ڪھاڻيون

وجود جي ڳولا

فرزانه شاهين سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ ڪهاڻيڪارہ آهي، جنهن پنهنجي تخليقي سفر جي شروعات نوي واري ڏهاڪي کان ڪئي ۽ زندگيءَ ۽ سماج جي مختلف موضوعن تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکي ڪهاڻي کيتر ۾ نمايان سڃاڻپ حاصل ڪئي. سماجي رشتا ناتا، طبقاتي استحصال، وڇوڙا ۽ جُدايون سندس ڪهاڻين جا مک موضوع آهن. هُوءَ هڪ دردمند دل رکندڙ حساس ليکڪا آهي ۽ اِهي سڀئي احساسَ سندس ڪهاڻين ۾ اوتجي وڃن ٿا.
Title Cover of book وجود جي ڳولا

وقتَ جي اتهاسَ ۾: اٽڪيل ڪجهه پَلَ

منهنجي پياري شاهين!
اڄ جڏهن لکڻ ويٺي آهيان، تڏهن سوچيان پئي ته پاڻ ٻنهي ۾ ڪهڙو تعلق آهي........؟
سواءِ يونيورسٽيءَ ۾ گذريل ڪجھه لمحن جي جيڪي ڪجھه سالن تي ٻڌل هئا پر جن ۾ اسان ڪڏهن به گڏ ويهي هڪ ٻئي کي شيئر نه ڪيو. فرزانه شاهين جون ڪهاڻيون ۽ شاعري پڙهندڙ هڪ عام ماڻهوءَ جو، يا انهن خطن جو، جن ۾ اسان گڏ جي ايترو ته اڻ ڄاتل ڏکن کي شيئر ڪيو جو اهي اڻ ڄاتل ڏک اَڻ ڄاتل نه رهيا!
شاهين! مان سمجهان ٿي ڏک جو رشتو وڌيڪ سگهارو، وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي ۽ منهنجو يقين آهي دنيا جو هر رشتو ٽٽي سگهي ٿو پر خدا ۽ بندي جي وچ ۾ رشتو نه ٿو ٽٽي سگهي ڇو ته بندو هر ڏک خدا سان شيئر ڪري ٿو سو پاڻ ۾ خطن جو ۽ ڏک جو نه ٽٽندڙ رشتو آهي. هونءَ به مان ڪا اديبه يا ليکڪ ناهيان جو تولاءِ ڪو عظيم مقالو لکان......... بس مان ته ان ئي ڏک، ان ئي خط ذريعي توسان مخاطب آهيان. هينئر، جڏهن مان هي سڀ ڪجھه لکي رهي آهيان تڏهن سچ پچ ته مون کي يقين ٿي ويو ته پاڻ ماضي آهيون. وقت جو گذريل پل آهيون، ڪا ياد آهيون، جيون جي ڪتاب جو اٿلايل ڪو ورق آهيون.......؟؟
مان اهو سڀ سوچي ڏاڍي اذيت محسوس ڪري رهي آهيان.
توکي ياد آ، تو هڪڙي خط ۾ لکيو هيو:
”حياتيءَ جي گهڙيال کي صرف هڪ دفعو چاٻي ايندي آهي ڪنهن کي خبر ته حياتيءَ جي گهڙيال جا ڪانٽا، ڪڏهن ۽ ڪٿي بيهجي وڃن.....؟“
ڇا توکي نه ٿو لڳي ته منهنجي حياتيءَ جي گهڙيال جا ڪانٽا ڪنهن هڪ لمحي تي بيهجي ويا آهن، جنهن ڏينهن پاڻ اجنبي احساس کڻي حيرانگيءَ سان هڪ ٻئي سان مليا هياسي، يا ان ڏينهن جنهن ڏينهن مارڪس شيٽن جي انگن اکرن ۾ هتي گذريل لمحن جي جوڙ ڪٽ ونڊ ٿيل هئي (انهن مارڪ شيٽن سان گڏ اسان جي وجود ۾ ڪيڏي جوڙ، ڪٽ ۽ ونڊ ٿي هئي) يا ان ڏينهن جنهن ڏينهن لاءِ تو لکيو هيو ته:
”ڄڻ ته پاڻ ديوارن تي اشتهارن سان گڏ لکيل نعرا هجون جيڪي نظرن اڳيان بار بار گذرن ٿا پر پڙهيو هڪ ڀيرو به نه ٿا وڃن ها!“ بس ڪي اهڙا ئي پل هئا، جڏهن وقت اٽڪي پيو هو انهن ڪانٽن ۾ ۽ انهن ئي اٽڪيل پلن ۾ تو ”آخري منزل“ ڪهاڻي لکي هتان جي خوشبودار ٽهڪڙن ۾ لڙڪن کي لوڙهي ڇڏيو هو انهن ٽهڪڙن ۾ جن ۾ ننڍيون خوشيون هونديون هيون سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ لاءِ سَر امان ڀٽيءَ جا ڊگها ۽ دلچسپ ليڪچر مس ڪرڻ ۽ تنهنجا پريڪٽيڪلز ۽ سڄي فيڪلٽيءَ مان ميمبرز ڇوڪرين کي چونڊي بينڪ جي پٺيان واري لان ۾، غزلن نظمن، وائين، ٽيڙِوئن جو مالهائون پوئڻ. ”سنڌ سرهاڻ“ لاءِ پئسا ۽ مواد جمع ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ آخري گڏجاڻي جنهن جي فوٽو گرافي لاءِ ڊڪي وڃي سميع فوٽو گرافر کي وٺي آيا هياسي پر مون اڃان تائين اهي فوٽو ناهن ڏٺا ۽ مان اهو سوچي ادُاس ٿي ويندي آهيان ته هن مون کان اها خوشي ڇو کسي ورتي؟! ان وقت ڪيترا نه اڻ ڄاڻ هياسي ته لفظ ”آخري“ ڇا ٿيندو آ.......؟ وڇوڙي جو تصور ڇا ٿيندو آ......؟
شاهين راڻي!
اسان ڇوڪرين لاءِ تعليمي درسگاهه ۽ خاص ڪري يونيورسٽي اونداهي ڪمري ۾ ڪنهن در ۾ آيل چير جي اها وٿي آهي جنهن مان اسان کي آڪسيجن به ملي ٿي ۽ روشني به. اهڙين ئي درسگاهن ۾ اسان پنهنجي وجود جي سڃاڻپ ملي ٿي ڪيڏو اُداس ٿي ويندا آهيون، اسان اهو سڀ ڪجھه وڃائي ۽ ڪيڏا حوالا جڙي ويندا آهن اسان جي ذات جا انهن سان. تڏهن ئي ته يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ تنهنجي ڪهاڻين ۾، اوسيئڙي ۽ درد جو احساس وڌي ويو ۽ مون ”وقت جي اتهاس ۾ اٽڪيل“ ڪهاڻي لکي. توئي ته لکيو هو نه:
”زندگي ۾ ملڻ ۽ وڇڙي وڃڻ وري ڪنهن ٻئي موڙ جو انتظار ڪرڻ“ ڪيڏا نه الميا آهن جيڪي اسان جي بي حس زندگيءَ سان مسلسل عذاب جيان چنبڙيل رهن ٿا. محبتون پائڻ ۽ محبتون وڃائڻ ۽ پوءِ ڪنهن موڙ تي انسان چريائپ ۽ ديوانگيءَ جي حد تائين پهچي ٿو. ڪڏهن ڏک جي احساس سان ۽ ڪڏهن خوشيءَ جي احساس سان...... شايد محبت آهي ئي جنون جو نالو-----
اهڙي جنون جيڪو انسان کي اندر جي هر احساس کان خالي ڪري ڇڏي ٿو. شايد تون اڃان به ديوانگيءَ جي ان احساس مان گذري رهي آهين تڏهن ته ”يادن جون وڇڙيل بهارون“، ”رنگ رتول يادون“، ”خوابن جي تعبير“ ۽ ”پيار جو ڀرم“ جهڙيون ڪهاڻيون لکي رهي آهين تو لکيو هيو نه ته: ”ماڻهو مون کي محبت جي معاملي ۾ ڏاڍو ظالم سمجهندا آهن ڇو ته مان پنهنجي هر ڪهاڻيءَ ۾ وڇوڙو ڏيکاريندي آهيان ٿي سگهي ٿو اها منهنجي اندر جي محرومي هجي جيڪا خود به خود ڪهاڻين ۾ نروار ٿيندي هجي“.
مان سمجهان ٿي ائين آهي، پر اندر جي احساس کي ڇهندڙ نازڪ جذبن جي اپٽار ۽ وڇوڙي کان سواءِ تون سماجي موضوعن تي به قلم کنيو آهي. جيئن تنهنجون ڪهاڻيون ”اڻ پوري خواهش“، ”ڏوهاري“، ”سوال“، ”پردي پويان“ جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون آهن.
مان ڄاڻان ٿي شاهين! اندر کي چيري لفظن کي سازن کي سُر ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ لفظ جڏهن سُک ڏيڻ ڇڏي ڏين، تڏهن انهن اڳيان پاند ڦهلائڻ ڇڏي ڏجي پر هڪڙي ڳالهه چوانءِ! زندگيءَ ۾ وڃايل محبتن جي تلاش ڇڏي ڏي. اسان زندگيءَ جي هر موڙ تي محبتون وڃائي رهيا آهيون. هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن احساس جي مزار آهي. انهن مزارن جي مجاوري ڪرڻ ڇڏي ڏي. مان ڄاڻان ٿي! ڪنهن به احساس کي ڪاما ته آهي پر فل اسٽاپ ڪونهي..... ته فل اسٽاپ جي ڳولا ڇڏي ڏي.
تنهنجون ڪهاڻيون پڙهي ڇو ٿو ائين لڳي ته تنهنجا ڪردار جڏهن ڳالهائن ٿا، تڏهن ڏک ڄڻ ڳالهائي ٿو. تون جڏهن منظر نگاري ڪرين ٿي تڏهن سموري ڪائنات مان سڏڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. پنهنجي ڪهاڻين مان اداسين جي ان ماٺار کي ٽوڙي ٻيهر خواب ڏسڻ شروع ڪر. نيون اميدون جاڳاءِ. اهي سڀ ڳالهيون هجڻ جي باوجود توسان گڏ گذاريل لمحا تنهنجي ڪهاڻين جا اُداس اڻپورا انسان، ڇهندڙ احساس، ميلاپ پوءِ وڇوڙا – ڪجھه به وساري نه ٿو سگهجي. پر تڏهن به مان چاهيندس ۽ شايد ٻيا سڀ به، ته تون پنهنجي انهن سندر ۽ ٺهندڙ ڪهاڻين کي هڪ هنڌ جمع ڪر ۽ جلد از جلد پنهنجو ڪتاب ڇپراءِ........ مون کي شدت سان ان خواهش جو انتظار رهندو....... جڏهن تنهنجو ڪتاب منهنجي هٿن ۾ هوندو.

دعائن سان
تنهنجي پنهنجي

تسليم منگي