ڪالم / مضمون

تون چوء مَه ڪُڇان

نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
Title Cover of book تون چوء مَه ڪُڇان

بِنت حوا سان ٿيندڙ ظلم

بِنت حوا سان ٿيندڙ ظلم

چون ٿا ته هڪ ڪامياب مرد جي ترقي ۾ عورت جو ڪردار هوندو آهي. انهي کي پاڻ ڀلين ڪا چوڻي ئي تصور ڪريون، پر سچ پچ سندس ڪردار ۽ عمل جي باعث عورت جو مرتبو انتهائي اعليٰ آهي. عورت ڪڏهن ماءُ بڻجي مرد کي نپايو آهي، ته ڪڏهن ڀيڻ بڻجي ڀاءُ جي ڪلائي تي راکي ٻڌي سندس وڏي عمر جو دعائون ڪيون آهن، عورت ڪڏهن محبوبه جي روپ ۾ مرد جي شاعري ۽ ڪلپنا جي تڪميل جي ساڀيان ڪئي آهي ته ڪڏهن زال بڻجي مرد جو جيون ڀر ڏک توڙي سک ۾ ساٿ نڀاهيو آهي. پر اسان وٽ مرداڻي سماج جي سلطنت جي چوديواري ۾ عورت جي آواز کي هميشه دٻايو ويو آهي، کيس ڪا ”شيءَ“ يا تفريع جو سامان سمجهي وقت پوڻ تي استعمال ڪري وري ساڻس غلامن جهڙو سلوڪ ڪيو پئي ويو آهي. ڪيترن ئي اوچين حويلين جي چوديوارين اندر نه ڄاڻ ڪيترن ئي معصوم ۽ نازڪ جوانين جي آهَن ۽ سِسڪين ڦٽڪي ڦٽڪي دم ٽوڙيو آهي پر سندس آهنگ (آواز) کي چوديواري ٽپڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويئي آهي. نه ڄاڻ ڪيترن ئي مڇ وٽائو ڀوتارن انهن روهيڙي جهڙين ڳاڙهين رتين جوانين کي پنهنجي حوس جي ٽياس تي ٽنگي سندس زندگي کي تين وال ڪري پنهنجي مردانگي جي نمائش پئي ڪئي آهي.
عورت اوچي حويلي جي اوٽ ۾ هجي يا وري شهر جي پڙهي لکي ماحول ۾، هن سدائين ڀوڳيو آهي. پوءِ ڪڏهن ڪاروڪاري جي نالي تي، ته ڪڏهن وري لالچي پيءَ پاران پئسن عيوضن پنهنجي عمر کان وڏي مرد سان شادي ڪرائڻ جي صورت ۾، ڪڏهن ڀاءُ پاران ذاتي فائدي عيوض کيس هٿ ٺوڪي غيرت جي نالي تي قربان ڪيو ويو آهي، ته ڪڏهن پنهنجا جذبا اورڻ جي ڏوهه ۾ موت جي گهاٽ اتاريو ويو آهي، ڪڏهن پريمي پاران ڪوڙا وعدا ڏيئي کيس گهر جي چوڪٺ اورانگهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، ته ڪڏهن وري ساٿ جيئڻ مرڻ جا قول قرار ڪري سندس حياتي کي حوس جي چتاءَ تي جلايو ويو آهي. مطلب ته نقصان هميشه عورت کي ئي پلئه پيو آهي، مرد هميشه مڇ وٽي ڪالر ڇنڊي فائدي وارو پاسو ئي جهليو آهي.
انهي صورتحال کي ڏسندي جيڪر اسان تجزيو ڪيون ته ٻهراڙي جي عورت جيئري ئي دوزخ جي باهه ۾ سڙي رهي آهي ته ٻيءَ پاسي شهر جي پڙهي لکي ماحول ۾ غريب ۽ مڊل ڪلاس جي ملازم پيشه عورت جي ظلم جي پيسجڻ جي به هڪ درد ڪٿا آهي. جيئن ڀوتارن جي اوچن ڪوٽن مان عورت جو آواز ٻاهر نه ٿو اچي تيئن وري شهر جي وئيل ڊيڪوريٽيڊ آفيسن جي فولادي ديوارن مان به سندس مظلوميت جو آواز ٻاهر اچڻ جي گنجائش تمام گهٽ ئي هجي ٿي.
شهرن جي مختلف آفيسن ۾ ملازمه پيشه عورتن سان پيش ايندڙ واقعن کي ننهن چوٽي جو زور لڳائي دٻايو ٿو وڃي، اگر عورت ويچاري همت ڪري آواز به اٿاري ٿي ته کيس انصاف ملڻ بجاءِ ويتر خواري، بڇڙائي پلئه پئي ٿي ۽ نوڪري مان فارغ الڳ ٿئي ٿي.
سيڪشوئل هيراسمينٽ جي قانون مطابق:
• شڪل صورت، ڪپڙن، پرسنالٽي تي ڪو به رماڪس ڏيڻ، جيڪو توهان کي پسند نه هجي.
• توهان کان ڪنهن به رويي جي خاص ڊمانڊ ڪرڻ، پوءِ اهو مسڪرائي ۽ فري ٿي ڳالهائڻ ڇو نه هجي.
• ڪوبه اڻ وڻندڙ اشارو يا جنسي حرڪت جيڪو توهان کي تڪليف ڏئي.
• توهان جي جسم جي ڪنهن به حصي کي توهان جي اجازت کان سواءِ هٿ لڳائڻ.
• توهان جي روبرو مرد اسٽاف جو ڪنهن عورت جي ڪردار بابت يا جنسيت متعلق ڪا غلط ڳالهه ڪرڻ، جنهن سان توهان جو احساس مجروح ٿئي.

مٿي ذڪر ڪيل سمورا سڀئي نقطا ”سيڪشوئل هيراسمينٽ“ ۾ شمار ٿين ٿا، جيڪي باقاعده هڪ قانون جو حصو آهن. هڪ اندازي مطابق ملڪ جي مجموعي ڪم ڪندڙ يا ملازمت پيشه افراد ۾ 23 سيڪڙو عورتون آهن، جڏهن ته ٻهراڙي جي اڪانامي ۾ 73 سيڪڙو ڪردار يا ڪم ڪندڙ عورتون آهن. تقريبا 3 ملين عورتون ملازمت جي پيشي سان لاڳاپيل آهن. هڪ اندازي مطابق هر ٽن نوجوان ڇوڪرين مان هڪ ڇوڪري بدفعلي يا تشدد جو شڪار آهي ۽ هر ٻي ڇوڪري سان جنسي ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وڃي ٿي. اسان وٽ بدفعلي يا زنا جا گهڻا ڪيس گهريلو ملازم عورتن سان پيش اچن ٿا جنهن ۾ به 12 کان 18 سالن جون نوجوان ڇوڪريون انهي جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون. ملازمت ڪندڙ عورتن مان ڪيترين ئي پڙهيل لکيل عورتن کي خبر به هجي ٿي ته مٿئين قانون جي بنياد تي هوانصاف جو دروازو کڙڪائي سگهن ٿيون پر مڊل ڪلاس جي ويچاري غريب عورت اهڙن پيش ايندڙ واقعن باوجود به معاشري ۾ خواري، سماج ۾ مائٽن ۽ عزيزن جي طعنن، هڪ دفعي داغ لڳي وڃڻ ڪري سٺي هنڌ شادي نه ٿي سگهڻ، قانون جي غير موثر هجڻ، يا پوليس جي اجاين ابتن سبتن سوالن ۽ ٿاڻن جي چڪرن يا وري اڄ جي نفسا نفسي واري دور ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي گهرن وارن جي پيٽ جي دوزخ جي باهه اجهائڻ لاءِ مس هٿ آيل نوڪري مان فارغ ٿيڻ جي مجبوري سبب سڀ ڪجهه برداشت ٿي ڪري.
اسان وٽ عورت جي آزادي جو نعرو وري سستي اگهه ۽ وڏي آواز سان لڳايو ويندو آهي، ته عورت مرد جيترو حق رکي ٿي، هو آزاد آهي، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهي ٿي، کيس ڪوبه مرد گهريلو يا جنسي تشدد جو شڪار نه ٿو بڻائي سگهي. پر حقيقت اها آهي ته 90 سيڪڙو عورتون گهريلو تشدد جو شڪار آهن ۽ ان کان علاوه مختلف اين جي اوز جي ادارن، سرڪاري يا غير سرڪاري آفيسن، ڪارخانن، فيڪٽرين ۾ ملازم پيشه عورتن کي حراسان ۽ جنسي تشدد ڪرڻ جا واقعا تمام گهڻا پيش اچن ٿا، جنهن جو خبرون گهڻي قدر ته رات جي تاريڪي ۾ دفن ڪيون وڃن ٿيون پر ڪڏهن ڪڏهن اخباري صفحن تي حقيقتن جي صورت ۾ نروار ٿي وڃن ٿيون. چوڻ جو مطلب ته اين جي اوز يا ٻين اهڙن ادارن ۾ جتي عورتن کي مرد ملازمن سان گڏ ڪم ڪرڻو ٿو پوي اتي ساڻس ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا، جيئن هڪ يونين ڪائونسل يا هڪ شهر جي ڇوڪري کي ٻي يونين ڪائونسل يا ٻئي شهر ۾ پوسٽنگ ڏيڻ ته جيئن هو آفيسن سان سلهاڙيل هاسٽل ۾ ترسي يا وري غير مقامي ڇوڪرين کي مردن سان گڏ فيلڊ ڊيوٽي ۾ موڪلڻ ته جيئن هو مرد سان گڏ فيلڊ ۾ رات ترسي ان سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا مثال ڏيئي سگهجن ٿا جتي کين ڪافي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ڪافي واقعا به پيش اچن ٿا جيڪي ڪڏهن منظر تي اچي وڃن ٿا ته ڪڏهن وري مصحلتن جي عيوضن دفن ٿي ٿا وڃن جن کي مرداني سماج ۾ڪڏهن به انصاف جي ترازو ۾ نه ٿو توريو وڃي ۽ عورت کي ٽارچر ڪري سڪون حاصل ڪيو ٿو وڃي. جيڪو هڪ مهذب معاشري ۽ اهل دل انسان لاءِ لمحه فڪريه آهي.

(روزانو عبرت حيدرآباد،
آچر 31، جولاءِ 2011)