ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

پاڻيءَ منجهه پساهه. . .

پاڻيءَ منجهه پساهه. . .

سنڌ صوبي جو وارياسو خطو ٿر هڪ اهڙو علائقو، جنهن جو ذڪر ڪرڻ سان ئي پاڻي جي تلاش ۾ ڪوشان ان ٿري ناري جو درد ذهن تي تري ٿو اچي. جيڪا صبح شام ٻيلهڙي سان پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي ڍڪ جي ڳولا ۾ ڪوهين ڏور وارياسا پيچرا لتاڙيندي ٿي رهي. ٿر جي ناري ۽ ٻيلهڙي جو سنگم ڪنهن شاعر لاءِ ڀلين ڪنهن غزل جون سٽون فراهم ڪندو هجي يا پاڻهاري جي سر ٻيلهڙي جو منظر ڀلين ڪنهن حسن پرست کي دلڪش نظارو لڳندو هجي يا سندس نازڪ چيلهه جي لوڏ ڀلين ڪنهن عاشق جي دل جي دروازي تي محبت جي دستڪ ڏيندي هجي. پر جيڪا پيڙاهه ۽ درد هن جي دل ۾ هجي ٿو تنهن جو ماپو هي مطلب پرست دنيا ڪنهن به طور تي لڳائي نه ٿي سگهي. پاڻي ڍڪ جي تلاش ۾ نڪتل ان ناري جي ڦاٽل پوتي ۽ پٿون ٿيل پيرن تي شايد ئي ڪنهن جي نظر پهتي هجي ۽ سندس درد کي محسوس ڪيو هجي. پاڻي جي ڳولا ۾ کنيل هن جي هڪ هڪ قدم جي آهٽ ۾ هڪ ڪرڀ ڀريو داستان لڪل هجي ٿو ته ايڪويهين صدي جي جديد دور ۾ به ٿر هڪ اهڙو بدنصيب خطو آهي جتي زندگي اڄ به پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهي.
پاڻي خدا جي نعمت به آهي ته انسان جو بنيادي حق به آهي. انسان کاڌي کان سواءِ ٽن ڏينهن تائين زندهه رهي سگهي ٿو پر پاڻي کان سواءِ هڪ ڏينهن به گذارو ڪرڻ مشڪل آهي. پاڻي تي ڪم ڪندڙ ٿر جي هڪ سماجي تنظيم “اويئر” پاران گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق هن وقت دنيا ۾ 88 ڪروڙ 40 لک ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن ۽ 80 سيڪڙو بيماريون پيئڻ جي پاڻي جي صاف نه هئڻ جي ڪري ٿين ٿيون. صاف پاڻي نه پيئڻ جي باعث دنيا ۾ هر 20 سيڪنڊ بعد هڪ ٻار جو موت ٿئي ٿو جيڪو پاڪستان سميت پوري دنيا لاءِ انتهائي افسوس جو مقام آهي. رپورٽ مطابق 2025ع ۾ دنيا جي 30 سيڪڙو ماڻهن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي انتهائي وڏو مسئلو بڻجي پوندو. جنهن جو وڏو سبب دنيا ۾ موجود پاڻي جو 97 سيڪڙو پاڻي سمنڊ جو کارو پاڻي آهي، 2 سيڪڙو پاڻي برفاني پهاڙن ۽ زير زمين ۾ موجود آهي ۽ صرف هڪ سيڪڙو تازو ۽ صاف پاڻي انسان لاءِ مهيا آهي، جيڪو پڻ دنيا جي وڌندڙ آبادي ۽ موسمي تبديلين جي ڪري گهٽجندو پيو وڃي ۽ مستقبل ۾ انسانن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي هڪ وڏو چئلينج هوندو.
هونئن ته سموري پاڪستان ۾ ئي پيئڻ جي صاف پاڻي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي پر اسين صرف صوبي سنڌ جي وارياسي خطي ٿر کي نهارينداسين ته اتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي صورتحال انتهائي ڪرڀناڪ آهي. هتان جا رهواسي پاڻي جي صورت ۾ زهر پي رهيا آهن، پاڻي جي نالي تي اهي پنهنجي لاءِ مفت موت جو سامان گڏ رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو هر سال يا هر ٻئي سال ايندڙ ڏڪار جي ڪري ٿر ۾ پاڻي جو وڏو ذريعو زير زمين پاڻي يعني کوهن ذريعي حاصل ٿيندڙ پاڻي آهي ۽ ٿر جي زير زمين پاڻي ۾ فلورائيڊ جو مقدار تمام گهڻو هجڻ ڪري ڪيترن ئي انساني حياتين جي صحت داءُ تي لڳل آهي. هڪ اندازي مطابق ٿر جي زير زمين پاڻِي جو 89 سيڪڙو پاڻي ناقابل استعمال آهي. صحت جي عالمي اداري مطابق پاڻي ۾ نمڪيات جي حد 1500 پي.پي.ايم مقرر ڪيل آهي پر اهو ٻڌي حيراني ٿيندي ته ٿر جا ماڻهو 5000 پي.پي.ايم وارو پاڻي پڻ استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو پنهنجي پاڻ لاءِ موت جو سامان گڏ ڪرڻ جي برابر آهي. صحت جي عالمي اداري جي مطابق هڪ ليٽر پاڻي ۾ جيڪر فلورائيڊ جو تعداد 1.5 ملي گرام کان وڌيڪ هجي ته اهو انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي. فلورائيڊ جي وڌيڪ مقدار هئڻ جي صورت ۾ ڏندن، هڏن، گلي ۽ بڪين جو بيماريون جنم وٺن ٿيون.
دنيا جي وڌندڙ آبادي سان گڏ پاڻي جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ گهرج ۽ صاف پاڻي جو مقدار گهٽ ٿيڻ جي ڪري مستقبل ۾ انسان لاءِ پيئڻ جو پاڻي هڪ وڏو مسئلو آهي. جنهن تي دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڳڻتي ۾ ورتل آهي ۽ پنهنجي طور پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ سميت مختلف وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن، ڇو جو مستقبل ۾ پاڻي کي تيل تصور ڪيو پيو وڃي مطلب مسقبل ۾ جنهن ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيرا تمام گهڻا هوندا اهو ئي ملڪ خوشحال تصور ڪيو ويندو. چين، انڊيا سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا رهيا آهن. پاڪستان ۾ وري ڊيم ٺاهڻ هڪ تڪراري مسئلو رهيو آهي، خاص ڪري ڪالاباغ ڊيم جيڪو ننڍن صوبن جي شديد تحفظات جي ڪري مختلف وقت جي حڪومتن جي ڪيترين ڪوششن جي باوجود نه ٺهي سگهيو آهي. هاڻي ته ڪالاباغ ڊيم معاشي يا اقتصادي اشو گهٽ پر سياسي اشو جي حيثيت وڌيڪ اختيار ڪري ويو آهي ۽ ڪجهه سياسي پارٽيون ته انهي ڊيم کي ٺاهڻ جو نعرو لڳائي ووٽ وٺن ٿيون ته ڪي وري انهي منصوبي جي شديد مخالفت جي ڪري عوام ۾ سرهائي حاصل ڪن ٿيون جيڪو انتهائي غلط عمل آهي. هئڻ ايئن گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن ڊيم تي سڀني صوبن جو اتفاق راءِ ناهي ته انهي منصوبي کي ڇڏي ڪري باقي ڊيم اتفاق راءِ سان ٺاهيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ پاڻي کي جمع ڪرڻ جي رٿابندي ٿي سگهي.
اڄڪلهه دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ زير زمين حاصل ٿيندڙ کاري پاڻي کي هڪ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي مٺو ڪري پيئڻ لائق بڻايو پيو وڃي. انهي ٽيڪنالاجي جي ذريعي تازو ڪجهه سال پهرين حڪومت سنڌ ۽ هڪ غير سرڪاري تنظيم “اويئر” پاران ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي ڪجهه شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جر جي پاڻي کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنڪ سان آراسته Reverse Osmosis (water desalination) Plant (رِورس آسموسِس ــ واٽر ڊيسيلينيشن پلانٽ) لڳايا ويا آهن. جنهن جي ذريعي ٿر جي ڪيترن ڳوٺن کي صاف پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي. اهي پلانٽ ڪيتري capacity جا هجڻ کپن، ڪٿي لڳڻ کپن، هلائڻ لاءِ وسيلا ڪٿان اچن، مانيٽرنگ پاليسي ڪهڙي هجڻ کپي ۽ اتان جي ڳوٺاڻن کي انهن پلانٽس جي مالڪي ڏيڻ سميت ٻيا اهڙا کوڙ سارا پاسا آهن جن تي حڪومت، چونڊيل نمائنده، سول سوسائٽي، سماجي تنظيمن سميت مختلف عوامي ڌريون گڏجي ويهي بحث مباحثو ڪري ڪا نه ڪا درست سمت تعين ڪري سگهن ٿيون. پر ٿر جهڙي وارياسي علائقي جتي ڏڪاري حالتن ۾ برساتي پاڻي جو نه هجڻ ۽ زير زمين جو پاڻِي ناقابل استعمال هئڻ ڪري آر.او پلانٽس جي ٽيڪنالاجي انتهائي ڪارآمد آهي. تنهنڪري وقت جي حڪومت کي گهرجي ته ٿر جي آبادي جي مڪمل سروي ڪري ميرٽ جي بنياد تي وڌيڪ ٻين ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ترجيحاتي بنيادن تي گهرج ۽ آبادي مطابق اهڙا آر.او پلانٽ لڳايا وڃن ان سان گڏوگڏ برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪري صاف ۽ پيئڻ لائق بڻائڻ سميت ٻيا متبادل ذريعا ڳوليا وڃن ته جيئن ٿر جي وڌ کان وڌ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿي سگهي جيڪو سندن بنيادي حق آهي.

(روزانه مقدو ڪراچي،
اڱارو 19، جولاءِ 2011)