محبتن جي موٽ
“اها تون مورک آهين جنهن لاءِ منهنجو مڙس ڏينهن رات لڇندو رهي ٿو؟ تون عورت آهين يا ڏائنڻ جو ٻي عورت جو گهر برباد ڪري رهي آهين، سڄو ڏينهن منهنجي مڙس سان عياشيون ٿي ڪرين، آخر هُن جي جنڊ ڇڏين ڇو نه ٿي؟” هوءَ سڄي آفيس ۾ منهنجو تماشو ناهي هلي وئي، مان هُن کي ڪو به جواب ڏئي نه سگهيس، پنهنجو لڙڪن کي زهر سمجهي پي ويس..............
مان ان ڏينهن کي ڪيئن ٿي وساري سگهان جڏهن تو خاموشيءَ سان ڏکاري لهجي ۾ اها خبر ٻڌائي هئي ته سڀاڻي منهنجي شادي آهي، تو منهنجي چهري تي ڪجهه پڙهڻ چاهيو هو پر ڪو به رنگ نه ڏسي تو پاڻ ئي وضاحت ڪئي هئي.
”صبا مان مجبور آهيان. عيوضي جي شادي آهي، جي انڪار ڪندس ته هو منهنجي ڀيڻ کي طلاق ڏئي ڇڏيندا.“
”مان تو کان وضاحت ڪٿي گهري آهي؟ محبتون حاصلات جي نظرئي کان مٿانهيون هونديون آهن. منهنجي لاءِ ته اهو احساس ئي ڪافي آهي ته ڪوئي منهنجو آهي ۽ مان ڪنهن جي سوچ جو محور آهيان......... ٻرندڙ جيون ۾ ٻيو کپي به ڇا............؟ صرف اهو چاهيان ٿي، ٻه ٽي پل ئي سهي ڪنهن اهڙي وَڻ جي ڇانوَ هيٺان گزري وڃن جنهن ڇانوَ مون کي پناهگاهه جو احساس ڏي.....مان اِها تمنا ڪڏهن به نه ڪئي آهي ته چنڊ صرف منهنجي اڱڻ تي چمڪي، ڇو ته مان ڄاڻان ٿي ته چنڊ جا تمنائي هميشه دوکا کائيندا آهن. مان ته صرف تنهنجي روشنيءَ جا ڪرڻا ميڙڻ چاهيان ٿي، جيڪي منهنجي اونداهي جيون ۾ سوجهرو پيدا ڪري سگهن.“
توسان هر رشتو ٽٽڻ جي باوجود درد جو رشتو هميشه قائم رهيو پر شايد اهو ننڍڙو تعلق بي معنيٰ رهيو. مان سڄي رات سوچيندي رهيس ۽ ڪو به فيصلو ڪري نه سگهيس، صبح جو آفيس وڃڻ تي دل نه پي چاهيو، الائي ڇو پنهنجي ئي نظرن ۾ ڪري پئي هيس. پر پوءِ به همت سميٽي ويس. اڄ سڄو ڏينهن اسان هڪٻئي سان نه ڳالهايو، البته هو مسلسل مون کي ڏسندو رهيو. آخر بيزار ٿي چيو مانس،
“تون مون کي ائين نه ڏسندو ڪر.”
ڇو.........؟؟
“وحشت يا ڊڄندي آهين.”
“ها تنهنجي محبت ۽ ديوانگي کان ڊڄندي آهيان. مان هر ڳالهه ۾ Limit جي قائل آهيان ۽ تون انتها پسند آهين. تون پاڻ کي اذيت ٿو ڏين.” “ محبت ۾ آذيت پسند هئڻ گهرجي.” “منهنجي اڳيان محبت جا قدر (Values) مختلف آهن.”
محبت کي Values جي ساهميءَ ۾ نه تور ۽ نه محدود رک، محبت کي آزاد ڇڏي ڏي. محبت پنهنجو مقام پاڻ ئي ڳولهي ڳوهي وٺندي.”
مان گهڙيال ۾ ٽائيم ڏٺو چار ٿي رهيا هيا. سڀ وڃي چڪا هئا ۽ مان به اُٿڻ لڳس پر هو ويٺو رهيو.
“اڄ گهر نه ويندين ڇا.......؟” “منهنجو ڪو به گهر ناهي.” “گهر واريءَ سان وڙهي آيو آهين ڇا؟”
“مان پنهنجي قسمت سان وڙهي رهيو آهيان ۽ وڙهي وڙهي هارجي ويو آهيان.”
“اڄ وري مايوسيءَ جون ڳالهيون پيو ڪرين، گهر ۾ کٽ پٽ ته ٿيندي رهندي آ، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ماڻهو گهر وڃڻ ڇڏي ڏي. تون ننڍڙو ناهين ميچوئر شخص آهين تو کي حالتن سان فيس ڪرڻ گهرجي”.
“مان گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آ پر جڏهن آڱريون تنهنجي ذات تي کڄن ته اهو مان برداشت ڪري نه ٿو سگهان، منهنجي زال جيڪي ڪجهه توسان ڪيو اهو مون لاءِ ناقابل برداشت آهي.”
“پر تنهنجي زال سچ ئي ته چيو آهي. منهنجو توسان ڪهڙو تعلق آهي؟ تنهنجي زال مون ي اهو آئينو ڏيکاريو آهي جنهن ۾ مون کي پنهنجو پاڻ چڱي طرح نظر اچي رهيو آهي. اها منهنجي ڀل هئي. مون اهو وساري ڇڏيو هو ته هوءَ به زندهه دل رکندڙ عورت آهي. ۽ عورت پيار ۾ ورهاست ڪڏهن به برداشت نه ڪندي آهي. جڏهن کان تنهنجي زال مون کي ان سچائيءَ جو منهن ڏيکاريو آهي، منهنجي دل تي بوجهه وڌي ويو آهي. مان پاڻ کي گناهه جي ڳٺڙي محسوس ڪري رهي آهيان.“
”منهنجي زال اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهي ۽ شڪي مزاج به........ان ڪري هوءَ اسان جي مقدس پيار جي گهرائيءَ کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندي. مان اهڙي مجبوريءَ جي زنجير ۾ ٻڌل آهيان نه ته ڪڏهن جو.........“
”اڳتي ڪجهه به نه چئجان ءِ..........“
مان سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو.
”اڳتي ڪجهه به نه چئجانءِ......هوءَ تنهنجي زال آهي ۽ هاڻي توکي نڀائڻو آهي. شايد منهنجي ڪري ئي تنهنجي گهرو زندگي زهر ٿي آهي. اها منهنجي غلطي آهي، تنهنجي شاديءَ کان پوءِ مون کي توکان ڌار ٿي وڃڻ گهرجي ها پر الائي ڇو تنهنجي وڇڙڻ جي خوف توکان ڌار ٿيڻ نه ڏنو. مو ئي توکي چيو هو ته تنهنجو منهنجو پيار شاديءَ جي ٻنڌڻ کان آزاد آهي ۽ پاڻ هميشه سٺن دوستن وانگر رهندا سين پر شايد اِها به منهنجي ڀُل عئي ته هن معاشري ۾ عورت ۽ مرد جي دوستي به ڪا معنيٰ رکي ٿي......پر مان هاڻي آخري فيصلي تي پهچي وئي آهيان، جيڪو مون کي اڳ ۾ ڪرڻ کپندو هو. مان تنهنجي زندگيءَ کان ڏور وڃي رهي آهيان. اهڙي جاءِ تي جتي تنهنجا لُڙڪ منهجنجو رستو روڪي نه سگهن. مان هي شهر ڇڏي وڃي رهي آهيان ۽ سڀاڻي کان آفيس به ڪونه ايندس، پر وڃڻ کان اڳ ۾ هڪ التجا ضرور ڪنديس ته تون گهر موٽي وڃ، تنهنجي زال تنهنجو انتظار ڪندي هوندي ۽ مون کي ڪڏهن به ياد نه ڪجانءِ نه ته مان هميشه پاڻ کي مجرم محسوس ڪنديس.”
هو چپ چاپ منهنجون ڳالهيون ٻڌندو رهيو ۽ ٻارن جيان لڙڪ هُن جي اکين مان وهي رهيا هئا پر اڄ هُن جا لڙڪ منهنجو رستو روڪي نه سگهيا. هُن روڪڻ چاهيو پر مان نه رڪيس ۽ هُن جو سمورو درد پنهنجي اکين ۾ سموئي خوب رُنس، وقت شايد سڀ کان وڏو مرهم آهي، وقت گذرڻ سان گڏ درد جي شدت ۾ گهٽتائي ضرور اچي وئي پر هن کي وساري نه سگهيس. سالن کان پوءِ اچانڪ هُن سان ملاقات ٿي. هو ڪيڏو نه بدلجي ويو هو، پنهنجي ٻارن سان گڏ ڪيڏو نه خوش هو پر منهنجي چهري تي ساڳي ويراني ۽ اداسي ڇانيل هئي. هن هميشه جيان منهنجو چهرو پڙهڻ چاهيو ۽ پڇيو.
“تنهنجو مڙس ۽ ٻار ڪٿي آهن؟؟”
“مون شادي ڪٿي ڪئي آهي! مان ته سالن پڄاڻا پاڻ کي ڪٿي رکي وساري ڇڏيو آهي.”
هن منهنجي ڳالهه ٻڌي وڏو ٽهڪ ڏنو.
“تون محبت ۾ايتري اذيت پسند ٿي سگهين ٿي پر مان هاڻي انهن ڳالهين کي ياد ڪري کلندو آهيان، شايد جوانيءَ ۾ انسان کان اهڙيون بي وقوفيءَ جون حرڪتون ٿينديون رهنديون آهن، مون کي وسارڻ جو چئي ۽ پاڻ مون کي اڄ تائين وساري نه سگهي آهين پر صبا صاحبه مان هاني ان نظرئي جو قائل آهيان ته محبت اهڙي شيءِ ناهي جنهن لاءِ زندگي برباد ڪجي.
اهي لفظ ته نه هيا پر منهنجي منهن تي زوردار چماٽ هئي، جنهن منهنجي محبت جي سڄي ڪمائيءَ تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هو. مون محبت لاءِ جيڪي گل سنڀالي رکيا هيا، هاڻي اهي ئي گل ڀٿر بڻجي منهنجي وجود کي سنگسار ڪري رهيا هئا........!!