اڄ جو نوجوان
هر قوم جون پنهنجي نوجوان نسل سان اُميدون وابسته هونديون آهن. اڄ جو نوجوان سڀاڻي جو آئيندو آهي. ان جي ڪلهن تي ملڪ جي ترقي ۽ ڪاميابيءَ جو بار آهي، ته هُو پنهنجي دانسته صلاحيتن سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو. نوجوانن جي ئي علمي قابليت ۽ ذهانت جي بدولت اسان جو ملڪ سائنس، سياست، معاشيات، علم ۽ ادب جي کيتر ۾ نيون راهون هموار ڪندو ۽ ترقيءَ جا هماليه سَر ڪندو. ان سڄي اميدن جي آبياريءَ لاءِ ان کي ڇا ڪرڻ کپي، ڪيتري محنت ڪرڻ کپي، انهيءَ تناسب ۾ ڏسجي ته اڄ اسان جو نوجوان نسل ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ ان جو خواب (vision) ڇا آهي؟ هُو ڇا ٿو ڪرڻ چاهي؟ امير مائٽن جو عياش نوجوان جيئڻ جا ڪهڙا گس ڳولي رهيو آهي؟ پنهنجي آس پاس جي ماحول ۽ مسقبل کان بي نياز اسان جو نوجوان طبقو ڪهڙيءَ دنيا ۾ گم آهي؟
چون ٿا ته مايوسي ڪفر آهي، پر جڏهن آئون ٿورڙي نظر اڄ جي نوجوان تي ڦيرايان ٿو ته منهنجي ذهن تي عجيت ڪيفيت طاري ٿِي ٿِي وڃي ۽ آئون ٻڏتر جو شڪار ٿي ٿو وڃان، ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ اڄ جي نوجوان بيشڪ شلوار قميض بجاءِ جينز ۽ پينٽ پائڻ ته سکي ورتي آهي پر پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب کان ڏينهون ڏينهن اوپرو ٿيندو پيو وڃي، پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائڻ کي عيب سمجهندي انگريزي زبان اپنائڻ ته سکي ورتي آهي جنهن کي اڄ جي ترقي جو ڏاڪو سمجهيو وڃي ٿو، اڄ جي نوجوان اسان جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ حقه (shisha) ڇڪڻ جون روايتون به عام ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کي هُو Teen age fashion جو نانءُ ڏين ٿا، اڄ جي نوجوان جون آڱريون ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي ڪنهن ناچڻي وانگر رقص ته ضرور ڪن ٿيون پر اَسي سيڪڙو نوجوانن جو مشغلو صرف ٽائيم پاس، چيٽنگ، عجيب غريب ويب سائيٽس جي کوج هجي ٿي. اڄ جو نوجوان پنهنجي اصلي ثقافت ۽ ڪلچر کي لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي پاڻ کي برگر سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو ۽ هڪ ٻئي کي هاڻ ادا، ادي، ڀائو ڪري پڪارڻ بجاءِ هي بيبِي Hey Baby ۽ هاءِ ڊِيوڊ Hi Dude ڪري سڏڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، ڇا اهو سڀ ڪرڻ سان ئي ترقي ممڪن آهي.. . ؟؟؟؟
توهان انهي معاشري جي نوجوان مان ڪهڙي اُميد رکو ٿا، جنهن نوجوان وٽ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ بجاءِ ڪامريڊ ٿيڻ جي خواهش وڌيڪ هجي ٿي، جنهن جي هٿن ۾ ڪتابن بجاءِ T.T pistol هجي ۽ هُو فخر سان پاڻ کي اصلي ڪامريڊ سڏائي سگهي ته اهڙي نوجوان جي مستقبل مان اسان جي قوم ڪهڙيون اُميدون رکي سگهي ٿي. جتي مادر علمي ادارن ۾ ڳَڀرُو جوان ٿوري ٿوري ڳالهه تي موت جي گهاٽ لاٿا وڃن ۽ علمي ادارن کي تالا هنيا وڃن. اڄ جو نوجوان جنهن جو ٽائيم پنهنجي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ يونيورسٽي جي لائبريرين ۾ گذرڻ بجاءِ سينيئر ڪامريڊن جي صحبت ۾ جونيئر شاگردن کي تنگ ڪرڻ جا نوان گُر سکڻ ۽ کيس مختلف طريقن سان پريشان ڪرڻ، کائنس چندي جي نالي تي ڀتو وٺڻ، يونيورسٽي پوائنٽ ۾ شاگردن تي رعب رکي پنهنجي لاءِ سِيٽ مخصوص ڪرڻ ۽ هاسٽل ۾ هوشيار ۽ پڙهندڙ شاگردن جي پڙهائي ۾ خلل وجهڻ ۾ گذرندو هجي ته اهڙو نوجوان اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ ڪيترو ڪارآمد ٿي سگهي ٿو، انهي جو فيصلو ڪرڻ هروڀرو ڪو مشڪل نظر نٿو اچي. مختلف سياسي پارٽين پاران اسٽوڊنٽ يونين جي نالي تي سياست ڪري جيڪا سنڌ جي پڙهائي جي ٻيڙي ٻوڙي ويئي آهي سا ته هڪ الڳ درد ڪٿا آهي، جنهن جي نظر اسان جا ڪيترا ئي روهيڙي جي گل جهڙا ڳاڙها رتا نوجوان ٿي ويا، جنهن جي جيون جو ڏيئو جرڪڻ بجاءِ وقت کان اڳ ئي وسامي ويو. شاگرد يونين جي حق ۾ آئون به آهيان جو انهي سان شاگردن ۾ سياسي شعور پيدا ٿئي ٿو، سندس ذهني اوسر ٿئي ٿي. شاگرد يونين جو ڪم آهي شاگردن ۾ ٻڌي ۽ ايڪتا پيدا ڪرڻ، يونيورسٽي ڪلاسز کان علاءِ مختلف اسٽڊي سرڪل قائم ڪري اڄ جي نوجوان ۾ شعور پيدا ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جي مسئلن تي کيس آگاهه ڪرڻ، غريب ۽ مسڪين شاگردن جي مالي سهائتا ڪرڻ. پر اڄ جون شاگرد يونين جيڪو ڪجهه ڪري رهيون آهن تنهن کان هر ڪوئي چڱي ريت واقف آهي.
جيڪڏهن اڄ جي نوجوان جو پورو وقت ۽ ڌيان پڙهائي تي هجڻ بجاءِ مختلف طريقن، حربن ۽ بهانن ذريعي ڇوڪرين سان دوستيون رکڻ، ٽائيم پاس ڪرڻ، موبائل چيٽنگ ڪرڻ، موٽر سائيڪل ريسنگ ڪرڻ، شهر جي گهٽين ۾ ڇڙواڳي ڪرڻ، رات دير تائين دوستن يارن جي سنگت ۾ ويهي ڪچهريون ڪرڻ، منجهند تائين اونڌو منهن ڪري سمهڻ ۾ ئي گذري وڃي ته هن وٽ باقي ڪمائتيون ۽ وقتائتيون ڳالهيون سوچڻ ۽ سمجهڻ جو ٽائيم ئي ڪٿي ٿو بچي جو هُو ويهي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي سٺي مستقبل لاءِ وقف ڪري!. هُو ڏينهن رات هڪ ڪري، نيڻن مان ننڊ اڏائي، ڪتابن ۾ منهن وجهي ڪنهن هوشيار شاگرد جيان پڙهي ڇو پنهنجو ٽائيم وڃائي، پاس ته هُو بغير محنت جي ڪامريڊ زنده باد جي نعري سان به ٿي ويندو، پوءِ کڻي ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿئي يا هڪ اڌ سپلي لڳي مڙيئي خير آهي، ڳوٺ ۾ محنت ڪري کيس پئسا اماڻيندڙ ۽ سندس سونهري مستقبل جي آس رکندڙ غريب مائٽن کي ستن اٺن سالن ۾ هڪ انڌي منڊي ڊگري هٿ ۾ ڏيئي پاڻ تان اڻپڙهيل هئڻ جو داڳ لاهي ڇڏبو. پوءِ وري ملڪ جي گريجيويٽ ۽ پوسٽ گريجويٽ نوجوانن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرائي اهو نعرو هڻي مٿو پٽبو ته پڙهيل لکيل نوجوانن سان حڪومت جي ٻه اکيائي، پڙهيل لکيل نوجوان بي روزگاري واري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ۽ ٻيا کوڙ سارا نوان ۽ تازا توانا نعرا ايجاد ڪري حڪومت وقت جي در تي دهل پيو وڄائبو يا کڻي ڪنهن پير مرشد، وڏيري يا ڀوتار سائين جا پير جهلبا ۽ ميرٽ جي سرعام لتاڙ ڪري وڃي ڪا نوڪري هٿ ڪري قوم ۽ ملڪ جي خدمت جو ٺيڪو کڻبو.
خدارا! ڪجهه ته هوش کان ڪم وٺو ۽ ملڪ جي حالاتن کي ڏسندي اکيون کوليو. هي وقت آهي پنهنجو پاڻ کي سنڀالي وٺو ۽ ڏينهن رات محنت ڪري پڙهائي ۾ دل لڳايو جو هن ڌرتي جو ڪيتريون ئي اميدون توهان سان وابسته آهن، اسان جي قوم کي پڙهيل لکيل معاشري ۽ قابل نوجوانن جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي ڪاوش ۽ جدوجهد سان ملڪ کي درپيش مئسلن کي حوصلي سان منهن ڏيئي ترقي جون راهون هموار ڪري سگهن ۽ اهو سڀ تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان جي نوجوان ۾ شعور هوندو ۽ شعور هميشه تعليم جي زيور سان اچي سگهي ٿو. تعليم ئي هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان هر مشڪل کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. حڪومتِ وقت کي به جڳائي ٿو ته هُو تعليم جي شعبي تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيئي پنهنجي تعليمي پاليسي تي نظر ثاني ڪري ۽ ان کي جٽادار بڻائي پوري ملڪ لاءِ هڪ ئي تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ بجيٽ ۾ پڻ تعليم لاءِ وڌ ۾ وڌ فنڊ رکي سڀني لاءِ تعليم قابل حاصلات بڻائي وڃي ۽ نوجوان جي ذهني اوسر ڪئي وڃي ته جيئن هُو پنهنجي بُري ڀَلي، غلط ۽ صحيح جي پرک ڪري سگهن ۽ نوجوانن تي به لازمي ٿئي ٿو ته هُو پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ علم ۽ شعور حاصل ڪرڻ ۾ وقف ڪن ۽ پنهنجي قابليت وڌ کان وڌ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ وقف ڪن.
(روزانو عبرت حيدرآباد،
آچر 23، مئي 2010)