دردِ دل ڪِي دوا ڪري ڪوئي. ..
مڃون ٿا ته اهڙي تباهي تاريخ ۾ پهرين ڪڏهن به نه آئي آهي، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو دردبدر ٿيا هجن، هزارين مائرن جون هنجون اجڙي ويون هجن، هزارين ڳوٺ، واهڻ وسنديون لڙهي ويا هجن، اسڪول، اسپتالون تباهه ٿيا هجن. اهو به مڃون ٿا ته انهي قدرتي آفت سڄي سسٽم کي ئي تهس نهس ڪري ڇڏيو آهي. ڪروڙين ماڻهن کي بي گهر، بي يار مدد گار، کلي آسمان هيٺ سورن ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو آهي، سندن مال مويشي مري چڪو آهي، الهه تلهه لڙهي ويو آهي، هينئر وٽن ٻه ويلا کائڻ لاءِ لولي لوڻ به نه آهي. اهو پڻ مڃون ٿا ته ڪنهن کي به اها پروڙ نه هئي ته اهو سيلاب ايئن ايتري تباهي آڻيندو جنهن باعث ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ئي ديس ۾ ڪئمپن ۾ دربدري واري زندگي گذاريندا، کين ٻن ويلن جي ماني بجاءِ پوليس جو لٺيون کائڻيون پونديون، دوا بجاءِ درد ملندا، امداد جي بجاءِ سکڻا نعرا ۽ وعدا پلئه پوندا.
اسان جا حڪمران چون ٿا ته ڪوٽڙي وٽ سيلاب پهتو ته اسان جي تياري نه ٿيل هئي، هنن کان ڪير پڇي ته مڃيوسين ته تڏهن توهان جي تياري ڪونه هئي، پر توهان کي ڇا اها خبر نه هئي ته اهو ئي پاڻي سڀاڻي ٺٽي وٽان گذرندو ته انهن ئي ڏينهن ۾ شهداد ڪوٽ، ٺٽي ۽ ٻين شهرن لاءِ ته ڪا تياري ڪري وٺو ها، ته هوند هينئر اهڙي صورتحال کي ته منهن نه ڏيڻو پوي ها. انتظاميه جا ميڊيا تي بيان رڪارڊ تي پيا آهن ته حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، شهدادڪوٽ ۽ ٺٽي کي ڪجهه نه ٿيندو تياريون مڪمل آهن ميڊيا اجائي واويلا پئي پکيڙي ڳڻتي جي ڪائي ضرورت ناهي، پر اسان ڏٺوسين رات جو ٻن ڪلاڪن جي نوٽس تي شهداد ڪوٽ ۽ ٺٽي کي خالي ڪرايو ويو، کائنس ڪير پڇي ته ڪيڏانهن ويا اهي سمورا انتظام ۽ تياريون؟ ٻن ڪلاڪن جي نوٽس تي لکين ماڻهن کي صرف اعلان ڪري چئي ڇڏڻ ته اها آخري وارننگ آهي شهر خالي ڪريو، ڪٿان جو قانون آهي؟ ڪو سندن والي واهر به نه هو، نه ڪا انتظاميه سندن ٻاهر منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ۽ نه ئي وري ڪا ٽرانسپورٽ جي سهوليت مهيا ڪري ڏني ويئي، بس شهر خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏيئي، ٺلها دورا ڪري، سکڻا دلاسا ڏيئي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ ئي حڪومت جي ذميواري آهي ڇا؟
متاثرين کي قدرتي آفت سبب ٿيل نقصان کان وڌيڪ ته درد، ڏک ۽ تڪليف اسان جي حڪمران جي بي حسي ۽ انتظاميه جي من مستي تي رسيو آهي. اڄ جي تاريخ جي اخبارن جا ورق ورائي ڏسجن ٿا ته هر طرف بي چيني ئي بي چيني آهي، خوف آهي حراس آهي، نااميدي آهي، ڏک ۽ بک آهي. هر ورق تي ڏکن ۽ ڏاکڙن جو طويل داستان ۽ حڪومتي بي رحمين جو ڪهاڻيون چٽيل آهن. عاقل آگاڻي بند جي نازڪ صورتحال جي ڪري لاڙڪائي ضلعي ۾ خوف ۽ حراس، شهدادڪوٽ مان اڃان تائين پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آهي، صرف شهدادڪوٽ کي بچائڻ ڪري قمبر ضلعي سان ٻه اکيائي، ماڻهن ۾ پريشاني، ڄامشوري ضلعي جا هزارين ماڻهو بي گهر، حمل ڍنڍ مان ايندڙ پاڻي دادو واسين لاءِ مصيبت جو سامان بڻيل، ٻوڏ ٽنڊو حافظ شاهه جي سمورن ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، مختلف بندن کي گهارا، انتظاميه جي بي حسي، بي گهر ٿيندڙن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو، سندس زخمن تي مرهم رکڻ لاءِ ڪي به سنجيده ڪوششون نه ورتيون ويون. اهي کوڙ ساريون خبرون جيءَ جهوري ٿيون وجهن. سچ پچ اهڙي دربدري ۽ نڌڻڪائي واري صورتحال کي ڏسي ڪري هر درد دل رکندڙ فرد جي اک آلي ٿي ٿِي پئي.
هوڏانهن سياستدان وري هن اهڙي صورتحال ۾ پڻ سياست ڪرڻ کان باز نه ٿا اچن، اسان جو هردلعزيز محترم جناب نوازشريف سربراهه ڀلي قومي سطح جي پارٽي جو آهي، پر ويچاري کي فڪر صرف پنجاب صوبي جو ئي کائي ويو آهي، هو پريس ڪانفرنس دوران چوي ٿو ته پنجاب حڪومت سان وفاق رابطو نه ٿو ڪري، شهباز شريف کي فيصلن ۾ اعتماد ۾ نه ٿو ورتو وڃي، پنجاب حڪومت جي ڪابه مدد نه ٿي ڪئي وڃي. هن کان ڪير پڇي ته توهان قومي سطح جا ليڊر هئڻ باوجود توهان کي صرف ڳڻتي پنجاب جي ڇو کائي ويئي آهي، يا صرف پنجاب حڪومت ۽ پنجاب صوبي جي امداد جي ڳالهه ڇو ڪري رهيا آهيو؟ هڪ طرف اهي چون ٿا ته پنجاب حڪومت کي اعتماد ۾ نه ٿو ورتو وڃي ته ٻئي طرف شهباز شريف چوي ٿو ته وزيراعظم جي زيرصدارت ٿيندڙ اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته متاثرين کي شروعاتي طور تي 20 هزار روپيه نقد ادا ڪيا ويندا، جنهن جو 50 سيڪڙو يعني اڌ حصو وفاق صوبن کي ڏيندو ۽ اڌ حصو صوبا پاڻ پنهنجي حصي مان ڏيندا. هاڻي ڀلا هن کي ڪير سمجهائي ته جڏهن فيصلا باهمي هم آهنگي ۽ يڪراءِ صلاح سان ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ شهباز شريف پاڻ به شامل آهي ته پوءِ ڀلا اعتماد ۾ ڪيئن ورتو ويندو آهي؟ پر نه، انهي تي اسان جي قومي ميڊيا ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي ناهي، پاڻ کي قومي سطح جي پارٽي نوازليگ جي ليڊر سڏائيندڙ نوازشريف جي صوبائي سطح جي سوچ ۽ اهڙي رويي تي اسان جي آزاد قومي ميڊيا ماٺ جي ننڊ ستي پيئي آهي مگر ٻئي پاسي شل نه ڪٿي ڪا پ پ پ حڪومت جي خامي نظر اچي ته ممڻ مچائڻ ۾ ويچارا دير ئي ڪونه ڪن، باقي سموري نشريات کي معطل ڪري ويچارا پ پ پ حڪومت جا ڪنڊا ڪڍڻ ۾ پنهنجو قومي فرض پوري ايمانداري سان نڀائين.
ستم ظريفي ته ڏسو پنهنجي ڌرتي جا ڌڻي جڏهن پنهنجي ئي صوبي جي راڄڌاني ڪراچي پهتا ته هڪ لساني تنظيم انهن سورن جي ماريلن جي واهر ڪرڻ بجاءِ استقبال گولين سان ڪيو ويو. سندن پيٽ جو سور اتي به ختم ڪونه ٿيو ته وري جوش ۽ جلال ۾ اچي مطالبو ڪيائون ته جاگيردارن ۽ وڏيرن بندن کي گهارا هڻي سيلاب جا رخ موڙيا آهن، شهر تباهه ڪيا آهن، مسڪينن جو زمينون انهن جي ڪري ئي زير آب آيون آهن تنهنڪري انهن جاگيردارن خلاف مارشلا جهڙا قدم کنيا وڃن ته اسان حمايت ڪنداسين. انهي کان ڪنهن کي انڪار آهي ته جاگيردارن، چوڌرين ۽ وڏيرن ملڪ کي تباهه ڪيو آهي ۽ غريبن جي درد ۾ اضافو ڪيو آهي، پر انهي جو حل انهي صاحب موصوف جي ڏنل صلاح ۾ ته ناهي! ڏاها ٿيو هن ملڪ تي رحم ڪريو ۽ هاڻي ڪي به تجربا ڪرڻ کان پهرين انهن مسڪينن جي حالت تي رحم ڪريو جيڪي پنهنجو الهه تلهه لٽائي امداد جي انتظار ۾ ويٺا آهن ته حڪومت سندن واهر ڪندي ۽ ٻيهر آبادڪاري لاءِ مدد ڪندي اهڙي صورتحال ۾ سياسي اٿل پٿل ڪنهن به صورت ۾ ڪي به سٺا نتيجا نه ڏيندي. سياست ڪرڻ ۽ سياسي مهرا استعمال ڪرڻ جو وقت پوءِ به پيو آهي پر هينئر توهان سڀني سياسي پارٽين جي آزمائش آهي ته ڪير ڪيترو اڳيان اچي ڪري انهن معصومن جي زخمن تي مرهم ٿو رکي، سندن ڏک ۽ تڪليف کي گهٽائڻ ۾ ڪير ڪيتري مدد ٿو ڪري. توهان سڀني جا عوام دوستي جا نعرا اسان گهڻي وقت کان ٻڌي رهيا آهيون پر اصل عوام دوستي توهان جي هاڻي پڌري ٿيڻ واري آهي ته خلق خدا جي خدمت ۾ ڪير ڪيترو سنجيده آهي ۽ ڪير ڪيترو ٺلهي نعري بازي ۾ مصروف آهي. هينئر وقت آهي ته سڀئي اختلاف وساري سياست ڪرڻ جي بجاءِ انهن معصومن جي دردن جي دوا ڪئي وڃي.
هڪ ٻي ڳالهه ته هر ڪنهن طرفان پنهنجي منهن امدادي ڪمن ۾ مشغول هئڻ ڪري هڪ ٻئي سان ڪنهن جي به ڪوآرڊينيشن ناهي، مطلب ته جتي ڪئمپون قائم ڪرڻ لاءِ خيمن جي ضرورت آهي، ته اتي خيما ناهن، جتي بيمارين ۾ معصوم تڙپي رهيا آهن ته اتي دوائون مهيسر ناهن، ڪو خاص انتظام نه هئڻ جي ڪري ڪنهن ڪئمپ تي ڪڏهن چار ٽرڪ کاڌي پيتي جي سامان جا پهچن ٿا ته ڪڏهن جنهن شيءَ جي ضرورت هجي ٿي ته اها نه ٿي ملي، ڪڏهن ڪڏهن ته بي گهر ٿيل انهن ڌرتي ڌڻين کي کاڌو به ملي ٿو وڃي ته ڪڏهن وري لنگهڻ ويلا ڪاٽڻا ٿا پون، ڪڏهن امدادي سامان جو ڪو ٿيلهو پلئه پئجي ٿو وڃي ته ڪڏهن وري پوليس جي لٺين تي ئي گذارو ڪرڻو ٿو پوي. مطلب ڪا پلاننگ ناهي جنهن کي جيئن وڻي ٿو ڪري رهيو آهي، هئڻ ته ايئن کپي ته سمورين سياسي، غير سياسي تنظيمن، ادارن جو هڪ ٻئي سان پورو پورو رابطو هجي، حڪومت طرفان انهن کي گائيڊ لائين هجي، ضرورت جي شين جي لسٽ ٺهڻ کپي ته ڪهڙي هنڌ ڪهڙي شيءَ جي وڌيڪ ضرورت آهي ته جيئن امداد جي ايندڙ سامان جي صحيح نموني ورڇ ٿي سگهي ۽ ضرورت جي شيءَ ضرورت واري هنڌ پهچي سگهي مگر ٿي ايئن رهيو آهي ته هڪ هنڌ شيون وافر مقدار ۾ پيون آهن ۽ سڙي رهيون آهن ته ٻئي پاسي جتي انهن شين جي اشد ضرورت آهي اهي شيون اتي پهچي نه سگهيون آهن انهن ڳالهين جو پڻ ادارڪ ٿيڻ کپن ۽ هڪ منظم نموني سان سڀني کي ملي ڪري ڪوششون ڪرڻ کپن. حڪومت وقت تي ته فرض ٿئي ئي ٿئي ٿو پر انسانيت جي ناتي اسان سڀني جي پڻ ذميواري آهي ته اسان انهي ڪم ۾ هٿ ونڊايون ۽ پنهنجي ڀائرن جي تڪليفن ۾ سندن ڪم اچون.
(روزانو عبرت حيدرآباد،
اربع 15، سيپٽمبر 2010)