿو وڃي ۽ ڪوليشن ٽوڙڻ جا نياپا ٿا ڏين پر اسان انهي ڌر کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ متعلق ته ڪڏهن ڪا واضع موقف اختيار ڪندي ناهي ڏٺو يا کڻي انهي معاملي تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي انهن ڪا ڊيڊلائين ڏني هجي.
هوڏانهن وري تخت لاهور جا بادشاهه جڏهن گورنر راڄ لڳو، سندس اقتدار کسيو ويو تڏهن ته ڏاڍو تيش ۾ اچي ويا هئا ۽ حبيب حالب جون نظمون ڳائيندي ٿڪا ئي نٿي ته هاڻي کين ڇا ٿي ويو آهي، جو سندن دهشتگردي متعلق ڪا واضع پاليسي ناهي، جو هڪ طرف خادم اعليٰ چوي ٿو ته پنجاب ۾ ڪاروايون نه ڪيون وڃن ته ٻئي طرف سندس ئي ڪيبينيٽ جو وزير سرعام پابندي پيل تنظيم جي ڪارڪنن سان گڏ گهمندو ٿو وتي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ طرف اسان جي پاڪ فوج جا دلير جوان پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيئي، دليري سان پنهنجي جان جي بازي لڳائي انهن چند مٺ جيترن انتهاپسندن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ملڪ جي ٻئي وڏي پارٽي جي اڳواڻن جا متضاد بيان ۽ سرگرميون شهيد جوانن جي قربانين ۽ ملڪ جي عوام کي ڪهڙو پيغام ڏيئي رهيون آهن؟؟
ڇا هينئر اهو وقت ناهي ته سڀئي پنهنجا ذاتي مفاد وساري، بغير ڪنهن پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ جي، پارٽي سياست کان بالاتر ٿي ڪري، بغير ڪنهن تي الزام تراشي ڪرڻ جي، دهشتگردن کي بغير ڪنهن صوبائيت ۾ ورهائي پنجابي، سنڌي، پختون يا بلوچي چوڻ جي ملڪ جون سڀئي پارٽيون هڪ ئي هنڌ صرف هڪڙي ئي نقطي ”دهشتگردي“ تي هڪ ئي پاليسي تي متعفق ٿين، ته دهشتگرد صرف دهشتگرد آهن، انهن جي ڪابه ٻولي، مهذب ۽ علائقو ناهي، بس انهن جو ڪم انسانيت جو قتل عام ڪرڻ آهي، وحشت برپا ڪرڻ آهي. اهي سڀئي سياسي پارٽيون نيڪ نيتي سان سنجيده ڪوشش ڪري ڪري متفقه اين.ايف.سي ايوارڊ ڏيئي سگهن ٿيون، اهي ئي سياستدان سچي دل سان ڪوشش ڪري آمرن پاران بگاڙيل آئين کي پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻڻ لاءِ 18هين ترميم ڪري سگهن ٿا ته ڇا اهي سڀئي گڏجي ڪري پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ دهشتگردي جهڙي ناسور کي وڌيڪ وڌڻ ويجهڻ کان روڪڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي نٿا جوڙي سگهن؟ بلڪل ڪري سگهن ٿا، پر ضرورت آهي ته نيڪ نيتيءَ ۽ دل جي سچائيءَ جي. پوءِ هڪ ئي ٽيبل تي گڏ ٿي ۽ انفرادي سوچ ۽ ذاتي مفاد کي هڪ پاسي رکي، ملڪ ۽ عوام لاءِ گڏجي سوچيندا ته سٺائيءَ جو رستو اوس نڪري سگهي ٿو ۽ اسين سڀ ٻڌي ۽ ايڪتا سان انهن چند امن ۾ خلل وجهندڙ کي منهن ڏئي سگهون ٿا ۽ هڪ دفعو وري اسان پنهنجن وڏن شهرن کي بارود جي بوءِ کان صاف ڪري پراڻيون رونقون بحال ڪري سگهون ٿا.