راکي - هڪ اڻٽٽ ٻنڌڻ
اڄ هن ڪلجڳ جي دور جي پٽ جو پيءُ تان وشواس (ڀروسو) کڄندو پيو وڃي، پٽ پيءُ کي ڪوڙو ڪوٺيندي دير نٿو ڪري ڀاءُ ڀاءُ جو ويري بڻيو ويٺو آهي ته انهي پاپي دور ۾ ڪجهه اهڙا رشتا ناتا آهن، جيڪي انسان اڄ به وساري ناهي سگهيو، انهن رشتن ۾ رڪشا ٻنڌڻ جو رشتو هڪ اعليٰ درجو رکي ٿو، هڪ ڀيڻ طرفان ڀاءُ جي ٻانهن تي ٻڌجندڙ ڪچي ڌاڳي جي رشتي کي رڪشا ٻنڌن جو رشتو چئبو آهي ۽ هن دنيا ۾ اگر ماءُ پيءُکان پوءِ ڪو عظيم رشتو آهي ته اهو آهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو جنهن کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي ٻانهن تي سندس رڪشا لاءِ پنهنجي وشواس جو ڌاڳو ٻڌي، آرتي ڪري سندس وڏي عمر لاءِ دعائون گهري ٿي. هونئن ته رشتا ناتا هڪ اهڙو اٽوٽ ٻنڌڻ آهن، جنهن کانسواءِ انسان اڌورو آهي، انسان جيئن دنيا ۾ اک کولي ٿو ته سڀ کان پهرين ماءُ پيءُ جو رشتو هن کي خدا طرفان عطا ٿئي ٿو. ان کانپوءِ ڀاءُ ڀيڻ، عزيز قريب، يارن دوستن جا رشتا پڻ هن کي ملن ٿا. ڪجهه رشتا اهڙا هوندا آهن، جيڪي انسان کي قدرت طرفان عطا ٿيندا آهن ۽ ٻيا وري ڌرم جا رشتا هوندا آهن. مطلب ته انهن رشتن کي انسان خود ٺاهيندو آهي يا انسان خود اهڙا رشتا جوڙڻ چاهيندو آهي، جن کي جان جي بازي لڳائي به نڀائڻو پوندو آهي. انهي ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو صرف ٻانهن تي هڪ ڪچو ڌاڳو ٻڌڻ سان شروع ٿئي ٿو، انهي ڪچي ڌاڳي کي (رکڙي) چوندا آهن ۽ پوءِ اهو رشتو رت جي رشتي کان به وڌيڪ عزيز ٿي ويندو آهي.
اهو ڪچي ڌاڳي جو رشتو محض ٻانهن تي ڌاڳو ٻڌڻ يا بدلي ۾ کين ڪجهه ڏوڪڙ خرچي تائين محدود ناهي، بلڪه اهو رشتو رت جي رشتي کان به وڌ ليکيو وڃي ٿو. هڪ ڀيڻ صرف چند ڏوڪڙ خرچي جي لالچ ۾ پنهنجي ڀاءُ کي راکي نه ٻڌندي آهي، بلڪه هر ڀيڻ جو (چاهي اها سڳي هجي يا ڌرم جي بڻايل هجي) انهي ۾ پيار، خلوص، محبت ۽ سندس وشواس هوندو آ هي. انهي وشواس تحت هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي ٻانهن ۾ سندس رڪشا (حفاظت) جو ڌاڳو ٻڌندي آهي، جنهن ڪري انهي کي رڪشاٻڌڻ (حفاظت جو رشتو) ڪري ڪوٺيندا آهن، انهي رشتي ۾ ايتري ته پختگي حاصل ڪئي جو دنيا ۾ اهو انسان ئي ڪهڙو جنهن جي ٻانهن ۾ پنهنجي ڀيڻ جي پيار جو ڌاڳو ناهي ٻڌل. اڳ ڪنهن کي ڀيڻ نه هوندي هئي ته ان کي نڀاڳو ڪري ڪوٺيو ويندو هو ۽ اهو ماڻهو نڀاڳ ۽ لوڪ جي طعنن کان بچڻ لاءِ ڌرم جي ڀِيڻ ٺاهيندو هو پر اڄ ڏسو جو ماڻهن کان پنهنجي ڀيڻ سان به نڀايو نٿو ٿئي. اڄ جو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي ٿوري ٿوري ڳالهه تي تذليل ڪندي به نٿو ڪيٻائي، اڄڪلهه ته اخباري چهرن تي چٽيل اهي لڱ ڪانڊاريندڙ خبرون ته هاڻي روز جو معمول بڻجي ويون آهن جو ڪٿي هڪڙو ڀاءِ ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي معصوم ڀيڻ جي زندگي جو ڏيئو محض پنهنجي ڪوڙي غيرت هيٺ وسائي ٿو ڇڏي ته ٻي هنڌ وري هڪ نهايت ئي ڪريل ذهن جو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي چادر جو تقدس پائمال ڪندو نظر ٿو اچي ته ڪڏهن وري ڀاءُ ڀيڻ ڪارپ جي الزام هيٺ ڪٺا وڃن ٿا. اڳ ڀيڻ کي ديوي جو درجو حاصل هو ۽ سندس ڀڳوان وانگي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ اڄ جا ڀائر پنهنجي ڪوڙي انا خاطر ۽ غيرت جي اوٽ ۾ پنهنجي مٺڙي ڀيڻ جي ساهه جون تندون ڇيهون ڇيهون ڪري پنهنجي ڪوڙي مردانگي جو ثبوت ڏين ٿا.
اسان کي جڳائي ٿو ته هڪ ڀيڻ جيڪا ڀاءُ جي رَڪشا (حفاظت) لاءِ ڪيترائي ڪشالا تڪليفون ڪٽي ٿي هڪ ڀيڻ ٽيڄ (هندن جي هڪ تهوار) جا ورت (روضو) رکي پنهنجي ڀاءُ جي وڏي عمر لاءِ دعائون گهري ٿي، رڪشا ٻنڌڻ جي تهوار تي سندس رڪشا (حفاظت) لاءِ پنهنجي پيار ۽ وشواس جو ڌاڳو ٻڌي ٿي ته پوءِ اسين انهي ڀيڻ کي موٽ ۾ ايئن رسوا نه ڪريون ۽ پنهنجي ڪوڙي انا پرستي هيٺ پنهنجي ڀيڻ جي وشواس ۽ پيار جو ايئن ڳلو نه ڪَپيون، جو هڪ ڀيڻ جو پنهنجي ڀاءُ تان وشواس ئي ختم ٿي وڃي ۽ هن دنيا ۾ هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي وڏي عمر لاءِ د عائون گهرڻ به ڇڏي ڏئي. اهو هر ڌرم(مذهب) ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته هڪ ڀيڻ جي چادر جي حفاظت ڪرڻ هڪ ڀاءُ جو بنيادي فرض آهي، چون ٿا ته جيڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي دل دکائي ٿو ته ان کان ڀڳوان به ناراض ٿو ٿي وڃي مطلب ته هڪ ڀيڻ جي دل ڏکائڻ پنهنجي خدا جي ذات کي ناراض ڪرڻ برابر آهي ۽ اسان مان ڪو به اهڙو ناهي جيڪو پنهنجي خدا کي ناراض ڪرڻ چاهيندو پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان رشتن کي حقيقي معنيٰ ۾ وٺون ۽ رشتن کي پوري طرح نڀائڻ جي ڪوشش ڪريون. هن اڄوڪي مصروف دنيا ۾ اهي مذهبي تهوار ئي آهن جيڪي اسان کي هن سنسني خيز دنيا مان ٻاهر ڪڍي پنهنجن سان پيار ونڊڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. اسان کي جڳائي ٿو ته اسان اهي موقعا هٿان نه وڃايون ۽ ڀرپور نموني ملهائي پنهنجي رشتن ۽ پنهنجي ڌرم سان پاڻ نڀائڻ جي ڪوشش ڪريون.
روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد
اڱارو _ 12 آگسٽ، 2003