ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

ڪاروڪاري، تيز ڪهاڙيون ۽ عورت

ڪاروڪاري، تيز ڪهاڙيون ۽ عورت

ڪاروڪاري...!ڪيڏو نه ڪڌو لفظ آهي، جنهن کي زبان تي آڻڻ سان ئي ڪراهت ٿي ٿئي پر اسان جا ماڻهو ڪاروڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ورثو سمجهي ان سان ساٿ نڀائي رهيا آهن. ڪنهن ڪمزور وجود مٿان اهي پنهنجا ڳرا بت ڪيرائي، حيوانيت جون حدون اوررانگهي ڪنهن معصوم جي ساهه جي ڏوري ٽوڙي پنهنجو پاڻ کي غيرتمند سڏائي خوشي جا جام اوتن ٿا ۽ ڪمزور بيجان بت کي ڪاري ڪوٺي معاشري ۾ مرتبو ماڻين ٿا. ڪنهن نياڻي جي ننگ کي ننگو ڪري سندن لٽا ليڙون ڪري پنهنجي حوس جو پورائو ڪري سندن وجود جي قيمت لڳائن ٿا. اهي اسان جا وڏيرا ڪنهن هيڻي جسم کي پنهنجي شام رنگين ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري، سندس جسم کي ميري ڪاغذ جيان مروڙي ساهه جون تندون ڇيهون ڪري جهان ۾ جس لهڻن ٿا. اسان جا جاگيردار ذاتي دشمني جو نشانو عورت کي بڻائي لٽا ليڙون ڪري ڪاري ڪري مارڻ واري روايت کي برقرار رکندا پيا اچن. مطلب ته جاگيردار هجي يا زميندار، وڏيرو هجي يا ڪمدار پنهنجي اصول کي برقرار رکندي سنڌ جي ساک کي نفرتن جي ٽياس تي ٽنگي پنهنجو پاڻ کي عقل ڪُل سڏائي خوش ٿي رهيا آهن ۽ اهڙن ماڻهن کي قانون به رعايت ڏيئي رهيو آهي.
ڇا ڪنهن جا جاندار جسم سان ائين رانديڪن وانگي کيڏي آخر ۾ ڪچرو سمجهي اڇلائڻ کي غيرت چئبو آهي؟ يا ڇا ڪنهن عورت جي اڱڻ ڏانهن ڪنهن مرد جا پير ڏسي ان عورت کي ڪاري ڪري سندن ساهه کي سوگهو ڪرڻ کي غيرت چئبو آهي؟ يا ڇا ڪنهن معصوم کي پنهنجي جيون ساٿي جا خواب لهندي ڏسي هميشه لاءِ خواب ڏسڻ کان محروم ڪرڻ کي غيرت سڏبو آهي يا ڇا ڪنهن عورت کي ڪنهن سان جذبات اوريندوڏسي هميشه لاءِ جذبا،ڪچلي ڇڏڻ کي غيرت سڏبو آهي.
دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي، دنيا جي ٻن ملڪن ۾ عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ته ڪي مردن کان اڳتي نڪري وڃڻ واري ڊوڙ ۾ آهن پر هڪ اسان آهيون جيڪو اڃا تائين پراڻين رسمن کي ئي ڀوڳي رهيا آهيون ۽ عورت کي صرف برتن ڌوئڻ ۽ بورچيخاني تائين محدود ڪري ويٺا آهيون. عورتن کي صرف مردن جون جتيون صاف ڪرائڻ خاطر سندن جذبن کي ڪچلي رهيا آهيون. اسان جي ملڪ ۾ جيڪي عورتن جي حقن واريون اين جي اوز آهن، سي صرف عورتن جي حقن جي آڙ ۾ ٻاهريان فنڊ ڦٻائڻ کي ئي فرض سمجهن ٿيون باقي عملي ڪم ڪرڻ انهن کان پهچي ئي ڪو نه، ويچاريون عورتون جيڪي انهن بي رحم ماڻهن اڳيان قرباني جو ٻڪرو بڻجي رهيون آهن، پر اين جي ا وز ڪجهه عملي ڪرڻ ڪرڻ بجاءِ آرامده گاڏين ۽ ايئرڪنڊيشنر ڪمرن ۾ ويهي صرف ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪرڻ کي ئي ترجيح ڏئي رهيون آهن. عورتون جيڪي ظلم جي صليب تي ٽنگجي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيون آهن، پر اين جي اوز آفيسر جيڪي عورتن جي ڀلائي جي آڙ ۾ صرف پنهنجي پيٽ ڀرڻ کي ئي ترجيح ڏئي رهيا آهن.
عورتن سان ظلم مٿان ظلم ٿي رهيا آهن، پر ڪير ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي. عورت جنهن جي جسم سان ائين رانديڪن وانگر کيڏيو ٿو وڃي پر ڪير ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي،عورت جنهن جي ڪومل بدن تي ڪيترائي اميرزاده حوس جي مهر لڳائي پنهنجي خواهش پوري ڪندا ٿا وتن، پر تن تي ڪير به آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي. عورت جنهن کي ڪڏهن ذاتي دشمني عيوض حوس جو نشانو بڻائي ڪاري ڪري ماريو ٿو وڃي ته ڪڏهن وري شوق جي پورائي لاءِ اسان جا وڏيرا عورت جي چادر کي چند سڪن جي ساهمي ۾ تورين ٿا ته ڪڏهن وري ڪنهن ڪنواري ڪنيا مان لذت وٺي سندس وجود جي قيمت لڳائن ٿا. مطلب ته عورت سان ڏاڍائي ٿيندي پئي آئي آهي، پوءِ اهو ڪاروڪاري جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن ٻي طريقي، هر بنياد تي عورت کي نشانو بڻايو ويو آهي. پوءِ جيڪر ڪو غريب غيرتمند انسان ان خلاف ڪو قدم کڻي ٿو ته هنن وڏيرن اميرزادن جا ڊگها هٿ پئسي جي زور تي قانون جي قلم کي به موڙي پنهنجي حق ۾ فيصلو ڏيارڻ تي مجبور ڪن ٿا.
اسان کي اهو سوچڻ سمجهڻ گهرجي ته اها عورت آهي جنهن ماءُ جي روپ ۾ پنهنجي اندر جي پڌر مان دودي سومري، هوشوشيدي ۽ هيمون ڪالائي جهڙن ڪونڌرن جا تحفا پئي ڏنا آهن. اها عورت ئي آهي جنهن امڙ جي روپ ۾ اسان سڀني کي نو(9) مهينا گرڀ ۾ سانڍي ممتا جو ثبوت پئي ڏنو آهي.اها عورت ئي آهي، جنهن امان جي روپ ۾ پنهنجي ڇاتي مان پيار جي ڌارا (Milk) وهائي مردن جي بازوئن ۾ طاقت ڀري هڪ ذميوار ماءُ جو ثبوت پئي ڏنو آهي. اها عورت ئي آهي، جنهن زال جي حيثيت ۾ مڙس جي خدمت پئي ڪندي آئي آهي. اها عورت ئي آهي جنهن ڀيڻ جي ر وپ ۾ ڀاءُ جي ٻانهن ۾ راکي ٻڌي ڀاءُ جي وڏي عمر لاءِ دعائون گهرندي رڪشا ٻنڌڻ تهوار جو تسلسل قائم رکندي پئي اچي ته پوءِ ان ساڳي ماءُ، زال، ڀيڻ کي پنهنجن هٿن سان ڪاري ڪري مارڻ وڏي بي حيائي چئبي.
عورت جنهن جي عزت سان ائين مذاق ڪرڻ کان پهرين سوچيو ته هي به ڪنهن جي ماءُ ڀيڻ آهي هن جي به ڪا عزت آهي. هن جي اندر ۾ به هڪ انسان ويٺل آهي، هن جا به ڪي جذبات آهن. جن کي ائين ڪچلڻ اسان کي جڳائي نٿو!ڪا عورت جيڪر پنهنجا جذبا ڪنهن سان شيئر(Share) ڪرڻ چاهي ٿي ته ان ۾ خراب ڪم ڪهڙو ٿي ڪري؟آخر هن جي به ڪا مرضي آهي. هن جا به ڪي احساس آهن، هن جون به ڪي خواهشون آهن. جيڪڏهن هو ڪنهن کي پسند ڪري پنهنجو جيون ساٿي بڻائڻ چاهي ٿي ته ان ۾ هو برائي ڪهڙي ٿي ڪري؟آخر هو به هڪ عاقل ۽ سمجهدار آهي. هن جا جذبا دٻائي ڪاري ڪري سندس ڪنڌ تي ڪاتي وهائڻ مان ڪهڙو مطلب؟ جيڪڏهن هو سمجهداري کان ڪم وٺندي ڪنهن سان پيار جي پويتر ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي ته پوءِ پاڻ ڪير ٿيندا آهيون هن جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ وارا؟ اسان جي ملڪ ۾ ٺهيل عورتن جي تنظيمن کي ڀلائي لاءِ پروگرام ڪرائن، عورتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ انهن ۾ شعور پيدا ڪن، ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڏئي انهن کي اڳتي اچڻ لاءِ همٿائن ۽ مردن کي اهو احساس ڏيارين ته عورت به هڪ زندهه مخلوق آهي. هن جا به جذبا، ڪي احساس آهن. عورت مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهانت جي مالڪ آهي. اها عورت جيڪا مردن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيڪو سڀني مردن کي تسليم ڪرڻو پوندو جيڪا هڪ اٽل حقيقت آهي.

روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد 4، جولاءِ 2001