بد دعا جهڙي زندگي گهاريندڙ معصوم زندگيون ۽ اسان جا رويا
عام طرح اسين مريادا، ماڻهپي، محبت ۽ نفاست جا احساساتي ماسڪ پائي گهمندا ٿا وتون. پر دراصل اسين اندر جا ڪٺور، ظالم ۽ پٿر دل آهيون. اسان پنهنجي آرائش ڀري زندگيءَ مان ٻه چار لمحا ڪڍي، ڪڏهن اهو سوچڻ جي زحمت به نه ڪئي آهي ته اسان جي معاشري ۾ اسان جهڙي مخلوق، اسان جهڙا ئي جذبا رکندڙ، اکين ۾ سندر خواب سجائي رکندڙ خلقِ خدا، جنهن جي زندگي وقت جي بيرحم حالتن جي ڪري دوراهيءَ تي اچي بيٺي آهي، جنهن کي اسان جي پيار، شفقت ۽ توجهه جي ضرورت آهي.
اسين پنهنجي پاڻ کي سوشل ورڪر ۽ سول سوسائٽيءَ جا اهم فرد سڏائيندي رڳو پنهنجي من اندر کي خوش ڪرڻ جا عادي آهيون. مارڪيٽ ۾ زير گردش ڪنهن معاملي تي ٺلهي بيان بازي ڪري، اي سي ڪمرن ۾ ويهي تقريرون ڪري، ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ تصويرن سان مليل ڪوريج ۽ خبرون پڙهي تسڪين حاصل ڪري، پاڻ تي سول سوسائٽيءَ جا ميمبر يا سوشل ورڪر هئڻ جو ليبل هڻي ٿا ڇڏيون. اسين جيڪي پاڻ کي غريبن جي حقن جا ٺيڪيدار ٿا سڏائيندا وتون. اسان ڪڏهن پنهنجي آسپاس جي ماحول طرف اک کولي به نه ڏٺو آهي، ته ڪيترا انسان ڪسمپرسيءَ ۾ جيون گهارڻ تي مجبور آهن.
ٻئي پاسي ڏسون ته، چند سُوٽيڊ بوٽيڊ ماڻهن جي ڀيڙ ۾ هڪ اهڙي مخلوق به جياپي جي جنگ وڙهي ٿي، جنهن کي نه ته پنهنجي مستقبل جي ڄاڻ آهي ۽ نه ئي ڪو اونو، بس کين زندگيءَ جي وصف اها اچي ٿي ته پيٽ جي اوجهر کي ڪو گرهه وقت تي ملي سگهي. غريب جي آهه ۽ بددعا جهڙي زندگي جيئندڙ هيءَ مخلوق، جنهن کي اسين فقير يا گداگر چئون ٿا، جن جي زندگي شهرن جي فوٽ پاٿن کان شروع ٿي بسن اڏن تي ختم ٿي وڃي ٿي.
مشيني ۽ مصروف زندگيءَ جي تيز رفتار گهڙين ۾ چند پل ڪڍي اگر هن مخلوق جي زندگيءَ تي سوچڻ ٿو ويهان ته لونءَ ڪانڊارجي ٿا پون. ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ تي ڌرڻا ۽ مُظاهرا ڪندڙن ۽ اي سي ڪمرن ۾ آراسته زندگي بسر ڪندڙ ڪڏهن سوچيو آهي انهن معصومن جي زندگي جا پل هن ٽامي جهڙي گرمي ۾ ڪيئن گذرندا هوندا؟ ٿري پيس پوشاڪ ۽ مخملي لباس اوڍيندڙ طبقي ڪڏهن انهي طرف به لڙي نظر ڦيرائي آهي ته سندس آسپاس هڪ اهڙو جهان به آهي. جنهن کي سردي ۽ گرمي ۾ رات جا چار پل گذارڻ لاءِ چوديواري ته پري جي ڳالهه پر تن ڍڪڻ لاءِ مڪمل لباس به نه آهي. سڻڀا طعام کائيندڙ ۽ دنيا جهان جي اهنجن کان بي نياز اگهور ننڊ سمهندڙ اسان جي بي رحم معاشري ڪڏهن انهي طرف توجهه ڏني آهي ته محرومين جو ماريل هڪ اهڙو طبقو هي به آهي، جيڪو جيئڻ جا جتن ڪندي بيحسي ۽ محروميءَ واري زندگي جيئي ٿو. عاليشان هوٽلن ۾ شهري بابوئن طرفان بچايل اوڀر تي اوجهر ڀرڻ دوران به بيرن کان داٻا دڙڪا، گاريون، ذلت آميز جملا ٻڌندي، طعنا سهي ٿو، پوءِ به رب جي رضا تي هو راضي ٿو رهي.
منهنجي حيرت جي حد ته ان وقت نه رهي، جنهن وقت هڪ گلاب جي گل جهڙي معصوم نياڻي، آسوند نگاهن سان سندس پيءَ جي برابر جي عمر جي همراهه اڳيان هٿ ٽنگيندي، مالڪ جي نالي تي هڪ روپئي جي طلب ڪئي هئي، پر هُن وحشيءَ جي شيطاني ته ڏسو. نياڻيءَ کي هٿ کان پاڻ ڏي ڇِڪيندي، وحشي نظرن سان سندس جسم کي تڪيندي، ڏهن روپين عيوض پنهنجي حوس جي نشاني ۾ اچڻ لاءِ چوندو رهيو. خوف ۽ هراس جي ماريل اها معصوم نياڻي هٿ ڇڏائي ڀڄندي وئي. پر وري به وڃي ڪنهن ٻئي جي اڳيان هٿ ٽنگيو هوندائين. ائين ئي آهي، هُوءَ ته اهي رويا سهي، آخر دانهن به ڪنهن کي ڏيندي هوندي؟ هن جي دانهن ته آسي زمينيءَ جو هيءُ شعر ٿي سگهي ٿو:
ليڙون لوئي، ڇنل چولو،
انگ اُگهاڙي ڪنهن جي ڄائي،
غيرن آڏو جهول جهَلي ٿي،
پنهنجيءَ کي خيرات ڏئي وڃ،
آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آ،
پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ!
هاڻي انهي کي ماڻهن جي اهڙي بي رحم روين ۽ حرڪتن تي ڪو ارمان ئي ڪونه ٿيندو هوندو، پر مون کي اچرج ته انهي حوَسي سوچ رکندڙ بي رحم ماڻهو تي ٿو اچي، جنهن وٽ عزت جون تقاضائون پنهنجي نياڻيءَ لاءِ هڪڙيون ته ٻين لاءِ ٻيون آهن، جنهن مان اسان جي معاشري جي ذهنن جي سطحي سوچ واضح ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اسان جو معاشرو پنهنجي پَر ۾ واقعي ئي ڪٺور دل آهي جنهن کي ٻهروپيت جو ماسڪ پاتل آهي، ٻاهران اڇا اجرا ۽ شفاف جذبن جا مالڪ ۽ واڳون جهڙا ڳوڙها ڳاڙهي پل ۾ پوري مجموعي کي پنهنجي ڳالهين جي ڄار ۾ ڦاسائي ٿا وجهن ۽ نام نهاد سوشل ورڪري جي نعرن ۽ دانشوري دليلن سان ماڻهن کي اهڙو ته متاثر ٿا ڪري وجهن، ڄڻ هن جهڙو ڪو نه ٿيو نه وري ڪو ٿيندو. پر اُهي وڏا نالا، وڏا دانشور، وڏا بت اندر کان ايترا ئي کوکلا، بي رنگ ۽ سطحي سوچ رکندڙ هجن ٿا.
انساني حقن جو تنظيمون، سوشل ادارا ۽ اين جي اوز جيڪي انهن غريبن جي نالي تي پنهنجو دڪان کولي ويٺا آهن، انهن وٽ ڪاغذي بڪواس کان سواءِ عملي طور آهي ئي ڇا؟ جيڪو اهي پيش ڪري اسان کي مطعمن ڪري سگهن. مهانگين هوٽلن جي ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي انهن جي غربت ۽ ڏکن تي وڏيون ڪانفرسون ڪرڻ انهن جي غريبي تي کليو مذاق ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ٿڌن ڪمرن، ڳرين پگهارن ۽ جهازن ۾ سفر ڪندڙ انهن نام نهاد سوشل وڏيرن کي ڪهڙي ڪَل ته:
تون ڳالهه ڪرين ٿو ذلــــفـن جي، مــــان اڻڀن اڻڀن وارن جي،
تون ڪُوڪ سڻين ٿو ڪوئل جي، مان پيٽ بکايل ٻارن جي،
مون کي ڏک ته اسان جي کوڙ سارن انهن اديبن ۽ دانشورن تي به ٿئي ٿو، جيڪي سڄو ڏينهن ڳالهه ته امن، انسانيت ۽ خلق خدا جي حقن جي ڪندا هئا، پاڻ تي آڪاشي، زميني، فضائي ۽ ٻين کوڙ سارن تخلصن جا تغما لڳائي، حق ۽ سچ جون ڳالهيون ڪندا ڦرندا هئا. ڇا انهن جي حاصلات صرف ڪنهن وڏي اين جي او جي نوڪريءَ واري هئي؟ يا انهن جي منزل بس اولهه جي خيرات تي پلندڙ انهن سوشل تنظيمن جي ٿڌين آفيسن جي فرنگين وارين ڦرندڙ ڪرسين واري هئي؟ ڇا سندن ضمير جي قيمت انهن غريبن جي لڙڪن عيوضن ايندڙ ڊالرن مان چند ڏوڪڙ جيتري ئي هئي؟! جو سندن چپ ۽ قلم انهي مسئلي تي چُرن ئي نه ٿا.
(روزانه مقدمو ڪراچي
18 آڪٽومبر 2009)