ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

مان ساڳيو سورن ۾. ..

مان ساڳيو سورن ۾. ..

ٿر، واديءَ مهراڻ جو اهو خطو آهي، جتي هميشه محرومين جو واسو رهي ٿو. بک، مفلسي ۽ ڏڪار ڏوٿيئڙن جو نصيب بڻيل هوندا آهن. بنيادي سهوليتن کان محروم هن خطي جو ڳوٺاڻو عوام هميشه سورن ڀري زندگي بسر ڪري ٿو. ڀٽائيءَ واري سٽ “مُٺ مٺ سور سڀ ڪهين، مون وٽ وٿاڻان” سندن حالات زندگيءَ تي سڌي ٿي ٺهڪي. سندن جذبن جي دردن جي دوا ڪرڻ وارو ڪير به ناهي. ڪنهن کي به هنن جي زخمن تي مرهم لڳائڻ جيتري فرصت ناهي. سياسي حڪومت توڙي غير سياسي تنظيمن (اين جي اوز) هميشه هن خطي کي غريبي ۽ مفلسيءَ جي نالي تي ڪيش ڪرائي پنهنجا فائدا پئي ورتا آهن، پر ٿر جي ڏتڙيل ماروئڙن جي حقيقي معنيٰ ۾ تمام گهٽ سار لڌي وئي آهي. غريب عوام آخر ڪنهن در دانهڙي ڏئي.
خبر ناهي تعليم جي نالي تي ڪروڙين روپين جا فنڊ ڪهڙن خوشنصيب کيسن ۾ ٿا وڃن يا ڪهڙي کاتي ۾ ائڊجسٽ ڪيا وڃن ٿا. هتي ته غريب ٻارن کي اعلانيل مفت ڪتاب به نٿا ڏنا وڃن. جتي هوشيار، غريب ۽ محنتي شاگردن بجاءِ پنهنجن من پسند ٻارن ۽ ماڻهن کي وظيفا ڏنا ويندا هجن، ۽ ٻهراڙيءَ جي اسڪولن جي حالت اهڙي هجي، جو هڪ سئو جي آباديءَ واري ڳوٺ جي هر پاڙي ۾ الڳ ذات لاءِ الڳ اسڪول کليل هجي، ۽ استاد اسڪول وڃن ئي ڪونه، جي وڃن ته به هڪ ڏينهن ۾ مهيني جي حاضري ڀري واپس ورن. ڳوٺن جي وڏيرن يا چڱن مڙسن جي حاضري ڀري پاڻ اسڪولي حاضري کان آجا ٿيو پون. کانئن پڇي ته ڪير پڇي، ته اهي پنهنجي عظيم پيغمبري پيشي توڙي معصوم ٻارن جي مستقبل سان ڪهڙي ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهن. کين به ايڏي ڇوٽ ڏيڻ وارا بالا آفيسر ائين ئي هوندا، ساڻن ڪي معاهدا طئي ٿيل به هوندا آهن. بهرحال تعليم عام ۽ مفت وارا اشتهار هر بجيٽ کان اڳ ۽ پوءِ اخبارن جي زينت ضرور بڻجندا آهن.
ساڳيءَ طرح صحت جي شعبي طرف نگاهه ڪنداسين ته اتي ته ماڳهين ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. صحت جي نالي تي سرڪاري انگن اکرن ۾ کوڙ سارا بنيادي صحت مرڪز (B.H.U) قائم ٿيل آهن. ڪنهن به بنيادي صحت مرڪز ۾ M.B.B.S ڊاڪٽر مقرر ٿيل نه آهي. اگر ڪٿي مقرر آهي به، ته سائينجن ڪڏهن اتي وڃڻ جي زحمت نه ڪندا آهن. ان ڪري ٿر جا لڳ ڀڳ سمورا بنيادي صحت مرڪز ڪمپائوڊرن جي رحم ڪرم تي ئي هلن ٿا. جيڪڏهن ضلعي هيڊڪواٽر اسپتال مٺيءَ ۾ دوائن کان وٺي ڊاڪٽرن تائين، ۽ صفائيءَ کان وٺي عملي جي غير مهذب رويي تي ڪير پڇڻ وارو نه هجي ته باقي هنڌن تي هونئن ئي دمادم مست قلندر لڳو پيو آهي، اتي ڪير ٿو پڇڻ جي همت ڪري سگهي!
مقرر تعداد ۾ اي ايس وي (Anti snake venom) جو ڪنهن به تعلقي اسپتال، بنيادي صحت مرڪز ۾ نه هئڻ ڪري ڪيترن ئي ڳڀرُو جوانن جي حياتي جو ڏيئو ٻرڻ کان اڳ ئي اجهامي ٿو وڃي، ڪيترن ئي پوڙهن ماءُ، پيءَ جا اڪيلا وارث، پيرسني واري وقت جو اڪيلو سهارو مناسب صحت جون سهوليتون نه هجڻ ڪري کسجي ٿو وڃي. ضلعي جي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ جيڪر ليڊي ڊاڪٽرن جي کوٽ هجي، ڪوبه اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مقرر ٿيل نه هجي ۽ مريض ڍورن وانگر واڙيل هجن، پر ان جو تدارڪ ڪرڻ وارو ڪير ئي نه هجي ته ٿري ماروئڙا آخر ڪنهن جي آسري تي پنهنجين زندگين ۾ سک ۽ خوشحاليءَ جو انتظار ڪندا؟
ٿر واسين جي نصيب ۾ سُک چين نالي جو ڪو تصور ئي موجود نه آهي. مڙني بنيادي سهوليتن کان محروم هي ماروئڙا پاڻ کي خوش رکڻ جي پوءِ به هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. مگر قدرت جي اڳيان مجبور هي ويچارا ڇا ٿا ڪري سگهن؟ اسان جهڙا اسان جي ئي نگري جي هڪڙي ڪنڊ ۾ بسيل هنن جي هڪ اهڙي دنيا، جنهن جو ڪو والي ناهي سرڪار وسيلن جي اڻهوند جو چئي جان آجي ٿي ڪرائي ته وري غير سرڪاري تنظيمون سندن غربت کي بين الاقوامي سطح تي پرڏيهي ڊونر ايجنسين وٽ ڪيش ڪرائي پنهنجا پيٽ ڀرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿيون. ڏڪار ٿر ۾ راڱا ڪري ڇڏيا آهن، ٿري مارو ويچارا بک، بدحالي جي زندگي بسر ڪري رهيا آهن، سندن مال، ڍور بک ۽ اڃ وگهي تڙپي مري رهيو آهي ۽ چاري جي اڻهوند جي ڪري ۽ قدرتي بيمارين جي ڪري اڃان به وڌيڪ مال مرڻ جا چٽا امڪان آهن. پر غريبن جي والي وارث هجڻ جو ڍنڍورو پٽيندڙ انهن نام نهاد اين جي اوز اڃان تائين صرف سندن غربت کي ڪيش ڪرائڻ ۽ غربت جي خاتمي جا سَکڻا نعرا هڻڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪيو آهي؟
ٿر جي هڪ شاهوڪار سماجي اداري ، جيڪو مائڪروڪريڊٽ جي بهاني ٿرين کي ڦريو آهي، سا به اڃا الڳ ڪٿا آهي. ٿرين کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي، کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جا ڏٽا ڏئي، واڻين جي وياج وارو ڪاروبار کولي، ٿرين کي پاڻڀرو ڪرڻ بدران سندن رهيو کهيو ماس به ڳهي رهي آهي. ان ڪري عوام جي معاشي حالت سڌرڻ بدران ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي پيئي وڃي. هڪ قرض متاثر ته ائين پڻ ٻڌايو ته جيڪڏهن قسط پيارڻ ۾ هڪ اڌ ڏينهن بيماري يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري دير ٿئي ٿي ته اين جي او جو عملو (ملازم ) سندن گهر پهچي تذليل ڪندي به دير نٿو ڪري. ڊسپلين جون دعوائون اسان جا سماجي ادارا وڏيون ڪندا آهن، پر غريب عوام تي کين به حڪم هلائيندي مزو ٿو اچي. غريب عوام جي لڙڪن، سڏڪن ۽ آهن کي پرديسي گورن وٽ ڪيش ڪرائي پاڻ کي سندس ڀرجهلو چوندڙ انهن اين جي اوزي وڏيرن جي روين تي مونکي ٿر جي هڪ ڀلوڙ شاعر سائينداد ساند جون سٽون ٿيون ياد اچن:
تو مُنهنجي لُڙڪن کي وِڪڻِي ڪمايا ڪروڙَ،
مان ساڳيو سورن ۾، تنهنجا ٽِيڻا ٿيا ٽجوڙ.
”اٺ تڏهن ئي رڙيا پئي جڏهن ٻورا پئي سباڻا“ انهي چوڻيءَ کي ورجائيندي ورجائيندي ٿري مسڪين شروع کان ئي رڙيون ڪري رهيا هئا، ته هيل وسڪارو دير سان پيو آهي. هيل فصل سٺا نه ٿيندا ۽ سرڪار کان ٿر کي ڏڪار سٽيل ضلعو قرار ڏيڻ جي گهُر ڪري رهيا هئا، ته جيئن سندن ڍل ۽ آبياني جون وصوليون موصول نه ڪري سگهجن، ۽ کين رليف ملي. گڏوگڏ امدادي ڪڻڪ ۽ ٻيا وسيلا پيدا ڪري ڏنا وڃن ته جيئن ماروئڙا بئراجي علائقن ڏانهن مال سميت لڏپلاڻ کان بچي سگهن. پر غريبن جي ٻڌي ڪير ٿو!. انگريز سرڪار طرفان به 14 آگسٽ تائين اگر برساتون نه پونديون هيون ته فوري طور تي ٿر کي ڏڪار سڏيل قرار ڏيئي عوام جي مدد ڪئي ويندي هئي. پر هاڻي ته جمهوري حڪومت آهي، اسان انگريز سرڪار واريون ساڳيون غلامن واريون پاليسيون ڪيئن ٿا ورجائي سگهون. سو سرڪار سڳوري هاڻي مس وڃي ڪجهه ڏينهن اڳ اڃا ٿر کي ڏڪار سٽيل ڊڪليئر ڪيو آهي، پر سندس ڦٽن تي مرهم هڻڻ لاءِ ڪنهن وٽ به ڪو جوڳو حل نه آهي. ڇا اڳ سورن جي ڪمي هئي، تڪليفن جي کوٽ هئي، اڳي زخم گهٽ هئا جو وري موت جهڙي راڪاس ڪاري ڏڪار ٻيهر اچي منهن ڪڍيو آهي.
هر وقت، هر سال ساڳيا نعرا، ساڳيا دلاسا، ساڳي ئي سياست، پر سنڌ سرڪار طرفان ڪوبه عملي اپاءُ هيل تائين نه وٺجي سگهيو آهي ۽ ٿر جي ماروئڙن کي ٻيهر بئراجي علائقن جو رخ ڪرڻو پئجي ويو آهي. وري گهر ڀاتين سميت لڏا ٻڌي ڪنهن وڏيري وٽ لاباري تي پاڻ وڪامڻ لاءِ نه چاهيندي به تيار ٿيڻو پئجي ويو، وري به هنن کي پنهنجا اباڻا پڍ ڇڏڻا پئجي ويا. بئراجي علائقا جتي هنن ڏوٿيئڙن جي ننگن تي وڏيرن جي مڇ وٽائُو ڪمدارن جون گنديون عقابي نظرون هميشه ڪنهن شڪار جي ڳولا لاءِ واجهائينديون ٿيون رهن، پر ڇا ڪن اهي مسڪين مارو پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ انهن کي اهڙن امتحاني مرحلن مان به گذرڻو ٿو پوي. بئراجي علائقن ۾ محنت مزوري ڪندي، لابارو ڪندي، بي يار مددگار اهڙي سياري جي مند ۾ پڌري پٽ تي ابهم ٻارن سان گڏ جانورن جهڙي زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ٿي پون ٿا.
سرڪار وقت کي گهرجي ته سندن دردن جو ڪو مناسب حل ڳولي هنن کي مستقل بنيادن تي سهوليتون فراهم ڪري ڏئي ته جيئن هر سال مسڪين ماروئڙن کي ڪاريهر جهڙي ڏڪار جي حالت ۾ پنهنجي گذرسفر لاءِ اباڻا ڪک ڇڏي ڏور بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ نه ڪرڻي پوي.
ٿر ۾ جتي ضرورت آهي، اتي تعليم کي سنواريو ۽ سڌاريو وڃي، صحت جي باري ۾ ڪي جوڳا انتظام ڪيا وڃن. ٿر ۾ هر ٻئي سال برساتون نه پوڻ ڪري جيڪا لڏپلاڻ ٿئي ٿي، ان کي روڪڻ لاءِ ڪي متبادل اُپاءَ ورتا وڃن، ٿر جي ترقيءَ لاءِ ڪي منصوبا جوڙيا وڃن ۽ ٻاهرين ملندڙ امداد ٿري ماروئڙن جي فلاح و بهبود تي خرچ ڪئي وڃي ۽ پِن تي ملندڙ امداد جهڙي موذي مرض کان ٿري ماروئڙن کي بچائي، ان پئسي مان ٿر جي ترقيءَ جا ڪي منصوبا جوڙيا وڃن، ته جيئن روزگار جا ذريعا پيدا ٿين ۽ ٿر جا بيروزگار نوجوان روزگار سان لڳي سگهن.