ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

ايءُ پڻ چڱو ڪم . . .

ايءُ پڻ چڱو ڪم . . .

جهڙيءَ طرح پتل کي ڪيڏو به تراشيو وڃي، پر اها سون ٿي نه ٿو سگهي، ائين ڪنهن به شيءِ، ماڻهو يا شخصيت کي بناوٽي طور ڪيڏو به مصنوعي مصالحن سان مهان بڻايو وڃي، پر حقيقت ۾ اهو وري به تِڇ ئي وڃي بيهندو. اسان جي معاشري ۾ ائين ئي هميشه ادارن بدران شخصيتن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي ۽ انهيءَ شخصيت جي اردگرد درٻارين جي ٽولي قصيده گوئيءَ جي اهڙي رٽ لڳائي ڏيندي ۽ هروڀرو انهي شخصيت کي باور ڪرايو ويندو ته بس اهو ڪم ۽ ادارو بس سندس جي ڪري ئي هلي رهيو آهي. جيڪڏهن سائينجن هيڏانهن هوڏانهن ٿي پيا ته اهو ادارو ڊهي پٽ پئجي ويندو. اصل ۾ اهي ماڻهو انهي شخص جا مخلص دوست نه، پر گهرا دشمن هوندا آهن. اسان کي هميشه ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي نه ڪي ڪنهن شخص جي واکاڻ. پر هر سٺي ڪم جي واکاڻ ضرور ڪرڻ گهرجي. اسان کي غير ضروري قصيده گوئيءَ کان ڪم نه وٺڻ گهرجي ۽ غلط ڪم جي هميشه نشاندهي ڪرڻ پنهنجو فرض ڄاڻجي. تنقيد ڪرڻ گهرجي. اها هڪ اصلاح آهي نه ڪا برائي.
منهنجي گذريل ڪالم تي ڪجهه دوستن پاران ناراضگيءَ جو اظهار پڻ ڪيو ويو هو، پر منهنجيءَ نظر ۾ جيڪڏهن هڪ سوشل ورڪر، جنهن وٽ جائز تنقيد برداشت ڪرڻ جي سگهه نه هجي، ته هُن مان عملي ڪم جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟!
ڪٿي پڙهيو هئم ته هڪ سماجي تنظيم پاران عورتن جو هڪ وڏو ميڙاڪو ڪوٺايو ويو هو، جنهن ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڳڙهي خدا بخش خان ڀُٽو ۾ ڪنهن ميڙاڪي ۾ گڏ ٿيل عورتن جي تعداد کان پڻ سندن پاران ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ هو. هڪڙو سوال ته ڇا وڏا ميڙاڪا ڪوٺائڻ يا ماڻهن جي ڪنهن وڏي مجموعي کي گڏ ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه آهي ڇا؟ خير انهي ميڙاڪي ۾ ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل عورتن انتهائي بردباري سان پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ مذڪوره ميڙاڪي کي اين جي اوز جي دنيا جي ناليوارين شخصيتن پڻ خطاب ڪيو. انهيءَ تقريب ۾ وڏا وعدا وچن ۽ ڊگها خطاب ڪيا ويا ۽ روشن راهن ۽ ترقيءَ جا سبز باغ پڻ ڏيکاريا ويا. پر اسان سڀني کي خبر آهي ته انهيءَ تقريب جي فوٽو سيشن تي اهي اين جي اوزي ڀوتار وري انهن ئي معصوم نياڻين جي ڏکن، ڏاکڙن ۽ محرومين کي انگريز گورن وٽ ڊالرن عيوض وڪڻي، بجيٽون کانئن وٺندا آهن. انهن پاران جيڪو عملي ڪم ڪيو ويو آهي، يا اُهي صاحب ڪري رهيا آهن، سو ته سڀ اسان جي سامهون آهي. باقي تقريب ته انتهائي ڀلي ٿي هئي. تاڙين جي گونج ۾ انهيءَ تقريب جي پڄاڻي ٿي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم سان وڃي لڳو. پر ٻئي طرف صرف هڪڙو ننڍڙو سوال هر ذهن ۾ اڀريو آهي، جيڪو يقينن جواب طلب آهي ته، ڇا ان نوعيت جون وڏيون تقريبون ڪوٺائڻ ۽ سيمينار ڪرائڻ سان عورتن جا مسئلا ٿي ويا آهن؟ ڇا ان تقريب کان پوءِ هڪ به ڪارو ڪاريءَ جو ڪيس سامهون نه آيو آهي؟ ڇا هاڻي ڪا به نياڻي سڱ چٽيءَ طور نٿي ڏني وڃي؟ ڇا ڪو معصوم وجود سام طور ڪنهن مڇ وٽائو ڀوتار حوالي ڪرڻ جو سلسلو بند ٿي ويو آهي؟
اهي سمورا بنيادي مسئلا آهن، جيڪي پنهنجي حل لاءِ ڪنهن صاحبِ منصف وٽ انصاف جي تارازيءَ کي تڪيندا رهن ٿا. انهن مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ انهن اين جي اوز ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ انهيءَ ڏاڍ ۽ جبر خلاف انهن جو ڪردار ڪهڙو رهيو آهي ۽ اڄ تائين انهن ڪيترين نياڻين جي حياتين کي نفرت جي باهه ۾ سڙڻ کان بچايو آهي؟ رڳو ايئرڪنڊيشنڊ هالن ۾ ڪيل تقريبن ۽ خوشبوءِ سان واسيل لگزري ڪمرن ۾ ويهي عورتن جي حقن بابت جاکوڙيندڙ سوشل ورڪرن جي ڪارڪردگيءَ کان هاڻي سنڌ جو عوام به چڱيءَ ريت واقف ٿي چڪو آهي.
جنهن معاشري ۾ پناهه لاءِ ٿاڻي تي پهتل عورتن سان به زيادتيون ٿينديون هجن ۽ سرڪاري درالامان ۾ مظلوم عورتن جو زندگيون محفوظ نه رهن، عزت جا رکوالا جڏهن بي عزتيون ڪرڻ تي لهي اچن؛ جتي جي پناهه گاهن ۾ حياتين جي حُسن جو ‘تين وال’ ٿئي؛ جتي عزت، نفس ۽ پيار جو سودو نياڻين جي سڱ چٽين جي عيوض ٿيندو هجي؛ جتي پيار ڪرڻ جي بدلي ڪاروڪاريءَ جون تهمتون لڳنديون هجن ۽ محبت ڪرڻ تي حسين حياتيون ڪوڙي انا ۽ بدلي جي باهه جي ٽياس تي ٽنگجنديون رهن، ته پوءِ ان معاشري کي ترقيءَ جي ڪهڙي راهه تي بيٺل چئي سگهجي ٿو.
ٻئي طرف عورتن جي حقن جي تحفظ وارا نعرا هڻندڙ اسان جي سول سوسائٽيءَ جا ميمبر ادارا، عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ جوڙيل تنظيمون ۽ ڪيتريون سَکڻيون ڪاغذي اين جي اوز پڻ ان معاملي تي ڪو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ صرف اي سي ڪمرن ۾ ويهي ٺلهيون تقريرون ۽ پريس ڪانفرنسون ڪرڻ ۽ سٺي ميڊيا ڪوريج لاءِ فوٽو سيشن تائين محدود رهيون آهن. روزانو اخباري صفحن تي پنهنجن ئي هٿان پنهنجن سان ٿيل زيادتين جو ذڪر ۽ محبت جي بدلي ۾ ملندڙ موت ۽ رت هاڻا جسم ڏسي جيءَ جهُري ٿو پوي ۽ مون سميت سوين اهل دل انسانن جي صبر جو پيمانو، لب ريز ٿي لڙڪ بڻجي اکين جا بند ٽوڙي ٿو وجهي ۽ دل روئي ٿي پوي.
ڪن جو خيال آهي ته اسان جي ليکڪن کي هروڀرو اجائي تنقيد ڪرڻ جي روش آهي. جيڪي سٺي ڪم مان به برائي جا ڪنڊا ڪڍندا ٿا وتن. منهنجي خيال ۾ اگر هو ڪو ڪم ڪن ٿا ته ڪو اسان جي معاشري تي ٿورو نٿا ڪن. اها سندن ذميواري آهي، جيڪا اهي پوري ڪن ٿا، جنهن عيوض اهي ڳريون پگهارون ۽ سهوليتون حاصل ڪن ٿا. سو انهن جي انهي ڪيل ڪم تي اهي جس لهڻن، باقي قصيده گوئي ڪرڻ جي ته ڪا ضرورت ڪانهي. جيڪو ڪم هُو نٿا ڪن، ۽ سندن فرض ۾ شامل ٿئي ٿو، سو ته کين ڪرڻو آهي ۽ سندن ذميواري آهي، ۽ مٿن تنقيد ڪرڻ سول سوسائٽيءَ جي هر فرد جو حق به آهي. پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، پر تنقيد اصلاح جو هڪ پهلو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي انتهائي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي.
ٿر ۾ هڪ چوڻي آهي ته:
”جِڪي رِي کائجي ٻاجهِري، اُئي رِي ڀرجي حاجري“
سو انهي چوڻي ته به عمل ڪرڻ وارا کوڙ آهن جيڪي ويچارا پنهنجي قلمي پورهئي عيوض انهن ادارن کان پنهنجي پورهئي جو پورو پورو اجورو به حاصل ڪن ٿا ته اها سندن مرضي آهي باقي قلم سان سچائي ناهي.
آخر ۾ اولهه جي طرز عمل تي هلندي پنهنجي ئي ثقافت کي وساري ويهندڙ فرينچ ڪٽ سوٽيڊ بوٽيڊ شهري بابو جيڪي پاڻ کي سوشل ورڪر ٿا سڏائين جن کان ظلم جي ماريل انهي سڀني نياڻين جو نماڻا نيڻ کڻي هڪ اجتماعي سوال آهي ته سندس لڙڪن تي ڪمايل ڏوڪڙن تي توهان جو اي.سي ڪمرن، پيجرو گاڏين ۽ جهازن ۾ سفر ڪرڻ، ڊالرن ۾ پگهارون وٺڻ ۽ ڪيمخواب جي بسترن تي سمهڻ جائز آهي؟ ڪڏهن پنهنجو پاڻ پنهنجي ضمير کي جنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهي آرائشون جيڪي اهي استعمال ڪري رهيا آهن، سي ان عوام جي ڀلائيءَ جي بدلي ۾ کين ملن ٿيون، پر اهو عوام سدائين ظلم جي ٽياس تي ٽنگيل رهيو آهي. سندس عزتون اڄ به سرعام لٽجن ٿيون ۽ توهان انهن لاءِ ٺلهي لفاظي، رنگين بروشرز، وڏين تقريرن ۽ پيپر ورڪ جي باقي ڪجهه به ناهي ڪيو. . . !!

(روزانو عبرت حيدرآباد،
اڱارو 27، اپريل 2010)