معصوم گلڙن سان ٿيندڙ ڏاڍايون
ٻار ڪائنات جو حسين تحفو آهن ۽ اسين انهن کي گلن سان مشابهت ڏيندا آهيون ڇاڪاڻ ٻار به گلڙن جهڙا ئي معصوم ۽ نازڪ آهن. پر اسان جي معاشري ۾ جتي ٻيون انيڪ برايون آهن اتي اسان وٽ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين جو به هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي، جيڪو هڪ مهذب معاشري لاءِ انتهائي افسوس جو مقام آهي. هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ هر روز سراسري طور 7 ٻار جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿين ٿا. جنهن جو اندازو پڻ پرنٽ ميڊيا ۾ ڇپجندڙ خبرن مان لڳايو ويو آهي، مگر ڪيترائي اهڙا واقعا هوندا آهن جنهن جي ڪا رپورٽ به شايع نه ٿيندي آهي، انهي مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته متاثر ٿيندڙ ٻارن جو انگ اڃان به وڌيڪ آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي ڏوهاري جي نشاندهي هئڻ جي باوجود به والدين پاران معاشري ۾ بدنامي جي ڊپ کان ڪيس ئي رجسٽرڊ نه ڪرايو ويندو آهي، جنهن ڪري ڏوهاري صفت ماڻهن کي وڌيڪ بي ڊپائي سان اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي.
ساحل، اسلام آباد نالي هڪ غير سرڪاري تنظيم پاران پرنٽ ميڊيا ۾ ڇپجندڙ خبرن جي بنياد تي گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق صرف گذريل سال 2010 ۾ 2252 ٻارن سان جنسي ڏاڍايون ٿيون آهن، جنهن ۾ 73 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 27 سيڪڙو ڇوڪرن جا ڪيس سامهون آيا آهن. اهي انگ اکر 2009 جي ڀيٽ ۾ گهٽجڻ بجاءِ وڌيا آهن ۽ 2011 جا انگ اکر اڃان الڳ آهن، جيڪو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي. رپورٽ مطابق جنسي حوس جو شڪار ٿيندڙ ڇوڪرين ۾ سراسري 11 کان 18 سال جي عمر ۽ ڇوڪرن ۾ عمر 6 کان 15 سال جي ٻارن کي حوس جو نشانو بڻايو ويو آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته 336 ڪيس اهڙا به آهن جنهن ۾ معصوم گلڙن سان گينگ ريپ به ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل ڪيسن ۾ جيڪي به ملزم پڪڙِيا ويا آهن انهن جو زياده تر تعلق متاثر ٿيندڙ ٻارن جي فيملي سان ئي آهي يا ويجها رشتيدار ئي آهن. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ هاڻي رشتن جو تقدس ڪٿي وڃي بيٺو آهي جو پنهنجا ئي دشمن بڻجي پنهنجن جي عزت تي وار ڪرڻ لڳا آهن.
پاڪستان ۾ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍين جي ڪيسن ۾ پنجاب سرفهرست آهي، انکانپوءِ سنڌ، پوءِ اسلام آباد ۽ ٻيا صوبا اچي وڃن ٿا. انهي ۾ به 67 سيڪڙو ڪيس ٻهراڙي ۽ 33 سيڪڙو شهرن ۾ رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، جيڪي منظر عام تي اچي سگهيا آهن، باقي ڪيترائي واقعا ظاهر ٿيڻ کان اڳ ئي دٻايا وڃن ٿا. ڏوهاري صفت ماڻهو حوس جو شڪار بڻائڻ لاءِ خاص ڪري شهرن کان دور ٻهراڙين جي چونڊ وڌيڪ ڪن ٿا، جتي ميڊيا جي رسائي تمام گهٽ آهي جيئن سندس ڏوهه منظر عام تي نه اچي سگهي، اگر اچي به وڃي ٿو ته پوءِ به متاثر ڌر تي برادري ۽ سماجي دٻاءُ وجهي قصي کي لئي مٽي ڪيو وڃي ٿو. ايئن ڪيترائي وحشي درندا ڏوهه ثابت ٿيڻ جي باوجود به سزا کان بچي وڃن ٿا ۽ وري ڪنهن نئين شڪار جي ڳولا ۾ لڳي وڃن ٿا.
ٻارن سان ڏاڍاين جي روڪٿام لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي ڏسجي ته سرڪار سڳوري ته هميشه عوام کي مايوس ئي ڪيو آهي، اخباري رپورٽن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ فريادي ڌر پاران جوابدارن کي نامزد ڪرڻ باوجود به پوليس پاران ڪو عملي قدم نه کنيو ويندو آهي ويتر ئي جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري فريادي ڌر تي مختلف دٻاءُ وجهي ڪيس تان هٿ کڻايو ويندو آهي پر جيڪڏهن فريادي ڌر جي طرفان ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ ڪيس کي انتهائي ڪمروز ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار ڏوهاري هئڻ جي باوجود به باآساني آزاد ٿي وڃن ٿا. ٻئي طرف ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن جي ڪارڪردگي کي به مجموعي طور تي ڏسجي ته انهن به صرف ورڪشاپ منعقد ڪرڻ، ٻارن جي حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ، اخباري ڪلپس گڏ ڪرڻ ۽ سواءِ تقريرن جي ڪجهه به ناهي ڪيو.
ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي، حڪومت کي گهرجي ته هر صوبي توڙي ڊويزن سطح تي اهڙن متاثر ٿيندڙ ٻارن جي لاءِ ريهيبليٽيشن سينٽر قائم ڪري. بنيادي تعليم سان گڏ ٻارن کي جسماني حفاظت جي تعليم پڻ ڏني وڃي، خاص طور تي ٻهراڙين جي علائقن ۾ ٻارن جي حفاظت لاءِ جٽادار قدم کنيا وڃن. ٻارن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي جسماني حفاظت جي بنيادي اصولن کان واقف ٿي سگهن. ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مڙني سماجي تنظيمن کي پڻ گهرجي ته هو پنهنجي طور آگاهي پروگرام منعقد ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ٻارن ۾ شعوري عمل اجاگر ٿي سگهي. پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اهڙن واقعن کي نمايان طور تي کڻڻ کپي ته جيئن ڏوهاري صفت درندن جو وحشي چهرو سماج جي سامهون وائکو ٿي سگهي ۽ کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائي سگهجي ته جيئن وڌيڪ معصوم حياتيون وحشي بگھڙن جو کاڄ ٿيڻ کان بچي سگهن.
(روزانو عبرت حيدرآباد،
جمع 01، جولاءِ 2011)